30
ٺيڪ آھي، حالتون منھنجي حق ۾ نه آھن. پر ڇا، اسين سڀئي بدترين حالتن ۾ ھڪٻئي تان يقين ۽ ويساھ کڻي ڇڏيندا آھيون ! يا فقط اھي، جن جا ويساھ جر جي ڦوٽي وانگر ھوندا آھن، سي شڪ جو شڪار ٿي پوندا آھن !
سوالن جي جھنگ ۾ مان ڀٽڪڻ لڳس.
مون ڇو محسوس ڪيو ته اڌ ٺھيل عمارت ۾ شاليءَ سان گڏ آيل ٻه اوپرا ماڻھو پوليس جا گماشتا ھئا؟ اڳ ڪڏھن شاليءَ مون کي اھڙي نموني دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي؟ نه، ڪڏھن به نه. ھن خود زندگيءَ ۾ ايترا دوکا کاڌا ھئا، جو لازمي طرح ھن کان ھر شخص دوکو کائڻ جي گمان ۾ غرق رھندو ھو. منھنجي لاشعور ۾ به سندس ٻن شادين جو حوالو گردش ڪري رھيو ھو. ٻنھي شادين ۾ ھن دوکو کاڌو ھو ۽ پوءِ، ٽئين درجي وارين فلمن جو ھڪ مڪالمو ذھن ۾ پڙاڏو ڪري رھيو ھو ته عورت جڏھن انتقام تي لھندي آھي، تڏھن بي رحم کان بي رحم ۽ جابر کان جابر شخص کي پوئتي ڇڏي ڏيندي آھي ۽ ڪنھن ڏاھي به ته چيو ھو، شايد شيڪسپيئر چيو ھو، ته اي عورت تنھنجو ٻيو نالو بيوفائي آھي.
مان شاليءَ کان، بلڪه پاڻ کان دوکو کائي ويٺو آھيان ! مان پنھنجي شڪ جو ئي شڪار ٿيو آھيان.
بيچينيءَ وجود کي ولوڙڻ لڳي. سرديءَ جي باوجود مون دري کولي ڇڏي. تير جھڙي تيز ھوا ڪمري ۾ ڪاھي پيئي. در درين جا پردا ابليس جي رقص وانگر نچڻ لڳا.
” ڇو خير ته آھي؟“ ڊاڪٽر امان الله خان جو آواز ٻڌم. منھن ورائي ڏٺم. ڊاڪٽر امان الله جي چھري تي ايڏي گمڀيرتا مون اڳ نه ڏٺي ھئي. برپٽ صحرائيءَ جي والدھ جي بيحرمتيءَ واري ڳالھه کان پوءِ مون سندس چھري تي جيڪو جلال ڏٺو ھو، سو شايد ڪربلا جي آخري شام وانگر گمڀيرتا ۾ بدلجي ويو ھو !
ان کان اڳ جو مان ڪجھه چوان، ڊاڪٽر سولنگي ۽ مجيد روھڙائي ڪمري ۾ داخل ٿيا. ھو ٻئي پڻ غير معمولي نما سنجيدھ ھئا.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” اسين پريس ڪانفرنس ۾ ويا ھئاسين.“
مون يڪدم پڇيو، ” گلاب گونگي پوليس آڏو ڳالھايو آھي، ڇا؟“
مون کي پنھنجي احمقاڻي سوال تي پشيماني محسوس ٿي.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” جوڳي، تو کي حيرت ٿيندي ھن پوليس جي تفتيشي ٽيم آڏو ڳالھايو آھي.“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اڳ ڪمري ۾ تير وانگي ڪاھي آيل سرد ھوا ۾ مون کي ڪنبڻي محسوس نه ٿي ھئي. ڊاڪٽر امان الله خان جي ڳالھه ٻڌي مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. جيڪا ڳالھه امڪان کان ٻاھر ھئي، سا ممڪن ڪيئن ٿي پيئي! گلاب پيدائشي گونگو ھو. ھن جو ڳالھائڻ ناممڪن ھو – ته پوءِ، ھن ڪيئن ڳالھايو !
