ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

52

مان شاليءَ جي بيڊروم ۾موٽي آيس. پاڻ سان بيچين ڪندڙ اڻ تڻ کڻي آيس. سڄي عمر مون ڪَنَ ڏيڻ ۽ جھاتيون پائڻ ۽ تاڙ رکڻ کان نفرت ڪئي آھي. پر، شالي جي ڪمري ۾ ھڪ ڀت کان ٻيءَ ڀت تائين چڪر ڪاٽيندي مون پاڻ کي مجبور ۽ لاچار محسوس ڪيو. مان پاڻ ڪن ڏيئي ميجر پرويز سليم ۽ شالي جي گفتگو ٻڌڻ کان روڪي نه سگھيس. پاڻ تي ڪاوڙ به آيم. پاڻ کي گھٽ وڌ به ڳالھايم. دل ۾ پاڻ کي گاريون به ڏنم، پر پاڻ کي ميجر پرويز سليم ۽ شاليءَ جي گفتگو نه ٻڌڻ تي آمادھ نه ڪري سگھيس. ھڪ بيھود جواز، سبب، ڱڻ ٿي پيو، ۽ ھر اَو ڱڻ تي حاوي ٿي پيو. وجود جي ڇڪتاڻ ھڪ ڌر ٻي ڌر کي قائل ڪرڻ لاءِ بحث ڪندي رھي. ھڪ عذر تي بحث بند ٿي ويو، مان ھن وقت بدترين حالتن جو شڪار آھيان، اھڙيءِ صورتحال ۾ شاليءَ ۽ ميجر پرويز سليم جي گفتگو ٻڌڻ ۾ ڪو عيب، ڪا خرابي نه آھي ! اھو ضروري آھي.
مون کي پڪ ھئي ته ميجر ملڻ لاءِ گيسٽ روم ۾ ايندو ۽ شاليءَ سان ڳالھائيندو. شاليءَ جو ڊرائينگ روم تائين وڃڻ امڪان کان ٻاھر ھو. مان خبرداريءَ سان شاليءَ جي بيڊروم مان نڪري، ڪاريڊار لنگھي پوئين پاسي واري ٽيرس تي پھتس. ٽيرس جي پرئين ڪنڊ وٽان ھڪ لوھي گول ڏاڪڻ سڌو گيسٽ روم جي پويان وڃي لاھيندي ھئي. مان گول ڏاڪڻ لھي ويس. گيسٽ روم کي پوئين پاسي دري ھئي. دريءَ جي ڀرسان باٿ روم جو روشندان ھو. روشندان کليل ھو. سيءَ جي باوجود گيسٽ روم جي ھيٽر سبب شاليءَ کي ھڪدم مٿي ۾ سور ٿي پوندو ھو. تنھنڪريءَ ھو اڪثر بيڊروم جي، يا جتي ويھندي ھئي، تنھن ڪمري جي دريءَ جو ھڪ طاق کولائي ڇڏيندي ھئي.
مان ڪروندڙو ٿي دريءَ وٽ ويھي رھيس.
مون ميجر جو آواز ٻڌو. ھن چيو، ” ڪجھه ڳالھيون ھڪٻئي جي ڪڍ ۽ لاڳيتو ٿيون آھن، تنھنڪري سموريون ايجنسيون ھڪدم چوڪس ٿي پيون آھن.“
شاليءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو.
