ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10912
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

50

جنت مون وٽ اٺ ڏھ اخبارون ۽ چانھه جو ٿرماس ڇڏي ويئي ھئي. مون اخبارون پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، نه پڙھي سگھيس. سموريون اخبارون بدامنيءَ، خونن ۽ ڌاڙن جي خبرن سان ڀريل ھيون. بدامني، خونن ۽ ڌاڙن لاءِ مخالف ڌريون حڪومت کي ڏوھ ڏيئي رھيون ھيون، ۽ حڪومت مخالف ڌرين کي ڏڦيڙ لاءِ ذميوار چئي رھي ھئي. وچٿري قسم جا سياستدان سموري ڳڙٻڙ ۾ غير ملڪي دشمنن جو مخفي ھٿ ڏسي رھيا ھئا. سموريون اخبارون ان قسم جي واھيات خبرن سان ڀريل ھيون. باقي ھڪ رويو واضع ھو. ھڪ عورت جي حڪومت، پوڙھن سياستدانن ۽ ملن مولوين کي ھرگز قبول نه ھئي. ۽ حڪومت، مخالف ڌرين جي بليڪ ميل ۾ اچي، ۽ ملن مولوين کي راِضي ڪرڻ لاءِ عقل چرخ ڪرڻ جھڙا ڪم ڪرڻ تي لھي آئي ھئي. لکين بيروزگارن سان روزگار جو واعدو ڪيو ويو ۽ بار بار ڪيو ويو ۽ واعدو پاڙڻ لاءِ قاعدن قانونن جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا. ضياءَ جي بدترين مارشل لا ۾ يارھن سال ملڪ اقتصادي ۽ سياسي طرح چيٿاڙجي ويو ھو، پر بينطير جي حڪومت سڀني سان تريءَ تي بھشت جو واعدو ڪري ويٺي. چوويھه ھزار شاگردن کي وڌيڪ تعليم لاءِ آڇ سان گڏ ستاويھه ڪروڙ رپين جي اسڪالرشپ جي پڪ ڏني ويئي. دھشتگرديءَ جي خلاف اپائن ۾ بداخلاق پوليس کي وڌيڪ اختيار ڏيئي، ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪري چڏيائون. پوليس طرفان شڪار ڪيل دھشتگردن ۾ مان ۽ گلاب گونگو شامل ھئاسين!
لڳم، اخبارن کان جند نه ڇڏايم ته چرئو ٿي پوندم. وارن ۾ ھٿ وجھي،واڪا ڪري، مٿو ڀت سان ھڻي ڦاڙي ڇڏيندس. اخبارون ڪمري جي ھڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيم. ٿرماس مان چانھه پيتي، مڱ کڻي آرام ڪرسيءَ تي ويھي رھيس.
چانھه پيئندي ھڪ سوال بار بار ذھن ۾ گردش ڪندو رھيو. شالي منھنجي لاءِ ڇا سوچيو آھي! کيس جيڪڏھن گولي نه لڳي ھا، ته ھن وقت تائين ھوءَ مون کي ڪھڙي ماڳ تي پھچائي ڇڏي ھا !
منھنجي مڱ ۾ اڃا چانھه باقي ھئي، جو در جو کڙڪو ڪري جنت اندر ھلي آئي، ڪجھه ڪجھه پريشان پئي ڏٺي. ان کان اڳ جو مان کانئس ڪجھه پڇان، جنت چيو ، ” ميڊم جو فون آيو ھو.“
پڇيم، ” ٺيڪ ته آھي نه؟“
چيائين، ” ميڊم چيو آھي ته توھين گاڏي گيراج ۾ بند ڪري ڇڏيو. مون کي ڊرائيونگ نٿي اچي.“
مون کي تعجب ٿيو. پڇيم، ” خيريت ته آھي نه؟“
وراڻيائين، ” ميڊم چيو آھي ته گيراج ۾ بيھاري گاڏي کي اندران چڱي طرح ڌوئي ڇڏجي.“
جنت کان چاٻي ورتي، پورچ مان گاڏي ڪاھي مون گيراج ۾ بيھاري ڇڏي. گيراج ۾ نلڪي سان پلاسٽڪ جو پائيپ ٻڌل ھو.“
جنت چيو، ” گاڏي مان پاڻ ئي ڌوئي ڇڏيندس.“
گاڏي جو اڳيون ۽ پويون سيٽون رت سان رڱيل ھيون. جنت سيٽن تان ڪور لاھي ورتا. ڏٺم ته ڪَورن تان رت ٽمي سيٽن تي پکيڙجي، ۽ سڪي ويو ھو.
