16
اوندھ ۾ ڪرسين ۽ ٽيبلن کان بچندو، مان بينڪ جي بند در وٽ پھتس. در کي ڪن ڏنم. ٻاھران ڪنھن جي ڳالھائڻ جو آواز نه پئي آيو. لالو چوڪيدار بينڪ جي در ٻاھران ورانڊي ۾ بيٺو ھو. ۽ ڪن تي ھٿ رکي وڏي آواز ۾ ڪو پشتو گيت ڳائي رھيو ھو.
مون در تي ھٿ ھنيو.
لالي جو ڳائڻ بند ٿي ويو. ھڪدم خاموشي ڇانئجي وئي. گھري کن رکي لالي ھڪدم گيت ڳائڻ شروع ڪيو، اڳ کان به وڏي آواز ۾، ڳائڻ جو آواز چٽو ۽ وڏو ٿيندو ويو. لمحي لمحي آواز مون کي ويجھو ايندو ويو، تان جو، لالو بنھي در وٽ بيھي ڳائڻ لڳو.
” ويا قربان “ جي صدا سان گڏ مون دروازي جي تالي کلڻ جو آواز ٻڌو.
لالو ڳائيندو رھيو، ڳائڻ دوران ھن ھڪ طاق کي ايتري وٿي ڪري ڇڏي، جنھن مان ڪنھن به مشڪل کان سواءِ مان ٻاھر نڪري آيس. لالي ھڪدم در بند ڪري، تالو ھڻي ڇڏيو.
” مان تنھنجو احسان سڄي ڄمار نه وساريندس.“ مون سندس ڪلھي تي ھٿ رکي سڙٻاٽن ۾ چيو.
لالو زور زور سان ڳائيندو رھيو. ھن ھٿ مٿي ڪري پنھنجي ڪلھي تان سختيءَ سان منھنجو ھٿ ھٽائي ڇڏيو. ساڳي انداز ۾ ھٿ سان اھڙي نموني اشارو ڪيائين، ڄڻ چوندو ھجي، ھاڻي ٽر نڀاڳا !
مان کانئس وک ڪن پري ٿي بيٺس.
لالي زوز سان آلاپ ھڻندي، ھڪ دفعو ٻيھر ھٿ سان اشارو ڪيو.
پٺيرو ھٽندي مان احسان مند نگاھن سان ڏانھنس ڏسندو رھيس. ورانڊي جي آخري ٺلھه وٽ پھچي مان بيھي رھيس. لالو مون ڏانھن ڏسندو رھيو، ۽ پوءِ ھو اوچتو ڦيڙو کائي، مون ڏانھن پٺي ڪري بيھي رھيو. مون سندس آلاپ ۾ ھلڪي ڪنبڻي محسوس ڪئي.
مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. پاسي کان بيٺل وڻن ھيٺان گھگھه اوندھ ھئي. مان گھگھه اوندھ ۾ لھي پيس. خبرداريءَ سان بنا آواز ڪرڻ جي، وک وک کڻندو سڙڪ جي پاسي وٽ وڃي پھتس. ٻئي طرف اڌ ٺھيل عمارت ھئي.
مون کي تعجب ٿيو. محڪمي طرفان اسان جي پگھار ان بينڪ ۾ ايندي ھئي. پيسا ڪڍائڻ لاءِ اڪثر بينڪ ۾ اچڻ ٿيندو ھو. تڏھن، مون ڪڏھن به ڌيان سان نه ڏٺو ھو ته بينڪ جي پسگردائي ۾ ڇا ھو ! ھونءَ به اسلام آباد ۾ ايڏي تيزي سان جايون ۽ عمارتون ٺھي رھيون آھن، ڄڻ سموري ملڪ جا رازا، واڍا ۽ مزور ھتي اچي گڏ ٿيا آھن. دولت جو ڄڻ ڪو سيلاب ھو، ڪٿي بند ھو، ۽ ڏسنديئي ڏسنديئي بند ڀڃي اسلام آباد ۾ ڪاھي پيو ھو. پاڪستان جي ڪنھن به شھر ۾ زمين پنجاھ ھزار روپيا وال جي حساب سان نه وڪامندي آھي، پر اسلام آباد ۾ وڪامندي آھي. جيڪي پلاٽ ماڻھن کي ٽن ھزارن ۾ الاٽ ٿيا ھئا، سي ٽيھن لکن جا ٿي ويا ھئا. اھو سڀ ڪجھه اسان جي اکين آڏو ٿيو آھي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي – ذوالفقار علي ڀٽي جو دور ھو. ھن آچر بدران جمعي ڏينھن ھفتيوار موڪل ڪرائي ھئي. جوا ۽ شراب تي پاپندي وجھرائي ھئائين. گتا برابر بند ٿي ويا ھئا، پر پوءِ گھر گھر پيئڻ پيئارڻ ڪو ڪاروبار کلي پيو ھو. آئين ۾ ھن اسلام کي ممڪلتي مذھب قرار ڏنو ھو. نوانوي سيڪڙو مسلمانن جي ملڪ ۾ اسلام نافذ ڪرڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽي جو فصيلو، اسان کي ڏاڍو عجيب لڳو ھو. ائين پئي لڳو، ھن ڄڻ مسلمانن کي ٻيھر مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ! اتفاق جي ڳالھه آھي، انھن ئي ڏينھن ۾، جڏھن اقتدار جي ايوانن ۾ اسلام، سوشلزم، ۽ اسلامي سوشلزم تي خونخوار بحث مبحاثا ھلي رھيا ھئا ، اسان جو دوست قاضي محله روھڙي شريف ٽپڙ ٻڌي اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو ھو، ۽ اسلام آباد ۾ گم ٿي ويو ھو. دوستن ۽ مائٽن اسلام جي ڳولا ۾ مون کي اسلام آباد روانو ڪيو ھو. اسلام آباد ۾ مون کي اسلام نه مليو. پر، مون اسلام آباد ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو زوال اکين سان ڏٺو. زوال وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي ھٿ ۾ اسلام جو جھنڊو ھو، ۽ جن سندس زوال آندو تن جي ھٿن ۾ به اسلام جو جھنڊو ھو.
