ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

17

شالي سان گڏ ٻه اوپرا ماڻھو ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار نه آيو. مون کي خبر آھي، ھن جو اٿڻ ويھڻ اسلام آباد جي جي ذري گھٽ سڀني اھم ۽ بااثر ماڻھن سان ھو. پر مون ھڪ لمحي لاءِ به نه سوچيو ھو ته ھوءَ اھڙي نموني مون کي دوکو ڏيندي. مون ڪڏھن به نه سوچيو ھو ته زندگيءَ ما ڪا گھڙي اھڙي به ايندي، جڏھن مان يقين جا ونجھه سندس حوالي ڪندس، ۽ ھوءَ موٽ ۾ مون کي ڪناري بدران ڪُن ڏانھن ڌڪي ڇڏيندي.
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. سوچيم ھن ائين ڇو ڪيو. منھنجي مدد نه ڪرڻ پئي چاھيائين، ته سڌو سنئون انڪار ڪري ڇڏي ھا. مون سان ڳالھائڻ کان نابري واري ڇڏي ھا. ھن ائين ڇو ڪيو !
تڏھن مون کي ڪنھن ڏاھي جو قول ياد آيو، دوست کي ڪڏھن به آزمائش ۾ نه وجھجي، ڪھڙي خبر ھو مجبورين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھجي، ۽ آزمائش ۾ پورو لھي نه سگھي ! مراد ٺاٺارو اسان جو دلبر دوست ھو. پر، اسلام آباد ۾ پير ڄمائڻ ۽ ڪامورن جي برادريءَ ۾ وڏو مرتبو ماڻڻ جي جستجو ھن لاءِ مجبورين جو زنجير ٿي پئي ھئي. ان ھوندي به ٺاٺارو کرو ماڻھو ھو. ڪنھن دوست جي مدد ڪرڻ چاھيندو ھو، ته دل کولي مدد ڪندو. مدد ڪرڻ نه چاھيندو ھو، ته لنوائيندو نه ھو. سڌو سنئون ٺپ جواب ڏيئي چڏيندو ھو. آسري ۾ نه رکندو ھو. ان وقت مون کي روايتي ۽ سطحي جملو ياد آيو. اي عورت تنھنجو نالو بيوفائي آھي !
ڏائڻ مون سان بيوفائي ڪئي آھي ! مون پيٽرول پمپ ڏانھن ڏٺو. ھوءَ موٽر ۾ پيٽرول ڀرائي رھي ھئي. ۽ دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي پيٽرول پمپ جي ميٽر بدران اڌ ٺھيل جاءِ ڏانھن ڏسي رھي ھئي، جتي ھن مون کي لڪي بيھڻ لاءِ چيو ھو. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ساڻس گڏ ٻه ماڻھو سادن ڪپڙن ۾ پوليس يا قانون نافذ ڪرڻ واري ڪنھن اداري جي جا ڪارڪن ھئا، ۽ ڏائڻ جي مدد سان مون کي گرفتار ڪرڻ آيا ھئا.
رَت بدران ڪروڌ منھنجي رڳن ۾ ڊوڙن لڳو. ڏند ڀيڪوڙجي ويا. پنھنجي سا چيم، تڏھن ته بدبخت جي ٻه دفعا شادي ناڪام ٿي آھي ! اھڙي عورت کي آزاد کان آزاد خيال مرد به برداشت نه ڪري سگھندو !
ھوءَ گھڻو اڳ ملتان جي گرلز ڪاليج ۾ ليڪچرار ھئي. تڏھن اتي ڪنھن فنڪشن ۾ سندس ملاقات ملتان جي ڊپٽي ڪمشنر سان ٿي ھئي. ڊپٽي ڪمشنر کي وڻي ويئي. سال ڏيڊ جي ملاقاتن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر کيس شادي جي آڇ ڪئي، ۽ سندن شادي ٿي ويئي ھئي. مون کي اصل ڳالھه جي خبر نه آھي. پر ايتري خبر آھي ته شادي کان پوءِ ٻنھي جي وچ ۾ کٽ پٽ ٿي پيئي. ھڪ ٻه دفعا ڊپٽي ڪمشنر کيس مارڪٽ به ڪئي ھئي. نرڙ تي کاٻي طرف چنڊ جھڙو نشان اصل ۾ اڇلايل شيشي جي گلاس جو ڌڪ ھو،، جيڪو مڙسنھس کيس ھنيو ھو. ان کانپوءِ سندس شادي وڌيڪ جٽاءُ نه ڪيو. ھوءَ طلاق وٺي ڪراچيءَ ھلي ويئي. اتي نوڪريءَ لاءِ ڏاڍا ھٿ پير ھنيائين، پر ڪنھن به اسڪول يا ڪاليج ۾ کيس پڙھائڻ جي نوڪري نه ملي. انھن ئي ڏينھن ۾ ھو جڏھن نوڪري لاءِ ڌڪا کائيندي ھئي، ڪنھن سندس تعارف پي آئي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ڪرايو. مينيجنگ ڊائريڪٽر پھرين ڌڪ ۾ کانئس متاثر ٿيو ۽ کيس پي آئي اي ۾ ايئر ھوسٽس ڪري کنيائين.
