ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

13

اوندھ مون اڳ به ڏٺي ھئي. اوندھ ۾ مو اڳ به سفر ڪيو ھو. پر، مون کي قطعي احساس نه ھو ته اوندھ جتي پناھ وانگر اسان کي اوکي وقت ۾ ڀاڪر ۾ ڀريندي آھي. اُتي مايوسين، پريشانين ۽ ذلتن جي لوڏ اسان جي ڪڍ ڇڏي ڏيندي آھي. اوندھ ۾ چارڻ جي گھر وٽان پٺئين پير ڀاڄ کائيندي، مون محسوس ڪيو ھي دنيا تمام تنگ، ننڍڙي ۽ محدود آھي. خونخوار بگھڙ منھنجي ڪڍ لڳل آھن. اوندھ ۾ ھزارين چمرا ۽ چٻرا منھنجي مٿان لامارا ڏيئي رھيا آھن. رڙين ۽ چيٽن جا آواز ھر آواز کائي ويا آھن. مان ڊوڙي رھيو آھيان. موت منھنجو تعاقب ڪري رھيو آھي. دلبر خان جي حجري مان فرار ٿيندي، مون ان ڏينھن شينھن کي ننديو ھو. کيس پاراتو ڏنو ھو. رات جي ھنج ۾ روپوش ٿيڻ ائين ھو، ڄڻ ڏائڻ جي ٻانھن ۾ پناھ وٺڻ. سگھه منھنجو ساٿ ڇڏڻ لڳي. ڀڄندي، ڊڪندي سوچيم، فرار جي راھن ۾ ڊوڙندي دوڙندي، ٿڪجي، نستو ٿي مان ڪري پوندس. موت ڳجھه وانگر پنھنجا چنبا منھنجي سيني ۾ کپائي، پنھنجي ترار جھڙي تيز چھنب سان منھنجي دل ڪڍي ھليو ويندو. مان رڙين ۽ چيٽن جي وچ ۾ خونخوار بگھڙن جو کاڄ ٿي ويندس !
جي – نائين سيڪٽر جي مرڪز ۾ لوڊشيڊنگ ھئي. مان دڪانن،ھوٽلن ۽ ٻاڪڙن جي موم بتين واري ميرانجھڙي روشنيءَ کان بچندو، بند ٿيل بينڪ وٽ پھتس.
چوڪيدار رڙ ڪئي. خبردار !
مان بيھي رھيس.
ھو پنھنجي قديم دونالي بندوق کڻي مون ڏانھن وڌندو آيو. ڪجھه پريان ٽارچ ٻاري روشني منھنجي منھن تي ھنيائين. مون کي سڃاتائين ته عجيب لھجي ۾ ڳالھايائين ؛
” اڙي لالا جوڳي ! تون، تون آھين؟“
مون لالي چوڪيدار کي چيو ” لالا، گولي نه ھلائجانءِ ! “
” اورتي آءُ، اورتي آءُ ! “ لالي چوڪيدار چيو ، ” ڏاڪڻ جي ھيٺان منھنجي کٽ تي وڃي ويھي رھ.“
بينڪ ڏانھن ويندڙ ڏاڪڻ جي ھيٺان لالي جي کٽ تي مان وڃي ويھي رھيس. اوندھ ۾ نظر نه پئي آيو. محسوس ڪيم ته کٽ جي ڀرسان پاڻيءَ جي گھگھي رکي ھئي. مون جست جي گلاس ۾ پاڻي وجھي، سيءَ جي باوجود، ھڪ ڳيت سان ڳڙڪائي ويس. سيني ۾ ڄڻ خوف جي سر لھي ويئي. ٽيوب ويل جي موٽر وانگر ھلندڙ دل ھڪ لمحي لاءِ بيھي رھي. اکين آڏو ترورا آيا. مان لالي جي کٽ تي ليٽي پيس.
لالو ھليو آيو. جھيڻي آواز م پڇيائين، “ لالا جوڳي ! ڪھڙي چڪر ۾ پئجي ويو آھين؟ پوليس تنھنجي ۽ گلاب جي چڪر ۾ ڇو پئجي وئي آھي؟ ڇا ڪيو اٿو؟ “
ان کان اڳ جو سامت ۾ اچان ۽ لالي کي ڪو جواب ڏيان، لالي پڇيو، ” فليٽ تي ڪان رَن روڳڙي آندي ھُيو ڇا؟“
مان اُٿي ويھي رھيس.
