ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

9

دلبر خان، ڪشمير خان ۽ صوبيدار جي وڃڻ کانپوءِ حجري ۾ مان اڪيلو رھجي ويس.گھڙي کن اڳ ڪيل ڊرامي تي مون کي کل آئي. منھنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه ھو ته مان ايڏي مھارت سان ۽ سو به اوچتو، اداڪاري ڪري سگھان ٿو ! ۽ سا به، ڪنھن عام ماڻھو آڏو نه، پوليس جي تجربيڪار صوبيدار آڏو ! مون کي پنھنجي لڪيل صلاحيتن جي اوچتي انڪشاف تي وري کل آئي. مان ۽ اداڪاري!
سمجھان ٿو، مان ٽھڪ ڏيئي کلي پيو ھوس. کلي کلي کٽ تي ويھي رھيو ھوس.
مان جان محمد آھيان !
مون وٽ ٽنڊي الھيار ۾ زمينون آھن!
ڌاڙيلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مون زمينن تي پڪا مورچا ٺاھرائي ڇڏيا آھن !
ڌاڙيلن کي ٺاھوڪو جواب ڏيڻ خاطر، مان راڪيٽ لانچر، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا ھٿيار وٺڻ لاءِ اسلام آباد آيو آھيان!
مون کي ڏاڍي کل آئي. سوچيم، اسلام آباد اچڻ کانپوءِ وڏو پلستر ٿي پيو آھيان. ڪيڏي نه نيڪ مقصد خاطر مائٽن ۽ دوستن مون کي اسلام آباد موڪليو ھو ! چيو ھئائون، قاضي محمد اسلام آف قاضي محله روھڙي شريف کي ڳولي، ھٿ ڪري ھڪدم موٽي اچجانءِ. اسلام وانگر اسلام آباد ۾ گم نه ٿي وڃجانءِ. مون مائٽن ۽ دوستن کي روھڙيءَ ۾ پڪ ڏني ھئي، ته مان قاضي محمد اسلام کي جلد کان جلد ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ۽ جلد کان جلد روھڙي شريف موٽندس، ۽ سڀني آڏو سرخرو ٿيندس.
مان اسلام آباد آيو ته نيڪ مقصد سان ھوس! اچڻ شرط اسلام کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ھيم، چوواٽن تي، گھٽين ۾، بازارن ۾، پارڪن ۾، آفيسن ۾، بسن ۾، مون کيس ھر ھنڌ تلاش ڪيو، پر قاضي محمد اسلام مون کي ڪٿي به نظر نه آيو. ناڪامي ءَ جو احساس منھنجي وجود ۾ گھر ڪري ويھي رھيو. اصولي طرح، ٿيڻ ته ائين گھرجي ھا، جو مان روھڙي موٽي وڃان ھا، ۽ مائٽن ۽ دوستن کي سموري صورتحال کان آگاھ ڪريان ھا. قاضي محله روھڙي شريف جي سڀ کان جھوني ۽ ڪراڙي عورت، مائي بچان کي وڃي ٻڌايان ھا ته، مائي اسلام آباد اصل ۾ شھر نه آھي، اسلام آباد ازدھو آھي، وڏي بلا آھي، مختلف سيڪٽرن جو جھنگ آھي، جنھن ۾ ماڻھو ورھائجي ويا آھن. ورھائجي، پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آھن ! تنھنجو پٽ ڪڏھن نه موٽندو !
پر، مون ائين نه ڪيو. مون کي اسلام آباد ۾ مزو اچي ويو. نامراد شھر ۾ مرادون ماڻڻ لاءِ مان کيپ کوڙي ويھي رھيس. پنھنجي دوست کي ڳولڻ جو خيال دل مان ڪڍي، دل ٻين ڌنڌن ۾ اٽڪائي ڇڏيم. مضبوط مرڪز ۽ ڪمزور صوبن لاءِ رکيل نوڪرين مان ھڪ چڱيرڙي نوڪري ھٿ ڪر ي ورتم، ويتر جو ڏائڻ سان ملاقات ٿي، ته چاريئي طبق روشن ٿي پيا !
