ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

51

وڪيلن سان ملڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ مون کي بظاھر ڪو به عار نه ھو. عدالتن ۾ مقدمو وڙھڻ لاءِ وڪيلن سان ملڻ لازمي ھو. پر، مون کي انھن ٻن وڪيلن سان ملڻ واري ڳالھه پسند نه آئي، جن اڌ ٺھيل عمارت ۾ منھنجي تلاش دوران شاليءَ جي باري ۾ گٿا لفظ ڳالھايا ھئا. مان منجھي پيس. شاليءَ کي سڌو سنئون انڪار ڪري نه سگھيس. ھن منھنجي لاءِ ايترو ڪجھه ڪيو ھو، جو سندس ڪنھن تجويز کي رد ڪري ڇڏڻ ڏکيو محسوس پئي ٿيو. مٿس ايندڙ آفتن جو پوريءَ ريت ته مون کي اندازو نه ھو، پر پوليس جو اچڻ ۽ جنت کان پڇا ڪرڻ ايندڙ مصيبتن جو مھاڳ محسوس ٿيو ھو.
” ڇا پيو سوچين؟“ شاليءَ پڇيو، ” وڪيلن واري ڳالھه ٻڌي تون خاموش ڇو ٿي ويو آھين؟“
پڇيم، ” وڪيلن سان ملڻ ضروري آھي ڇا؟“
ھڪدم چيائين، ” ڪمال آھي ! اسين ڪيبنيٽ جي فيصلي کي اعلي عدالتن ۾ چئيلينج ڪري رھيا آھيون، ۽ تون پڇين ٿو ته وڪيلن سان ملڻ ضروري آھي !“
چيم، ” منھنجي چوڻ جو مطلب ھو، ته وڪيلن کي جيڪڏھن تحريري بيان يا سموري معلومات ڏيئي ڇڏجي بھتر نه آھي؟“
” ان جي باوجود، مان سمجھان ٿي ھو تو کان ڪجھه وڌيڪ پڇڻ چاھيندا.“
شاليءَ چيو، ” عام رواجي الزام ھجي ھا ته تحريري بيان سان ڪم ڪڍي وٺجي ھا، دھشتگرديءَ ۽ تخربيڪاريءَ جھڙن الزامن جو جواب اڇاتري نموني ٺاھي نٿو سگھجي.“
مان وري به دل جي ڳالھه زبان تي آني نه سگھيس. کيس ڪيئن ٻڌايان ھا ته سندس سموري ڳالھه منھنجي سمجھه ۾ آئي پئي، پر مان بيھودن وڪيلن سان ملڻ لاءِ ذھني طرح تيار نه ھوس، جن سندس باري ۾ بد شد ڳالھايو ھو. مون کي پنھنجي سوچ تي تعجب ٿيو. حالتن جي بيرحميءَ جي باوجود شالي منھنجي زندگيءَ ۾ محور وانگر موجود ھئي.
” ڏس نه جوڳي ! شالي چيو، ” معاملو، ۽ ڪيس، بلڪه الزام جي نوعيت سنگين آھي. تو تي تخربيڪاريءَ جو الزام آھي. ۽ اتفاق سان سنڌ ۾ تخربيڪاري ۽ دھشتگردي اوج تي آھي.“
” پر، ان سان منھنجو ڪھڙو تعلق آھي ! مون احتجاج ڪندي چيو، ” نه مان دھشتگرد آھيان، ۽ نه سنڌ ۾ ٿيندڙ حادثن ۽ معاملن سان منھنجو ڪو تعلق آھي.“
” اھوئي ته اسان کي ثابت ڪرڻو آھي.“ شالي چيو، ” خبر اٿئي ته واقعاتي ثبوت ڪھڙي نموني تنھنجي خلاف ھليا ويا آھن.“
مون غور سان ڏانھنس ڏٺو.
چيائين، ” گذريل مھيني تون ھڪ ھفتي جي موڪل تي ويو ھئين نه !“
چيم، ” ھا، منھنجي ماروٽ ڪريم بخش ڪنگلي جي شادي ھئي.“
چيائين، ” ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ حيدرآباد ۾ موٽرن مان ماڻھن تي گوليون ھلايون ويون ھيون، ۽ سکر جي ايئرپورٽ وٽ بم جو وڏو ڌماڪو ٿيو ھو.“
ھڪدم چيم، ” اھو محض اتفاق آھي.“
چيائين، ” اسان کي اھو ثابت ڪرڻو آھي ته اھو سڀ ڪجھه محض اتفاق آھي.“
مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڪيئن دل جي ڳالھه ٻڌايان، مون کي احساس ھو ته سندس آپريشن کي مشڪل سان اٺ نو ڪلال گذريا ھئا. ھوءَ ڪمزور ھئي، نٻل ۽ نستي ھئي. کيس آرام جي سخت ضرورت ھئي.
