2
جنھن ڏينھن صاحب لنچ لاءِ روانو ٿي ويندو آھي، تنھن ڏينھن عملي جي ھر ھڪ فرد ۾ نماز جو جذبو جاڳي پوندو آھي. ان ڏينھن عملي جا ماڻھو آفيس جي ورانڊي ۾ بيھي ظھر جي نماز نه پڙھندا آھن. ان ڏينھن ھو ٻه چار ميل پري، ڪنھن مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاءِ ھليا ويندا آھن، جتان ھو وري ٻئي ڏينھن صبح جو آفيس ايندا آھن. اھڙو ڏينھن منھنجي لاءِ ڏاڍو سڀاڳو ڏينھن ٿي پوندو آھي.
الائي تيل، يا گئس ڳولڻ لاءِ چين يا جپان، يا ان قسم جي ڪنھن ملڪ کان ماھرن جي ٽيم آيل ھئي، سندن مان ۾ ان محڪمي طرفان منجھند جي ماني، بلڪه لنچ ڏني ويئي ھئي. ھنن اسان جي محڪمي واري صاحب کي به سڏايو ھو. اسلام آباد ۾ ان قسم جا کاتا روز پيا کائين ! آسٽريليا، آمريڪا، ڪينيڊا، جرمني، انگلينڊ وغيره کان ماھرن جي ڪا نه ڪا ٽيم اسلام آباد ۾ روزانو ايندي آھي. تيل، گيس، قيمتي پٿرن، معدنيات، زراعت، ايٽمي توانائيءَ تي ڳالھه ٻولھه ھلندي آھي. ڳالھه ٻولھه دوران منجھند مھل لنچ به ھلندي آھي، جنھن ۾ ھڪ محڪمي جا صاحب ٻين محڪمن جي صاحبن کي دعوت ضرور ڏيندا آھن. اھو ذري گھٽ روز جو معمول آھي. اسان وارو صاحب ڏاڍو حرفتي آھي. ھو فقط ھاليڊي ان، پرل ڪانٽينينٽل ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ ڏنل لنچ جي دعوت تي ويندو آھي. دل جو مريض آھي، تنھنڪري فقط تريل مڇي ۽ روسٽ چڪن تي طبع آزمائي ڪندو آھي. پنھنجي صحت جو ڏاڍو خيال رکندو آھي. لنچ کائڻ کان پوءِ صاحب آفيس بدران گھر ھليو ويندو آھي، ۽ ڍوَ تي منجھند جي ننڊ ڪندو آھي. ان لاءِ ھن ڊاڪٽرن کان سرٽيفڪيٽ وٺي ڇڏيو آھي. ٻه چار دفعا آمريڪا ۽ انگلينڊ مان دل، دماغ، گُڙدن، ڦڦڙن ۽ جگر جي چڪاس سرڪاري خرچ تي ڪرائي آيو آھي.
تيل. گيس، قيمتي پٿر، وغيره ڳولڻ وارن غير ملڪي ماھرن جي مان ۾ ڏنل لنچ تي صاحب اڌ ڪلاڪ کن اڳ روانو ٿي ويو ھو. صاحب جي وڃڻ کان پوءِ، خدا جي ڪنھن به نيڪ بندي، ورانڊي ۾ تڏا فراسيون نه وڇايون، خدا جا سمورا نيڪ بندا ننڍڙن ننڍڙن ٽولن ۾، منجھند جي، يعني ظھر جي نماز لاءِ ٽي چار ميل پري، ڪنھن عالمگيري، غزالي، حنفي، مالڪي، حنبلي مسجد ڏانھن روانا ٿي ويا، ڏسندي ئي ڏسندي آفيس خالي ٿي وئي. آفيس ۾ رڳو مان ۽ ڪجھه ٽيليفونون، سي به ويچاريون بي يارو مدد گار رھجي ويون. بي يارو مددگار ٽيليفونون ڏسي منھنجي وات مان گگ لڙي پوندي آھي، رسيور کڻي ويھي رھندو آھيان، ويٺو نمبر ڦيرائيندو آھيان. سمورن شھرن ۾ واقفڪارن کان موسم جو حال احوال، ۽ دال چانورن جا اگهه پڇي، آخر ۾ ڏائڻ سان ڳالهائيندو هوس. ڏائڻ کي متان سچي پچي ڏائڻ سمجهو. نالو اٿس، شالي.
سموري ملڪ مان موسم جو حال ۽ دال چانورن جا اگهه معلوم ڪرڻ کانپوءِ مون سنگتين ساٿين جي خيريت پڇڻ لاءِ حيدر آباد جو نمبر ڊائل ڪيو.
