18
ھو ڪار مان ٻاھر ڇو نه آيا؟ مون سوچيو. سوال جي جواب ۾ ڪا معقول سمجھاڻي سمجھه ۾ نه آئي. ان وقت مان نھايت سوڙھي ڪمري ۾ بيٺو ھوس. پکيڙ ۾ اھو ڪمرو گھٽ ۽ باٿ روم يا ڪچن يعني رڌڻو وڌيڪ پئي لڳو محسوس ٿيو. اڌ ٺھيل بنگلي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي آباد بنگلن جون قطارون ھيون. اڳيان رستو، ۽ رستي جي ٻئي پاسي بينڪ، ۽ بنيڪ جي ڀرسان پيٽرول پمپ، پوئين طرف کاھيون، ۽ کاھين ۾ گھاٽو جھنگ ھو. اسلام آباد آھي جديد شھر ، پر سيڪٽرن جي وچ ۾ ڇڏيل جھنگ ۾ ذري گھٽ سمورا ديسي جانور موجود ھوندا آھن. سوئر، گدڙ، بگھڙ ، سيھڙ، سھا، جھنگلي ٻلا ۽ نانگ بلائون.
رات جو جھنگ ۾ ڪاھي پوڻ تي دل جھلي نه سگھيم.
وري ان خيال به پيرن ۾ سنگھر وجھي ڇڏيا، ته وڃان، ته ڪيڏانھن وڃان، ڪنھن وٽ وڃان ! چارڻ چريو ڪشمير خان وارن جي حجري ۾ قيد ھو. پر جيڪڏھن ھو کڻي فليٽ تي موجود ھجي ھا، ته به مان وٽس وڃي نه سگھان ھا. منھنجي تلاش ۾، بقول دودي جي، پوليس ٻه ٽي دفعا سندس فليٽ تي ڇاپا ھڻي چڪي ھئي. اھڙي صورت ۾ چارڻ وٽ وڃڻ، ۽ وٽس وڃي رھڻ مناسب نه ٿئي ھا. مراد ٺاٺارو اسلام آباد جي خوشحال سنڌين مان ھڪ ھو. مراد جيتوڻيڪ اسان جو سنگتي ھو، پر ڏاڍي خبرداري سان ھلندو ھو. اسان جھڙن توائي ۽ ڦٽيچر قسم جي سنڌين کان لنوائيندو ھو. باقي رھيو برپٽ صحرائي، اسان جو باغي شاعر، ستن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو پيءُ ! سوچيم، اڄ تائين باغي شاعريءَ جي ڪري مڙس مصيبت ۾ نه ڦاٿو آھي. مون کي جيڪڏھن رھايائين ضرور مارجي ويندو. نيٺ ڇا ڪجي؟ ڪنھن جو دڙ کڙڪائجي ! ڄڻ سوچ جا در بند ٿي ويا ھئا. پنھنجي باري ۾ بچاءَ بابت سوچڻ کان ڇوٽڪارو مليو ته مون کي گلاب گونگو ياد آيو. کيس پوليس جي لاڪپ ۾ ٻه ڏينھن گذري ويا ھئا. رکي رلي خيال پئي آيو ته ڏاڍو ماريو ھوندائونس. بيد جي لڪڻ ۽ چمڙي جي ڦٿڪن سان ماري ماري کل لاھي ڇڏي ھوندائونس. کيس ٽنگي، اونڌو لٽڪائي، ۽ ڪڏھن برف تي ليٽائي وحشتناڪ جسماني عذاب ڏنائون ھوندائون ! فرينچن طرفان الجيريا جي حريت پسندن تي ڪيل تشدد جا داستان اکين آڏو اڀري آيا. بنگالين تي ٿيل تشدد جي تاريخ پاسا ورائڻ لڳي. گلاب گونگو نه بچندو – ھٿ ٺوڪي مدي خارج تفتيش جي نالي ۾ پوليس وارا گلاب کي ماري وجھندا. گلاب جي ازلي خاموشي کين سمجھه ۾ نه ايندي. گلاب جي ماٺ کي ھو گلاب جي نٺرتا سمجھندا، ۽ ڳالھائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ کيس ڏاڍو ماريندا !
منھنجو وجود وڍجي ويو، اندر اڍ ٿي پيو.