کيس ٽارڻ ۽ سندس ڌيان مٽائڻ خاطر چيم، ” شالي، وڪيلن سان ملاقات ھڪ ٻن ڏينھن لاءِ ملتوي به ته ڪري سگھجي ٿي ! ھن وقت تو کي آرام جي سخت ضرورت آھي.“
” نه جوڳي نه“ شالي چيو، ” وقت ھٿن مان نڪرندو پيو وڃي. ھن وقت اسان وٽ پختو ثبوت آھي ته تنھنجو سنڌ ۾ ٿيندڙ تخربيڪارين سان ڪو به واسطو ڪونھي.“
” ثبوت !“ تعجب وچان پڇيم، ” ڪھڙو ثبوت؟“
چيائين، ” تو ٻه چار ڏينھن دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجري ۾ گذاريا ھئا نه؟ “
وراڻيم، ” ھا، گذاريا ھيم.“
چيائين، ” ۽ تو پنھنجي اکين سان ڀاڄين جي ڊھ ھيٺان ھٿيار سنڌ ڏانھن سمگل ٿيندي ڏٺا ھئا.“
تعجب وچان چيم، ” ھا، ڏٺا ھيم.“
چيائين، ” ۽ ڊاڪٽر دراني جي اسپتال ۾ به تو کي اھڙا ثبوت مليا ھوندا ته افغان جنگ لاءِ آمريڪا ۽ يورپ مان آيل ھٿيارن جي کيپ مان ھڪ وڏو تعداد ھٿيارن جو ملڪ جي مختلف حصن، خاص ڪري سنڌ ڏانھن سمگل ٿي رھيو آھي؟“
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
چيائين، ” اسان کي اھو ثابت ڪرڻو آھي ته جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران افغان جنگ لاءِ آيل ھٿيارن جي امداد مان وڏي تعداد ۾ ھٿيار ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ وراھيا ويا ھئا، ۽ سنڌ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھئي، جنھن جا نتيجا ھينئر واضع نموني سامھون اچي رھيا آھن.“
” ڏس شالي، ۽ منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ.“ چيم، ” مون کي تنھنجي زندگيءَ عزيز آھي. سنڌ ۾ ھٿيار ضياءَ وراھيا ھئا. يا ايوب خان، ان سان مون کي تر جيتري به دلچسپي نه آھي. تون آرام ڪر. مان وڃان ٿو.“
مان اٿي بيٺس. ” ترس جوڳي، ائين نه وڃ.“ مون کي روڪيو.
مان بيھي رھيس. مون کي پاڻ ڏانھن سڏ ڪيائين. چھري تي عجيب قسم جي گنڀيرتا ھئس. مون کي ويھڻ لاءِ چيائين. مان سندس ڀرسان ويھي رھيس. منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ جھليندي چيائين، ” جوڳي، مون کي ڪا خبر ڪانھي ته ڇا ٿي رھيو آھي، ۽ ڇا ٿيڻ وارو آھي. مان تو کي سياست جي قربانگاھ ۾ ٻليدان ٿيڻ نه ڏينديس.“
چيم، ” ڪجھه به ته نه ٿي رھيو آھي، شالي! تون اجايو پريشان ٿي رھين آھين. تون آرام ڪر. پاڻ صبح جو ڳالھائينداسين.“
” نه، جوڳي نه.“ ھڪدم چيائين، ” صبح ۽ سڀاڻي جون ڳالھيون نه ڪر. ضد نه ڪر.“
دل کي جھوٻو آيو. شاليءَ جي تشويش مان اندازو لڳايم ته جيڪي ڪجھه ٿي رھيوھو، يا جيڪي ڪجھه ٿيڻ جو انديشو شاليءَ کي محسوس ٿي رھيو ھو، سو سندس وس کان ٻاھر ھو. الائي ڇو محسوس ڪيم ته اسان ٻنھي لاءِ ھڪٻئي کان ھميشه جدا ٿي وڃڻ جو وقت ڄڻ ويجھو اچي رھيو ھو.