پڇيومان : ڪي يار دوست ڇڏيائون، يا سڀني کي کچڻي ڪري ڇڏيائون؟
جواب مليو : اڌر خير لگا پڙا هي، شينهن اور بڪري ايڪ هي گهاٽ سي پاڻي پينا پڙتا هي، يڪجهتي ڪا دلخراش مظاهرا هونا پڙا هي. تم اسلام آباد ۾ ڪيا ڪرنا پڙا هي؟
وراڻيم : هم اسلام آباد ۾ توي سي اپنا منهن ڪالا ڪرتا پڙا هي، اور لوڪ گيت گانا پڙا هي. جبل تي طوطو، خط نه تنهنجو پهتو.
رسيور رکندي، الائي ڇو منهنجو هٿ ڪنبي ويو. اڌ رنگ !
نه، اڌ رنگ انهن کي ٿيندو آهي، جن کي ڪو رنگ هوندو آهي. مان بي رنگ آهيان. ته پوءِ ، منهنجو هٿ ڇو ڪنبي ويو !
عين ان وقت چارڻ چريو ڊوڙندو آيو. دلبر ماڻهو هو. رات جاڳي گذاريندو هو، ۽ ڏينهن جو خواب ڏسندو هو. چارڻ ان ڳالهه تي ڏاڍو خوش هو ته، موهن جي دڙي ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ موريون ڍڪيل هونديون هيون.
مون چارڻ ڏانھن ڏٺو، پگھر ۾ شم ! سھڪي رھيو ھو
سھڪندي چيائين، ' گلاب گونگي کي آبپاره وٽان گرفتار ڪري وٺي ويا آھن.'
ڇو؟ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
رات پاٺي تي مارڪر سان وڏن اکرن ۾ لکيو ھئائين ته ”اسلام تون ڪٿي آھين؟ ڳوٺ ۾ سڀئي تنھنجي لاءِ فڪرمند آھن !“
” ھا لکيو ھئائين “
” آبپاره وٽ پاٺو مٿي ڪري بيھي رھيو، ماڻھو اچي مڙيا “
”ھنگامو ٿي پيو ڇا؟ “
” نه.“
” ته پوءِ گرفتار ڇو ڪيائونس؟ “
چارڻ پنھنجي مخصوص لھجي ۽ انداز ۾ سمورو احوال ڏنو ؛ اسلام لاءِ سنڌيءَ ۾ لکيل نعري وارو پاٺو، ڪوڪن سان بانس جي لڪڙي تي ٺوڪي، گلاب گونگو صبح جو ڏھين لڳي آبپاره وٽ اچي بيٺو. ڪجھه ماڻھن کي سنڌيءَ ۾ لکيل نعرو سمجھه ۾ نه آيو. ھجوم گڏ ٿي ويو. ڊيوٽي تي موجود سپاھين جو ڏانھنس ڌيان ڇڪجي ويو. ھنن کي سنڌيءَ ۾ لکيل عبارت سمجھه ۾ نه آئي. گلاب سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائون، گلاب چپ. عبارت ۾ فقط ھڪ لفظ سمجھه ۾ آين، اسلام ! بيٺي پير فيصلو ڪيائون ته پڪ تخربيڪار آھي، ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ھليو آيو آھي. گلاب گونگي کي مُڪون ۽ ٿڏا ھڻندا آبپاره ٿاڻي ڏانھن وٺي ويا.
سوچيم، مدد لاءِ ڪھڙي دوست کي فون ڪجي، سڀ کان اڳ مُراد ٺاٺاري جو خيال آيو، وڏي رھائيءَ وارو آھي. ايف آئي اي ۾ ڪافي اثر رسوخ اٿس. کارڪن ۽ ماکيءَ جي شيشن سان اڌ اسلام آباد کي مُٺ ۾ ڪري ورتو اٿائين. سندس نمبر ڊائل ڪيم،
رسيور مان آواز آيو، ” ھلو، مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ.“
باڊي بلڊرن جھڙو متارو آھي. آواز به متارو اٿس، جھڙو ڦاٽل دھل ! چيم، ” ڇا پيو ڪرين “
” اڙي جاني! جاني تون آھين ڇا “
” ھا، مان آھيان. ٻڌاءِ ته ھن وقت ڇا پيو ڪرين.“
” فائيلن جو ويٺو ٻيڙو ٻوڙيان.“
” تنھنجي مدد گھرجي – ھڪدم “
” وري ڪنھنجي اسڪوٽر جو چالان ٿيو آھي ڇا؟ “
” گلاب گونگي کي گرفتار ڪري وٺي ويا آھن.“
”ڇو ! ڇا ڪيائين ! “
” ڪيائين ته ڪجھه به نه. اسلام لاءِ بينر کڻي آبپاره وٽ بيٺو ھو. تخربيڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪري ويا اٿس.،
مراد ٺاٺارو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
ڪجھه دير کان پوءِ چيو مانس، ” لائين تي آھين، يا ڪٽجي ويو آھين؟ “
” ھاڻي ھيئن ٿا ڪريون، جاني ! کنگھار ڪندي چيائين ” مان پوليس عملدارن سان ڳالھان ٿو. تون پنھنجي نمبر تي آھين نه؟ “
چيم، ” ھا، پر دير نه ڪجانءِ، سَچ ڪرائڻ جي چڪر ۾ ماري نه وجھنس. “
” تون فڪر نه ڪر جاني ! چيائين، اڌ ڪلاڪ اندر موٽائي فون ٿو ڪريانءِ. “
مون رسيور رکي ڇڏيو.
