43
چارڻ جي مرڻ جي خبر ٻڌي مون کي ٿورڙي ڏک، ٿورڙي صدمي ۽ ٿورڙي تعجب کان سواءِ ڪجھه نه ٿيو. سُڪن گڏ ساون سڙڻ جي واري رمز کان ڄڻ اڳواٽ واقف ھوس. ٿڌو ساھ کڻي ليٽي پيس. واچ ۾ وقت ڏٺم. منجھند جو ھڪ ٿيو ھو. پورن ٻارھن ڪلاڪن کان پوءِ شالي اڌ رات ڌاري اسپتال ٻاھران گاڏي کڻي ايندي، ۽ مان اڌ رات کان پوءِ آزاد ٿي ويندس! اڌ رات کان پوءِ منھنجي ڀڄڻ ۽ ڊڪڻ، لڪڻ ۽ ڇپڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو ! نه ڪيل گناھن ۽ ڏوھن جي صفائيءَ ۾ ڪجھه چوڻ جي نوبت نه ايندي. آزمائشن جي رات ختم ٿي ويندي.
مون اڳ ڪڏھن به نصيب، ۽ نصيب جي ڪاتب جي باري ۾ نه سوچيو ھو. ان ڏينھن مون کي نصيب ۽ نصيب جي ڪاتب جو خيال آيو. سوچيم، الائي ڇا لکيو اٿائين نصيب ۾ ! ڪٿي ائين ته ناھي، دوکو کائي رھيو آھيان! چوندا آھن، جيڪا رات قبر ۾ گذارڻي ھوندي آھي، سا رات کٽ تي نه گذرندي آھي. ائين ته ناھي، ڏائڻ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي رھيو آھيان! ھوءَ جيڪڏھن خفيه ايجنسين جي ايجنٽ آھي، ته پوءِ ھڪ ملزم تي ايتري مھربان ڇو آھي ! عشق جو عنصر بي معني آھي. ھڪ عورت جنھن ٻه ناڪام ازواجي زندگيون گذاريو آھن، سا مون جھڙي ڦٽيچر تي عاسق ٿي پوي، امڪان کان ٻاھر آھي ! ٻيو ڪو سبب آھي ! مان مونجھارن جي ماڳ کان وڃي نڪتس. ضرور ٻيو ڪو سبب آھي !
دل جي ڪنھن ڪنڊ مان اميدن ليئو پائي ورتو. سوچيم، ممڪن آھي، ڊاڪٽر امان الله جي خبر انومان تي بيٺل ھجي، خيال آراين ۽ قياس آراين تي ٻڌل ھجي ! شالي ھڪ سھڻي عورت کان اڳتي ڪجھه به نه ھجي! ايجنسين سان سندس تعلق واري خبر سراسر غلط ھجي ! شل ائين ئي ھجي، شل ائين ئي ھجي ! دل جو دعائون جيڪڏھن اھڙي نموني عرش تي اگھامن ھا، ته پوءِ جيڪر جدائيءَ جو لفظ جنم نه وٺي ھا. مون جھڙا اڀاڳي نصيب جي ٿالھه مان وصل بدران وڇوڙي جو دونو کڻي دنيا ۾ ايندا آھن. ملڻ ھنن لاءِ مھڻو ھوندو آھي.
مون کي سچ پچ محسوس ٿيو ته مان ٻرندڙ جبل جي ڀِڪَ تي بيٺو ھوس. ھڪ طرف افغان مجاھدن جي ڇاپا مار جنگ ھئي، ۽ ٻئي طرف خفيه ايجنسين ۽ پوليس جي وٺ پڪڙ ھئي. ان وقت مون کي ھڪ ھيڪلي شخص جي بيوسيءَ جو احساس ٿيو، جيڪو فرار جي راھن ۾ رستي بدران رھزنن جي وڙ چڙھي ويندو آھي. اڳ ان قسم جا ڄار قطعي جڙتو، ۽ من گھڙت لڳندا ھئا. ان قسم جو ڳالھيون ٽئين درجي واري فلمن جو مواد لڳنديون ھيون. پر، جڏھن پاڻ مصيبتن جي منھن ۾ وڃي پيو ھوس، تڏھن محسوس ڪيم ته من گھڙت قصن ۽ آتم ڪٿا ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪيتروگھٽ فرق ھوندو آھي، بلڪه آتم ڪٿا تي من گھڙت قصي جو، ۽ من گھڙت قصي تي آٿم ڪٿا جو احساس ٿيندو آھي! ھڪ ڏوھ ڪرڻ کان پوءِ ھيءَ وسيع دنيا اک ڇنپ ۾ محدود ٿي پوندي آھي. سج سوا نيزي تي لھي ايندو آھي. لڪڻ لاءِ جھنگ کان سواءِ ڪجھه به محفوظ نه لڳندو آھي ۽ جھنگ زندگي کي تيزي سان پوئتي کڻي ويندو آھي. اھڙي زندگيءَ جنھن جي مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ بدران پٺتي لکيل ھو، مون کي قبول نه ھئي.