ڏائڻ سان ملاقات به ڏاڍي عجيب نموني ۽ اوچتو ٿي ھئي. اسلام آباد ۾ اھي منھنجا ابتدائي ڏينھن ھئا. رات ڏينھن اسلام جي ڳولا! ھڪڙي ڏينھن ٿڪجي ۽ ڪجھه ڪجھه مايوس ٿي سپر مارڪيٽ ۾ ھڪ ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي فٽ پاٿ تي ويھي رھيس. کيسي مان ڀڳڙا ڪڍي کائڻ لڳس. انھن ڏينھن ۾ مون کي اڃان نوڪري نه ملي ھئي، ۽ مان مائٽن ۽ دوستن جي طرفان موڪليل چندي تي گذارو ڪري رھيو ھوس. ڀڳڙا کائيندي، اوچتو منھنجي نگاھ، پريان، رستي جي ٻئي پاسي بيٺل ھڪ قيمتي ڪار تي ڄمي وئي. ڪار بيوٽي پارلر جي ٻاھران بيٺي ھئي، ڪار ۾ ويٺل ماڻھو مون کي سڃاتل سڃاتل لڳو. ٿري پيس سوٽ، اعلي قسم جي فريم واري اکين تي عينڪ، ۽ وات ۾ جھليل پائيپ، منھن تي فرينچ ڪٽ ڏاڙھي، ڄڻ ڪو مئل انگريز ديسي ماڻھو جو روپ ڌاري موٽي آيو ھو! ڪير آھي؟ مون سوچيو.
مٺ ۾ جھليل ڀڳڙا کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. اٿي بيٺس، غور سان ھن ڏانھن ڏسڻ لڳس. ڪير آھي؟ مان ھن کي ڇو ٿو سڃاڻان، بلڪه ھو مون کي ايتريقدر سڃاتل ڇو ٿو لڳي؟
ھن جو ۽ منھنجو پاڻ ۾ ڪھڙو تعلق آھي؟ ايتري ۾ ھڪ نھايت سھڻي، آپا ميڪ اپ ۾ سھڻي لڳندڙ عورت بيوٽي پارلر مان ٻاھر آئي. ڪار ۾ ويٺل شخص ٻاھر نڪري، ٻئي طرف کان ڪار جو در کوليو ۽ اھا سھڻي عورت دلفريب انداز سان ڪار ۾ ويھي رھي، سڃاتل شخص ڦيرو کائي، پنھنجي سيٽ ڏانھن ھليو آيو. تڏھن، اوچتو مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اڙي قاضي محمد اسلام آف روھڙي شريف ! مون جُوهه وجھي، ماڻھن کي ڌڪي، پري ڪندي، ذري گھٽ ڊڪ پاتي. ٽريفڪ کان بچندي روڊ پار ڪري ويس. ٻئي ٻانھون مٿي ڪندي رڙ ڪيم. ”اسلام“
آواز کان اڳ ڪار زوڪاٽ ڪري رواني ٿي ويئي. مان وائڙو ٿي بيھي رھيس.
گھڙي کن ۾ ڪجھه سوچي، بيوٽي پارلر ڏانھن تيزيءَ سان وڌي ويس.
چوڪيدار مون کي روڪيو، ”اي مسٽر“
مان بيھي رھيس.
ڪيڏانھن پيو وڃين؟ ھن منھنجو جائزو وٺندي پڇيو. ڪپڙي لٽي ۽ وڌيل ڏاڙھيءَ سبب، بظاھر منھنجي حالت اھڙي نه ھئي، جنھن مان ڪو سمجھي سگھي ته منھنجي ڪا سنگتياڻي يا زال بيوٽي پارلر مان پنھنجي حسن کي چار چنڊ لڳائڻ جو سوچي به سگھي ٿي !