جنت چيو، ” توھين ڀلي پنھنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪريو. ڪجھه دير کانپوءِ مستري ايندو ۽ مرمت لاءِ گاڏي کڻي ويندو”
پڇيم، ” مستريءَ کي ڪنھن فون ڪيو آھي؟“
وراڻيائين، ” ميڊم.“
پڇيم، ” اعتبار جوڳو ماڻھو آھي؟“
چيائين، ” ميڊم کي جنھن ماڻھو تي اعتبار نه ايندو آھي، تنھن ماڻھوءَ کي مفاصلي تي رکندي آھي.“
مان ڪمري ۾ موٽي آيس. مڱ ۾ ڇڏيل چانھه ٺري ويئي ھئي. واش بيسن ۾ ٺريل چانھه ھاري، مڱ ۾ ٿرماس مان گرم چانھه پيتم. ٻه چار سرڪيون ڀري وقت ڏٺم. منجھند جا ٻه ٿيا ھئا. شام مون کي سچ پچ تمام پري محسوس ٿيڻ لڳي. سوچيم، ڪجھه غير معمولي حالتوج اٿل پٿل ۾ آھن، پاسا ورائي رھيون آھن. شام ڌاري شالي جي اچڻ کان اڳ ڪجھه ٿي پوندو ! ايندڙ وقت مونکي مبھم، ۽ پريشان ڪندڙ محسوس ٿيو. گرم گرم چانھه جا تڪڙا تڪڙا ڍڪ ڀري ورتم. اکيون بند ڪري ڇڏيم. وچ سير ۾ ونجھه اڇلائي چڏڻ کانپوءِ مون کي پنھنجي پريشانيءَ جو سبب سمجھه ۾ نه پئي آيو. ڪٿي ائين ته نه ھو، مان اصل ۾ شالي لاءِ پريشان ھئس.
در کڙڪائي جنت اندر آئي ھلي آئي. اڳ ڪا ڪجھه وڌيڪ پريشان ھئي. پڇيائين، ” تنھنجا رت ھاڻا ڪپڙا ڪٿي آھن؟“
چيم، ” باٿ روم ۾ پيا آھن.“
ھوءَ ھڪدم باٿ روم ۾ ھلي ويئي. اندران پلاسٽڪ جي بيگ ۾ رت ھاڻا ڪپڙا وجھي آئي. کانئس پڇيم، ” مون کان ڪجھه لڪائين ته نه ٿي؟ تنھنجي ميڊم ڪيئن آھي.“
چيائين، ” ميڊم ٺيڪ آھي، پنجين لڳي تائين ڊاڪٽر جبار خان کيس ڇڏي ويندو.“
پڇيم، “ رت ھاڻا ڪپڙا ڪيڏانھن کڻي پئي وڃين؟“
وراڻيائين، ” ميڊم جي فون آئي ھئي. چيو اٿائين ته گاسليٽ وجھي ڪپڙا ساڙي ڇڏيان.“
ھوءَ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندي در ڏانھن وڌي ويئي. مون کيس سڏ ڪيو. ھوءَ بيھي رھي، ۽ پوءِ مون ڏانھن ھلي آئي.