مان اڇل کائي ويھي رھيم، ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي پلنگ تي ھنيم، ۽ پنھنجي ساءِ چيم، مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. مون، ۽ گلاب گونگي ڪو به ڏوھ نه ڪيو آھي !
سوچن جي سُرنگ ۾ خيال آيو ته ٻن قسمن جا ماڻھو پنھنجي مرضي سان جلاوطن ٿيندا آھن. ھڪڙا اھي جيڪي سياسي يا سماجي ڏوھ ڪري وجھندا آھن، ۽ ٻيا اھي جن تي سياسي يا سماجي الزام مڙھيا ويندا آھن. ٻنھي قسم جا ماڻھو ملڪ ڇڏي ھليا ويندا آھن. ملڪ ھنن لاءِ پرديس ٿي پوندو آھي. ڄاتل سڃاتل شھر اوچتو ئي اوچتو ھنن لاءِ ويران، ۽ اوپري اڻ ڄاڻ مقام جي علامت ٿي پوندا آھن. ھو ھليا ويندا آھن. مان به ھيءَ ملڪ ڇڏي ھليو ويندس. ھتان ھليو ويندس. نه رھندس. ھن ملڪ ۾ نه رھندس. ظالماڻو تفتيشي نظام مان برداشت ڪري نه سگھندس ۽ ھونءَ به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا بدصورت، ڀوائتا ۽ راڪاسن جھڙا بيرحم ڪارندا، مون کي جيئرو نه ڇڏيندا. ھڪ دفعي، جھرن جھنگن مان زندگيءَ لاءِ ڊوڙندي، ڀڄندي ۽ لڪندي سوچيو ھيم ته مان زخمي ھرڻ آھيان، ۽ ھزارين خونخوار ڪُتا ۽ بگھڙ منھنجي ڪڍ لڳل آھن. ھو منھنجي رت جا پياسا آھن. ھو مون کي جيئرو نه ڇڏيندا. مون کي چيڙ ي ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏيندا ! خونخوار ڪتا ۽ بگھڙ مون کي ويجھو پوندا پئي ويا.
عجيب قسم جي سانت منھنجي سيني ۾ لھڻ لڳي. سوچيم، پنھنجي پر ۾ فيصلو ڪري ڇڏيم، اڄ رات، ڪا اٽڪل ھلائي، ڊاڪٽر امان الله خان ۽ سندس ڪمانڊوز کي، ۽ شالي کي گوھي ڏيئي ھليو ويندس. سرحد پار ڪري ايران ۾ وڃي سياسي پناھ وٺندس يا، ھندستان ھليو ويندس. ھونءَ به انيڪ الزامن مان ھڪ سنگين الزام مون تي ۽ گلاب گونگي تي اھو ھنيو اٿائون ته اسين ھندستان جا ايجنٽ آھيون. منھنجو نالو تارا چند آھي. بس، ته پوءِ ٺيڪ آھي. تارا چند ھندستان ھليو ويندو. سياسي پناھ وڃي وٺندو !
ان وقت مون کي گلاب گونگي جو خيال آيو. کيس مصيبتن جي منھن ۾ ڇڏي ھيڪلو ھليو ويندس! ضمير جي ملامت مون کي جيئرو رھڻ ڏيندي ! پر، پوءِ خيال آيو ته اليڪٽرانڪ پريس ڪانفرنس ھڻي وڃي ھنڌ ڪندي. گلاب گونگي جي حلفيه بيان واري ڳالھه جڙتو ۽ من گھڙت ثابت ٿيندي. پوليس کيس چپ چپات ۾ ڇڏي ڏيندي. ھن کي ڪجھه نه ٿيندو. پيدائشي گونگو ھڻڻ واري حقيقت سندس بيگناھيءَ جو سبب ٿي پوندي ! ۽ ھونءَ به، ھن ڪيس ۾ مان اصل وڏو ملزم آھيان. گلاب گونگو منھنجو ساٿي آھي. ھو بچي ويندو. ھن کي ڪو خطرو نه آھي. برپٽ صحرائي ۽ سندس ماءُ کي به ڇڏي ڏيندا. بس، مون کي نه ڇڏيندا. مان وڏو ۽ اصلي ملزم آھيان. ملڪ ڊوھي آھيان، غدار آھيان، باغي آھيان، دشمن آھيان. دشمن جو ايجنٽ آھيان. مان ھتان ھليو ويندس.