ميجر چيو، ” تارا چند عرف جوڳي، يا جوڳي عرف تارا چند جو افغان مجاھدين جي اسپتال مان فرار ٿيڻ، ۽ ساڳيءَ رات تنھنجي ڪار تي خوني حملو محض اتفاق نه آھن.“
مون شالي جو آواز ٻڌو. ھن سخت لھجي ۾ چيو، ” تنھنجو خيال آھي ته افغان مجاھدين جي اسپتال مان جوڳي جي فرار ۾ منھنجو ھٿ آھي؟“
” معاف ڪجان شڪيله.“ ميجر به ساڳئي نوع ۾ ڳالھايو. چيائين، ” افغان مجاھدين غداريءَ جو الزام ۾ پنھنجي سيئنر نرس کي مٿي ۾ گوليون ھڻي ماري وڌو آھي. اسان جي ايجنسي جو خيال آھي، بلڪه يقين آھي ته تارا چند جي فرار ۾ سينئر نرس جو سنئون سڌو ھٿ ھو، تنھنڪري افغا ن مجاھدين کيس ماري وڌو.“
مون کي ائين لڳو، ڄڻ خوفناڪ زلزلو آيو، سڀ ڪجھه ڊھي پٽ ٿي ويو. ڪجھه باقي نه بچيو. ڌرتيءَ جو سينو مسلسل ڪنبندو رھيو. ڊھي ويل شھر مان دز ۽ مٽي اڏامندي رھي ھڪ گمنام رشتي جي حوالي سان مٽي مون کي زيتون جي ياد ڏياريندي رھي. سسٽر زيتون جي مرڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مان سمجھان ٿو، سسٽر زيتون کي پڪ ھئي ته منھنجي فرار ٿيڻ کان پوءِ افغان مجاھدين کيس جيئرو نه ڇڏيندا.
مون منھن مونن ۾ وجھي ڇڏيو، سسٽر زيتون جي آخري جملي جو پڙلاءُ ايندو رھيو، منھنجي وجود ۾ ڌونڌاڙيندو رھيو، مون کي خبر آھي، اسين ٻيھر ھڪٻئي سان نه ملي سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪٻئي کي ڏسي سگھنداسين.
ميجر جو آواز ٻين آوازن تي حاوي ٿي ويو. ھن چيو، ” جيڪڏھن سينئر نرس کي غداري جي الزام ۾ مجاھد نه مارين ھا، ته گھٽ ۾ گھٽ منھنجو شڪ تو ۾ پختو ٿي وڃي ھا.“
شالي چيو، ” تون چرچا پيو ڪرين، يا سنجيدھ آھين.“
” مان سنجيدھ آھيان.“ ميجر چيو.
” جيڪڏھن تون سنجيدھ آھين ته پوءِ ان موضوع تي وڌيڪ مان تو سان ڪجھه نه ڳالھائيندس.“ شالي چيو، ” تون پنھنجو ۽ منھنجو وقت وڃائي رھيو آھين. ھونءَ به ڊاڪٽر مون کي مڪمل آرام جي ھدايت ڪئي آھي.“
ميجر ڪجھه دير جي خاموشي کان پوءِ چيو، ” ٻن ٽن سالن کان اسين غور سان تنھنجي دلچسپي تارا چند ۾ ڏسي رھيا ھئاسين. پر تڏھن اسان تارا چند کي فقط جوڳي سمجھيو ھو، بيڪار، اڻ گھڙيل، ھڪ غير سنجيدھ شخص.“
شاليءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو.
ميجر پڇيو، ” ڇا تو کي سچ پچ خبر نه ھئي ته جوڳي دشمن جو ايجنٽ تارا چند آھي ! “
” جيستائين مون کي خبر آھي، جوڳي دشمن جو ايجنٽ نه آھيان.“ شاليءَ سخت لھجي ۾ ذري گھٽ رڙ ڪندي چيو ” ۽ مون کي پڪ آھي ته ھن جو نالو جوڳي آھي. ھن جو نالو تارا چند نه آھي.“
دل چاھيو، دري جي طاق وچان رڙ ڪري شالي کي چوان، پاڻ کي مصيبتن جي منھن ۾ نه وجھه شالي – مقتل ڏانھن ويندڙ منھنجي راھ کي روشن نه ڪر – چئه ته مان تارا چند آھيان، دشمن جو ايجنٽ آھيان – را جو تربيت يافته آھيان !