ذوالفقار علي ڀٽي جي اسھڻ کانپوءِ، اوچتو ڄڻ ٽجوڙين جا طاق کلي پيا ھئا. خدا جا نيڪ بندا نوٽن سان ڳوڻيون ڀري اسلام آباد ھليا آيا ھئا، ۽ مظبوط مرڪز کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. مولي جي مرضي ! جنھن کي وڻيس دولت ڏي. جنھن کي وڻيس، نه ڏي. مون کي اڄ تائين اھا ڳالھه سمجھه نه آئي آھي ته الله سائين پرائمري ماستر کي دولت سان ڇو نه نوازيندو آھي، ۽ تپيدار کي دولتمند ڇو ڪندو آھي ! دوستن جو منھنجي باري ۾ رايو بلڪل درست آھي، ته ڪيپراٽيءَ وٽان منھنجي سمجھه جو خانو خالي آھي، تنھنڪري مونکي گھڻو ڪجھه سمجھه۾ نه ايندو آھي، ۽ مان لاٽريءَ تي زندگي گذاريندو آھيان. اوسي پاسي، ھيڏانھن ھوڏانھن نه نھاريندو آھيان.
مون کي قطعي خبر نه ھئي ته بينڪ جي سامھون، رستي جي ٻئي پاسي، ڪا جاءِ ٺھي رھي ھئي ! ڏائڻ جو بيوٽي پارلر ايف سيون سيڪٽر ۾ھو. پر، لڳو پئي، ڄڻ سمورو اسلام آباد سندس نظر ۾ ھو ! مون غور سان اڌ ٺھيل عمارت ڏانھن ڏٺو. عمارت ۾ مون کي ڪنھن به قسم جا زندگي جا آثار نظر نه آيا. نه ماڻھو، ۽ نه ئي مرون ! لڳو پئي، ھلندي ڄڻ ڪم بند ٿي ويو ھو. رستي تان ٽريفڪ ڍري ٿي ويئي ھئي. پريان، پيٽرول پمپ جي روشنين ۾ وڻن جا پاڇا رستي جي وچ تي پئجي رھيا ھئا. اتان رستو ڪاريءَ سرنگ وانگر نظر پئي آيو. وک وک کڻندو، مان سڙڪ جي پاسي کان وڻن جي پاڇي ۾ وڃي بيٺس. پري پري تائين ٽريفڪ جو نالو نشان نه ھو. ماڻھن جي چُر پُر به محسوس نه ٿي.
اک ڇنڀ ۾ سڙڪ اڪري، مان اڌ ٺھيل عمارت ۾ وڃي بيٺس.
اوچتو، منھنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. سوچيم، ٿي سگھي ٿو، پوليس جا سپاھي عمارت ۾ لڪيا ويٺا ھجن، ۽ بينڪ وٽان ٿيندڙ چر پر تي چوڪسي ڪندا ھجن ! منھنجو ساھ وڃي پيرن ۾ پيو.
دم روڪي، مون عمارت ۾ جو آواز ٻڌڻ، ۽ اوندھ ۾ ڪنھن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. نه آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ نه ئي ڪو ڏسڻ ۾ آيو. نرڙ تي تري آيل پگھر مون قميص جي ٻانھن سان اگھي ڇڏيو. مون سيني ۾ ساھ کي جائيتو ٿيندي محسوس ڪيو. ھڪ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي مان پيٽرول پمپ ڏانھن وڌڻ لڳس.
انتظار ڪندي مون کي ڏائڻ جو جملو، ۽ سندس جملي جو لھجو ياد آيو، ” اڙي جوڳي، تون ڪڏھن کان دھشتگرد ٿي پيو آھين !
