ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

26

ڊاڪٽر امان الله جي ڪڍ مان ايف – ٽين جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ٿيس. ھن مون کي رسيپشن وٽ ترسڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اسپتال جي انچارچ ڊاڪٽر درانيءَ جي ڪمري ۾ لنگھي ويو.
اسپتال صاف، ۽ روشن ھئي. سيءَ سبب ھيٽر ٻريا پئي. رسيپشن تي ھڪ پڪي عمر واري نرس بيٺي ھئي. پنجاھ جي لڳ ڀڳ ھئي، پر مشڪل سان ٽيھن پنجٽين سالن جي پئي لڳي. سھڻي ھئي. ساڻس گڏ ٻه ننڍي عمر واريون نرسون بيٺيون ھيون، ۽ مختلف ڪمرن ۾ داخل مريضن جا چارٽ ڏسي، ۽ ترتيب وار ٺاھي رھيون ھيون. اسپتال جيئن ته ھڪ وڏي بنگلي ۾ کولي ھئائون، تنھنڪري اسپتال جو ماحول ڪجھه ڪجھه گھريلو پئي لڳو. مون ھڪ ٻه دفعا وڏي عمر واري نرس ڏانھن ڏٺو. ھُن جي منھن تي مُرڪ تري آئي.
انچارچ ڊاڪٽر جو ڪمرو سامھون ھو. ڊاڪٽر امان الله ٻاھر نڪري آيو. مون کي پريان ئي ھٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانھن سڏ ڪيائين. مان ڊاڪٽر امان جي سامھون وڃي بيٺس. ڊاڪٽر امان چيو ، ” ڊاڪٽر درانيءَ منھنجو مامو آھي. مون تنھنجي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو آھي. اچ ته تنھنجي ساڻس ملاقات ڪرائي ڇڏيان.“
ڊاڪٽر امان سان گڏ مان ڊاڪٽر درانيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڊاڪٽر دراني قداور ۽ پُرڪشش شخص ھو. اٿي اچي مون سان ھٿ ملايائين. ڊاڪٽر امان الله پشتو ۾ کيس ڪجھه ٻڌايو. ھن کلي اچي ٻيھر مون سان ھٿ ملايو. منھنجو ھٿ لوڏيندي چيائين، ” فڪر نه ڪر. تون اسان جو مريض آھين تو کي ٽيومر آھي، ۽ ڪجھه عرصي کانپوءِ تنھنجي آپريشن ڪنداسين.“
مون تعجب وچان ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله خان ڏانھن ڏٺو. ھن جي منھن تي مرڪ ھئي. چيائين، ” تون منھنجو مريض آھين. تنھنجو نالو قلندر آھي – قلندر بخش.“
ڊاڪٽر درانيءَ منھنجي پُٺي ٺپندي چيو، ” تون ڊاڪٽر امان سان وڃي رسيپشن تي پنھنجو نالو وغيره لکاءِ.“
مون ٻيھر ڊاڪٽر دراني سان ھٿ ملايو. ھن منھنجو ھٿ ٻنھي ھٿن ۾ جھليندي چيو، ” مون کي انقلابي وڻندا آھن.“
مان وائڙو ٿي ويس. ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو. امان چيو، ” اچ،رسيپشن تي تنھنجي رجسٽريشن ڪرائي ڇڏيان.“
ڊاڪٽر دراني ڪمري جي در تائين ھليو آيو.
ڪمري مان نڪري ڊاڪٽر امان الله ۽ مان رسيپشن تي وڃي بيٺاسين. ڊاڪٽر امان پشتو ۾ سينيئر نرس سان ڳالھايو. ھوءَ ھڪ رجسٽر کڻي آھي. ڊاڪٽر امان خان پنھنجي ھٿ اکرن ۾ منھنجي باري ۾ تفصيل لکيا. تفصيل ڏسي وائڙو ٿي ويس. منھنجو نالو قلندر بخش ھو، مون کي برين ٽيومر ھو، ۽ ايندڙ ھفتي بائپسيءَ جي رزلٽ کانپوءِ منھنجو آپريشن ڪندا. مريضن جي انفراديءَ چارٽ تي لکيائين، ته منھنجو بخار نارمل ھو، پر بلڊ پريشر 100 ۽ 160 ھو. مون کي اسپيشل وارڊ جي ڪمري نمبر 8 ۾ رکيائون.
