29
ڊائل ڪندي آڱرين جو ڪنبي پوڻ بيمعني نه لڳو. ھُن ته مون سان دوکو ڪيو ھو ! ھن تي مون کي فريب ڏنو ھو ! مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ ڏاڍو رنگين ناٽڪ رچايو ھئائين ! وڏي دغاباز آھي – مڪار. مون کي اڍ ٺھيل عمارت ۾ سوگھو ڪري ڪيئن نه ٻن گماشتن کي وٺي آئي ھئي ! اھو سڀ ڪجھه خواب نه ھو. مون سڀ ڪجھه پنھنجين اکين سان ڏٺو ھو. ان فريب کان اڳ جيڪي ڪجھه ھو، سو سڀ خواب ھو، ته پوءِ، دل جو ڦٿڪي پوڻ، ۽ ڊائل ڪندي آڱرين جو ڪنبي پوڻ ڇا ھي ! ڪٿي ائين ته ناھي، عڪس سلامت آھي ۽ فقط اميدن جو آئينو ٽٽي پيو آھي !
مان ھٿ روڪي بيھي رھيس. فون جو ڊائل نه ڦيرايم. سوچيم م شاليءَ کي گاريون ڏيئي سگھندس؟ جنھن سان بي نام رشتو جوڙيو اٿم، تنھن کي گھٽ وڌ ڳالھائي سگھندس؟ جنھن جي موجودگيءَ ۾ ڪائنات پھريون دفعو ڀيرويءَ جي سُرن سان ڀريل محسوس ٿي ھئي، تنھن کي سنڌيءَ واريون سَتَ سُريون ٻڌائي سگھندس؟
سڀني سوالن جو جواب مون کي نفيءَ ۾ مليو. تخليقڪار طرفان اسان کي ورثي ۾ ڌڪ کائي دعا ڏيڻ واري وصف ملي آھي. اسين وار سھندا آھيون، وار ڪندا نه آھيون. مُرڪي فريب کائيندا آھيون، فريب نه ڏيندا آھيون. جنھن کي ھڪ دفعي چاھيوسين، تنھن کان جنم جنم جي جدائي ته برداشت ڪري سگھنداسين، پر سندس دل آزاري نه ڪنداسين !
سوچ جي متضاد قوتن جي وچم مان ولوڙجي ويس. ٿڪجي پيس. موٽي وڃي پلنگ تي ليٽي پيس.ٻئي ٻانھون ڪنڌ ھيٺان ڏيئي ڇت ڏانھن ڏسڻ لڳس. مان ڇا ٿو چاھيان؟ مان شاليءَ جي محبت کي ياد رکي، شاليءَ کي وساري ڇڏيان؟ مان وساري ڇو نه ٿو ڇڏيان ته بڙ جي ڀرسان چبوتري تي، ھڪ دفعي، جڏھن کيس بخار ھو، سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي مون چيو ھو، شالي ! اسين سنڌ ملڪ جا ماڻھو ھڪ دفعو، جنھن جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺندا آھيون، تنھن سان قيامت تائين توڙ نڀائيندا آھيون.
جواب ۾ ڪجھه نه چيو ھئائين، فقط پڇيو ھئائين، ” توھين سنڌي به پنھنجي زالين کي ماريندا آھيو؟ “
چيو ھيم،” اھوئي ته اسان ۾ ۽ ٻين ۾ فرق آھي، شالي! “
ان رات مون کي ٻُڌل ڳالھه جي تصديق ٿي ويئي ھئي ته شاليءَ جو ڊپٽي ڪمشنر مڙس شالي کي بيدرديءَ سان ماريندو ھو !
جيڪي مرد پنھنجي زال کي ماريندا آھن، سي مون کي خنزير لڳندا آھن. دل چاھيندي آھي، اھڙن مردن کي رسن سان قابو ڪري، جيپ جي بمپر سان ٻڌي ان وقت تائين رستن تي گھيلندو رھان، جيستائين ماس سندس لڱن کان ڌار نه ٿي وڃي ! سندن اکين جي جوت ۾ تيزاب وجھي کين انڌو ڪري ڇڏيان ! سندن بي رحم ھٿ باھ ۾ تتل مُترڪن سان چٿي چُور ڪري ڇڏيان !