ڪيڏي نه پھنجائب ھئي سندس لھجي ۽ آواز ۾ ! مون خانه بدوش ۾ ڇا ڏسي ورتو ھئائين، جو سر تري تي رکي مون کي وٺڻ پئي آئي ! مون ھميشه ھڪ طرفي محبت ۾ يقين رکيو آھي.اھڙي محبت سدائين ساٿ ڏيندي آھي. ڪڏھن دوکو نه ڏيندي آھي. ڪڏھن فريب نه ڏيندي آھي. اھڙي محبت موٽ ۾ ڪجھه نه گھرندي آھي.
مون کي وسوسا ورائي ويا.
بيوٽي پارلر ۾ ڏائڻ کان ھار سينگار ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد جي چونڊ ڪامورن ۽ سفيرن ۽ سياستدان جون گھر واريون ۽ گھر ڀاتياڻيون اينديون آھن. ان حوالي سان سندس اٿڻ ويھڻ وڏي اثر رسوخ وارن ماڻھن سان آھي. شروعات ۾ مون کي ھوءَ سول ۽ ملٽري انٽيليجنس جي ايجنٽ محسوس ٿيندي ھئي. خاص ڪري ھوءَ جڏھن ڏاڍي غور سان ۽ تجسس سان سنڌ جي ساسي حالتن تي ڳالھائيندي ۽ بحث ڪندي ھئي. تڏھن مون کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيندي ھئي. ھوءَ کوٽي کوٽي سنڌ بابت سوال ڪندي ھئي، سنڌي شاگردن جون ڪيتريون تنظيمون آھن؟ ڪھڙيون شاگرد تنظيمون ھڪٻئي جي خلاف آھن؟ ڪھڙين شاگرد تنظيمن جو سياسي پارٽين سان واسطو آھي؟ سنڌ ۾ ڏيڊ سِرَ واريون ايتريون سياسي پارٽيون ڇو آھن؟ سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ فقط نوجوان ڇو آھن؟، ۽ اھي ئي نوجوان جڏھن نوڪرين چاڪرين ۽ ڪمن ڪارين سان لڳندا آھن، ته کانئس ڦري ڇو ويندا آھن؟ ٽولن ۾ فقط پيشه ور ڌاڙيل آھن، يا ناراض ٿيل نوجوان ۽ بيروزگار ڊاڪٽر، انجنيئر، ۽ آرٽس گريجوئيٽ به آھن؟
مان سندن اھڙن سوالن جا جواب نه ڏيندو ھوس. کيس ٽاري ڇڏيندو ھوس. اھڙن سوالن جي ڀرمار سبب ھڪ دفعي چيو ھومانس، ٻيلي سچ ٻڌائجان ءِ شالي ! تون ڪنھن انٽيليجنس جي ايجنٽ ته نه آھين !
ڏاڍو کلي ھئي. ٽھڪ ڏيندي چيو ھئائين، توھين سنڌي ڏاڍا شڪي ٿيندا آھيو.
ھڪدم وراڻيو ھيم، شڪي ھجئون ھا، ته انيڪ سازشن جي انيڪ ڄارن ۾ نه ڦاسئون ھا ! پر، اھو ته ٻڌاءِ، مون کان سواءِ ٻين ڪيترن سنڌين کي سڃاڻين؟
وڏو ٽھڪ ڏنو ھئائين، ۽ چيو ھئائين، مون وٽ لسٽ آھي. ڏسندين؟
پڇيو ھيم، ان لسٽ ۾ منھنجو نالو به شامل آھي ڇا؟
عجيب قسم جي مرڪ سندس چپن تي تري آئي ھئي. چيو ھئائين، منھنجيءَ لسٽ ۾ فقط ووٽ وٺڻ وارن جا نالا آھن، ووٽ ڏيڻ وارن جا نه.
چيو ھيم، ان جو مطلب آھي ته مان تنھنجي لسٽ مان خارج آھيان.
وراڻيو ھئائين، مون وٽ ھڪ ٻي لسٽ به آھي، ان ۾ تنھنجو نالو آھي ( جملو روڪيو ھئائين، ۽ وري چيو ھئائين ) ان لسٽ ۾ فقط تنھنجو نالو آھي. فقط تنھنجو نالو.
مان وک وک کڻي وڃي سندس سامھون بيٺو ھوس.
چيو ھيم، شالي مون زندگي ۾ ڏائڻ ڏٺي ته ناھي، پر ٻڌو اٿم ته ڏاڍي سھڻي ٿيندي آھي، ۽ سيني مان دل ڪڍي وٺندي آھي. تون منھنجي زندگي جي پھرين ۽ آخري ڏائڻ آھين.
ڏائڻ دوکو ته نه ڏيندي ! ڪيئن چيائين ته مون ڪڏھن کان دھشتگردي شروع ڪئي آھي ! منھنجي روئداد جي باري ۾ خبر ڪيئن پيس؟
مون پيٽرول پمپ وٽ ڏائڻ جي موٽر بيھندي ڏٺي. پيٽرول پمپ جي تيز روشنين ۾ ڏٺم، ڏائڻ پاڻ گاڏي ھلائي رھي ھئي. سندس پاسي کان ھڪ شخص ويٺو ھو، ۽ ھڪ پوئين سيٽ تي.