پڇيائين، ” ڪنھن کان قرض وٺي کائي ويا آھيو، ڇا؟ “
دل ڄڻ خاموش جي اوڙاھ ۾ لھي ويئي ھئي.
لالو چوڪيدار پوءِ، پنھنجي سوالن جا پاڻ ئي جواب ڏيڻ لڳو، ” ته جوڳي لالا! نه، اھو ممڪن ئي نه آھي. مون کي ته ڪو سياسي چڪر ٿو لڳي. مون کي ڇا، بيدن ڊبل روٽين واري احمد جو به اھو ئي خيال آھي ته ڪو سياسي چڪر آھي. ڪيئن ! “
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” نه “
” ڇا ! “ ڏاڍو حيران ٿيو. پڇيائين، ” ته ڇا، رَن روڳڙي واري ڳالھه سچي آھي؟ “
چيم ” نه، لالا نه.“
وائڙو ٿي ويو. چيائين، ” رن روڳڙي جو چڪر به ناھي، سياسي چڪر به ناھي ته ڇا قرض جو چڪر آھي.“
چيم، ” نه “
مٿو کنھندي پڇيائين، ” ته پوءِ معاملو ڇا ھي؟ “
” الائي ڇاھي، لالا“ چيم، ” ھن وقت مون کي گلاب گونگي جو فڪر آھي.“
” فڪر جھڙي ڳالھه به آھي.“ لالي چيو، ” ويچاري کي ڏاڍو ماريو اٿائون.“
ٻئي ھٿ سندس ٻانھن ۾ وجھي ڇڏيم. پڇيم، ” تو کي ڪنھن ٻڌايو؟“
” چارڻ آيو ھو “ لالي چيو، ” چارڻ کي صحافين ٻڌايو ھو.“
ڏک وچان پڇيم، ” ڏاڍو ماريو اٿائونس؟ “
” ھا “ لالي وراڻيو، ” چيائين پئي ته ھڪ اک سوڄ سبب ڪاري ٿي ويئي ھيس، ۽ مٿي ۽ ٻانھن تي پٽيون ٻڌل ھئس. “
مون کٽ تي مڪ ھڻندي چيو، ” صحافين مان ڪنھن پوليس کان نه پڇيو ته گلاب زخمي ڇو ھو.“
چوڪيدار ڏاڍي ٺٺولي وچان کليو، چيائين، ” لالا جوڳي تون به ڪو درويش آھين. مون اڻ پڙھيل ڄٽ کي به خبر آھي ته پوليس ملزم کي ماري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ثابت ڪندي آھي ! گلاب ته اڃا جيئرو آھي.“
چيم، ” ھا لالا، صحافين کي ٻڌايو ھوندائون ته گرفتاري کان بچڻ لاءِ پوليس سان ويڙھ ۾ زخمي ٿي پيو آھي؟“
” مون چارڻ کان ڏاڍو پڇيو “ چوڪيدار چيو، ” پر ھن ڪجھه نه ٻڌايو. آخر اصلي معاملو ڪھڙو آھي؟ “
چيم، ” معاملو غلط فھمي جو آھي. ان کان اڳ جو ڳالھه وڌي وڻ ٿي پوي، اسان کي ھڪ وڪيل ڪرڻو آھي.“
” پوليس تنھنجي ڪڍ لڳل آھي.“ چوڪيدار چيو، ” تون وڪيل تائين ڪيئن پھچندين؟“
” ھا، اھائي ڳالھه آھي.“ پنھنجي ساءِ چيم، ” اھائي ته ڳالھه آھي، جنھن منجھائي وڌو آھي.“
ڪجھه دير تائين لالي نه ڳالھايو.
مون ڳالھايو، کانئس پڇيم، ” لالا، پوليس منھنجي ڳولا ۾ آھي، پاڻ وٽ ويھاريندين ڊپ نه ٿو ٿيئي؟“
” ڊپ ڇا جو جوڳي لالا، چوڪيدار چيو، ” آزاد قبائل ھتان پري ته ناھي ! مون سان کٽ پٽ ڪيائون ته سندن ٽڪي جھڙي دونالي بندوق اڇلائي ھتان ھليو ويندس.“
ان وقت مون کي پنھنجو سنگتي، پنھنجو ساٿي مراد ٺاٺارو ڏاڍو ياد آيو. سوچيم، ٺاٺارو جيڪر لالي جو جملو ٻڌي وٺي، ھڪ دفعي لاءِ ! فقط ھڪ دفعي لاءِ !
