41
بيزاريءَ وچان پڇيم ، ” ڇو ضروري آھي؟“
جواب ڏيڻ بجاءِ پڇيائين، ” شڪيله کي ڪڏھن کان سڃاڻين؟“
سندس سوال مون کي نه وڻيو.. چيم، ” مان پنھنجي شخصي زندگيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي مداخلت پسند نه ڪندو آھيان.“
ڊاڪٽر ڏاڍي تڌي لھجي ۾ چيو، ” ڪالھه رات تو شڪيله جي باري ۾ ڪجھه ڳالھايو ھو. بلڪه گھڻو ڪجھه ڳالھايو ھو.“
مون اچرج وچان ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو، ۽ چيو، ” مون شڪيله جي باري ۾ ڳالھايو ھو!“
ڊاڪٽر چيو، ” ھاتو ڳالھايو ھو. تون کيس ڏائڻ سڏيندو آھين، نه؟“
مون ڇرڪي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو. تڏھن مون کي ياد آيو ته مون ٽرينڪولائيز جي اثر ھيٺ، غنودگيءَ ۾ شڪيله جي باري ۾ ڳالھايو ھو. مون کي ياد نه پئي آيو ته مون ڇا ڳالھايو ھو. بس، فقط ايترو ياد پئي آيو ته مون ڳالھايو ھو.
ڊاڪٽر پڇيو، ” شڪيله کي ڪڏھن کان سڃاڻين؟“
پڇيم، ” اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ڇا؟“
وراڻيائين، ” ھا، ضروري آھي. بلڪه بيحد ضروري آھي.“
پڇيم، ” ڇو ضروري آھي؟“
ڊاڪٽر ڪجھه ڪجھح خفي ٿي پيو. چيائين،” ٺھيو ڇڏ، ان ڳالھه کي. ٻڌاءِ شڪيله جي باري ۾ ڇا ٿو ڄاڻين؟“
چيم، ” مان دوستيءَ ۾ جاسوسي جو قائل نه آھيان.“
چيائين، ” ان جو مطلب آھي ته تون شڪيله جي باري ۾ ڪجھه نٿو ڄاڻين.“
چيم، ” جيترو ڄاڻان ٿو، اھو منھنجي لاءِ ڪافي آھي.“
گھڙي کن سوچڻ کان پوءِ چيائين ” دل ۾ نه ڪرين ته ھڪ ڳالھه پڇاءِ؟“
چيم، ” موجوده حالتن ۾ ڪنھن ڳالھه تان دل ۾ ڪرڻ، يا نه ڪرڻ بي معني ٿي پيو آھي. ڇا ٿو پڇڻ چاھين ڊاڪٽر !“
ڊاڪٽر پڇيو، ” شڪيله کي چاھيندو آھين؟“
چيم، ” چاھڻ نه چاھڻ جي وچ واري مرحلي ۾ انسان بي يقينيءَ جي صليب تي لٽڪي پوندو آھي. مان بي يقيني جي صليب تي لٽڪيل آھيان.“
ڊاڪٽر غور سان مون ڏانھن ڏٺو.
چيم، ” سمجھان ٿو، کيس چاھڻ منھنجي وس ۾ نه آھي.“
تارون منھنجي جسم سان چنبڙائي، ڊاڪٽر ٻئي ٽيئي مانيٽر ھلائي ڇڏيا. ڦري اچي منھنجي پاسي کان بيٺو. چيائين، ” شڪيله خفيه محڪمن جي پگھاردار ايجنٽ آھي.“
لاپرواھيءَ وچان چيم، ” منھنجن ڪجھه دوستن کي به ساڳيو شڪ آھي.“
ڊاڪٽر ھڪدم چيو، ” ھيءَ ڪا شڪ جي نه، پڪ جي ڳالھه آھي.“
مون ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله خان جي منھن ۾ ڏٺو.
