5
چارڻ مون کي ھڪ اڌ ٺھيل جاءِ وٽ ترسڻ لاءِ چيو، ۽ پاڻ ڀاڄين جي لالي واپاريءَ جي ڳولا ۾ ھليو ويو. واٽ تي مون کي ٻڌايو ھئائين ته لالي جو نالو دلبر خان ھو، ۽ پاراچنار جو رھاڪو ھو. افغانستان ۾ خانه جنگي شروع ٿيڻ کان پوءِ ذري گھٽ روزانو سندس ڳوٺ تي راڪيٽن ۽ بمن جو وسڪارو ٿيندو ھو. ڪجھه عرصي تائين ھن ۽ ڳوٺ جي ٻين نوجوانن افغانستان جي خانه جنگيءَ ۾ خود حصو ورتو. روزانو سرحد ٽپي روسي ۽ افغانستان جي سرڪاري فوجين تي حملو ڪري موٽي ايندا ھئا. پر پوءِ اڳتي ھلي، جنگ جي شدت جڏھن وڌي ويئي ۽ پاراچنار جي ڳوٺن جا ماڻھو بمن ۽ راڪيٽن جي وسڪارن ۾ مرڻ لڳا، تڏھن دلبر خان جي مائٽن مٽن ڳوٺ جي ٻين قبيلن سان ڪوچ ڪيو، ۽ سرحد، ۽ پنجاب جي مٿانھين حصن ۾ ورھائجي ويا. دلبر خان کي اسلام آباد ڏاڍو وڻيو. سندس مائٽ مٽ پشاور ۾ سُڪي ميوي، ٽامي ۽ پتل جي ٿانون جا دڪان کولي ويھي رھيا، دلبر خان ڀاڄين جو واپار شروع ڪيو. کيس ٽويوٽا پڪ اپ ھئي، ۽ ھو اڌ رات جو اٽڪ وٽان ڀاڄيون ڀري روانو ٿيندو ھو، ۽ اسر ويل اسلام آباد جي سبزي منڊيءَ ۾ اچي ٺڪاءُ ڪندو ھو.
بدحواسيءَ وچان، مون چارڻ کان اھو نه پڇيو ته دلبر خان سان سندس دوستي ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي ھئي. جيستائين مون کي ياد پئي آيو، ھن ڪڏھن به دلبر خان جو ذڪر نه ڪيو ھو. سنگت ساٿ ۾ ڳالھين ٻولھين دوران حوالي طور به سندس واتان دلبر خان جو نالو نه نڪتو ھو. اڌ ٺھيل جاءِ جي اوٽ ۾، سيءَ وچان ڪنبندي، مون کي وھم ورائي ويا. مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مراد ٺاٺاري کي دعائون ڏيان، يا بددعائون ڏيان، جنھن کي مون روپوش ٿيڻ جو مشورو ڏنو ھو ! روپوش نه ٿيڻ جي صورت ۾، سپاھي مون کي به گلاب گونگي سان گڏ لاڪ اپ ۾ وڃي ھڻن ھا، ٻن چئن ڏينھن جي گُڏ کان پوءِ رمانڊ وٺي دل تي ڪُٽ ڪڍن ھا، ۽ آخر ۾ دھشت گرديءَ جو الزام مڙھي جيل روانو ڪرائي ڇڏين ھا ! سوچيم، مراد ٺاٺاري جو مشورو نيڪ ھو. تڏھن اوچتو مون کي گلاب گونگي جو خيال آيو. تفتيش جي نالي ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون تعديون ڪيون ھوندائونس ! ڪھڙي ڪھڙي نموني ماريو ھوندائونس ! ڪھڙا ڪھڙا عذاب ڏنا ھوندائونس ! مون کي پڪ ته ڪونھي، پر مان سمجھان ٿو، سموري ايشيا کنڊ ۾، تفتيش جي نالي ۾، سڀ کان ڀوائتا ۽ روح فنا ڪندڙ عذاب اسان وٽ ڏنا ويندا آھن. جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته پوءِ سپاھين کان وٺي اعلا عملدارن تائين پوليس وارن جون شڪليون ايتريقدر مڪروھ ۽ ڀوائتيون نه ھجن ھا.
مون کي گلاب گونگي تي ڏاڍو رحم آيو. سوچيم، اڄوڪي ھڪ رات ۾ سندس بڻ ڪڍي ڇڏيندا. ھو سندن واھيات سوالن جا ڪھڙا ۽ ڪيئن جواب ڏيندو ! ھو جيئن جيئن خاموش رھندو، جيتريقدر خاموش رھندو، اوتريقدر مٿس تشدد ٿيندو ! پوليس وارن کي ڪيئن خبر پوندي ته گلا ب اصل ۾ گونگو آھي، کين ڪيئن خبر پوندي ! کين ڪير ٻڌائيندو ته وات ۾ زبان ھئڻ جي باوجود گلاب گونگي ڪڏھن به نه ڳالھايو آھي.
ھو گلاب کي ماري ڇڏيندا !
مان ڦٿڪي پيس. مون کي روھڙيءَ ۾ پنھنجي مٽن مائٽن تي سخت ڪاوڙ آئي. قاضي محمد اسلام کي ڳولڻ لاءِ ھنن گلاب کي اسلام آباد ڇو موڪليو ھو ! ڇا مان ڪافي نه ھوس ! مون کي به ھنن اسلام کي ڳولڻ لاءِ اسلام آباد روانو ڪيو ھو. گلاب مون کان تعليم ۾ سرس آھي. پر، ھو مسڪين مون وانگر آڙيڪاپ نه آھي. ھو چلتو پُرزور نه آھي. بازيگر قسم جي شعبده باز، تقريرون ڪرڻ وارن جي صديءَ ۾ گلاب گونگي جو وجود بي معنا آھي. ھن صديءَ ۾ خاموشي تدبر جي نشاني نه آھي. ھيءَ صدي بڪواس، ۽ بڪواس ڪرڻ وارن جي صدي آھي. ھن صديءَ ۾ خاموش رھڻ وارا سوريءَ جي سينگار ٿي ويندا آھن.
گلاب گونگو سوريءَ جو سينگار ٿي ويندو ! منھنجي مائٽن، گلاب گونگي کي امڪان کان ٻاھر مھم تي روانو ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي ! گلاب کي ڪيئن بچائجي؟
ڪيئن بچائجي؟
سوچيم، مان، ڪٿان نه ڪٿان فون ڪري پوليس وارن کي ٻڌائيندس ته گلاب اصل ۾ گونگو آھي. ھن پنھنجي خاموشي سان لفظن جي حرفت کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آھي. ھو دھشت گرد نه آھي. ھو مون آواره گرد جو دوست آھي ! ھو آواره گرد آھي، دھشت گرد نه آھي.
مون ھيڏانھن ھوڏانھن فون لاءِ واجھايو،
ھر طرف گگھه اونده ۽ خاموشي ۾ گدڙن جي اونائڻ ۽ ڪتن جي ڀونڪڻ جي آواز کان سواءِ ڪجھه نه ھو. سرد ھوائن کي سڙيل ڳريل ڀاڄين جي بدبوءِ برداشت کان ٻاھر ڪري ڇڏيو. مون نڪ ۽ وات تي ھٿ رکي ڇڏيو. نڪ ٺري برف ٿي پيو ھو.
ايتري ۾ اڌ ٺھيل جاءِ جي کاٻي پاسي واري گھٽيءَ مان ھڪ پڪ اپ ظاھر ٿي. گگھه اونده ۾ پڪ اپ جي تيز روشني اکين ۾ چڀڻ لڳي. پڪ اپ منھنجي سامھون اچي بيٺي. پڪ اپ جا ٻئي در ساڳئي وقت کليا. ھڪ طرف کان چارڻ ۽ ٻئي طرف کان ھڪ قدآور، جانٺو جوان ٻاھر نڪري آيو. جانٺي جوان پڪ اپ جي نه انجڻ بند ڪئي، ۽ نه ئي بتيون وسايون. ھيڊ لائيٽ جي روشنين ۾ ڀت تي سندس پاڇو، ڪنھن راوڻ جي پاڇي جھڙو نظر آيو .
