47
مون دريءَ جو پردو ھٽائي ٻاھر ڏٺو. ٻاھر اوندھ ھئي، گگھه اوندھ، خاموشي ھئي، قبرستان جھڙي خاموشي. سيءَ جو اندازو ان مان لڳايم، جو دريءَ جو شيشو منھنجي ساھ سان ڪڪرائون ٿي پئي پيو. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. رات جو ھڪ ٿي رھيو ھو. مون شال ۽ سينڊوچز جو پڙو کڻي ورتو. انٽينسو ڪيئر جي ڪمري تي آخري نگاھ وڌم. ان وقت مون کي سسٽر زيتون ڏاڍي ياد آئي. ھوءَ سامھون ھجي ھا ته ڀاڪر ۾ ڀري، ڳڙاٺري پائي، سندس مقدس ھٿ چمي ھليو وڃان ھا ! پر، ھوءَ، منھنجي سامھون نه ھئي. ڪمري جي ھڪ ھڪ شيءَ مان سندس موجودگيءَ ۽ ھئڻ جي ھٻڪار پئي آئي.
مون کي خبر ڪونھي ته مڪمل مجبوريءَ جي حالت ۾ ٻيو ڪو بيوس انسان ڪيئن محسوس ڪندو آھي. مون پنھنجي وجود ۾ ٺاپر محسوس ڪئي. منھنجي ذھن ۾ ڪنھن اڻ ڏٺي خوف جو واسو نه ھو، بلڪه، منھنجي ذھن ۾ ڪجھه به نه ھو. منھنجو ذھن خالي ھو – ائين خالي ھو جيئن کوکي وانگر خالي ھڏائين کوپري ! ٻاھرين در وٽ وڃي بيٺس. منھن ورائي ڪمري ڏانھن ڏٺم. سسٽر زيتون جي آخري جملي جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو. ” اسين ٻيھر ھڪٻئي سان ملي نه سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪٻئي کي ڏسي سگھنداسين.“
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. سسٽر زيتون منھنجي وجود ۾ ان نوجوان جو عڪس ڏسي ورتو ھو، جنھن کي دماغ ۾ ٽيومر ھو، ۽ جنھن آپريشن ٿيٽر ۾ دم ڏيئي ڇڏيو ھو. دنيا ۾ ماءُ جي محبت کان مٿاھين ڪا محبت نه آھي. اڌ ۾ رھجي وڃي ته ممتا ڪائنات ۾ آسمانن ۽ زمينن جي وچ ۾ ڀٽڪندي رھندي آھي. سسٽر زيتون جي رھجي ويل ممتا جو مرڪز اھو ٽيومر وارو نوجوان ٿي پيو ھو، جنھن جو لاش ھن ايمبولنس ۾ اسپتال کان ٻاھر ويندي ڏٺو ھو. ان نوجوان کي وساري نه سگھندي ھئي. ھن جڏھن به مون ڏانھن ڏٺو ھو، مون کي سندس نگاھن ۾ ڀٽڪندڙ ممتا نظر آئي ھئي.
انٽينسو ڪيئر يونٽ جي ٻاھرين در کي آھستگيءَ سان کوليم، ھڪ بتيءَ کان سواءِ ورانڊي جون سموريون بتيون وساميل ھيون. اڳ ائين نه ٿيندو ھو. سڄي رات سموريون بتيون ٻرنديون ھيون. بنا بيھڻ ۽ ترسڻ جي مان ورانڊي مان لنگھي ويس. پٻن تي ھلندي ڏاڪڻ لھي ويس. ڏاڪڻ جي ڀرسان عمارت مان ٻاھر نڪري وڃڻ وارو وڏو دروازو ھو. دروازو کليل ھو. دروازي مان نڪري، وک کڻي سفيدي جي وڻن جي ھيٺان وڃي بيٺس. سيءُ ايڏو ھو، ڄڻ ماحول ۽ ھوا بدران برف ھلي رھي ھئي. مون شال کولي ڪنڌ ۽ ڪلھن تي ويڙھي ڇڏي. ڏاکڻي طرف چار فٽ کن اوچي ڀت ھئي ۽ ڀت آڏو ھيج جو لوڙھو ھو. وڻن ھيٺان وک وک کڻندو، ڏاکڻي ڀت وٽ وڃي بيٺس. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺم. انٽينسو ڪيئر يونٽ ۾ مون واري ڪمري جو پڙدو ٿورڙو ھٽيل ھو. الائي ڇو مون کي پڪ ھئي ته ھوءَ سسٽر زيتون ھئي. مون ٻانھن مٿي ڪري ھٿ لوڏيو. پڙدو ھڪدم ڇڪجي ويو.