چيائين، ” يقين ڪر جوڳي، ھوءَ خفيه ايجنسين جي باقاعدھ ايجنٽ آھي. بيوٽي پارلر وغيره سندس ڪَوَرَ آھي.“
مان سمجھان ٿو، ڊاڪٽر امان الله خان جي واتان ايتريقدر يقين سان شڪيله جي باري ۾ ڳالھه ٻڌي، مانيٽرن منھنجي دل جي مختلف ڪيفيت ڏيکاري ھوندي. مان اخبارن جا صفحا اٿلائڻ لڳس. ذري گھٽ سموريون اخبارون منھنجي انٽرويو سان ڀريل ھيون. ھڪ اخبار ڏاڍي معني خيز سرخي لڳائي ھئي. لکيل ھو،
جوڳي يا تارا چند
ڏوھي يا بي ڏوھي !
پوليس جي کل لاھڻ لاءِ ڪجھه اخبارن وڏن اکرن ۾ لکيو ھو. گلاب پيدائشي گونگو آھي. گلاب سان منسوب اعتراف جڙتو آھي.
ڪجھه اخبارن برپٽ صحرائي جي باري ۾ لکيو ھو، برپٽ صحرائي ۽ سندس والدھ پوليس جي حبس بيجا ۾.
۽ ھڪ اخبار چارڻ جي باري ۾ لکيو ھو، چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل نه آھي. جوڳي عرف تارا چند جو بيان.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو ، ” اڄ صبح جو به شڪيله تو کي ڏسڻ ۽ توسان ملڻ آئي ھئي، پر سسٽر زيتون کيس انٽينسو ڪيئر يونٽ ۾ اچڻ نه ڏنو. کيس پڪ ٿي ويئي آھي ته تون قلندر نه، بلڪه جوڳي آھين
ڊاڪٽر امان الله خان ٽيليفون کڻي آيو. ٽيليفون پلنگ تي رکندي چيائين، ” شڪيله جي يقين کي شڪ ۾ بدلائڻ ضروري ٿي پيو آھي.“
مون ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.
ڊاڪٽر چيو، ” تون شڪيله سان فون تي ڳالھاءِ“
پڇيم، ” فائدو؟“
وراڻيائين، ” ھو تو کي انٽينسو يونٽ ۾ ڏسي ويئي آھي. انٽينسو يونٽ ۾ بيھوش پيل ھڪ مريض ڳالھائي نه سگھندو آھي. تنھنجو ڳالھائڻ شڪ ۾ وجھي ڇڏيندو ته اڄ صبح ھن جنھن شخص کي بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڏٺو ھو، سو تون نه آھين.“
ھٻڪندي ھٻڪندي رسيور کنيم. رسيور ڏانھن ڏسندو رھيم. رسيور رکي ڇڏيم.
ڊاڪٽر امان الله چيو، ” پوليس وارا، ۽ خفيه ايجنسين جا ملازم ڪنھن جا به سڄڻ ۽ ساٿي نه ٿي سگھندا آھن. ھوءَ پھرين ڌڪ ۾ تو کي گرفتار ڪرائڻ ۾ وير نه ڪندي.“
ڊاڪٽر امان الله فون تان رسيور کڻي، مون کي ڏيندي چيو، ” مان نه ٿو چاھيان ھوءَ تنھنجي تلاش ۾ ھن اسپتال ۾ ايندي رھي.“
مون نه چاھيندي به فون جو نمبر ڊائل ڪيو. پھرين گھنٽيءَ تي شڪيله رسيور کڻي ورتو، ۽ چيو، ” جوڳي، ڪيئن آھين؟“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيم، ” تو کي ڪيئن خبر پئي ته ھي فون منھنجي آھي؟“
وراڻيائين، ” صبح کان انتظار پئي ڪيم تنھنجي فون جو.“
اچرج وچان پڇيم، ” تو کي پڪ ھئي ته مان فون ڪندس.“
” ھا “ وراڻيائين، ” مون کي پڪ ھئي ته تون فون ڪندين.“
پڇيم، ” ڇو پڪ ھئي؟“
وراڻيائين، ” مون کي پڪ ڏيارڻ لاءِ ڪالھه رات غنودگيءَ ۾ جنھن شخص مون سان ڳالھايو ھو، سو تون آھين.“
وائڙو ٿي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺم. ڊاڪٽر امان مون کي ھٿ سان اھڙي نموني اشارو ڪيو، ڄڻ چوندو ھجي، ڳالھائيندو رھ.