ڊاڪٽر امان الله خان چاٻيون کڻي مون کي ڪمري تائين ڇڏڻ آيو. ڪمرو ڪشادو، روشن ۽ صاف ھو. اسپتال جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ ھو، تنھنڪري نويڪلو ھو. پردو ھٽائي ڏٺم، سامھون مارگله جا جبل نظر آيا.
ڊاڪٽر امان چيو، مان شام جو تنھنجي لاءِ ڪپڙن جا ھڪ ٻه وڳا ۽ شيو جو سامان کڻي ايندس. وساري ڇڏ ته تنھنجي ڪنھن کي تلاش آھي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
ڊاڪٽر امان کان پڇيم، ” ڊاڪٽر دراني کي ڇا ٻڌايو اٿئي.“
وراڻيائين، ” ڇا جي باري ۾؟“
چيم، ” منھنجي باري ۾.“
” ڪجھه خاص نه.“ وراڻيائين، ” ته تون ھڪ پڙھيل ڪڙھيل نوجوان آھين ۽ پوليس تنھنجي ڪڍ لڳل آھي.“
پڇيم، ” انقلابي وارو قصو ڪيئن آھي؟“ کلي پيو.” مامي جو خيال آھي ته تون انقلابي آھين.“
ڪجھه سوچي ھڪدم چيائين، ” مامو پاڻ وڏو انقلابي آھي، انقلابين جي عزت ڪندو آھي.“
مون کي پاڻ کان شرم آيو.
ڊاڪٽر امان الله چيو، ” منھنجي ڳالھه ٻڌ ۽ غور سان ٻڌ. تنھنجو نالو قلندر بخش آھي. تون بيمار آھين. تو کي ٽيومر آھي.، مان ڊاڪٽر امان الله خان تنھنجو علاج ڪري رھيو آھيان. ٺيڪ آھي؟ “
چيم، ” ٺيڪ آھي.“
مون سان ھٿ ملائيندي چيائين ، ” شام جو ملنداسين، تون ھينئر بالم بڻجي آرام ڪر.“
ڊاڪٽر امان الله خان ھليو ويو.
منھنجا ڪپڙا ايتريقدر ميرا ۽ گدلا ھئا، جو اڇي اُجري پلنگ تي ليٽندي ڊپ محسوس ٿيو. پنجن ڇھن ڏينھن جي ڀڄ ڀڄان ۽ پنجن ڇھن راتين جي اوجاڳي سبب ڏاڍو ٿڪجي پيو ھوس. نه چاھيندي به مان پلنگ تي ليٽي پيس. پلنگ ايترقدر آرام ڏيندڙ ۽ نرم ۽ گرم ھو، جو ليٽڻ شرط گھيرٽن ۾وڃي پيس.
ان وقت سيئنير سسٽر ھڪ ننڍي عمر واري نرس کان چانھه جي ٽري کڻائي آئي.
مان ھڪدم اٿي ويھي رھيس.
پاسي کان پيل ميز تي چانھه جي ٽري رکي ننڍي نرس ھلي ويئي. سينئر سسٽر منھنجي لاءِ چانھه ٺاھن لڳي. پڇيائين،” کنڊ نه پيئندو آھين نه؟“
ھڪدم وراڻيم، ” ھا، پيئندو آھيان.“
پڇيائين، ”ھڪ چمچو يا ٻه.“
چيم، ” ٻه “
چانھه جو ڪوپ تيار ڪري مون کي ڏنائين. پنجن ڇھن ڏينھن ۽ راتين جي ڀڄ ڀڄان ۽ تڪليفن منھنجي حالت بظاھر ابتر ڪري ڇڏي ھئي. سينئر سسٽر چيو، ” فڪر نه ڪر، ڊاڪٽر امان الله خان نوجوان ضرور آھي، پر ٽيومرز جي علاج ۾ وڏو ماھر آھي. تون ته ھلي ڦرين پيو، ھتان، اسٽريچر تي آيل مريض نوبنا ٿي روانا ٿيا آھن.“
سوچيم، ڊاڪٽر دراني کان سواءِ اصل حقيقت کان ڪو به واقف نه آھي !
