39
کانئس پڇيم، ” ڇو، انٽرويو ختم ٿي ويو ڇا؟“
وراڻيائين، ” مان نٿو چاھيان ته زيتون کي ڪنھن قسم جو ڪو شڪ محسوس ٿئي.“
ڊاڪٽر امان الله خان ڪيسٽ رڪارڊر ۽ ڪيسٽ آپريشن ٿيٽر ۾ ھڪ طرف رکيل الماڙي ۾ رکي موٽي آيو. چيائين، ” واقعي، بجلي وڃڻ کان پوءِ اسان جي آپريشن ٿيٽر جو جنريٽر نه ھليو ھو. ڳالھه تشويش جھڙي آھي. نامناسب روشنيءَ ۾ آپريشن جو تصور به نٿو ڪري سگھجي.“
مان تعجب وچان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” جيئن ٿيندو آھي، بائپسيءَ يا ننڍي وڏي آپريشن کان پوءِ، توکي مان سور گھٽ ڪندڙ ۽ ننڊ آڻيندڙ سئي ھڻندس.“
ڊاڪٽر امان مون کي سئي ھڻي ڇڏي. سرنج ڪچري واري دٻي ۾ اڇلائيندي چيائين، ” ان کان اڳ جو جھوٽا کائڻ لڳين، ھل ته تو کي تنھنجي ڪمري تائين ڇڏي اچان.“
مان اٿي بيٺس. گھڙي کن لاءِ آپريشن ٿيٽر جو فرش مون کي پنھنجي پيرن ھيٺان ڌڏندي محسوس ٿيو.
ڊاڪٽر امان پڇيو، ” ھلي سگھندين نه؟ يا، اسٽريجر گھرايان؟“
وک کڻندي چيم، ” سمجھان ٿو ڪمري تائين پھچي ويندس.“
ڊاڪٽر امان مون کي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. اسين آپريشن ٿيٽر مان نڪري آياسين.
ٻه چار وکون کڻڻ کان پوءِ منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو. لوندڙيءَ وٽ سور محسوس ٿيو. ڏاڪڻ چڙھندي منھنجا قدم ڪنبي ويا. ھڪ ھنڌ بيھي رھيس.
ڊاڪٽر امان منھنجي منھن ۾ ڏسندي پڇيو، ” ٺيڪ ته آھين نه؟“
چيم، ” ٺيڪ آھيان.“
الائي ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني ڪمري تائين پھتس. ھڪدم پلنگ تي ليٽي پيس. ڊاڪٽر امان الله بزر ڏيئي سسٽر زيتون کي گھرايو. ھوءَ ذري گھٽ ڊوڙندي آئي. پيار وچان منھنجن وارن کي جائيتو ڪندي پڇيائين، ” ڪيئن آھين؟“
منھنجي بدران ڊاڪٽر امان الله جواب ڏنو. چيائين، ” ھي ٺيڪ آھي. ڪجھه دير ۾ کيس ننڊ کڻي ويندي. صبح تائين، جيستائين پاڻ نه جاڳي، کيس جاڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.“
سسٽر زيتون ڊاڪٽر امان الله کان پڇيو، ” ٺيڪ ته ٿي ويندو نه؟“
ڊاڪٽر وراڻيو، ” مان سمجھان ٿو ته سندس ٽيومر مليگينٽ نه آھي. جلد ٺيڪ ٿي ويندو.“
سسٽر زيتون ڪجھه دير تائين مون ڏانھن ڏسندي رھي. پوءِ، ڪنڌ جھڪائي ٻاھرين در ڏانھن وڌي ويئي. در وٽ بيھي رھي. ڄڻ ڪجھه ياد آيس. موٽي آئي. ڊاڪٽر امان الله کي چيائين، ” توھين جڏھن آپريشن ٿيٽر ۾ ھئا. تڏھن ھڪ عورت آئي ھئي، قلندر سان ملڻ.“
ڊاڪٽر ھڪدم ڦيڙو کائي سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو. پڇيائين، ” تو ڇا چيس؟“
وراڻيائين، ” چيومانس ته قلندر جي بائپسي ٿي رھي آھي. آپريشن ٿيٽر ۾ آھي.ا يندڙ چوويھه ڪلاڪن ۾ ڪنھن سان به ملي نه سگھندو.“
ڊاڪٽر پڇيو، ” پنھنجو نالو ٻڌائين، ڪو ڏس پتو ڏنائين؟“
سسٽر زيتون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ” نه“
ڊاڪٽر امان الله خان ڪجھه سوچيندي پنھنجي ساءِ چيو، ” ڪير ھوندي، ڪير ٿي سگھي ٿي!“
غنودگيءَ مان موٽ کائيندي چچريل لھجي ۾ چيم، ” مان سمجھان ٿو ڏائڻ ھوندي... ڏائڻ!“
سسٽر زيتون جي چپن تي مرڪ تري آئي. چيائين،” ھاڻي کان تصور ۾ ڏانئڻيون ٿيون اچنس.“
ڊاڪٽر امان الله جي نرڙ تي گھنڊ پئجي ويو. ھن نرم لھجي ۾ سسٽر زيتون کي چيو، ” سسٽر، منھنجي اجازت کان سواءِ ڪو به ملاقاتي قلندر سان ملي نه سگھندو. ڪو به نه. تون ڀل وڃي آرام ڪر.“
سسٽر زيتون ھلي ويئي.
ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري جو در بند ڪري موٽي آيو. مون کي ٻنھي ڪلھن کان جھلي، ڌونڌاڙيندي چيائين، ” سمجھانءِ نه،، جوڳي، سمجاءِ نه.“
سندس ھٿ پري ڪندي چيم، ” مون کي ننڊ پئي اچي، مون کي سمھڻ ڏي.“
ڊاڪٽر پڇيو، ” ڏائڻ ڪير آھي؟“
چيم، ” شالي، مان شاليءَ کي ڏائڻ سڏيندو آھيان. مون ھت تي اعتبار نه ڪيو ھو. مون کيس شڪ جي نگاھ سان ڏٺو ھو.“
” ڏس جوڳي، سمجھاءِ نه “ ڊاڪٽر امان الله مون کي ڌونڌاڙيندي پڇيو، ” شالي ڪير آھي؟“
غنودگيءَ ۾ چيم، ” اسلام آباد جي سڀ کان سھڻي عورت آھي.“
ڊاڪٽر امان الله پڇيو، ” ڇا ڪندي آھي؟“
وچڙيل لھجي ۾ وراڻيم، ” بيوٽي پارلر ھلائيندي آھي. پر منھنجن دوستن جو خيال آھي ته ھوءَ خفيه ايجنسين جي ايجنٽ آھي.“
ڊاڪٽر امان الله مون کي ڪلھن کان جھلي ذري گھٽ کڻي ورتو. پڇيائين، ” شڪيله جي ڳالھه پيو ڪرين ڇا؟“
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” ھا، شڪيله. ٻه دفعا پنھنجي پسند سان شادي ڪيائين، ۽ ٻئي دفعا ناڪام ٿيس.“
ڊاڪٽر امان الله پڇيو، ” تو وٽ شڪيله جو نمبر آھي؟“
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم،۽ گھيرٽ ۾ ھليو ويس.
ڊاڪٽر امان الله خان جڳ مان پاڻي کڻي منھنجي منھن تي ڇنڊا ھڻندي چيو، ” سمجھانءِ نه جوڳي. وڏي ڳڙ بڙ ٿي پوندي، جيڪڏھن سمھي پوندين.“
ڊاڪٽر امان الله ٽيليفون جو رسيور کڻي رسيپشن جو نمبر ڊائل ڪيو، ۽ کانئن سڌي لائن گھري.
مون کي اٿاري ويھاري چيائين، ” مراد ٺاٺاري تو کي سڃاڻي ورتو آھي. ھن ئي شڪيله سان تنھنجي باري ۾ ذڪر ڪيو آھي. ورنه، ڪنھن کي به خبر ڪونھي ته تون ھتي آھين.“
چيم، ” ڊاڪٽر سولنگيءَ کي ته خبر آھي نه، مان ھتي آھيان.“
وراڻيائين، ” ڊاڪٽر سولنگيءَ کي خبر آھي، پر ھو ڪنھن کي به نه ٻڌائيندو ته تون ھتي آھين. اھو ڪم تنھنجي دوست مراد ٺاٺاري جو آھي. وڏو ڪو ڪمينو شخص آھي.“
چيم، ” ان ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش ناھي، ھاڻي مون کي سمھڻ ڏي.“
ڊاڪٽر امان الله چيو، ” نه جوڳي، نه. سمھڻ جي ڳالھه نه ڪر. تون فون تي شڪيله سان ڳالھاءِ. کيس پڪ ڏيار ته تون بلڪل ٺيڪ آھين، ۽ ڪنھن مخفي ھنڌ تان ساڻس ڳالھائي رھيو آھين.“
ڊاڪٽر امان الله خان ٽيليفون منھنجي پلنگ تي رکي ڇڏي.
مون شاليءَ جو نمبر ڊائل ڪيو. ھڪ گھنٽيءَ کان پوءِ شالي پاڻ فون رسيو ڪيو. چيائين، ” ھيلو“
چيم، ” شالي، مان آھيان جوڳي.“
ھڪدم چيائين، ” جوڳي، ڪيئن آھين. تون ڪيئن آھين!“
” مان بلڪل ٺيڪ آھيان.“ اوٻاسي ڏيندي چيم، ” بس مون کي ننڊ پئي اچي. مان سمھي پوندس. بس، ھيئنر ئي سمھي پوندس، ھونءَ مان ٺيڪ آھيان. بلڪل ٺيڪ آھيان.“
شالي چيو، ” مراد ٺاٺاري تو کي يا ھوبھو تو جھڙي شخص کي دراني ڪلينڪ ۾ ڏٺو ھو. سندس بائپسي ٿيڻي ھئي. مريض جو نالو قلندر پئي کنيائون. مان به ھن شخص کي ڏسڻ لاءِ دراني ڪلينڪ آئي ھيس. قلندر نالي شخص آپريشن ٿيٽر ۾ ھو، ۽ سندس بائپسي ھلي رھي ھئي.“
چيم، ” ھينئر مون کي ننڊ پئي اچي. مان سمھڻ چاھيان ٿو. مون کي سمھڻ ڏيو. منھنجي بائپسي نه ٿي آھي.“
شالي بيچين ٿي چيو، ” تون مون کي ٺيڪ نه ٿو لڳين، جوڳي. تون ڪٿي آھين، جوڳي. ڪٿان پيو ڳالھائين؟“
منھنجي ھٿ مان رسيور ڪري پيو، ۽ مون کي ھڪدم ننڊ اچي ويئي.