چيم، ” ھا شاليءَ ڪالھه رات مون تو سان ڳالھايو ھو – مون کي ياد آھي.“
ھڪدم چيائين، ” ۽ خبر اٿئي ته تون مون سان ڇو ڳالھايو ھو؟“
اچرج وچان چيم، ” ڇو ڳالھايو ھيم ! دل چاھيو ھو، ۽بس “
” نه جوڳي نه“ شالي چيو، ” تون مون کي پڪ ڏيارڻ لاءِ فون تي مون سان ڳالھايو ھو ته آپريشن ٿيٽر ۾ تون نه، بلڪه تنھنجو ھم شڪل ۽ ھم آواز نالي قلندر ڪو شخص بائپسي ڪرائي رھيو آھي.“
مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڳالھايان، ۽ ڇا نه ڳالھايان ! ھوءَ جھڙي نموني جرح ڪري رھي ھئي، ۽ جنھن يقين سان ڳالھين جا سلسلا جوڙي رھي ھئي، تنھن مان مون کي پڪ ٿي ويئي ته ھوءَ خفيه ايجنسين جي ايجنٽ ھئي.
” جوڳي.“ رسيور مان شاليءَ جو آواز آيو. چيائين، ” منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ. افغانستان واري جنگ بند نه ٿي آھي. اندرين خاني بدترين قسم جي جنگ ھلي رھي آھي. ان جنگ جو فائدو کڻندي ڪي ايجنسيون پنجاب ۽ سنڌ ۾ ھٿيارن جي سمگلنگ ڪري رھيون آھن. تون پاڻ کي بچاءِ – اھڙي ڪنھن به ٽولي کان پري رھڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪو ھٿيارن جي سمگلنگ، يا افغانستان جي جنگ ۾ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح شامل آھي.“
مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زھريلا وڇون منھنجي لوندڙين تي ھلڻ لڳا. نرڙ ته منھنجو پٽين سان ڍڪيل ھو، نڪ ۽ اکين ھيٺان پگھر جا ڦڙا نڪري وھڻ لڳا. مون ڪجھه نه چيو، فقط ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.
شاليءَ چيو، ” مون کي خبر آھي جوڳي، تون جتان ڳالھائي رھيو آھيان.“
بيڪار قسم جو بھانو ٺاھيندي چيم، ” مان پي سي او تان پيو ڳالھايان“
شالي چيو، ” تون ڊاڪٽر دراني ءَ جي اسپتال مان پيو ڳالھائين.“
حيرت وچان پڇيم، ” تو کي ڪيئن خبر پيئي.“
” ان ڳالھه کي ڇڏي ڏي ته مون کي ڪيئن خبر پئي.“ شاليءَ چيو، ” ھن مھل تون جن ماڻھن وٽ لڪيل آھين، تن جو ھٿيارن جي سمگلنگ سان سڌو واسطو ناھي، پر اھو ٽولو افغان لبريشنز لائنز جو سرگرم حصو آھي. ھنن وٽ افغان لبريشنز لائنز جا ڪمانڊوز اچي رھندا آھن، ۽ جيڪڏھن زخمي ھوندا آھن، ته علاج ڪرائيندا آھن.“
ڊاڪٽر امان الله خان رسيور جي مائوٿ پيس تي ھٿ رکندي چيو، ” ڪھڙي قسم جي بڪواس پئي ڪري“
مون سندس ھٿ رسيور جي مائوٿ پيس تان ھٽائي ڇڏيو.