ھيج کي ھٿن سان پري ڪري، ڀت ٽپي – مان ڊاڪٽر درانيءَ ۽ ڊاڪٽر امان الله خان جي اسپتال مان نڪري ويس. اتي ئي ڀت وٽ ڪرونڊڙو ٿي ويھي رھيس. مون کي محسوس ٿيو کاھيءَ جي ٻئي پاسي ڪو آھستي آھستي پنڌ ڪري رھيو ھو. مون ساھ روڪي ڇڏيو. کاھيءَ جي پريئن پاسي مون کي شاليءَ جي موٽر نظر نه پئي آئي. اوندھ ڪوھيڙي وانگر ٿي پيئي ھئي. ٻن چئن وکن کان اڳتي ڪجھه نظر نه پئي آيو. پريان، ايف ٽين ٽو سيڪٽر جي سڙڪن تي ٻرندڙ بلب ڏيئن وانگر پي ڏٺا. قدمن جو آواز بند ٿي ويو. لائيٽر ٻاري ڪنھن سگريٽ دُکايو. ٻن چئن سيڪنڊن لاءِ لائيٽر ٻري وري وسامي ويو. مان سندس چھرو چڱي طرح ڏسي نه سگھيس. ھن ٻه چار وڏا ڪش ھڻي ورتا. ھر ڪش سان سگريٽ جو ڦلو وڌيڪ روشن ٿي ڍرو ٿي پئي ويو. ھُن وري ھلڻ شروع ڪيو.
ڪير آھي؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس. مون کي لڳو، ھو پاڻ ۾ ھڪ کان وڌيڪ ھئا. پڪ خفيه ايجنسين جا ماڻھو ھئا. اسپتال تي نظر رکي بيٺا ھئا ! اوجھڙي ڪيمپ ۾ بمن ۽ بارود جي ڦاٽڻ کان پوءِ خفيه ايجنسين سڌو سنئون افغانين سان ھٿ اٽڪائڻ ڇڏي ڏنو ھو. ھونءَ به افغانستان واري جنگ ۾ ٽنگ اٽڪائي، پاڪستان پنھنجي لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪري وڌا ھئا. ڊاڪٽر درانيءَ جي اسپتال ۽ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجرن ۾ داخل ٿي ڪاروائي ڪرڻ بدران ھنن افغانين لاءِ ڪم ڪندڙ ايجنٽن کي مارڻ مناسب سمجھيو ھو. شايد اھو ئي سبب ھو جو ھنن مسڪين چارڻ کي به اٽڪ پل وٽ ماري وڌو ھو. ڀت وٽ ڪرونڊڙو ٿي ويٺي ويٺي مون کي پڪ ٿي ويئي ته خفيه ايجنسين جا ڪمانڊوز مون کي ماريندي ويرم نه ڪندا ۽ اھو، به خيال آيم ته پاري جھڙي رات ۾ ھو شايد منھنجا منتظر ھئا. پر، کين ڪجھه خبر پيئي ته مان ان رات، ھڪ وڳي ڌاري اسپتال مان فرار ٿي ويو ھوس !