ائين برابر ھو ته منھنجي مڪمل ناڪاميءَ کان پوءِ روھڙي مان منھنجن مائٽن اسلام جي ڳولا ۾ گلاب گونگي کي اسلام آباد روانو ڪيو ھو. پر، گلاب کي ھنن منھنجي حوالي ڪيو ھو، منھنجي حفاظت ۾ ڏنو ھو. منھنجي قاضي چاچي رب ڏني. جنھن کي خلق چاچي ربن سڏيندي ھئي، ھڪ دفعي پنھنجي خط ۾ لکيو ھو، تنھنجي ناڪاميءَ تي قاضي محله روھڙي شريف ۾ سڀني مائٽن مٽن، ۽ يارن دوستن کي ڏاڍو ڏک ٿيو آھي. اسان تو کي سر چارلس نپيئر وانگر ڪا سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اسلام آباد روانو نه ڪيو ھو، ۽ نه ئي ڪرسٽوفر ڪولمبس وانگر اسلام آباد ۾ آمريڪا کي ڳولڻ لاءِ روانو ڪيو ھو. اسان توکي قاضي محمد اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد روانو ڪيوھو. پر، افسوس جو اسلام جي ڳولا ۾ تون مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪو آھين، ۽ اڄڪلھه اسلام آباد ۾ گم ٿي ويو آھين. تنھنڪري، قاضي محله روھڙي شريف جي اسان بزرگن محلي جي مرد مجاھد، پر نھايت ئي سادي نوجوان گلاب گونگي کي اسلام جي تلاش ۾ اسلام آباد ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اسلام جي ڳولا دوران گلاب تو وٽ رھندو، ۽ تنھنجي حفاظت ۾ رھندو.
مون کي چاچا رب ڏني، عرف چاچا ربن جو خط ياد آيو. خط جو ھڪ جملو جملو، ۽ ھڪ ھڪ جملي جو ھڪ ھڪ لفظ ياد آيو.
مائٽن گلاب گونگي کي منھنجي حوالي ڪيو ھو. پوليس ھٿان جيڪڏھن گلاب مارجي ويو، ته پوءِ مائٽن کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس ! ڇا چوندا، ۽ ڇا سوچيندا منھنجا مائٽ ! اسلام کي ڳولڻ واري جستجوءَ ۾ ۾ پاڻ ته ناڪام ٿيو آھيان، مٿان گلاب گونگي کي پوليس چنبي مان ڪيئن ڇڏائجي. چوندا آھن، جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر پوليس مرندي دم تائين نه ڇڏي ! سوچيم، پوليس سولائي سان گلاب گونگي کي نه ڇڏيندي. کانئس ھندستان جو ايجنٽ ھئڻ جو مڃارائي دم پٽيندي !
ماڻھن سان، خاص طرح سان اثر رسوخ وارن ماڻھن سان راھ رسم ۽ اٿڻ ويھڻ ۾ مان پيدائشي چنڊو آھيان. مون کي پاڙي جو ڪائونسلر به نه سڃاڻي. ڪير منھنجي مدد ڪندو؟ گلاب کي پوليس جي لاڪپ مان ڪڍائڻ ۾، ڪير مدد ڪندو؟ سڀ کان وڏو ۽ واحد آسرو ڏائڻ جو ھو. وڏي رھائيءَ واري عورت ھئي. مان سمجھان ٿو، ڏائڻ ڏانھن مائل ٿيڻ جا مون وٽ ٻه سبب ھئا. ھڪ ته ھو بي انتھا سھڻي ھئي، ۽ ٻيو ته اسلام آباد جي ذري گھٽ سڀني وڏن ماڻھن سان سندس دوستي ھئي. مان جيستائين ھن سان مليو نه ھوس، مون کي پنھنجي بي يارو مددگار ھئڻ جو احساس نه ٿيو ھو. ھن سان ملي مون کي محسوس ٿيو ته اجنبي شھر اسلام آباد ۾ فقط ھوءَ منھنجي آسرو ھئي. ھوءَ ئي منھنجو اجھو ھئي. مون کي خبر به نه ھوندي ھئي، ھوءَ منھنجي ڌوٻي، ۽ سيڌي سامان واري کي بل جا پيسا ڏيئي ڇڏيندي ھئي. منھنجي اعتراض تي ھڪ دفعي چيو ھئائين،” اڙي جوڳي، تون ڇا تون سمجھين ! مان تو تي عاشق ٿي پيئي آھيان، جو تنھنجا بل ڀريندي ٿي وتان، ھان! اصل ۾ مان تو کي قرض ۾ مبتلا پئي ڪريان. وياج نه ڇڏينديمانءِ. “
ان ڏينھن اڍ ٺھيل بنگلي ۾ دوستن جي ڳالھه ڏاڍي ياد آئي. مون کي ورائي ورائي چيائون ھئائون ته ” جوڳي ان ڏائڻ کان ڀڄي جند ڇڏاءِ. اھڙي ھنڌ مارينداءِ، جو پاڻي به نه گھرندين !
مون کي پاڻ تي سخت ڪاوڙ آئي. سوچيم، اسان سنڌي ھڪ ته عاشق جلدي ٿي پوندا آھيون. ادي کي ڪَن نه جَن، اسان ادن کي عشق انڌو ڪيو ! ڪھڙي اميد ۽ آس تي کيس فون ڪئي ھيم ! منھنجي مدد ڪندي، ھڪ سٺو وڪيل ڪري ڏيندي ! ڪيئن نه ٺھه پھه، ڏھن منٽن ۾ اچڻ لاءِ واعدو ڪيو ھئائين. ڄڻ منھنجي فون جي انتظار ۾ ويٺي ھئي. منھنجي خواب خيال ۾ به نه ھو ته ھوءَ ڪا ايڏي چالاڪ ۽ چست ھوندي !