” شالي! “ مان ڦٿڪي پيس. چيم، ” مون کان جدا نه ٿجانءَ شالي. مان سمجھان ٿو، مان سمجھي سگھان ٿو، اسان لاءِ آزمائشن جو وقت ويجھو اچي پھتو آھي. مان سوريءَ تي ساھ ڏيئي ڇڏيندس، پر جيئري تو کان جدا ٿي نه سگھندس. مان تو کان جدا ٿي نه سگھندس.“
” سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به؟“
” اھو ڄاڻيندي به ته مان ٻه دفعا شادي ڪيل آھيان؟“
” ھا، اھي ڳالھيون منھنجي لاءِ بي معني آھن.“
” اھي ڳالھيون بي معني ناھن، جوڳي، بي معني ناھن.“
” تون منھنجي لاءِ اھم آھين. ان ھڪ حقيقت کان اڳتي سموريون حقيقتون بي معني آھن. بي مطلب آھن.“
چپن تي مُرڪ تري آيس. ٻئي ٻانھون مٿي ڪري مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتائين. نرڙ تان واري پري ڪري ڇڏيائين. مون کي ٻنھي اکين تي پيار ڪيائين. سندس اھو انداز مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. عورت بنيادي طرح ماءُ آھي. ھوءَ ھر مرد ۾ ھڪ ٻار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.
چيم، ” ھاڻي اھو نه چئجان ته ڪتابن جو ٿيلھو کڻي اسڪول ھليو وڃان.“
کيس کل نه آئي. چيائين، ” ۽ اھا به خبر اٿئي ته مان خفيه ايجنسين لاءِ ڪم ڪندين آھيان؟“
چيم، ” ھا، مون کي خبر آھي.“
ٿڌو ساھ کنيائين. ڪافي دير تائين ڪجھه نه چيائين. اک ڇنبڻ بنا مون ڏانھن ڏسندي رھي.
پڇيم، ” ڇا پيئي ڏسيئن؟“
بظاھر جواب مون کي ڏنائين، پر ڄاڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھايائين. ” اڳ ڇو نه مليا ھئاسين ڪيڏي نه دير سان مليا آھيون !“
چيم، ” ڇا اھو ڪافي ناھي ته پاڻ مليا آھيون.“
چيائين، “ ڌڪ ۽ ڌڪا زندگيءَ کان سونھن کسي وٺندا آھن. توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجھه به ڪونھي.“ اکيون آليون ٿي پيس.
” اڙي ! چري ! “ چيم، ” بي خبريءَ ۾ مون کي ايترو ڪجھه ڏيئي ڇڏيو اٿئي جو مون ڪنگال جي جھوليءَ ۾ جاءِ نه بچي آھي. سڀ ڪجھه ته مون کي ڏيئي ڇڏيو اٿئي!“
شال جي پَلو سان اکيون اگھُي ڇڏيائين. چيائين،” مون کي پاڻي ڏي.“
سائيڊ بورڊ تي رکيل ٿرماس مان پاڻي جو گلاس ڀري کيس ڏنم. اڌ گلاس سُپ سُپ ڪري پي ويئي. سوچيندي رھي. وري ساڳي موضوع تي موٽي آئي. چيائين، ” تنھنجو وڪيلن سان ملڻ تمام ضروري آھي.“
دل پڪي ڪندي چيم، ” جيڪڏھن ساڳيا آھن، اڌ ٺھيل عمارت ۾ تو سان گڏجي آيا ھئا، ته پوءِ ھنن سان نه ملنديس.“
پڇيائين، ” ڇو؟“
چيم، ” تنھنجي باري ۾ گٿا لفظ ڳالھايا ھئائون.“
” مون کي خبر آھي. في کان وڌيڪ ھنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري ھئي.“ شاليءَ چيو، ” پر ھي ٻئي ٻيا وڪيل آھن. تمام ذھين آھن، ۽ انساني حقن واري تنظيم لاءِ پاڪستان ۾ ڪم ڪندا آھن.“
مان ڏانھنس ڏسندو رھيس، ۽ ڳالھه ٻڌندو رھيس.
شاليءَ چيو، ” تنھنجي سنڌ صوبي جي بدامنيءَ، بينظير جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آھي. جنرل اسلم بيگ جي طرفان مارشل لا جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.“
ھن جو اھڙي طرح سياست تي ڳالھائڻ مون کي ڏاڍو عجيب پئي لڳو.