” ڳالھه ٻڌ، جوڳي لالا “ چوڪيدار چيو، ” تون سنڌ ڇو نه ٿو ھليو وڃين؟ “
ٿڌو ساھ کنيم، ۽ کانئس پڇيم، ” رڻ ۾ گم ٿي ويل راھن بابت ڪجھه ٻڌو اٿي؟“
وراڻيائين، ” مان جبلن جو رھاڪو آھيان، رڻ جي باري ۾ ڇا ڄاڻان ! “
ڳالھايم ته چوڪيدار سان پئي، پر مخاطب ڄڻ پاڻ سان ھوس. چيم، ” رڻ ۾ راھون گم ٿي وينديون آھن. مسافر اڃ وگھي رڃ پٺيان ڊوڙندي اجل جي وڙ چڙھي ويندو آھي. مان رڻ ۾ ڊوڙي رھيو آھيان. تون ڇا ٿو سمجھين، سنڌ آزاد قبائل آھي؟
چوڪيدار تعجب وچان مون ڏانھن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، اوندھ ۾ منھنجي چھري تي تري آيل تڪليف جون ريکائون ھو ڏسي نه سگھيو..
چيم، ” اول ھتان بچي نڪري وڃڻ مون کي محال ٿو نظر اچي، ۽ جيڪڏھن بچي نڪري ويس. سنڌ ۾ پير پائڻ شرط پڪڙجي پوندس.“
” پر، تو ڪيو ڇا آھي ! “ لالي پڇيو، ” ڪنھنکي قتل ڪيو اٿئين؟“ يا گلاب ڪنھن کي گولي ھڻي ڪڍي آھي؟ معاملو ڇا آھي؟“
” ھڪ وڪيل جي ضرورت آھي، لالا “ چيم، ” گرفتاري کان اڳ ضمانت جي ضرورت آھي.“
لالو ڪجھه دير تائين سوچيندو رھيو، پوءِ چيائين، ” ڪنھن وڪيل کي سڃاڻين؟“
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”نه “. ڏاڙھي کنھندي پڇيائين، ” ڪو اھڙو دوست جيڪو وڪيل جو واقفڪار ھجي؟“
دل ۾ سوچيم، ڊگريون ڌوڙ جون گڏ ڪيون اٿم، اسان کان ته اڌ اکري چوڪيدار ڀڙ آھي !
مختلف دوستن ۽ واقفڪارن جي باري ۾ سوچيم. ڦري گھري مراد ٺاٺاري جو نالو ذھن تي تري پئي آيو. ھر دفعي کيس رد ڪري پئي ڇڏيم. سوچيم، ڪجھه به ٿي پوي، مراد ٺاٺاري کان ڪنھن به قسم جي مدد نه وٺندس. ۽ برپٽ صحرائي؟ برپٽ صحرائي ويچارو بيوس قسم جو دوست آھي. سنگت ۾ سر ڏيئي ڇڏيندو، پر ڪا مدد ڪري نه سگھندو. معصوم قسم جو ماڻھو آھي – پوءِ؟
تڏھن مون کي اوچتو ڏائڻ جو خيال آيو.
” ڪمال آھي !“ لالي چيو، ” تنھنجو ڪو به اھڙو دوست ڪونھي ! جنھنجي واقفيت وڪيل سان ھجي !“
” آھي، ڇو نه آھي.“ چيم، ” پر موجوده حالتن ۾ ھن تائين پھچڻ ناممڪن آھي.“
” واھ “ لالي چيو، ” ھن جو ٽيليفون نمبر ياد اٿئي؟“ پھريون دفعو سڪل چپن تي مرڪ تري آئي، چيم، ” سندس ٽيليفون نمبر منھنجي دل تي لکيل آھي.“
” ھليو اچ “ لالي ور مان چاٻيون ڪڍنڍي چيو، ” بينڪ مان ھلي فون ڪرينس.“
مون اجرچ وچان لالي ڏانھن ڏٺو. اھڙو مڙس ماڻھو مون زندگي ۾ ورلي ڏٺو ھو. ” لالي چيو سوچين ڇا پيو، ھليو اچ.“
مان لالي سان گڏ بينڪ جي بند دروازي سامھون وڃي بيٺس.