31
مون آپريٽر کان لائين ورتي. ڊائل ڪري شاليءَ جو نمبر ملايم. رسيور شاليءَ پاڻ کنيو ۽ چيو، ” ھيلو “
چيم، ” شالي“
ھڪدم چيائين، ” جوڳيءَ ! جوڳي تون ڪٿي آھين.“
چيم، ” جتي به آھيان، محفوظ آھيان.“
” مون کي نه ٻڌائيندين؟“
” ضروري نه ٿو سمجھان.“
” مون کان ڪاوڙيل آھين؟“
” نه، پاڻ کان ڪاوڙيل آھيان.“ چيم ” ماڻھو جڏھن ٻين تي ڪاوڙ ڪري نه سگھندو آھي، تڏھن ئي پاڻ تي ڪاوڙ ڪندو آھيان.“
” تون مون تي ته ڪاوڙ ڪري سگھين ٿو !“
چيائين، ” اسان ھڪٻئي کي اھڙو حق نه ڏنو آھي، ڇا؟”
جواب ۾ چوڻ لاءِ ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو.گھڙي کن خاموش رھيم، پوءِ چيم، ” شالي، تون سنڌ جي ڪجھه ايم اين ايز کي سڃاڻين نه؟“
وراڻيائين، ” چڱيءَ طرح، بلڪه چڱيءَ چڱيءَ طرح.“
چيم، ” مناسب سمجھين ته منجھائن ڪنھن ھڪ سان منھنجي باري ۾ ڳالھائي ڏس.“
اچرج وچان پڇيائين، ” تنھنجي باري ۾؟“
چيم، ” ھا منھنجي باري ۾. جيڪي ڪجھه ٿي رھيو آھي، مون سان، تنھن جي باري ۾.“
ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي.
پڇيم، ” ڇا پيئي سوچين؟“
چيائين، ” مان نٿي سمجھان سنڌ جي ڪنھن ايم اين اي ۾ ايترو دم خم آھي، جو خفيه ايجنسين جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪري سگھي.“
اچرج وچان پڇيم، ” خفيه ايجنسيون ! خفيه ايجنسيون منھنجي ڪڍ لڳل آھن ! “
” نه نه، مون کي ته ڪا خبر ڪونھي.“ آواز وچڙي پيس.چيائين، ” ممڪن آھي، ائين ھجي، ۽ ممڪن آھي، ائين نه به ھجي.“
چيم، ” پر، ڪنھن ايم اين اي سان ڳالھائڻ ۾ ڪو ڀولو ته ڪونھي.“
چيائين، ” مان کين چڱي طرح سڃاڻان. وسري ويو اٿئي ته بيروزگار نوجوانن کي ڪيئن گوھيون ڏيندا آھن. “
چيم، ” اسين کين نوڪري لاءِ منٿ نه ڪنداسين.“
وراڻيائين، “ مان تنھنجي چوڻ تي ھڪ ٻه ايم اين ايز سان ملنديس. مان نٿي سمجھان ته ڪو کڙ تيل نڪرندو.“
چيم، ” ڪوشش ڪري ڏسڻ ۾ ته ڪا خرابي ڪانھي نه.“
” ڪا خرابي ته ڪانھي، ظاھري طرح.“ سوچيندي رھي، ۽ ترسي ترسي ڳالھائيندي رھي. چيائين، ” منھنجي صلاح جي باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟“
پڇيم، ” ڪھڙي صلاح؟“
چيائين، ” گرفتاري کان اڳ ضمانت واري.“
مان منجھي پيس. ڊاڪٽر امان الله خان واري ڳالھه ذھن تي تري آئي. ضمانت لاءِ تو کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، ۽ اھو مناسب نه آھي.“
” ڇا پيو سوچين؟“ شاليءَ پڇيو.
” سوچيان پيو.... “ جملو پورو ڪري نه سگھيس.
” اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪا به اھڙي ديوار نه آھي، جيڪا اندر جو حال اورڻ کان اسان کي روڪي سگھي.“شاليءَ چيو، ” تون شڪ جو شڪار ٿيو آھين، مان نه “
” نه نه، ائين ناھي.“ھڪدم چيم، ” مان ڪجھه دير لاءِ شڪ جو شڪار ٿيو ھوس، ڪجھه دير لاءِ.“
” جوڳي “ شالي چيو، ” تنھنجو نالو ته جوڳي آھي، پر تو کي محبت ۾ مرڻ جي معني سمجھه ۾ نه آئي آھي.“
اھڙي نموني اڳ، ھن ڪڏھن به سنجيدگيءَ سان نه ڳالھايو ھو. اڪثر اندر جو حال اوريو ھئائين، پر اڇاتري نموني. تڏھن سموري سنگت چوندي ھئي، جوڳي، اھا عورت ڏائڻ اٿئي. سيني مان دل ڪڍي کائي ڇڏيندي آھي.