مون مرڪي سينئر نرس ڏانھن ڏٺو.
سينئر نرس چيو، ” قلندر، منھنجو نالو زيتون آھي – سسٽر زيتون.“
سندس نالو مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. زيتون ! ھوءَ جيتريقدر سھڻي ھئي، ۽ باوقار ھئي، سندس نالو به ايتريقدر سھڻو ھجي ھا ! جيئن، بينا، سسٽر بينا، سسٽر ڪيٿرين، سسٽر حنا، سسٽر ماريا وغيره ! مون کي پنھنجي سطحي ۽ عاميانه سوچ تي کل آئي.
” ڇو؟“ پڇيائين، ” کلين ڇو ٿو؟“
” بس، ائين ئي.“ چيم، ” ڪا خاص ڳالھه ڪانھي “
” ھڪ ٻيو شخص ھو، جنھن کي منھنجونالو ٻڌي کل آئي ھئي.“ سسٽر زيتون ھڪدم، گھڙي کن لاءِ اداس ٿي، وري ٻھڪي پيئي. چيائين، ” ھو مون کي زيتون بدران زيتي سڏيندو ھو.“
” بس، ته پوءِ ٺيڪ آھي.“ چيم، ” مان به تو کي زيتون بدران زيتي سڏيندس – سسٽر زيتي. ڪيئن ! “
” نه نه “ ھوءَ اٿي بيھي رھي. عمر جون ريکائون سندس چھري تي ظاھر ٿي پيون.
تعجب وچان پڇيم، ” ڇو؟ ڪو خاص سبب آھي؟“
” نه “ چيائين،” ڪو خاص سبب ڪونھي.“
مون ڏانھن ڏسڻ کانسواءِ اکين ۾ اُڀري آيل اُداسائي لڪائيندي، ھوءَ ڪمري مان ھلي ويئي.
مان تعجب وچان کيس نه روڪي سگھيس ۽ نه ڪجھه سوچي سگھيس، ۽ نه پڇي سگھيس.
ڪجھه دير کانپوءِ ھڪ نرس چانھه جي ٽري کڻڻ آئي.
” سسٽر “ مون ڳالھايو، پڇيم، ” ھتي ھڪ مريض آيو ھو نه، جيڪو سسٽر زيتون کي زيتي سڏيندو ھو.“
نرس اچرج وچان مون ڏانھن ڏٺو.
پڇيم، ” ڪير ھو، ھو؟“
نرس وراڻيو، ” سترھن ارڙھن سال جو ڇوڪرو ھو. کيس برين ٽيومر ھو سسٽر زيتون کيس پنھنجو پٽ ڪيو ھو.“
پڇيم، ” سسٽر زيتون کي پنھنجي ڪا اولاد ڪونُھي.“
چيائين، ” سسٽر زيتون شادي نه ڪئي آھي.“
ھوءَ چانھه جي ٽري کڻي وڃڻ لڳي. مون کيس سڏ ڪيو. ھوءَ بيھي رھي. پلنگ تان اٿي وڃي سندس سامھون بيٺم. کانئس پڇيم، ” سسٽر زيتون جو پٽ ٺيڪ ٿيو؟“ نرس غور سان مون ڏانھن ڏٺو. اھڙي نموني ڏٺائين. ڄڻ منھنجي سوال جو جواب ڏيڻ نه پئي چاھيائين.
پڇيم، ” ڇا ٿيو ھو سسٽر؟“
مون ڏانھن پٺي ڪري بيھي رھي. پوءِ وراڻيائين، ” ھو آپريشن جي دوران، آپريشن ٿيٽر ۾ مري ويو ھو.“
سسٽر ھلي ويئي.
ڪمرو دردناڪ خاموشيءَ ۾ ٻڏي ويو.