” خير ته آھي!“
مون کان ذري گھٽ ڇرڪ نڪري ويو. ڊاڪٽر امان الله خان منھنجي ڀرسان بيٺو ھو. مون کي خبر نه پئي ھئي ته ھو ڪڏھن ڪمري ۾ داخل ٿيو ھو. ھو منجھند جي ماني کڻائي آيو ھو.
” ڇا پيو سوچين؟“
” ھون!“ سوچن جي سُرنگ مان ٻاھر ايندي، مون ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو.
” نه، نه نه.“ نرڙ تي ھٿ رکندي چيم، ” نه، مان پريشان نه آھيان.“
” خبر اٿئي، مان گھٽ ۾ گھٽ ڏھن منٽن کان تنھنجي پاسي کان بيٺو آھيان.“
” ڏھن منٽن کان !“
” ھا. گھٽ ۾ گھٽ ڏھن منٽن کان.“
” ڪما ل آھي!“ مون کي قطعي ڪا خبر نه پيئي.“
” گھري سوچ ۾ ائين ئي ٿيندو آھي.“
ڊاڪٽر امان الله ھٿ سان اشارو ڪندي ڪندي، وارڊ بواءِ کي وڃڻ لاءِ چيو.
وارڊ بواءِ ھليو ويو.
مانيءَ جي ٽرالي اڳيان ڇڪيندي، ڊاڪٽر امان الله پڇيو، ” ڇا پيو سوچين؟“
کيس ٽارڻ لاءِ چيم، ” ڪجھه خاص نه“
منجھند جي مانيءَ ۾ ھو اوٻاريل ڀاڄيون ۽ سوپ کڻائي آيو ھو. اوٻاريل ڀاڄين تي ڪارا مرچ وجھندي چيائين، ” ٻه خبرون آھن. ھڪ سٺي، ۽ ھڪ خراب.“
مون سوپ جو چمچو پياليءَ ۾ ڇڏي ڏنو.
ڊاڪٽر امان الله چيو، ” سٺي خبر اھا آھي ته تنھنجي انٽرويو ۽ صحافين جي سخت نوٽ سبب پوليس تنھنجي دوست برپٽ صحرائيءَ کي ڇڏي ڏنو آھي.“
مون وڏو ۽ ٿڌو ساھ کنيو.
ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ڊاڪٽر امان الله نه ڳالھايو. اسين خاموشي سان اوٻاريل ڀاڄيون کائيندا رھياسين. گذريل عرصي ۾ مان ايتريقدر ابتر حالتن مان گذريو ھوس، جو بُري خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ نه منھنجي دل جي ڌڙڪڻ ۾ اضافو ٿيو ۽ نه ئي منھنجي زبان خشڪ ٿي. مان ڪنڌ جھڪائي سوپ پيئندو رھيس ۽ اوٻاريل بد ذائقي واريون ڀاڄيون کائيندو رھيس.
ماني کائي رھياسين. ڊاڪٽر امان الله ٽرالي پري ڪري ڀت سان بيھاري ڇڏي. منھنجي ڀرسان ڪرسي سوري ويھي رھيو. مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” رات ڪيبينيٽ ميٽنگ ۾ ڪافي اھم فيصلا ڪيا اٿائون.“
مون ڪنھن به قسم جي دلچسپي نه ڏيکاري. پاڪستان ۾ ھڪڙيون ڪيبينيٽون فيصلا ڪنديون آھن، ۽ ڪجھه عرصي کان پوءِ، ٻئي ڪنھن وزيراعظم جي ڪيبيبٽ انھن فيصلن کي رد ڪري ڇڏيندي آھي، ۽ پنھنجا فيصلا صادر ڪندي آھي.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ڪيبنٽ ھڪ اھو فيصلو به ڪيو آھي ته دھشتگرديءَ جي الزام ۾ گرفتار ٿيل ملزمن کي ڪنھن به صورت ۾ ضمانت نه ڏني ويندي.“
منھنجي دل ڪجھه دير لاءِ ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. ڊاڪٽر امان الله خان ۽ مان الائي ڪيتري دير تائين ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسندا رھياسين.
ڄڻ پاڻ سان ڳالھائيندي چيم، ” ان جو مطلب آھي ته گلاب گونگي کي ضمانت تي نه ڇڏيندا.“
ڊاڪٽر امان الله خان جي چھري مان ڏک ظاھر ٿي پيو. ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين، ” ھا جوڳي گلاب کي ضمانت تي آزاد نه ڪندا.“