اھا ڳالھه ڪنھن حد تائين ھئي به درست. اسلام آباد جي اڌ سيڪريٽرين، جوائنٽ سيڪريٽرين، ڪرنلن ۽ جرنلن جي سيني مان دل ڪڍي کائي ويئي ھئي. ھر ڪو سندس دوستي جو دم پيو ڀري ! ھڪ دفعي ٺٺولي ڪندي چيو ھئائين، مون ٻڌو آھي سنڌي ڏاڍا عاشق مزاج ٿيندا آھن ! ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي ھئي. مان سندس سامھون وڃي بيٺو ھوس. سندس اکين ۾ ڏسندي چيو ھيم، اسين عشق جا پيغمبر آھيون. منھنجي ڳالھه ٻڌي سندس اکين مان ڊپ ليئو پائي ورتو.
چوڻ خاطر، گھڻو اڳ مون چئي ڇڏيو ھو، ته اسين عشق جا پيغمبر آھيون، پر مون جملي جي مفھوم تي غور نه ڪيو. ان ڏينھن فون تي ڳالھائيندي شاليءِ سان مون اڳ ڳالھايل جملي جو واضع پراڏو ٻڌو.
” اسين عشق جا پيغمبر آھيون، شالي “ چيم، ” محبت ۾ مرڻ اسان جي روايت آھي، اسان جي ريت آھي.“
ھڪدم چيائين، “ محبت ۾ مرڻ وارا شڪ نه ڪندا آھن.“
مون کي لاجواب ڪر ڇڏيائين.
چيائين، ” مون ڏانھن ھليو آءٌ – يا، مون کي پتو ڏي. مان تو وٽ ھلي ايندس. تنھنجو ڪم آھي وڪالت نامي تي صحيح ڪرڻ. باقي ڪم مون تي ڇڏي ڏي.“
مان منجھي پيس. چيم، ” ضمانت لاءِ منھنجو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري ناھي ڇا؟“
شاليءَ چيو، ” مون اسلام آباد جا ٻه وڏا وڪيل انگيج ڪيا آھن. عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانسواءِ ھو تنھنجي ضمانت ڪرائي ڇڏيندا.“
مون کي اڻ تڻ ۾ وجھي ڇڏيائين. مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته شاليءَ جي ڳالھه تي اعتبار ڪريان ، يا ڊاڪٽر امان الله جي ڳالھه تي.
شاليءَ چيو، ” مون ڏانھن ھليو اچ، يا ڏس ڏي مان تو وٽ ھلي اچان.“
گھڙي کن لاءِ سوچيم ۽ چيم، ” مون کي سوچڻ جي مھلت ڏيئي.“
ڄڻ ڏک ٿيس. چيائين، ” جي مناسب سمجھين.“
مون رسيور نه رکيو.
پڇيائين، ” تون آھين ته ٺيڪ، نه؟“
وراڻيم، ” ٺيڪ آھيان.“
ورائي پڇيائين، ” ڪنھن تڪليف ۾ ته نه آھين.“
چيم، ”نه“
پڇيائين، ” مون کي ٻيھر فون ته ڪندين نه؟“
چيم،” ھا “
نه ھن رسيور رکيو، ۽ نه ئي مون.
چيم، ” شالي، رسيور ڇو نٿي رکين؟“
پڇيائين، ” تون رسيور ڇو نه ٿو رکين؟“
وراڻيم، ” مان تو کي ٻيھر فون ڪندس، شالي “ ۽ رسيور رکي ڇڏيم.
ضمانت کانسواءِ ائين پئي لڳو ڄڻ مان اڻ ڳڻيو قيدي ھوس. منھنجي ڪا به شنوائي نه ٿيڻي ھئي. منھنجو ڪو به مقدمو نه ھلڻو ھو. منھنجي حق ۾ ڪا به جرح نه ٿيڻي ھئي.
ڊاڪٽر امان الله خان جي اسپتال مان ڀڄي وڃڻ بابت سوچيم. ظاھري طرح ممڪن پي محسوس ٿيو. اسپتال تي پھرو بيھاريل نه ھو. رات جي وڳڙي ۾ سولائي سان نڪري وڃڻ ممڪن پئي لڳو. پر، ھتان نڪري وڃڻ کانپوءِ ڪيڏانھن ويندس؟ ڪنھن جو در وڃي کڙڪائيندس؟ مان سوالن جي بند گھٽيءَ ۾ گھٻرائجي بيھي رھيس. مون کي ائين لڳو، مان زخمي ھرڻ ھوس، ۽ سوين خونخوار بگھڙ منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا.