49
مان آئيني وٽان ھٽي ويس. وارڊ روب کولي ڏٺم. سمورا وارڊ روب شالي جي مختلف لباسن سان ڀريل ھو. ھڪ طرف ڪجھه پيڪٽ پيا ھئا. پيڪٽن تي مردانن ڪپڙن جا ليبل لڳل ھئا. مون ھڪ پيڪٽ کڻي ورتو. موٽي وڃي ڪمري ۾ پيڪٽ کولي ڏٺم. سلوار قميص ھئي، ني، ھڪ نامور ڪمپني جي ٺاھيل. سلوار ۾ اڳٺ پيل ھو. مون کي تعجب ٿيو.
کيس ايتريقدر پڪ ھئي منھنجي اچڻ جي ! مون سوچيو، ۽ جوڙي جي قميص کڻي جاچڻ لڳس. مون زندگي ۾ ايتريقدر قيمتي جوڙو وٺي پائڻ جو ڪڏھن خواب به نه ڏٺو ھو.
ڪمرو مٿي ماڙ تي ھو. برف وانگر ٿڌو ھو. مون ھيٽر ٻاري ڇڏيو. باٿ روم ۾ پير پائي ھڪدم ٻاھر نڪري بيٺس. ايڏي صفائي وارو، ۽ اجرو باٿ روم ڏسي مون کي خيال آيو ته ڪٿي منھنجي وجود جي گندگي بي داغ باٿ روم ۾ ڪو داغ نه ڇڏي ڏي ! مون کي پنھنجي احمقاڻي سوچ تي ڪاوڙ آئي. باٿ روم ۾ داخل ٿي ٽب ۾ گرم جو نلڪو کولي ڇڏيم. ٿورڙيءَ دير ۾ ٽب ٻاڦ نڪرندڙ، ۽ وڻندڙ گرم پاڻي ۾ ليٽي پيس. تڏھن مون کي احساس ٿيو ته پنڌرھن ويھن ڏينھن جي ڀڄ ڊُڪ ۽ لڪ ڇپ ۾ مان پھريون دفعو وھنجي رھيو ھوس، ۽ ٻيو ته مان بيحد ٿڪي پيو ھوس. منھنجو سَنڌ سَنڌ ڏکي رھيو ھو. گرم پاڻي ٿڪل عضون لاءِ ٽاڪوڙ محسوس ٿيو. مون کي لڳو، مان اتي ئي پاڻي ۾ سمھي پوندس. منھنجا ڇپر ڳورا ٿيڻ لڳا. الائي ڪيئن سجاڳ رھندي ڪافي دير تائين مان وھنجندو رھيس.
ناٿ روم مان وھنجي سھنجي، ۽ ڪپڙا مٽائي ٻاھر آيس. آئيني آڏو بيھي ڦڻي ڏنم. تڏھن، مون ڊرائنگ روم مان ڪنھن جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌو. ڪَن ڏيڻ کي مان ڪڌو ڪم سمجھندو آھيان. پر، حالتن مون کي ڪُڌي ڪم تي مجبور ڪري وڌو ھو. منھنجو يقين رشتن تان کڄي ويو ھو. مان بيڊ روم جي در وٽ وڃي بيٺس ۽ ھيٺان ايندڙ آواز ڪَن ڏيئي ٻڌڻ لڳس. ڊاڪٽر جبار خان شاليءَ سان ڳالھائي رھيو ھو، ” زخم اونھو آھي. آپريشن کان سواءِ رت بند نه ٿيندي.“
ٻيو آواز ڊاڪٽر جبار خان جي زال جو ھو. ھن چيو، ” ڊڄين ٿي، يا ٻيو ڪو سبب آھي.“
شاليءَ تمام جھيڻي آواز ۾ ڳالھايو. سندس جواب منھنجي سمجھه ۾ نه آيو.
ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” ھڪ ڊاڪٽر جي حيثيث ۾ مان جيڪي بھتر سمجھنديس، ڪندس. مان تو کي پنھنجي اسپتال کڻائي ھلان ٿو، ۽ اتي ئي تنھنجو آپريشن ڪندس.“
شالي الائي ڇا چيو، جنھن جي جواب ۾ ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” صبح ٿيڻ کان اڳ تنھنجو موٽي اچڻ لازمي آھي ڇا؟“
شاليءَ ڪو جواب ڏنو، پر منھنجي سمجھه ۾ نه آيو. ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” تنھنجو رت ضايع ٿي ويو آھي. تو کي مڪمل آرام ۽ نگھداشت جي ضرورت آھي. مان ھڪ ٻه ڏينھن تو کي پاڻ وٽ رکنديس.“
وري به شاليءَ ڪجھه چيو، جنھن جي جواب ۾ ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھُي. تون موٽي اچي پنھنجي گھر ۾ آرام ڪجانءِ. منھنجو وقت نه وڃاءِ – رت جو روڪڻ لازمي آھي.“
ان کان پوءِ چوڪيدار ۽ ڊاڪٽر جبار ۽ جنت، ۽ داڪٽر جي زال جي ڳالھائڻ جا آواز ٻڌم. اندازو لڳايم ته ھو شالي کي ٻاھر کڻي پئي ويا. ٿورڙي دير کان پوءِ مون موٽر اسٽارٽ ٿيڻ جو، ۽ موٽر جي رواني ٿيڻ جو آواز ٻڌو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ مڪمل خاموشي ڇانئجي ويئي.
اڻ تڻ ورائي ويئي. مان ڪمبل پائي شاليءَ جي ھنڌ بدران ھيٺ غاليچي تي ليٽي پيس. ڪجھه دير کان پوءِ بيڊروم جو در کڙڪايو. مون اٿي وڃي در کوليو. جنت بيٺي ھئي. روئڻ سبب اکيون ڳاڙھيون ھيس. رئو درست ڪندي چيائين، ” ميڊم چيو آھي، توھين بي فڪر ٿي آرام ڪريو. پاڻ صبح تائين موٽي ايندي.“
پڇيم، ” ڪيئن ھئي؟“
وراڻيائين، ” ڏاڍي تڪليف ۾ ھئي.“
منھنجي ھانو ۾ ھٿ پيو.
جنت پڇيو، ” ميڊم کي ڌڪ ڪيئن لڳو؟“
مان منجھي پيس. مون وٽ جواب نه ھو. کيس ٽارڻ خاطر چيم، ” مان ڏاڍو ٿڪل آھيان. پاڻ صبح جو ڳالھائينداسين.“
مان در وٽان ھٽي ويس.
جنت مون کي سڏ ڪيو، ” جوڳي صاحب !“
مون منھن ورائي ڏانھنس ڏٺو.
چيائين، ” ميڊم چئي ويئي آھي ته ته صبح جو اوھين ٽيرس تي نه نڪرجو، ۽ نه ئي بيڊروم جي بالڪونيءَ ۾ نڪري بيھجو. ٺيڪ آھي نه!“
ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” ھا، ٺيڪ آھي.“
جنت ھلي ويئي. مون در بند ڪري ڇڏيو. موٽي وڃي شاليءَ جي پلنگ ڀرسان ڪار پيٽ تي ليٽي پيس. ايتري دير ۾ ھيٽر سبب ڪمري مان يخ جھڙي سردي گھٽ ٿي ويئي ھئي. ڪنڌ ھيٺان ٻانھون ڏيئي مان ڇت سان لڙڪندڙ شينيڊليئر ڏانھن ڏسڻ لڳس. درن ۽ درين تي ٽنگيل پردا تمام سھڻا ۽ زيبائتا ھئا. ايبسڪريٽ ۾ ست ئي رنگ پکيڙيل ھئا، ۽ وچ وچ ۾ ستن رنڱن جي گڏيل آميزش جو ڀرڀور نموني اظھار ٿيل ھو. رنگن ۾ منھنجو ذھن ڊنواڊول ٿيڻ لڳو. مون محسوس ڪيو پڙدن پٺيان پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا خونخوار ڪارندا بيٺا آھن. ھو رنگن ۾ سوراخ ڪري مون ڏانھن ڏسي رھيا آھن! ڪجھه وقت به ھو خودڪار ھٿيار تاڻي پڙدن پٺيان نڪري ايندا، ۽ مون تي حملي آور ٿيندا!
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويھي رھيس. ھڪ ھڪ پڙدي پٺيان جھاتي پائي ڏٺم. پنھنجي وھم ۽ سنسن تي پشيمان ٿيس. موٽي وڃي پلنگ ڀرسان ڪارپيٽ تي ليٽي پيس. گرم پاڻي سان وھنجڻ ۽ صاف سٿرن ڪپڙن بب لڳم پئي ته ذھن ۽ جسم تان ڄڻ وڏو ڪو ٻوجھه ھو، جيڪو لھي ويو. اکين ۾ ننڊ جو سرور محسوس ٿيڻ لڳو. اڌ بند ۽ اڌ کليل اکين سان مون کي گلاب جو تشدد سبب ڇيپاٽيل ۽ چٿيل چھرو ۽ جسم نظر آيو. وارن کان پيرن تائين رتوڇاڻ ھو. بار بار پنھنجا رت ھاڻا ھٿ چپن تائين کڻي پئي ويو، ڄڻ چوندو ھجي، مان گونگو آھيان – مان گونگو آھيان. قدرت مون کي آواز کان محروم ۽ مفلوج ڪري ڇڏيو آھي. مان گونگو آھيان. توھين يقين ڪريو، مان گونگو آھيان، ھو ٻاڏائيندو رھيو، ۽ ٽين دنيا جي جاھل تفتيشي عملدارن جي تشدد جو شڪار ٿيندو رھيو. تصور ۾ مون کيس ڪڏھن ڇت سان ابتو لٽڪندي ڏٺو، کيس ڏنڊا ٻيڙين سميت ڀت سان ٻڌل ڏٺو، در تي ليٽيل ۽ چئن خوفناڪ تفتيشي آفسرن کي سندس جسم کي بوٽن سميت لتاڙيندي ڏٺو ! مون سندس سر ڪنڌ تائين پاڻيءَ جي بالٽي ۾ ٻڏل ٻڏل ڏٺو! راڪاس جھڙن سپاھين کي جنبورن سان سندس ھٿن پيرن جا ننھن پٽيندي ڏٺو ! کيس سگريٽن جا ڏنڀ ڏيڻ کان پوءِ پاڻي جو وڏو پائيپ کڻي آيا. پائيپ سندس وات ۾ وجھي، پاڻي جو پريشر کولي ڇڏيائون. ھڪ خوفناڪ رڙ ماحول ۾ محلول ٿي ويئي ۽ گلاب جي ڪنن ۽ نڪ مان رت ھاڻو پاڻي ڦوھاري وانگر ٻاھر نڪري آيو.
مان اٿي ويھي رھيس. منھنجي دل سيني جي قفس ۾ ڪنبڻ لڳي. لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون کي پنھنجو ساھ جو سھڪو واضع نموني ٻڌڻ ۾ آيو. سائيڊ ٽيبل تي گلاس ۽ ٿرماس رکيو ھو. ٿرماس مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيتم. ڄڻ سامت ۾ آيم. پلنگ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيس. انيڪ راتين جو اوجاڳو ھو. ويٺي ويٺي جھوٽو آيو. مان ڪروندڙو ٿي ليٽي پيس، ۾ منھنجي اک لڳي ويئي ۽ پوءِ الائي ڪيتري دير تائين ننڊ ڪيم.
اک کلي آوازن تي، اڻ چٽا مگر آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. مان ڪمري جي در وٽ وڃي بيٺس. جنت سان ڪجھه مرد ڳالھائي رھيا ھئا. سندن لھجي ۽ آواز مان سمجھيم ته پوليس جا ماڻھو ھئا. جنت چئي رھي ھئي، ” ان کان وڌيڪ مون کي ڪا خبر ڪانھي ته ڪالھه رات ميڊم جي گاڏيءَ تي ڪجھه دھشتگردن حملو ڪيو ھو، ۽ ھوءَ زخمي حالت ۾ ھتي پھتي ھئي.“
ڪنھن کھري آواز ۾ پڇيس، ” اڪيلي ھئي، يا گڏ ٻيو ڪو به ھوس.“
جنت به رکي نموني جواب ڏنس. چيائين، ” ھوءَ اڪيلي ھئي، ۽ زخمي حالت ۾ پاڻ گاڏي ھلائي ھتي پھتي ھئي.“
ٻيو آواز ٻڌم، ” ته پوءِ ھُن سيڪٽر جي نائين وٽ اسان جي اشاري تي گاڏي ڇو نه بيھاري؟“
” ڏاڍا ڪي عجيب انسان آھيو.“ جنت چيو، ” سندس زخم مان بليڊنگ وھي ھئي. ھڪ ھڪ منٽ ھن جي لاءِ اھم ھو. توھان جي اشاري تي بيھي ھا ته جيئري گھر نه پھچي ھا !“
ان وچ ۾ ٻن ٽن لانگ بوٽن وارن ماڻھن جو اندر داخل ٿيڻ جو آواز ٻڌم.
ھڪ ڄڻي چيو، ”سر، گاڏي جي باڊيءَ ۾ سورھن گولين لڳڻ جا نشان آھن.“
کھري آواز واري چيو، ” ميڊم، اڃا تائين ايف. آئي.آر ڇو نه ڪٽائي آھي؟“
جنت کي ڪاوڙ لڳي، جيڪا سندس لھجي مان ظاھر ھئي.سندس آواز ٻڌم. چيائين پئي، ” ميڊم ھن وقت ڊاڪٽر جبار خان جي اسپتال ۾ آھي، سندس آپريشن ٿي رھيو آھي، جيڪڏھن اول ايف.آئي.آر ڪٽائڻ ٿاڻي تي وڃي ھا، ته پوءِ آپريشن لاءِ جيئري رھي نه سگھي ھا.“
احمقاڻي نموني ۾ کھري لھجي واري آفيسر چيو، ” ميڊم آپريشن کان پوءِ ڪڏھن موٽندي؟“
” ڳالھه ته ائين پيا ڪريو، ڄڻ ميڊم آپريشن ٿيٽر ۾ نه آھي، بلڪ پڪنڪ تي ويل آھي ! “ جنت چيو ، ” اسين سڀئي دعاڳو آھيون ته ميڊم جو آپريشن ڪامياب ٿئي، ۽ توھان کي ايف.آئي.آر جو فڪر آھي!“
ٺيڪ آھي. ٺيڪ آھي“ کھري لھجي واري چيو، ” اسين وري اينداسين.“
” ترسو“ جنت واضع نموني کين روڪيو ۽ ڳالھايو. چيائين، ” ميڊم ايس پيءَ کان ھيٺ ڪنھن آفيسر سان ڳالھائڻ پسند نه ڪندي آھي. ھوءَ گھر ھجي ھا ته توھين ھڪ سيڪنڊ لاءِ ھتي بيھي نه سگھو ھا.“
ھو ھليا ويا.