چارڻ چريو ڏاڍو فڪرمند ھو. چيائين، ” مُراد ٺاٺارو وڏو چڪرباز آھي. تون ٻئي ڪنھن سان ڳالھاءِ. “
نه يار. چيم، ” ياد اٿئي دُرل مانجھيءَ کي ڪوارٽر وٺي ڏيڻ ۾ ڪيڏي مدد ڪئي ھئائين. “
” اُھا ٻئي ڳالھه ھئي. “ چارڻ چيو، ھي پوليس جو معاملو آھي.
ڇا جو پوليس جو معاملو آھي ! خفي ٿيندي چيم، ” گلاب ڪا چوري ڪئي آھي، ڪو ڌاڙو ھنيو آھي ! “
تون ڇا تون سمجھين ! چارڻ چيو، ” ھي جو پوليس ماڻھن کي روزانو ھِتان ھُتان گرفتار ڪندي آھي سي سڀئي چور، ڌاڙيل ۽ قاتل ھوندا آھن ! “
” تون سوشل ڪرٽڪ،سماجي نقاد آھين، تو کي فقط عيب نظر ايندا آھن. “
چارڻ کي سمجھائيندي چيم، ”اصل ۾ ويچارو مُراد ٺاٺارو ايڏو چڪر باز ناھي، جيڏو تون کيس سمجھين ٿو. “
چارڻ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”جيڪي ماڻھو وار ڪارا ڪري، ٿري پيس پائي ۽ وات ۾ چروٽ يا پائيپ وجھي پرسنلٽي ٺاھي ھلندا آھن، سي بنيادي طرح جُڙتو ۽ بنڊل ھوندا آھن. “
ھاڻي ھئين ٿا ڪريون. چيم، ” بحث ۾ مٿو خراب ڪرڻ بدران چانھه ٿا ٺاھيون.“
مان اٿي چانھه ٺاھڻ لڳس.
چارڻ چيو، ”جيستائين مراد ٺاٺارو فون تي ڪو بنڊل ھڻندو، تون چانھه ٺاھيندين، تيستائين پوليس وارا گلاب گونگي کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيندا. “
مون دل ۾ محسوس ڪيو ته چارڻ چرئي سچ پئي چيو. پر، سنگت ۾ مراد ٺاٺارو سڀني کان وڌيڪ رھائيءَ وارو ھو. پبلڪ رليشنگ خاطر ھو اسلام آبادين کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ٽن سنڌ جي ماکي چٽائي چڪو ھو. مون کي پڪ ھئي ته گلاب گونگي کي پوليس جي چنبي مان ڇڏائڻ ۾ مراد ٺاٺاري کان وڌيڪ با اثر دوست ٻيو ڪو به نه ھو.
چانھه ٺاھي، ماٺ ڪري ويھي رھياسين. رکي رکي سرڪيون ڀريندا رھياسين. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ فون جي گھنٽي وڳي. مراد ٺاٺاري چيو، ”معاملو سنگين آھي جاني ! پوليس آفيسرن کي پڪ آھي ته گلاب گونگو تخربيڪار آھي. ھندستان جي سيڪريٽ سروس جو ميمبر آھي. “
” بڪواس آھي. “ مون کان رڙ نڪتي، چيم ، مان ٿو وڃان ايس. ايڇ. او جي ٻچي سان ڳالھايان.
نه جاني، نه ! مراد ٺاٺاري ھڪدم چيو، اھڙي غلطي نه ڪجانءِ ! پوليس گلاب گونگي جي ساٿين کي تلاش ڪري رھي آھي.
” يعني؟ “
گلاب گونگو تو وٽ رھيل آھي. مراد ٺاٺاري چيو، ”پوليس تو کي تلاش ڪري رھي آھي. “
” پوليس مون کي تلاش ڪري رھي آھي ! “
” ھا جاني ! پوليس تو کي تلاش ڪري رھي آھي“ مراد ٺاٺاري چيو، ”منھنجي مَڃ، ڪجھه عرصي لاءِ روپوش ٿي وڃ. “
مون رسيور رکي ڇڏيو ۽ چارڻ چرئي ڏانھن ڏٺو.