ان وقت، جڏھن مان ٻئي ٻانھون مٿي ھيٺان ڏيئي پلنگ تي ليٽي پيو ھوس ۽ ڇت ڏانھن نھاري رھيو ھوس، مون کي ڏاڍو عجيب خيال آيو ھو. مون سوچيو، ڪٿي ائين ته ناھي، ڊپٽي ڪمشنر سان منھنجي بيپناھ نفرت، شاليءَ لاءِ منھنجي محبت جو بنيادي سبب ٿي پئي آھي؟ ڪٿي ائين ته ناھي شاليءَ سان ھڪ شخص جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو مان محبت جي نالي ۾ ٻليدان ڏيئي رھيو آھيان؟
مان ڇرڪ ڀري اٿھي ويھي رھيس.
ان وقت سسٽر زيتون ڪمري ۾ داخل ٿي، منھنجو چھرو ڏسي وچ ڪمري ۾ بيھي رھي. سمجھان ٿو مختلف سوچن جي ولوڙ ۾ منھنجو چھرو ليڪن ۽ گھنجن سان ڀرجي ويو ھو.
ھڪدم اڳتي وڌي آئي. منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي پڇيائين، ” مٿي جو سور ڪيئن اٿئي؟ “
” ھون !“ مون تعجب وچان سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو.
پڇيائين، ” مٿي جو سور ڪيئن اٿئي؟“
چيم،” شايد ٺيڪ آھي.“
چيائين، ” اھو شايد ڇاھي؟“
چيم، ” لھي ويو آھي.“
چيائين، ” پر تنھنجو چھرو ايتريقدر ڇڪيل ڇو آھي؟“
پڇيم،” منھنجو چھرو ڇڪيل آھي.“
” ھا“ چيائين، ” ائين پيو لڳي، ڄڻ وڏي تڪليف ۾ آھين.“
مون اٿي، وڃي آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏٺو. منھنجيون ڀروون ڳتيل، ۽ نرڙ تي گھُنڊ ھو.
ٿرماس مان گلاس ۾ پاڻي ڀري، ھڪ ڳيت سان پي ويس. ڪرسيءَ تي ويھي رھيس.
سسٽر زيتون چيو، ” مان سمجھان ٿي، تنھنجي طبيعت ٺيڪ نه آھي.“
سسٽر زيتون بلڊ پريشر ڏسڻ لاءِ اوزار منھنجي ٻانھن سان ويڙھي ڇڏيو.
پاڻي جو گلاس پيئڻ ۽ ڳالھائڻ سبب مان سوچ جي ولوڙ مان نڪري آيس. چھرو ٿانيئڪو ٿيڻ لڳو.
سسٽر زيتون پڇيو، ” ڇا پئه سوچيه؟“
” ڪجھه خاص نه “ چيم، ” ائين ئي، اجايو سجايو ويٺي سوچيم.“
بلڊ پريشر واري اوزار ۾ پمپ ڪري ھوا ڀريائين، اسٽيٿسڪوپ ڪنن سان لڳائي ھڪ ٻه دفعا ھوا جو پريشر گھٽ ڪري، ٻيھر ڀري، وري بلڊ پريشر ڏٺائين.
پڇيم،” ڪيترو آھي؟ “
چيائين، ھاءِ سائيڊ تي آھي. سو ۽ ھڪ سو چاليھه.“
اوزار منھنجي ٻانھن مان جدا ڪندي پنھنجي ساءِ چيائين، ” ايسپرو کائڻ سان بلڊ پريشر ھيٺ ٿيندو آھي. مان سمجھان ٿي ڪلاڪ کن ۾ ڪجھه لھي ايندو.“
ٿرماميٽر وات ۾ وجھي، واچ ۾ وقت ڏٺائين. ڪجھه دير کانپوءِ ٿرماميٽر ڪڍي، حرارت جو درجو ڏٺائين چيائين، ” نارمل آھي.“
سامان کڻي ٻاھرين در ڏانھن ھلي ويئي. ڪجھه سوچي در وٽ بيھي رھي.