مون ڊاڪٽر امان الله کي چيو، ” اھو ناممڪن آھي. گلاب نه ڳالھايو آھي. گلاب بدران پوليس ڳالھايو آھي.“
” بھرحال، جيئن به آھي، پوليس جي چَوَڻ مطابق ھن تفتيشي ٽيم آڏو ڳالھايو آھي، ۽ ڇرڪائيندڙ حقيقتن تان پردو کنيو آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ھن پنھنجي اعترافي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو آھي ته تون، يعني جوڳي، اسلام آباد ۾ سنڌ مان آيل تخريبڪارن جو سرغنو آھين ۽ جيڪي ڪجھه ٿي رھيو آھي، سو تنھنجي نظرداريءَ ۽ ھدايتن مطابق ٿي رھيو آھي.“
مان پلنگ تي ليٽي پيس. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته اھڙي احمقاڻي بيان تي ڪھڙو تبصرو ڪريان ! ڇا چوان، ۽ ڇا نه چوان !
مجيد چيو، ” تو ڏاڍو غلط ڪم ڪيو آھي.“
مون کي باھ وٺي ويئي. اٿي ويھي رھيس. چيم، ” ڪھڙو غلط ڪم ڪيو اٿم؟بم سان مارگله ٽڪريون اڏائي ڇڏيون اٿم ! بازارين ۾ ماڻھن جو قتل عام ڪيو اٿم ! ڇا ڪيو اٿم ! ڇا ڪيو اٿم !
مجيد چيو، ” اڙي بابا، محمد اسلام لاءِ چوڪ تي بينر کڻي بيھڻ لاءِ گلاب کي ڪنھن چيو ھو؟“
” مون نه چيو ھو، مون نه چيو ھو.“ مون آواز جھڪو ڪندي چيو، ” مان به ته اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ آيو ھوس. مون کيس ڳوليو. ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليو، پر اسلام مون کي نه مليو. مون اسلام کي ڳولڻ جو ارادو دل مان ڪڍي ڇڏيو. توھان روھڙيءَ وارن مون کي بيوقوف سمجھي گلاب گونگي کي اسلام جي تلاش ۾ اسلام آباد ڏياري موڪليو. واھ جو فيصلو ڪيو ھُيو.“
مجيد چيو، ” پر، اسان کي اھا خبر نه ھئي ته تون گلاب کي بينر ڏيئي چونڪ تي بيھاري ڇڏيندين.“
ھڪدم چيم، ” اھو غلط آھي. بھتان آھي. گلاب گونگو پاڻ، پنھنجي ساءِ، پنھنجي مرضيءَ سان اسلام لاءِ بينر کڻي آبپاره چوڪ تي وڃي بيٺو ھو.“
ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” اسان ھڪ وڪيل سان ملي آيا آھيون. ھو سڀاڻي گلاب گونگي جي ضمانت لاءِ درخواست ڏيئي ڇڏيندو.“
مون منھن ورائي ڊاڪٽر امان الله خان ڏانھن ڏٺو.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” تنھنجي ضمانت لاءِ درخواست في الحال نه ڏينداسين. درخواست ڏيڻ شرط تو کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.“
ڪجھه دير جي ماٺ کانپوءِ ڊاڪٽر امان ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ کان پڇيم، ” گلاب کي ماريو ته نه ھئائون.“
ھنن، ٻنھي، ھڪٻئي ڏانھن ڏٺو.