ابتر حالتون انسان کان گھڻو ڪجھه کسي وٺنديون آھن. مان ماڻھن مان يقين وڃائي ويٺو ھوس. سسٽر زيتون ۽ شاليءَ کان سواءِ ٽئين ڪنھن به شخص کي منھنجي فرار جي خبر نه ھئي. جيتوڻيڪ امڪان کان ٻاھر پئي محسوس ٿيو، پر مون کي ٻنھي تي شڪ ٿي پيو. ٻنھي مان ڪنھن ھڪ مون کي مارائڻ لاءِ ڄار وڇايو آھي. ايڏي دليريءَ سان مون کي اسپتال مان ڀڄي وڃڻ جو موقعو ٺاھي ڏيڻ چرچو نه ھو ! ان ويساھ گھاتي ۽ دوکي ۾ سسٽر زيتون جو ھٿ آھي ! ضرور ھٿ آھي !مون کي پھريون دفعو پنھنجي احمقپاڻيءَ تي افسوس ٿيو. اسپتال مان فرار ٿيڻ ۾ مون کي ڪنھن جي مدد لاءِ واجھائڻ نه گھرجي ھا ! پنھنجي ساءِ پروگرام ٺاھيان ھا، ڀل ٻه چار ڏينھن لڳي وڃن ھا، ۽ پوءِ ڀڄي وڃان ھا ! مان وڏي غلطي ڪري ويٺو ھوس. سسٽر زيتون جي آخري جملي جو مطلب مختلف مفھوم سان سمجھڻ ۾ اچڻ لڳو، ” اسين ٻيھر ٻئي ھڪٻئي سان ملي نه سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪ ٻئي کي ڏسي سگھنداسين.
مطلب ۽ مفھوم سمجھه ۾ اچڻ لڳو. مان مارجي ويندس ! منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ، ظاھر آھي، اسين ھڪٻئي کي ڏسي نه سگھنداسين ۽ نه ئي ھڪٻئي سان ملي سگھنداسين !
مون کي اوچتو شالي جو خيال آيو. ھوءَ جيڪڏھن خفيه ايجنسين جي پگھاردار آھي، ته پوءِ منھنجي لاءِ سندس مدد سراسر دوکو آھي ! ھوءَ پڪ خفيه ايجنسين جا ايجنٽ وٺي آئي آھي ! خفيه ايجنسين جي ڪمانڊوز اسپتال کي گھيري ۾ ورتو آھي ! آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي ناراضگيءَ جي ڊپ کان ھنن افغانين جي اسپتال تي ڇاپو ھڻڻ کان پاسو ڪيو آھي ! ھنن شالي جي مدد سان مون کي مارڻ يا ھٿ ڪرڻ جو سٽل سٽيو آھي ! جھنگ ۾ ھلڻ جا جيڪي آواز ٻڌي رھيو ھوس، سي آواز سرڪاري ايجنسين جي خونخوار ڪمانڊوز جا ھئا ! ھو يا ته مون کي ماري وجھندا، يا مون کي گرفتار ڪري ھٿيارن جي سمگلنگ ۽ دھشتگرديءَ جو اعتراف ڪرائيندا ! افغانين خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ثبوت ھٿ ڪندا !
ٻه ناڪام شاديون، ۽ اسلام آباد جي چونڊ ۽ نامور ماڻھن سان مراسم ۽ دوستي رکڻ واري عورت لاءِ منھنجي حيثيث اونداھي ڪنڊ ۾ رکيل ڪيڪٽس جي ڪونڊي کان وڌيڪ نه ھئي. وساريل، ۽ نظر انداز ڪيل ! انٽينسو يونٽ جي ڪمري ۾ ڪيل فيصلي تي مون ڳنڍ ڏيئي ڇڏي. مان سرحد ٽپي يا ته ھندستان ھليو ويندس، يا ايران ھليو ويندس ! ايران ھليو ويندس ! ھا، ايران ھليو ويندس !