مون چوڪيدار کي چيو، ”اجھو ھينئر، ھتي بيٺل ڪار تيزي سان ھلي ويئي آھي، ان ۾ ڪير ھو؟“
”ھتي تيزي سان موٽرون اينديون آھن ۽ تيزيءَ سان ھليون وينديون آھن.
”چوڪيدار چيو، ”اسان موٽرن جي چوڪيداري ڪندا آھيون، ماڻھن جي نه “
چيم، ”مان سمجھان ٿو، بلڪه مون کي پڪ آھي ته جنھن شخص موٽر ھلائي پئي سو منھنجو ڳوٺائي ھو، ننڍپڻ جو دوست ھو، روھڙائي ھو.“
چوڪيدار ڪجھه حيرت مان پڇيو، پوءِ !
چيم، ”ھو ڪافي عرصي کان گم ٿي ويو آھي. روھڙيءَ مان، نوڪري سانگي اسلام آباد آيو ھو، ۽ پوءِ گم ٿي ويو.“
”يار ڏاڍو ڪو وائڙو آھين ! “ چوڪيدار چيو، ”ھينئر ته چيئه پئي ته تو ھن کي موٽر ھلائيندي ڏٺو ھو؟“
”ھا، ڏٺو ھو.“ چيم، ”پڪ ڪرڻ پئي چاھيم ته واقعي منھنجو روھڙائي دوست ھو ۽ ڪٿي رھندو آھي.“
ايتري ۾ بيوٽي پارلر جو در کليو، ھڪ ٻارنھن تيرھن سالن جي ڇوڪري ٻاھر آئي، اسان وٽ اچي مون کي چيائين، ”تو کي ميڊم سڏايو آھي.“
”مون کي ! “ تعجب وچان پڇيم.
”ھا، تو کي “ ڇوڪريءَ چيو، ”توکان سواءِ ھتي ٻيو به ڪو آھي ڇا.“
چيم، ”ھيءَ چوڪيدار جو آھي.“
چيائين، ”ميڊم تو کي سڏايو آھي.“
ميڊم جو لفظ ٻڌي مون کي پاڪستان جي سدا بھار ڪڏھن پوڙھي نه ٿيندڙ نورجھان ياد ايندي آھي، جنھن کي يارن مستقل ميڊم ڪر ي ڇڏيو آھي. سوچيم، بيوٽي پارلر ۾ ميڊم نورجھان ويٺي يا بيٺي ھوندي، مون کي ڏسڻ شرط ڪن تي ھڪ ھٿ رکي ، ۽ ٺونٺ اڳتي ڪري ۽ اکيون ٽمڪائي ڳائيندي، ”اي وطن ڪي سجيلي جوان، ميري نغمي تمھاري لئي ھين.“ ٻڌڻ شرط مان گولي کائي مرڻ لاءِ تيار ٿيندس !
مان ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان، تاريخ ۾ اڄ تائين جن به وطن لاءِ جان قربان ڪئي آھي، تن به ميڊم نورجھان جو نغمو ٻڌو ھو، يا، وطن لاءِ مفت ۾ مارجي ويا ھئا ! ٻين ٻڌو ھجي، يا نه ٻڌو ھجي، ميڊم نورجھان مون کي سامھون بيھار ي جيڪڏھن ڳايو، اي وطن کي سجيلي جوان، ميري نغمي تمھاري ليي ھين، ته خد ا ٿو ڄاڻي، مان گولي کائيندي ويرم نه ڪندس. جنگ ھجي، نه ھجي، مان ڪنھن طرح گوليءَ جو بندوبست ڪري وٺندس، ۽ سيني تي گولي کائي مري ويندس !
در کولي مان بيوٽي پارلر ۾ لنگھي ويس. خوشبو جي ھٻڪار روح ۾ لھي ويئي.