مجيد چيو، ” ڏاڍو ماريو اٿائونس. ساڄي اک بند ھئس، ۽ ساڄي پاسي منھن سڄيل ھوس. ھٿ ۽ ٻانھن تي به پٽي ٻڌل ھئس. منڊڪائي ھليو پئي.“
اندر اڌ ٿي پيو. پڇيم، ” صحافين مان ڪنھن نه پڇيو ته گلاب زخمي ڇو ھو؟ “
مجيد وراڻيو، ” ڪجھه صحافين پھريون سوال گلاب جي زخمي ھئڻ بابت ڪيو ھو.“
پڇيم، ” ڪھڙو جواب مليو ھين؟“
چيائين، “پوليس ٻڌايو ته گرفتاري مھل، ۽ تفتيش دوران گلاب مزاحمت ڪئي ھئي. مزاحمت دوران ھن تفتيشي آفيسرن تي حملو به ڪيو ھو، ۽ نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو ھو.“
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پڇيم، ” ھن تو کي ڏٺو ھو؟“
مجيد چيو، ” مان سمجھان ٿو، ھو ھوش ۾ نه ھو.“
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” منھنجو ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ جو خيال آھي ته مجيد ڪيئن به ڪري، پھرين بس، يا پھرين ملندڙ ٽرين. ھوائي جھاز ۾ ھتان ھليو وڃي.“
مجيد چيو، ” پر مان مائٽن کي وڃي ڇا ٻڌايندس ! ھنن مونکي مفصل احوال آڻڻ لاءِ موڪليو آھي.“
مجيد مون کي احمق محسوس ٿيو.
ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” ڀاءُ مجيد، پوليس اڄڪلھه ھر ان شخص جي ڳولا ۾ آھي، جنھن جو اڻسڌو، يا سڌو رابطو جوڳيءَ سان آھي. اسان کي ڊپ آھي ته تون ڪٿي پڪڙجي نه پوين. تون لھجي مان پڪو سنڌي ٿو لڳين.“
مجيد پنھنجو سوال ورجايو. چيائين، ” مان مائٽن کي ڇا، ٻڌائيندس.“
ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” ھنن جيڪي ڪجھه اخبارن ۾ پڙھيو آھي، سو سڀ غلط آھي. ائين ئي غلط آھي، جيئن گلاب جو ڳالھائڻ.“
مجيد منجھي پيو.
مون مجيد کي چيو، ” ٻئي ڊاڪٽر ٺيڪ پيا چَوَن. شڪ ۾ جيڪڏھن تو کي پڪڙي ورتائون ته سمجھه گلاب کان گھٽ جٺ نه ڪندءِ.“
مجيد ٻنھي ڊاڪٽرن ڏانھن ڏٺو.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي پوليس ناڪه بندي ڪري ڇڏي آھي. مجيد کي مون فتح جنگ جي رستي ڪوھاٽ موڪلڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. اتان ھو پشاور رستي پي آئي اي ذريعي ڪراچي ھليو ويندو.“
مجيد جو ڄڻ ساھ سُڪي ويو. ھن مون ڏانھن ڏٺو.
چيم، ” ھينئر تنھنجي ۽ منھنجي وس ۾ ڪجھه به ڪونھي. اسان جي باري ۾ جيڪو فيصلو دوست ڪندا، درست ڪندا.“
مجيد چيو، ” پر، مون وٽ پي ائي اي جي ٽڪيٽ لاءِ پئسا نه آھن.“
ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” ڀائو، تون فڪر نه ڪر. اسان سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي.“
ڊاڪٽر امان الله خان مجيد سان ڳالھائيندي چيو، ايف اليون وٽ بجريءَ جي ٽرڪ انتظار ۾ بيٺي آھي. دير نه ڪر.“
مجيد وائڙو ٿي ويو.
ڊاڪٽر سولنگي چيو، ” ڀائو مجيد، سوچن جو وقت گذري ويو آھي. دير نه ڪر. ھَلُ.“
مجيد منھنجي سامھون اچي بيٺو. اسان ٻنھي، ھڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. مجيد جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. جدا ٿي، مون ڏانھن ڏسڻ کانسواءِ ھو ڪمري جي ٻاھرين در وٽ وڃي بيٺو. ڊاڪٽر امان الله خان در وٽان منھن ورائي چيو، ” چارڻ جي ھتي رھڻ ٺيڪ نه ھو. دلبر خان ۽ ڪشمير خان کان وٺي، مون کيس پشاور موڪلي ڇڏيو آھي. جيستائين معاملو صاف ٿي، ھو اتي رھندو.“
ڊاڪٽر امان الله خان ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ مجيد کي وٺي ڪمري مان ٻاھر نڪري ويا.