مون ڪرونڊڙو ٿي آھستي آھستي ھلڻ، بلڪه چرڻ شروع ڪيو. جھنگ ۾ ھلڻ وارن اجنبي ڪمانڊوز جي آوازن کان مان پري ٿيندو ويس. گوڏن ۽ ھٿن تي رڙھندو، کاھيءَ مان نڪري مان ٻئي پاسي سيڪٽر يارھين ڏانھن ويندڙ رستي تي وڃي پھتس. پيرن تي مس بيٺو ھوس، جو مون شالي جو آواز ٻڌو، ” جوڳي!“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مان وري ويھي رھيس. شالي گھاٽن وڻن مان ٻاھر نڪري آئي. مون کي حيرت پئي ٿي ته ايڏي گگھه اوندھ ۾ ھن مون کي ڪيئن ڏٺو ۽ ڪيئن سڃاتو ھو ! ھوءَ ته مون ڏانھن ھلي آئي. مون کي ٻانھن مان ھٿ وجھندي چيائين، ” جوڳي ! جلدي ڪر. سامھون، وڻن جي ٻئي پاسي منھنجي گاڏي بيٺي آھي. ھل، جلدي ڪر.“
مون سڙٻاٽن ۾ چيو، ” مان نه ھلندس.“
” چريو ٿيو آھين ڇا ! “ حيرت وچان پڇيائين.
“ جھنگ ۾ ٻارھن کن افغاني ڪمانڊوز پھري تي آھن.“
” شالي مان نه ھلنديس.“ چيم، ” تنھنجا مون تي انيڪ احسان آھن. مون دھشتگرد کي پناھ ڏيئي پنھنجي لاءِ مصيبت کڙي نه ڪر. تون وڃ، مون کي ڇڏي ڏي.“
” نه جوڳي نه.“ سڙٻاٽن ۾ ڳالھائيندي چيائين، ” تنھنجي لاءِ سموريون واٽون، سمورا رستا بند آھن. ڪيڏانھن ويندين؟“
” مان ھندستان ھليو ويندس.“ چيم، ” مان ايران ھليو ويندس. بھرحال، ھن ملڪ ۾ نه رھندس.“
” سمجھين ٿو ته سرحدن تائين پھچي سگھندين ! “ شالي ڀڻڪن ۾ چيو، ” انٽرويو ڏيئي جيڪا غلطي ڪئي اٿئي، تنھن تنھنجي ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن.۾
دل ۾آيو ته چوانس ! انٽرويو ڏيئي نه، مون تو سان ڀڄڻ جو پروگرام ٺاھي پنھنجي ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ڪري، موت کي دعوت ڏني آھي. پر، مون ڪجھه نه چيو، پڇيو مانس، ” مون کي گگھه اوندھ ۾ ڪيئن سڃاتيئه؟“
وراڻيائين، ” مون وٽ نائيٽ ويزن لينسز واري دوربين آھي.“
” اوھ ! “ مون کي حيرت ٿي. شاليءَ وٽ اھڙي دوربين ڪٿا آئي ! رات جو ڏسي سگھڻ لاءِ نائيٽ ويزن لينسز واريون دوربنيون، ۽ ڪيميرائون بي انتھا مھانگيون ۽ ناياب ٿينديون آھن. عام ماڻھو جي پھچ کان ٻاھر ھونديون آھن.