ھوسٽس جي حيثيث ۾ ڏائڻ ذري گھٽ سموري دنيا ڏسي ڇڏي. سونھن سوڀيا ۾ سرس، وري مٿان جو پي آئي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مھربان ٿي پيس، ته ويئي چوٽ چڙھندي. ھڪ دفعي يورپ کان موٽندر فلائيٽ سنڌ جي ھڪ طاقتور وڏيري کي وڻي ويئي . پھرين شادي جو تجربو ھوس. تنھنڪري وڏيري کي ڇوٽ نه ڇڏيائين. ٻي ڪا واٽ نه ڏسي. وڏيري ساڻس شادي ڪيئي ۽ ھڪ وڏو بنگلو وٺي کيس آڻي اسلام آباد ۾ رھايو. وڏيري سان سندس شادي ٻه ٽي سال کن ھلي. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو. وڏيري کيس طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ حق مھر ۾ لکايل بنگلو کيس ڏيئي ڇڏيو. بنگلو مسواڙ ٿي ڏيئي ھوءَ ملڪ کان ٻاھر ھلي ويئي. ٻاھران بيوٽيشن جي اعلي تعليم حاصل ڪري آئي. موٽي اچي بنگلو خالي ڪرائي بنگلي ۾ بيوٽي پارلر جو ڪاروبار شروع ڪيائين، ۽ ڏسنديئي ڏسنديئي اسلام آباد جي فيشن ايبل گھراڻن ۽ ڪامورڪن گھراڻن تي ڇانئجي ويئي. اسلام جي تلاش ۾ ڀٽڪندي مان جڏھن کيس مليس ته ھو ڪاروباري لحاظ کان ڏاڍي خوشحال ھئي.
انھن ئي ڏينھن ۾ جڏھن زندگيءَ جي خالي ڪينواس تي ڪجھه رنگ ھڪ منھم خيال کي صورت بخشي رھيا ھئا، مراد ٺاٺاري ھڪ دفعي چيو ھو، اڙي جوڳي ھر ڪا واٽ منزل ڏانھن وٺي نه ويندي آھي، ڪجھه راھون رڻ جي رخ ۾ ھونديون آھن، ۽ رولي ڇڏينديون آھن.
مان ٺاٺاري جي ڳالھه جي تھه تائين پھچي ويو ھوس، پر جواب ڏيڻ مناسب نه سمجھيو ھوم. ڪجھه ماڻھو زندگيءَ ۾ سدائين سفر ۾ رھندا آھن. منزل ھنن لاءِ بي معني ھوندي آھي. مان اھڙن ماڻھن مان ھڪ آھيان. مان اھو ٻار آھيان، جنھن آئيني ۾ چنڊ جو عڪس ڏٺو ھو، ۽ خوش ٿيو ھو. منھنجو ان ڳالھه سان تعلق نه ھو ته شڪيله صديقي ڪير ھئي، ھن جو اٿڻ ويھڻ ڪنھن سان ھو. منھنجو تعلق فقط ھڪ ڳالھه سان ھو ته، تصور جي بتڪدي ۾ جنھن بت کي ھڪ جنم کان ٻئي جنم تائين چاھيو ھيم، تنھن کي اکين آڏو ڏٺو ھيم.
ٺاٺاري چيو ھو، مرڻ مھڻو نه آھي. اسين سڀ مرنداسين. پر، رڻ ۾ رڃ پٺيان ڊوڙندي مرڻ ڏاڍو دردناڪ عمل آھي. تون پاڇولي پٺيان ڊوڙي رھيو آھين. ڪڏھن سوچيو اٿئي ته تون اسلام آباد ۾ ڇو آيو آھين ! تون اسلام کي ڳولڻ لاءِ آيو آھين جوڳي !
تڏھن مون ٺاٺاري کي جواب ڏنو ھو ! چيو ھيم، مان مائٽن ۽ دوستن کي مايوس نه ڪندس. مان پنھنجي مھم جاري رکندس ۽ قاضي محمد اسلام کي ڳولي ھٿ ڪندس.
ٺاٺارو ڏاڍو کليو ھو. چيو ھئائين، يا ته صفا سادو آھين جوڳي، يا بيوقوف آھين.