چيائين، ” مارشل لا جي نالي ۾ ھن ملڪ ۾ وڏا ڪيس ٿيڻا آھن. جن تي به دھشتگرديءَ ۽ تخربيڪاري جي مھر لڳل ھوندي، تن کي گولين سان اڏائڻ ۾ ھڪ منٽ به دير نه ڪندا. ماڻھن جي دلين ۾ دھشت ويھارڻ لاءِ کين ان کان بھتر موقعو ڪڏھن به نه ملندو.“
پڇيم، ” تون ڇا ٿي چاھين؟“
چيائين، ” ان کان اڳ جو بينظير جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿئي، ۽ مارشل لا لڳي. تنھنجو مقدمو اعلي عدالت ۾ داخل ٿيڻ گھرجي.“
چيم، ” پر، ڪيبينيٽ دھشتگردن ۽ تخربيڪارن کي ضمانت نه ڏيڻ جو قانون پاس ڪري ڇڏيو آھي.“
” تون دھشتگرد نه آھين.“ شاليءَ چيو، ” وڪيل تو کي گرفتاري لاءِ عدالت آڏو پيش ڪندا.“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
چيائين، ” ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ڪونھي. ملڪ جي سرحدن تائين فرار لاءِ پھچي نه سگھندين. ملڪ ۾ ھوندين ته افغان گوريلا تو کي ماريندي ويرم نه ڪندا. ٻئي طرف پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا تنھنجي رت جا پياسا آھن. بھتر واٽ اھائي آھي ته تو کي گرفتاريءَ لاءِ عدالت آڏو پيش ڪجي.“
گرفتاري جو لفظ ٻڌي، منھنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. دل ڦٿڪڻ لڳي.
شاليءَ چيو، ” وڪيلن کي تو کي بيگناھ ثابت ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي. اسين روھڙي مان شاھد گھرائينداسين ته تون تارا چند نه آھين، ۽ گلاب، گلاب چند نه آھي. ڪجھه وقت ضرور لڳندو، پر تون افغان گوريلن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪمانڊرن جي گولين جو بک ٿيڻ کان بچي ويندين.“
مون کي شاليءَ عجيب مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ھو. مون گرفتاري لاءِ ھڪ منٽ به نه سوچيو ھو.
شاليءَ چيو، ” اسين عدالت کان تنھنجي حفاظت جي خاطري جي ضمانت وٺنداسين.“
ان وقت مون ھڪ ٻن وڏين گاڏين جي اچڻ ۽ بيھڻ جو آواز ٻڌو. گيسٽ روم جي ھڪ دري پورچ ڏانھن ھئي. پورچ جا آواز واضع نموني گيسٽ روم ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيا.“
شاليءَ چيو ، ” پڙدو نه ھٽائجانءَ. احتياط سان وٿي ڪري ڏس ته ڪير آيو آھي.“
مون پڙدي کي وٿي ڪري ٻاھر ڏٺو. خاڪي وردين ۾ ملبوس ڪجھه فوجي جوان ٻن جيپن مان لھي رھيا ھئا. دريءَ وٽان ھٽندي چيم، ” فوجي آھن.“
شالي گنڀير ٿي ويئي. جنت در کڙڪائي ڪمري ۾ ھلي آئي. شاليءَ سان مخاطب ٿيندي چيائين، ” ميڊم، ميجر پرويز سليم آيو آھي.“
شاليءَ اطمينان سان چيو، ” کيس ٿوري دير لاءِ ڊرائنگ روم ۾ ويھار.“
جنت ھڪدم ھلي ويئي.
شاليءَ چيو، ” تون فڪر نه ڪر. منھنجي خيريت پڇڻ آيو ھوندو. تون منھنجي بيڊ روم ۾ ھليو وڃ.“
مان در ڏانھن وڌي ويس. شاليءَ مون کي آھستي سڏ ڪيو. مان بيھي رھيس.
منھن ورائي ڏانھنس ڏٺم. وک کڻي سندس ڀرسان وڃي بيٺس.
شاليءَ چيو، ” اھو درست آھي ته مان خفيه ايجنسين لاءِ ڪم ڪندي آھيان. پر، اھو امڪان کان ٻاھر آھي جو ڪڏھن تو کي دوکو ڏيان.“
مون ڪجھه نه چيو.
ھن پنھنجو ھٿ اڳتي ڪيو. مون کيس پنھنجو ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. چيائين، ” مون کان ڪڏھن به بدگمان نه ٿيجان ءِ. جوڳي.“
سندس ھٿ تي پيار ڪيم. ۽ چيم، ” چاھتن جي راھ ۾ يقين لاءِ تصديق جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آھي.“
مان گسيٽ روم مان نڪري شاليءَ جي بيڊروم ڏانھن ھليو ويس.