دوربين سان اسپتال ڏانھن ڏسندي چيائين، ” ٻه ڪمانڊوز ھن طرف اچي رھيا آھن. ھل جوڳي، دير نه ڪر.“
کيس ٻانھن ۾ھٿ وجھي، پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتم. سڙٻاٽن ۾ چيم، “ موت مون کان سڏ پنڌ تي آھي. مان ھڪ اعتراف ڪرڻ چاھيان ٿو.“
” ھتان ھل.“ چيائين، ” گاڏي ۾ ھلي ڳالھائينداسين.“
” نه“ چيم، ” مان ھتي، ۽ ھن وقت ڳالھائيندس.“
” چريون نه ٿي جوڳي.“ شاليءَ چيو، ھنن کي جيڪڏھن کڙڪ پئجي ويئي ته ڪلاشنڪوف مان برسٽ ھلائيندي ويرم نه ڪندا !“
” منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ شالي ! “ سندس ڳالھه کي اھميت نه ڏيندي چيم، ” توسان، اڄ تائين تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ حاصل ڪري ڇڏي ڏيڻ لاءِ محبت ڪئي ويئي آھي. مون توسان، تو کي وڃائڻ لاءِ محبت ڪئي آھي.“
گھڙي کن لاءِ منجھي پئي.چيائين، ” اڙي بابا، اھي ڳالھيون گھر ھلي به ته ڪري سگھين ٿو.“
چيم، ” منھنجو ڪو به گھر ڪونھي.“
چيائين، ” ھڪ گھر تنھنجو آھي. بلڪه، ھڪ گھر اھڙو آھي، جتي ڪنھن کي تنھنجو انتظار آھي.“
ٻانھن ۾ ھٿ وجھي، سٽ ڏيئي مون کي اٿاريندي چيائين، ” تو کي ھنن ڪمانڊوز جي باري ۾ تر جيترو به اندازو ناھي. ھي اھي ئي آھن، جن تنھنجي دوست چارڻ کي ماري وڌو ھو.“
گگھه اوندھ ۽ موت جھڙي خاموشي ۾ سڪل پنن ۽ پٿرن آواز پيدا ڪري وڌو. آواز سان گڏ ڪلاشنڪوف مان لاڳيتو ٻه ٽي برسٽ ھلي پيا.
شالي ۽ مان ھڪدم ليٽي پياسين، شالي سڙٻاٽن ۾ چيو، “ رستي جي ٻئي پاسي تائين اصل مٿي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ.“
ٺونٺين ۽ پيٽ تي رڙھندا، اسين رستي جي ٻئي پاسي ھليا وياسين. ان دوران ٻه چار برسٽ ھليا. وڻن ۾ لڳا، پکي اڏاڻا، گدڙن ۾ ڀاڄ پيئي، جھنگ ۾ ھل ٿي پيو، ھل به ايڏو جو وائڙو ڪري ڇڏي!
شاليءَ چيو، ” پھرئين وراڪي وٽ، وڻن جي ڀرسان منھنجي گاڏي بيٺي آھي، ڊوڙڻو پوندو.“
چيم، ” تون ڀڄي وڃ. مان سيڪٽر يارھون ٽپي،گولڙا شريف ھليو ويندس.“
مون کي ڳراٺڙي پائي چنبڙي پيئي. چيائين، ” مون سان ڇو نه ٿو ھلين ! مون سان ڇو نه ٿو ھلين ! ھا، مون کي خبر آھي ته مون سان ڇو نه ٿو ھلين، ڊاڪٽر دراني ۽ ڊاڪٽر امان الله منھنجي باري ۾ توکي سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو آھي سڀ ڪجھه”“
ھوءَ مون کان پري ٿي ويئي.
اوندھ ۾ مان سندس چھرو ڏسي نه سگھيس. ڀريل آواز ۾ چيائين، ” پر، ھڪڙي ڳالھه ياد رکجانءِ، جوڳي! مان مرندي مري ويندس، پر تو کي دوکو نه ڏيندس.“
اوچتو ٻيھر برسٽ ھليو. اسين اڇل کائي ليٽي پياسين. ان کان پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن وڻن ۾ گوليون لڳنديون رھيون ۽ افغان ڪمانڊوز جي ڊوڙڻ جا آواز ايندا رھيا. اوچتو، مون ڄڻ محسوس ڪيو ته شالي ڄڻ درد وچان ڦٿڪي رھي ھئي. مون کيس ٻانھن ۾ ڀري ورتو. کيس سڙٻاٽن ۾ سڏ ڪيم، ” شالي، شالي ! “ گولين ھلڻ جو آواز بند ٿي ويو.
شالي ٻڏندڙ آواز ۾ چيو، ” مون کي ٽنگ ۾ گولي لڳي آھي.“
ھٿ لائي ڏٺم. کيس کاٻي ٽنگ ۾ گولي لڳي ھئي. منھنجا ٻئي ھٿ رت ھاڻا ٿي پيا.