سموري سنگت جو خيال مراد ٺاٺاري کان مختلف نه ھو. سندن بحث ھڪ نقطي تي اچي بيھي رھندو ھو. ھو چوندا ھئا. جوڳيءَ ۾ اھڙي ڪھڙي خوبي آھي، جنھن اسلام آباد جي سڀ کان سوشل عورت کي موھي وڌو آھي؟
ان سوال جو جواب مون وٽ به نه ھو. مون ورجائي ورجائي ساڳيو سوال پاڻ کان پڇيو ھو. مون کي ڪو جواب نه مليو ھو. ھڪ دفعي سنڌ مان اسان سڀني جو سنگتي بخش علي باغي ڪنھن ڪم سانگي اسلام آباد آيو ھو. اسان وٽ اچي رھيو ھو. سنڌ جي سياست تي وڏي دسترس اٿس. منھنجي باري ۾ پتو پيو ھيس. ته چيو ھئائين، جوڳي وڏو ڊاڙي ۽ يخي باز آھي. ڄاڙي ھڻڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي. مائي کيس سنڌي سياستدانن، ڪامورن ۽ شاگردن جي حلقن ۾ داخل ڪندي ۽ سنڌ بابت معلومات حاصل ڪندي.
مون کان ڇرڪ نڪري ويو ھو. سامت ۾ آيو ھوس ته ڏاڍي کل آئي ھئي.
بخش علي باغي چيو ھو ؛ اجايو ڏند نه شيڪ. تو کي ڪھڙي خبر ته سياست ڇاھي! اڙي ڀوڪ، اھا ڏائڻ تو کي استعمال ڪندي – تو کي سنڌ خلاس استعمال ڪندي.
بخش علي باغي کي ڏوري تي ھٿ ھڻندي چيو ھيم، ھر ڪو نانگ زھريلو نه ٿيندو آھي، باغي !
بخش علي باغي چيو ھو، فلمي ڊائلاگ نه ڳالھاءِ، جوڳي! ھڪ نه ھڪ ڏينھن تون پڇتائيندين.
بخش علي باغي ھليو ويو ھو. تڏھن مون نه پڇتايو ھو. مون وٽ پڇتائڻ لاءِ ڪو سبب به نه ھو. ھوءَ سنڌ جي سياست ۾ عام شھريءَ جيتري دلچسپي رکندي ھئي، جيڪي اخبارن ۾ ڇرڪائيندڙ خبرون پڙھي فڪرمند ٿي پوندا آھن. ھوءَ اڪثر اخباري خبرن جي حوالي سان سنڌ بابت مون سان ڳالھائيندي ھئي، پر مون ڪڏھن به کيس انٽيليجنس وارن ادارن لاءِ ڪم ڪندي محسوس نه ڪيو ھو. مون کي خبر ھئي، ۽ خبر آھي ته انيڪ سھڻيون عورتون انٽيليجنس وارن ادارن لاءِ ڪم ڪنديون آھن. خاص ڪري ڪامورن، ۽ سياستدانن جا ڳجھه لھڻ لاءِ. پر، ھوءَ انھن عورتن منجھان نه ھئي. مون کي الائي ڇو ان ڳالھه جو يقين ھو. مون کي يقين ھو ته ھوءَ ڪڏھن به مون کي دوکو نه ڏيندي !
پر، پيٽرول پمپ وٽ سندس ڪار ۾ ٻه اوپرا شخص ڏسي، منھنجي اعتبار جو غوراب غرق ٿي ويو. اڌ ٺھيل جاءِ ڄڻ زلزلي ۾ ڌُڏڻ لڳي. سوچيم، مان به وڏو ڪو ڀورڙو آھيان. منھنجي تلاش ۾ پوليس جتي منھنجي دوستن جي گھر ڇاپا ھنيا آھن، اتي ھنن شڪيله صديقي، عرف شالي، عرف ڏائڻ کي پڇاڳاڇا کان ڇڏيو ھوندو !
ھن مون کي پڪڙائڻ لاءِ ضرور پوليس سان حامي ڀري آھي! مون سوچيو، تڏھن ته پاڻ سان سادن ڪپڙن ۾ ٻه پوليس عملدار وٺي آئي آھي ! سچي ھجي ھا ته جيڪر اڪيلي نه اچي ھا !
مون پيٽرول پمپ ڏانھن ڏٺو. ھن ڪار ۾ پيٽرول ڀرائي ورتو ھو. ڪيشيئر کي پيسا ڏيئي، ھوءَ ڪار ڪاھي پيٽرول پمپ کان ٻاھر نڪري آئي.
تمام خبرداريءَ سان ھن رستو پار ڪيو، جيتوڻيڪ ٽريفڪ جو نالو نشان نه ھو، ھن اھڙي نموني وراڪي تان گاڏي ڦيڙائي ڄڻ ٻئي طرفان ھزارين گاڏيون زرڪاٽ ڪندي پئي گذريون. سندس ڪار ھلائڻ مان ائين پئي لڳو، ڄڻ وڏي سوچ ۾ گم ھئي.
ھن اڌ ٺھيل جاءِ ٻاھران ڪار آڻي بيھاري ڇڏي.