مون مائوٿ پيس تي ھٿ رکندي، ڊاڪٽر امان الله کي چيو، ” کيس منھنجي ويجھو ڪنھن جي موجودگيءَ جو شڪ ٿي پيو آھي.“
ڊاڪٽر امان سڙٻاٽن ۾ چيو، ” ٻڌائيس ته نرس آھي.“
ان کان اڳ جو مان ڳالھايان، شاليءَ ڳالھايو چيائين، ” حڪومت بين الاقوامي دٻاءُ ۽ اندروني حالتن سبب افغانستان جي جنگ ۾ افغانين جو ساٿ ڏيئي رھي آھي. پر حڪومت ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جي دھشتگردن جي افغانين سان سازباز برداشت نه ڪندي.“
” اڙي ! “ مون کان ذري گھٽ رڙ نڪري ويئي. چيم، ” شالي، تون به مون کي دھشتگرد سمجھين ٿي !“
“ منھنجي سمجھڻ يا نه سمجھڻ سان ڪو به فرق نه پوندو “ شالي چيو، ” اجايا انٽرويو ڏيئي معاملي کي تون منجھائي رھيو آھين.“
” مون ثابت ڪرڻ پئي چاھيو ته پوليس جو بيان ڪوڙو آھي. چيم، ” گلاب پيدائشي گونگو آھين.“
شالي چيو، ” پوليس ڪٿي چيو آھي ته گلاب ڳالھايو آھي. ھنن چيو آھي ته گلاب پوليس آڏو اعتراف ڪيو آھي ۽ اعتراف تحريري به ٿيندو آھي.“
منھنجي دل ڪنبي ويئي.
ڊاڪٽر امان الله سڙٻاٽن ۾ چيو، ” فون بند ڪري ڇڏ.“
شالي چيو، ” جيڪو شخص تنھننجي مٿان بيٺو آھي، سو تو کي ڳالھائڻ کان روڪي رھيو آھي. منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ – اڄ رات ھڪ لڳي مان اسپتال جي ڏاکڻي طرف گاڏي آڻي بيھاريندس. تون ڀت ٽپي ٻاھر ھليو اچجانءِ. ھنن وٽ تنھنجو رھڻ اجايو تو کي بين الاقوامي سياست ۾ ڦاسائي وجھندو.“
فقط ھڪ لفظ ڳالھايم. چيم، ”ٺيڪ آھي.“
ڊاڪٽر امان الله مائوٿ پيس تي ھٿ رکي سڙٻاٽن ۾ چيو، ” وڏي مڪار عورت آھي. ھن جي ڪنھن ڳالھه تي يقين نه ڪجانءِ، جوڳي!“
مائوٿ پيس تان ھٿ ھٽائيندي ڊاڪٽر کي چيم، ” مون کي ڳالھائڻ ڏي ڊاڪٽر.“
ڊاڪٽر ھٿ ھٽائي ڇڏيو. مون کان وک کن پري ٿي بيٺو.
چيم، ” شالي! منھنجي ڳالھه تي ٻڌين ٿي نه. جيئن تو چيو آھي، تيئن ئي ٿيندو.“
شاليءَ چيو، ” خبردار رھجانءِ. جيڪڏھن شڪ پين ته تون اڄ رات ڀڄي ويندين ته توکي ماريندي ويرم نه ڪندا.“
چيم، ” تون فڪر نه ڪر.“
ٻڌل آواز ۾ چيائين، ” تو کي ڏک ته ضرور ٿيندو – پر ڇا ڪجي. ھنن ڪالھه چارڻ کي مارائي ڇڏيو آھي.“
” ھان!“ منھنجي اندر ۾ آھ اڀري آئي.
شاليءَ چيو، ” سندس لاش اٽڪ پل جي ھيٺان لڌو آھي. کيس مٿي ۾ چار گوليون لڳل آھن.“
مون رسيور رکي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.