پڇيائين، ” ڪنھن کي فون ڪرڻ پئي چاھيهءِ، ڪيهءِ؟“
چيم، ”نه“
پڇيائين، ” آپريٽر لائين ڏني اٿئي؟“
چيم، ” ھا “
ھوءَ ھلي ويئي.
مون دريءَ مان ٻاھر ڏٺو. مارگله ٽڪرين جي پويان، ٻڌمت جي شھر ٽڪسيلا وٽ سج لھي ويو ھو. آسمان لينڊ اسڪيپ پينٽر جي ڪينواس وانگر ڇڪيل نظر آيو. جنھن تي ڳاڙھو رنگ سرمئي تي حاوي ھو.
مان دريءَ وٽان ھٽي، فون وٽ وڃي بيٺس. ڪجھه دير تائين فون ڏانھن ڏسندو رھيس. دل ۽ دماغ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندو رھيس. موٽي وڃڻ واري ڪا واٽ نظر نه آئي. مون شاليءَ جو نمبر ڊائل ڪيو.
ٻن ٽن گھنٽين کان پوءِ شالي جو آواز آيو. مخصوص لھجي ۾ چيائين، ” شالي اسپيڪنگ “
دل ڄڻ ڌڪ کاڌل ابابيل ھجي! ڦٿڪي پيئي.
ھن ٻيھر چيو، شالي اسپيڪنگ
مان ساھ روڪي بيھي رھيس.
ڪجھه دير تائين خاموش رھڻ کانپوءِ شالي جو آواز آيو. ” جوڳي! مون کي خبر آھي ته تون آھين “
مان خاموش رھيس.
شاليءَ چيو، خدا جي واسطي فون بند نه ڪجانءِ، جوڳي ! مون سان ڳالھاءِ... مون سان ڳالھاءِ. جوڳي، جوڳي.“
مان ماٺ.
شالي جو آواز آيو چيائين، ” مان ڏاڍي پريشان آھيان. تون ڪيئن آھين. ڪٿي آھين؟ مون سان ڳالھاءِ، جوڳي، خدا جي واسطي ڳالھاءِ.“
ائين لڳو، ڄڻ روئي پوندي.
چيم، ” شالي، تون چئين ته ڏسي ھا، مان پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيان ھا... .پر، تو مون کي دوکي سان گرفتار ڪرائڻ جي رٿ نه رٿين ھا.“
ھڪدم چيائين، ” چريو ٿي پيو آھين ڇا ! مان تو کي گرفتار ڪرائينديس !
” ٻُڌل ڳالھه ۾ شڪ جي گنجائش ھوندي آھي.“ چيم، ” مون ته اکين سان سڀ ڪجھه ڏٺو ھو.“
” ڇا ڏٺو ھيئهءِ؟ جوڳي “ شالي ڏک واري لھجي ۾ چيو، ” ڇا ڏٺو ھيئه؟“
” ان ڳالھه کي ڇڏي ڏي ته ڇا ڏٺو ھيم.“ چيم، ” تون فقط اشارو ڪرين ھا، مان بنا ڪجھه ڪڇڻ جي پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيان ھا. مون کي دوکو نه ڏئين ھا. مون سان دغا نه ڪرين ھا. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آھي.“
” ڪھڙيون چرين واريون ڳالھيون پيو ڪرين ! تڪليف واري لھجي ۾ چيائين، ” مان تو کي دوکو ڏيندس ! تو سان دغا ڪندس ! جوڳي مان؟ جوڳي مان؟ اھو ممڪن آھي؟ “
چيم، ” زندگيءَ ۾ گھڻو ڪجھه ممڪن ٿي پوندو آھي، شالي! اڌ ٺھيل جاءِ ۾ تو سان گڏ آيل ٻه اوپرا ماڻھو سادن ڪپڙن ۾ پوليس اھلڪار نه ھئا ته ڪير ھئا؟“
” اوھ جوڳي ! اوھ جوڳي ! “ شالي چيو، ” ھو ٻئي وڪيل ھئا. مون تنھنجي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ آندا ھئا.“
مان پنڊ پھڻ ٿي ويس. ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو ته جواب ۾ ڇا چوان، ڇا نه چوان. مون کي پنھنجي لوندڙين تي پگھر وھندي محسوس ٿيو.
مون رسيور رکي، فون بند ڪري ڇڏي.