” عجيب اتفاق آھي ته ڪالھه تارا چند افغان مجاھدين جي اسپتال مان فرار ٿيو ھو، ۽ ساڳيءَ رات تنھنجي ڪار تي خونيءَ حملو ٿيو ھو.“ ميجر ٺٺوليءَ واري لھجي ۾ چيو، ” ڪيئن ! آھي نه حيران ڪندڙ اتفاق جي ڳالھه !“
شالي ڪاوڙ واري لھجي ۾ چيو، ” ميجر پرويز سليم، تون منھنجي طبيعت بابت پڇا ڪرڻ آيو آھين، يا آڏي پڇا ڪرڻ آيو آھين !“
مون کي ميجر سليم تي ڪاوڙ آئي. دل چاھيو ته ڪمري ۾ ڪاھي پوان – کيس جيئرو نه ڇڏيان. سندس مٿو ڀتين سان ھڻي پاش پاش ڪري ڇڏيان. سندس عضوو عضوو چٿي ڇڏيان ! ڏٺائين پئي ته شالي ھيڻي ھئي، ڪمزور ھئي، ڳالھائيندي ڳالھائيندي ساڻي ٿي پئي ھئي، تنھن ھوندي به ھو ڪنھن بيھودي، اڻپڙھيل ۽ ظالم تفتيشي پوليس آفيسر وانگر کيس آڏي پڇا جي ڄار ۾ ڦاسائيندو پئي ويو.
ميجر تمام بي رحم انداز اختيار ڪندي چيو، ” ھيڏانھن اچڻ کان اڳ مان ماڊرن موٽر ز جي ورڪشاپ ويو ھوس.“
خاموشي جو لمحو آيو. ٻنھي مان ڪنھن نه ڳالھايو. گيراج ۾ موٽر بيھارڻ کان پوءِ مون کي رکي رکي خيال آيو ھو ته مان پاڻ پائيپ کڻي موٽر اندران ٻاھران ڌوئي، رت جي داغن کان صاف ڪري ڇڏيان. پر، جنت مون کي روڪي ڇڏيو ھو. ميجر جو جملو ٻڌڻ کان پوءِ مون پاڻ کي ملامت ڪئي، ۽ دل ئي دل ۾ جنت کي گھٽ وڌ ڳالھايو.
مون ميجر جو آواز ٻڌو. ميجر چيو، ” سُڪُي وڃڻ کان پوءِ رت جو داغ مشڪل سان صاف ٿيندو آھي. منھنجي پھچڻ کان اڳ مسترين گاڏيءَ جو پوش لاھي، سيٽون ڪڍي ڇڏيون ھيون. اسان ورڪشاپ جي فورمين اصغر کي گرفتار ڪيو آھي.“
” توھان اصغر کي گرفتار ڪيو آھي ! “ شالي رڙ ڪندي چيو، ” تنھنجو دماغ خراب ته ناھي ! ڇا جي ڪري ھن ويچاري کي گرفتار ڪيو اٿو؟ ڪھڙي ڏوھ ۾ کيس پڪڙيو اٿو؟“
” ھن سيٽن تان پوش ۽ سيٽن جي مٿان ريگزين لاھي ساڙي ڇڏيا ھئا.“ ميجر برف جھڙي سڙد لھجي ۾ جواب ڏنو.
” ريگزين ۽ پوش ساڙي ڇڏڻ ڏوھ آھي؟“ شالي سخت لھجي ۾ چيو.
” ھا، ڏوھ آھي. موجوده صورتحال ۾.“ ميجر چيو، ” تو تي خوني حملو ٿيو ھو. اصولي طرح ثابتيءَ ۽ شاھدي لاءِ ڪار جيئن جو تيئن موجود ھئڻ گھرجي ھا.“
“ مون کي نه ته حملي لاءِ رپورٽ داخل ڪرائڻي آھي، ۽ نه ئي مون کي ڪنھن تي شڪ آھي.“ شالي چيو، ” مان اخبارن کان پري رھڻ پسند ڪندي آھيان.“
” بظاھر تنھنجي ڳالھه درست آھي.“ ميجر چيو، ” پر، ڇا ڪجي جو واقعا ھڪٻئي جي ڪڍ رونما ٿيا آھن. تارا چند جو افغان اسپتال مان فرار ٿيڻ، سينئير نرس جو موت، ۽ تنھنجي گاڏي تي حملو.“
مان سمجھان ٿو، شالي منجھي پئي ھئي. ميجر کي ھڪدم جواب ڏيئي نه سگھي ھئي.