عين ان وقت ڏائڻ موٽي آئي. وري گاڏي آڻي اڌ ٺھيل بنگلي جي سامھون بيھاريائين. پاڻ، ٻنھي اوپرن ماڻھن سان گڏ گاڏي مان ٻاھر آئي. گاڏي لاڪ ڪري ڇڏيائين. ھو ٽيئي اڌ ٺھيل بنگلي ڏانھن وڌڻ لڳا. پٿرن، سرن ۽ سريئن تان ھلندا، ھو ٽيئي اوريئن پاسي واري وڏي ڪمري ۾ اچي بيٺا.
ڏائڻ آھستي سڏ ڪيو، ” جوڳي “
مان ساھ روڪي بيھي رھيس.
ھن ٻيھر سڏ ڪيو، ” جوڳي“
جواب جو انتظار ڪيائين.
ھڪڙي اجنبي کانئس پڇيو، ” ميڊم ! توھان کي يقين آھي ته ھن توھان جي ڳالھه سمجھي ھئي؟“
” ڳالھه سمجھڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.“ ڏائڻ چيو، مون کيس واضع نموني ھن اڌ ٺھيل بنگلي ۾ لڪي بيھڻ لاءِ چيو ھو.“
ٻئي اجنبي چيو، ” ممڪن آھي ، ھو اڃا بينڪ ۾ ئي موجود ھجي.“
” مون کيس ڏھن منٽن ۾ پھچڻ لاءِ چيو ھو.“ ڏائڻ چيو، ” مان سمجھان ٿي، اسان کي پندرھن ويھه منٽ ٿي ويا آھن.“
ان کانپوءِ ٻنھي اجنيبن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو. ھنن مان ھڪ ڄڻي ڏائڻ کي چيو، ” ميڊم توھين گاڏي ۾ ويھو، اسين سڄي بنگلي جو چڪر ھڻي موٽي اچون ٿا.“
ڏائڻ ٻاھر بيٺل گاڏي ڏانھن ھلي ويئي. مان بورچيخاني مان ڏانھس ڏسندو رھيس. اوندھ ۾ ھو پاڇيءَ وانگر گم ٿي ويئي.
ٻنھي اجنبين مان ھڪ ڄڻيءَ کيسي مان لائيٽر ڪڍي ٻاريو. ٻئي سڏ ڪيو،” مسٽر جوڳي.“
چند گھڙيون جواب جو انتظار ڪيائون. پوءِ ھنن ان ڪمري ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو، جنھن جي باٿ روم ۾ مان بيٺو ھوس. مون اوندھ ۾ پوئتي ھٽڻ شروع ڪيو. اوندھ ۾ ڪجھه نظر نه پئي آيو. ان ڊپ کان ته ڪٿي ڪو کڙڪو،ڪو آواز نه ٿئي، مون ٻئي ھٿ روشن دانن ۾ وجھي ڇڏيا. پاڻ کي ڇڪي مٿي ڪيم.
بورچيخاني جي مٿان ٻه ڇتي ھئي. مان ساھ روڪي ٻه ڇَتيِ تي ليٽي پيس.
ھو ٻئي بورچيخاني ۾ اچي بيٺا.
ھڪ ڄڻي چيو، ” ميڊم کي غلط فھمي ٿي آھي.“
ٻئي ڄڻي چيو، ” ڪمال ٿو ڪرين ! ٻين کي غلط فھميءَ ۾ وجھڻ واري کي غلط فھميءَ ڪيئن ٿيندي.“
ان کان پوءِ ھو پاڻ ۾ ڳالھائڻ بيھي رھيا.
” مون کي پڪ آھي ته، ھو اڃا تائين بينڪ ۾ آھي.“
”مان سمجھان ٿو، ھو پڪڙجي پيو آھي.“
” تون ھينئن ڪر، مٿيئن فلور جو چڪر ھڻي اچ. مان ھيٺين پاسي کان ڏسي ٿو وٺان.“
ٻنھي ڄڻن مان ھڪڙو مٿيئن فلور ٿي ھليو ويو. ٻيو بورچيخاني جي دري ٽپي، ٻئي پاسي وڃي ورانڊي ۾ بيٺو. لائيٽر ٻاري ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين. لائيٽر وسائي ڇڏيائين.
ٻئي اوپرا ماڻھو اڌ ٺھيل بنگلي ۾ پندرھن منٽ کن رلندا رھيا. اوندھ ۾ ٿاٻا کائيندا رھيا. ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا اڌ ٺھيل بنگلي مان نڪري ويا.
ڪجھه دير کانپوءِ مون گاڏي جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز ٻڌو. گاڏي زورڪاٽ ڪندي رواني ٿي ويئي.