مون وقت ڏٺو. صبح جا ڏھ ٿيا ھئا. شاليءَ کي آپريشن کان پوءِ وٺي نه آيا ھئا. ڊاڪٽر جبار خان کيس چار پنج ڪلاڪ کن اڳ وٺي ويو ھو. مون کي اڻ تڻ ٿيڻ لڳي، باٿ روم ۾ وڃي ھٿ منھن ڌوتو. ٽوال سان منھن اگھندي، مون کي جنت جو جملو ياد آيو. ميڊم ايس پيءَ کان ھيٺ ڪنھن به آفيسر سان ڳالھائڻ پسند نه ڪندي آھي!
ڪير آھي ھوءَ ! پراڻو سوال، ۽ تجسس جاڳي پيو. سوچيم، دوستن جڳن ڳالھيون بنھه غلط نه ھيون. ھن جو ڪو نه ڪو تعلق پوليس ۽ خفيه ايجنسين سان ضرور آھي ! گذريل پنڌرھن ويھن ڏينھن جي روح فنا ڪندڙ تجربن کان پوءِ مون ونجھه اڇلائي ٻيڙي وچ سير ۾ ڇڏي ڏني ھئي. مخالف ڌرين دھشت گرديءَ ۽ دھشتگردن جي پشت پناھي جي الزامن کي بليڪ ميلينگ وانگر استعمال ڪري، بينظير جي حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون. راشي، بدمعاش، بداخلاق، ۽ نالائق وڌي ويجھي رھيا ھئا، ۽ دھشتگرديءَ جي الزام ۾ پوليس ۽ خفيه ايجنسيون چونڊي چونڊي ماڻھن کي نشانو بنائي رھيون ھيون. اصل دھشتگرد ته کين ھٿ نه پئي آيا. کين ھٿ آيا پئي مون جھڙا موالي. اسان جھڙن جي بليڪ ميلينگ جي ڊپ کان نه داد ھئو، ۽ نه ئي فرياد ھو.
بيڊ روم جي در تي کڙڪو ٿيو. مو اٿي در کوليو، جنت نيرن جي ٽري کڻي آئي ھئي. ھن ٽري آرام ڪرسي آڏو ميز تي رکي. چيم، ” مان تنھنجو احسان وساري نه سگھندس، جنت !“
کلي پيئي. چيائين، ” نيرن کڻي اچڻ ۾ ڪھڙو احسان آھي!“
چيم، ” مان نيرن جي ڳالھه نه ٿو ڪريان.“
پڇيائين، ” ته پوءِ؟“
چيم، ”ورجائڻ مناسب نه ٿو سمجھان. بھرحال مان تنھنجو شڪر گذار آھيان.“
” الائي ڇا ٿو چوڻ چاھين ! “ ڪوپ ۾ چانھه وجھندي چيائين، ” ۽ سچ پڇڻ چاھين ته مان سمجھن به نه ٿي چاھيان.“
چانھه جي سپ ڀريم. لڳم، ورھين کان پوءِ گھر ۾ ٺاھيل چانھه پيتي ھيم. سپ سپ ڀريندي اڌ ڪوپ خالي ڪري ڇڏيم.
” نيرن نه ڪندين ڇا؟“ جنت چيو.
” ڪندم، چانھه پيئڻ کان پوءِ.“ چانھه پيئندي کانئس پڇيم، ” شاليءَ جي خبر.“
وراڻيائين، ” کيس رت ڏيئي رھيا آھن.“
منھنجي ھٿ ۾ چانھه جو ڪوپ ڌڏي ويو. پڇيم، ” ۽ آپريشن؟“
” ڪري ڇڏيو اٿائونس.“ وراڻيائين.
پڇيم، ” ڪڏھن کڻي ايندس؟“
چيائين، ” شام ڌاري.“
واچ ۾ وقت ڏٺم. يارھن پئي ٿيا. شام مون کي تمام پري محسوس ٿي. ڪوھيڙن ۽ ڌنڌ ۾ ويڙھيل، ۽ شايد ڪڏھن نه ايندڙ شام.