ميجر چيو، ” شڪيله، يقين ڪر عام حالتن ۾ تنھنجي گاڏي تي حملو ٿئي ھا، ته اسين، گھٽ ۾ گھٽ مان، سرڪاري سطح تي تفتيش ۾ دلچسپي نه وٺان ھا، پر شخصي طرح کوج لڳائي مان حملي آورن کي پنھنجي ساءِ ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيان ھا.“
ميجر پرويز سليم جي بدليل لھجي مون کي اجرچ ۾ وجھي ڇڏيو. مون محسوس ڪيو ته اسلام آباد ۾ شاليءَ جي بيشمار چاھڻ وارن مان ميجر ھڪ ھو. ڪوشش جي باوجود ھو، لڳم پئي، سخت گير تفتيشي آفيسر واري ڪردار مان ٻاھر نڪري آيو ھو.
” تون ڇا ٿي سمجھين، شڪيله! مان توکي ھن معاملي ۾ ملوث ٿيڻ ڏيندس! نه، نه ھرگز نه.“ ميجر چيو، ” تاراچند ملڪ جو دشمن آھي. مان ھن کي ڳولي لھندس، پر تو کي سموري معاملي کان پري رکندس.“
بيچين ڪندڙ خاموشي ڇانئجي ويئي.
” يقين ڪر ميجر، جوڳي دشمن جو ايجنٽ ناھي.“ شاليءَ چيو، ” ۽ نه ئي ھن جو نالو تاراچند آھي.“
” ايجنسيءَ لاءِ مخبري ڪرڻ، يا ايجنٽ ٿي ڪم ڪرڻ ۾ ۽ باقاعدھ ڀرتي ٿي ڪم ڪرڻ ۾ فرق آھي.“ ميجر چيو، ” مان تربيت ورتل آھيان. مان يقين سان چئي سگھان ٿو ته تارا چند پاڻ کي جوڳيءَ جي روپ ۾ ظاھر ڪيو آھي. ھودھشتگرد آھي، دشمن جو ايجنٽ آھي.“
خاموشيءَ جي ڊگھي لمحي مان سيءَ ۾ ڪنبندو رھيس.
” ۽ مان اھو به ڄاڻان ٿو ھن تنھنجي دل ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪري ورتي آھي.“ ميجر ھڪ عام رواجي رقيب واري سطح تي لھي آيو. چيائين، ” پر، يقين ڪر شڪيله، ھو دشمن جو ايجنٽ آھي. پوليس کي تفتيش دوران واضع ثبوت ھٿ آيا آھن. مان تنھنجي ڪيفيت سمجھي سگھان ٿو، محسوس ڪري سگھان ٿو، پر، شڪيله ملڪ کان مٿي ھڪ شخص ته ٿي نه ٿو سگھي ! ۽ سو به دشمن جو ايجنٽ، تخربيڪار، ۽ دھشتگرد!“
شاليءَ چيو، ” پوليس وٽ ڪھڙو ثبوت آھي، ته جوڳي دشمن جو ايجنٽ ۽ دھشتگرد آھي؟“
ڪجھه گھڙيون خاموش رھڻ کانپوءِ ميجر ڳالھايو. چيائين، ” تارا چند عرف جوڳيءَ خلاف سڀ کان وڏي گواھي ۽ ثابتي گلاب جو تحريري، ۽... .“
ميجر پنھنجو جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
شاليءَ پڇيو، ” ۽، ڇا؟“
ميجر چيو، ” پوليس ڪجھه معتبر شاھدن جي موجودگي ۾ گلاب چند عرف گلاب احمد جو بيان ٽيب تي رڪارڊ ڪيو آھي.“