چارڻ ۽ جانٺو جوان منھنجي ويجھو اچي بيٺا. چارڻ مون کي چيو،”ھي دلبر خا ن آھي.“
دلبر خان ھٿ اڳتي ڪيو. مون ھٿ ھن سان ملايو. ائين لڳو، منھنجو ھٿ، رُڪ جي ٺھيل ڪنھن ھٿ ۾ وڃي پيو.
”۽ دلبر خان، ھيءُ اسان جو پڳ مٽ يار، دوست، ۽ سڄڻ ساٿي آھي.“ دلبر خان سان منھنجي واقفيت ڪرائيندي چارڻ چيو،” نالو اٿس، جوڳي.“
جيستائين منھنجو تعارف پورو نه ٿيو، دلبر خان منھنجو ھٿ نه ڇڏيو. تعارف پورو ٿيو، ته ھن منھنجو ھٿ ڇڏي ڏنو.
چارڻ چيو، ”دلبر خان ڀاڄيون کڻڻ لاءِ اٽڪ پيو وڃي. دڪان جي پٺيان سندس حجرو آھي تو کي اُتي رھڻ لاءِ چيو اٿائين.“
دلبر خان سنڌيءَ ۾ اسان جي ڳالھه سمجھي سگھيو ھو يا نه، پر مفھوم سمجھي ورتو ھو.
چيائين، ”دلبر خان جي حجري طرف اچڻ ته قياس کان ٻاھر جي ڳالھه آھي – حجري طرف اک کڻي ڏسڻ به مجال آھي. تون چارڻ جو دوست آھين، اسان جو به دوست آھين. وڃ، منھنجي حجري ۾ وڃي چلم ڇڪ، مان صبح جو ڇھين تائين ڀاڄيون کڻي موٽي ايندس.“
دلبر خان ھٿ اڳتي ڪيو. مون ساڻس ھٿ ملايو. ھن چارن کي چيو، ”پنھنجي دوست کي حجري تي ڇڏي اچ.“
اٺن – ڏھن وکن تي دلبر خان جو حجرو ھو. دڪان لنگھي، حجري ۾ داخل ٿياسين. حجري ۾ ھڪ طرف چار پنج کٽون پيون ھيون ۽ ٻئي طرف فرشي نظام ھو. ميري گلم تي ڀت سان گول ويھاڻا رکيا ھئا. اسين اندر گھڙياسين ته دلبر خان جو ھڪ ڪارندو اڳتي وڌي آيو، روايتي آڌرڀاءُ ڪيائين.
”ھن جو نالو ڪشمير خان آھي.“ چارڻ چيو ” ھيءُ دلبر خان جو خاص ماڻھو آھي.“
مون چارڻ کان ڪجھه تعجب وچان پڇيو،” اڙي بدبخت، لالن ۾ ڪيئن اچي ڦاٿو آھين؟“
”اتفاق جي ڳالھه آھي.“ چارڻ چيو، ”سکر کان ايندي ڪوئيٽا ايڪسپريس ۾ دلبر خان سان ملاقات ٿي ھئي. ماڻھو ڀلو لڳو دوستي ٿي وئي.“
کانئس پڇيم، ”پر تو اڳ ته ڪنھن سان به دلبر خان جو ڪو ذڪر نه ڪيو ھو؟ “
”موقعو ئي نه مليو، جو ڪنھن سان ڳالھه ڪريان ! “ ڳالھه لنوائي ويو. چيائين، ”تون بنا ڪنھن خوف جي ھتي آرام ڪر. سمورو حال احوال وٺي، سڀاڻي شام جو مان توسان ملڻ ايندس.“
چارڻ مون سان ڀاڪر پائي مليو. اسان ٻنھي ڪنھن لڪل درد وچان ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو. چارڻ ٻاھرئين در ڏانھن وڌي ويو. در وٽ ترسي، ڪنڌ ورائي ھن مون ڏانھن ڏٺو. چيم، ”چارڻ، پوليس وارن جي پريس ڪانفرنس ۾ ضرور وڃجانءِ. “
چارڻ ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻاھر نڪري ويو.