رسيپشن جي سامھون، ٻئي ڪمري ۾ آئيننن آڏو ڪجھه عورتون پاڻ کي سھڻو ڪرائي رھيون ھيون. مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. مون کي ميڊم نورجھان نظر نه آئي.
”ته تون ھيلپر ٿيڻ آيو آھين.“ پويان آواز آيو. منھن ڦيرائي ڏٺم. ھڪ ڏاڍي سھڻي عورت ڪجھه ڪجھه بي نياز، چيلھه تي ھڪ ھٿ رکي بيٺي ھئي.
ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو. پڇيم، ڇا جو ھيلپر؟
کلي پيئي. ڏاڍي دلفريب لڳي. چيائين، ”ڪٽنگ وغيره کان پوءِ ورا ميڙڻ ۽ صفائي ڪرڻ واري کي اسين ھيلپر چوندا آھيون.“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. دل چيو، سامھون رکيل گلدان کڻي مٿي ۾ ھڻانس. موسٽ ايجوڪيٽيڊ مين آف قاضي محله روھڙي شريف کان وار کڻائيندي، ۽ ٻوھاري پوچو ڪرائيندي ! ذليل ڪنھن جاءِ جي ! سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين جو اھو قدر !
ڪجھه کھري لھجي ۾ چيم ”مان نوڪري ڪرڻ نه آيو آھيان.“
مون کي وارن کان پيرن تائين ڏسندي پڇيائين، ”ڪنھن يتيم خاني لاءِ، يا اڌ ٺھيل مسيت لاءَ چندو وٺڻ آيو آھين؟“
”وڏي ڪا بيعقل عورت آھين.“ ڪاوڙ لڳم. پڇيم، ”ميڊم نورجھان ڪٿي آھي؟“
”ميڊم نورجھان “ ڏاڍي حيران ٿي. چيائين ”تو کي ڪنھن ٻڌايو ته ميڊم نورجھان ھتي آيل آھي.“
چيم، ”تنھنجي پارلر جي ڪنھن ڇوڪريءَ چيو ته ميڊم مون کي اندر سڏايو آھي.“
ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. پڇيائين، ”سنڌ مان ته نه آيو آھين ! “
اسين سئو سال ڇو نه کڻي لکنو يا دھليءَ ۾ رھي اچون، اصل اُھڙي جا اھڙا ! قلم وارو ق نڙي مان اچاري نه سگھينداسين. تڏي تي پڪڙجي پونداسين.
”ھا ميڊم، مان به مامرو سمجھي ويو آھيان.“ چيم، برابر مان سنڌ مان آيو آھيان.“
اھا ھئي ڏائڻ سان منھنجي پھرين ملاقات، جيڪا پوءِ ڏسنديئي ڏسندي وڻ ويڙھيءَ وانگر بي نام رشتي ۾ بدلجي ويئي.
ڪشميرخان ۽ دلبر خان جي موجودگيءَ ۾ صوبيدار آڏو اداڪاري ڪرڻ کانپوءِ اڪيلائي ۾ مون کي پاڻ تي ڏاڍي کل آئي. سوچيم، اھڙي نموني، اڪيلائي ۾ پنھنجي ساءِ ڪنھن کلندي ڏسي ورتو، ته چريو سمجھندا ! پر کل اھڙي، جو بند نه ٿئي. اندران ٽھڪ ڦاٽ کائي ٻاھر پئي نڪتا.مان اداڪار آھيان ! مان اداڪار آھيان ! پاسراٽيون سور ڪرڻ لڳيون. تڏھن، اوچتو ئي اوچتو کل جو چشمو ختم ٿي ويو. ماٺ ۽ ماٺ کان پوءِ پريشاني ورائي ويئي.
منھنجي معرفت سنڌ ۾ ھٿيار اسمگل ڪرائيندا !!
مون کي ائين لڳو، ڄڻ وڏي ٺڪاءَ سان منھنجي حجري جي ڇت اڏامي وئي.