” بڪواس ! سراسر بڪواس “ شاليءَ ڪاوڙ وچان چيو، ” گلاب پيدائشي گونگو آھي.“
” پوليس جو به اھوئي خيال ھو.“ ميجر چيو، ” ڏاڍو سخت جان ۽ تربيت يافته نڪتو. وڏيءَ جاکوڙ ۽ حيلن کان پوءِ ڳالھايائين – نيٺ ڳالھايائين.“
” ناممڪن آھي، اھو ممڪن ناھي ميجر پرويز سليم “ شالي باھي ٿي ويئي. سندس لھجي ۽ آواز مان اندازو لڳايم ته ھوءَ ذري گھٽ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي پيئي ھئي. چيائين، ” جيئن سج اولھه کان نه اڀرندو آھي، تيئن گلاب گونگي جو ڳالھائڻ امڪان کان ٻاھر آھي. پوليس ۽ تون، ميجر ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاھيو؟ مان عدالت ۾ گلاب جي ڳالھائڻ کي چيلينج ڪندس. جيستائين گلاب عدالت ۾، ججن آڏو نه ڳالھائيندو، تيستائين پوليس طرفان تيار ڪيل ڪيسٽ کي قانوني حيثيث نه ملي سگھندي.“
ميجر ٿڌي ۽ بي رحم لھجي ۾ چيو، ” تربيت ورتل دشمن جا ايجنٽ فقط ھڪ دفعو ڳالھائيندا آھن. گلاب چند ھڪ دفعو ڳالھايو، ھينئر ھو ڳالھائي نه سگھندو.“
شاليءَ رڙ ڪندي پڇيو، ” ڇو نه ڳالھائي سگھندو؟ گلاب جيڪڏھن تفتيش دوران پوليس آڏو ڳالھايو آھي، ۽ سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو آھي، ته پوءِ کيس عدالت ۾ ججن آڏو ڳالھائڻو پوندو. گلاب کي ڳالھائڻو پوندو.“
ميجر چيو، ” يقين ڪر شڪيله، منھنجي ڳالھه تي يقين ڪر. گلاب چند عدالت ۾ نه ڳالھائيندو. عدالت ۾ فقط رڪارڊ ڪيل ڪيسٽ پيش ڪئي ويندي، بس ڪيسٽ.“
” فقط ڪيسٽ ڇو؟“ شاليءَ چيو، ” گلاب جيڪڏھن سچ پچ ڳالھايو آھي، ته پوءِ کيس عدالت ۾ به، وڪيلن ۽ ججن جي آڏو ڳالھائڻو پوندو.“
ميجر چيو، ” نه ڳالھائيندو.“
شاليءَ پڇيو، ” آخر ڇو نه ڳالھائيندو؟ ۽ جيڪڏھن عدالت ۾ ججن آڏو نه ڳالھائيندو، ته پوءِ سندس ڪيسٽ تي ڪير يقين ڪندو !“
” شڪيله “ ميجر چيو، ” بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ گلاب خودڪشي ڪري ڇڏي.“
جواب ۾ شالي الائي ڇا چيو، مون کي ٻڌڻ ۾ نه آيو. پر مون ڪائنات ۾ فنا جي صور گونجندي ٻڌي، وڻ پاڙون پٽجي ويا، درياھ اٿلي پيا، جبل ڪپھه جي گولن وانگر طوفان ۾ اڏامڻ لڳا، سج سوا نيزي تي لھي آيو، سمورا سمنڊ ٽھڪڻ لڳا.
قيامت ايندي، الائي ڪڏھن ايندي، پر منھنجي لاءِ قيامت آئي ، ۽ محشر جي مھل کي منھنجي لاءِ عذاب وانگر ڇڏي ھلي ويئي. منھنجو وجود ڪروڌ ۾ بدلجي ويو. ٻرندڙ جبلن مان ڦاٽ کائي نڪرڻ واري لاوي جو ٻيو نالو جيڪڏھن نفرت ۽ انتقام آھي، ته پوءِ، گلاب جي دردناڪ موت جي خبر ٻڌي منھنجي وجود مان، وجود جي ھڪ ھڪ پور مان نفرت ۽ انتقام جو لاوو ڦاٽ کائي نڪري آيو. سوچ ۽ سمجھه جو ھڪ ھڪ عنصر سڙي ڀسم ٿي رھيوھو. شاھ لطيف ڪھڙي فھم ۽ مطلب سان ٿھو نگاريو ھو، ” ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءَ مرڪ “، پر مون نفرت ۽ انتقام جي ڀنڀٽ ۾ ڀسم ٿيندي جھونگاريو، ” ھڻڻ ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ.“
نه ھوش باقي رھيو، ۽ نه حواس تي قابو. کامندي، سڙندي ۽ پڄرندي، عذاب ۾ چيچلائيندي، مان وڄ وانگر پوليس اسٽيشن ڏانھن وڌنڌو ويس، ۽ درد وانگر وڏي واڪ ورجائيندو ويس، ” ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ،مانجھيان ايءُ مرڪ – ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ. سموري ماحول ۽ سموري ڪائنات مان آواز ايندو رھيو، ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ. آوازن جي ٻرندڙ جھنگ مان نڪري الائي ڪيئن ۽ ڪيتري دير ۾ مان ٿاڻي تي پھتس. ھوش نه ھئڻ جي باوجود مان ھوش ۾ آيس.
ٿاڻي ۾، بدحواسي ۽ نفرت وچان داخل ٿيندي، مون ٻن چئن سپاھين کي ڦٽي وڌو ھو. پوءِ جڏھن ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ پھتس ته سپاھين جي لوڌ منھنجي ڪڍ ڪمري ۾ ڪاھي آئي. ڪروڌ وچان مون انسپيڪٽر کي سيني تي لت وھائي ڪڍي. ھو بولاٽيون کائي ڪرسي تان ڪري پيو. ھڪدم کيس ٻانھن ۾ کڻي، ڦيرائي ڀت سان ھنيم. ڪرڻ شرط ھن روالور ڪڍي ورتو. ھڪ گولي مون کي سٿر ۾، ۽ ٻي پيٽ ۾ لڳي. مان مٿان وڃي ڪريومانس. ڏند ڪرٽيندي چيم، ” تون گلاب جو قاتل آھين – تون گونگي گگدام جو قاتل آھين. مان تو کي جيئرو نه ڇڏيندس، ڪتا، ڪمينا مان تو کي جيئرو نه ڇڏيندس.“
انسپيڪٽر ٽين گولي ھلائي ڇڏي. مون کي ائين محسوس ٿيو ! منھنجي سيني ۾ ڄڻ باھ جو ٻرندر جبل ڦاٽي پيو. ٽين گولي مون کي سيني ۾ لڳي ھئي. سمورو ماحول دونھين وانگر ڌڏندي منھنجي اکين کان اوجھل ٿي ويو. مان پراسرار خلائن ۾ اڏامندو ويس. ھوائن جي سمنڊ ۾ اڻ ڏٺي منزل ڏانھن ترندو ويس – ٻڏندو ويس. تان جو مون کي ڪجھه ياد نه رھيو. سڀ ڪجھه مسمار ٿي ويو، ميسارجي ويو. وقت، ماحول، ۽ ماحول جي بي رحمي، سڀ ڪجھه بي مطلب ٿي پيو. بقا بي معني ٿي پيئي، ۽ فنا کي معني ملي ويئي.
مون کي ڪجھه ياد ڪونھي ته آخري سفر تائين ڪيئن ۽ ڪڏھن مان موٽي آيو ھوس بي بقا دنيا ۾ ٻيھر موجودگيءَ جو احساس تڏھن ٿيو ھو، جڏھن ھوش اچڻ کان پوءِ مون پاڻ کي پٽين ۾ ويڙھيل، راولپنڊيءَ جي ڊسٽرڪٽ ھاسپيٽل ۾ ڏٺو ھو. منھنجي مٿان ھٿياربند سپاھين جو پھرو ھو.