چيم، ” اڄ صبح جو شايد پوليس آئي ھئي.“
ٿورڙو تعجب ٿيس . چيائين، ” ھا، آئي ھئي.“
چيم، ” تو پوليس کي ٻڌايو پئي ته ميڊم سان گڏ ڪو به نه آيو ھو، ۽ ميڊم خود موٽر ھلائي آئي ھئي.“
” ھا چيو ھوم“ تجسس وچان پڇيائين، ” توھان سموري گفتگو ٻڌي پئي ڇا؟“
” ھا ٻڌم پئي، تو تمام وڏي واڪ پئي ڳالھايو.“ چيم، ” پر جنت، چوڪيدار مون کي گاڏي ھلائي آڻيندي، ۽ ميڊم کي موٽر مان کڻي اندر گھر ۾ داخل ٿيندي ڏٺو آھي.“
” چوڪيدار ميڊم جو خاص ماڻھو آھي. ڏھن سالن جو ھو، جو ميڊم کيس بلستان مان وٺي آئي ھئي.“ جنت چيو، ” چوڪيدار جي باري ۾ ڪو فڪر نه ڪر.“
ھوءَ ٻيھڙ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي، ڪمري جو در بند ڪري ھلي ويئي.
گذريل ڏھن پنڌرھن ڏينھن دوران بند ڪمري ۽ ڪوٺين ۾ لڪندي مان بيزار ٿي پيو ھوس. دل چاھيو درين تان پڙدا ھٽائي ڇڏيا. ٻاھر جو منظر ڏسان. سياري جي مند جا اداس پاڇا ڏسان. اسلام آباد جو سيارو ڏاڍو اداس، ۽ دل کي ملول ڪري ڇڏيندو آھي. ھونءَ دل تي پريشانين جو ٻوجھه ڪو گھٽ نه ھو، جو مون اداس اس جي لاءِ پئي واجھايو ! سوچيم، بالڪونيءَ يا ٽيرس جو در کولي، ٻاھر کليل ھوا ۾ وڃي بيھي رھان ! يخ، برف جھڙي ھوا کي سيني ۾ لاھي ڇڏيان ! ٻانھون کولي وڏي واڪ احتجاج ڪريان، ۽ چوان، ته مان دھشتگرد نه آھيان، مان دھشتگرد نه آھيان مان آوارھ گرد آھيان. مان دھشگرد نه آھيان!
پر، مون ائين نه ڪيو. شاليءَ جو خيال ڀت وانگر ارادن آڏو بيھي رھيو. بيوسي زنجير ٿي پيئي. محسوس پئي ڪيم ته پاڻ سان پنھنجي گھر آڻي شاليءَ بظاھر مون سان ته ڀلائي ڪئي ھئي، پر پنھنجي لاءِ مصيبت کڙي ڪري وڌي ھئي.
آرام ڪرسيءَ تي ويھي رھيس. ٽڙيل پکڙيل اخبارن ڏانھن ڏٺم. درن ۽ درين تي لڙڪندڙ پڙدن ڏانھن ڏٺم. پڙدن جي رنگن ۾ گم ٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪيم. ناڪام رھيم. تڏھن، سائيڊ بورڊ تي رکيل ٽيليفون تي منھنجيون نگاھون اٽڪي پيون. دل چاھيو ته ڪنھن سان ڳالھايان! ٻيو نه، ته غلط نمبر ڊائل ڪري ڪنھن سان بڪواس ڪريان ! ابتو سبتو ڳالھايان! واھيات، بيمقصد ۽ بي معني ڳالھيون ڪريان! ڪوڙي کِل کلڻ جي ڪوشش ڪريان ! لڳم پئي ته ورھين کان مان کلي نه سگھيو آھيان. منھنجي چپن کام مُرڪ وسري ويئي آھي.
مان سائيڊ بورڊ ڏانھن وڌي ويس. سائيڊ بورڊ تائين پھچندي، مون کي خيال آيو، مان ڪٿي سُڌ ٻڌ ته نه وڃائي رھيو آھيان ! آھستي آھستي پاڳل ته نه ٿي رھيو آھيان ! چريو ته نه ٿي پيو آھيان!
ڪيتريءَ دير تائين مان ٽيليفون ڏانھن ڏسندو رھيس. دل ڌڙڪڻ بدران سيني ۾ ڦٿڪندي رھي. ساڄي ھٿ جي ڀيڪوڙيل مٺ مان پھرين آڱر سڌي ڪري، جيڪي نمبر ذھن تي تري آيو، ڦيرائي ڇڏيم. ٻئي طرف گھنٽي وڄڻ جو آواز آيو. ڪنھن رسيور کنيو، ۽ نھايت ڳوري آواز ۾ ڳالھايو، ” ھيلو“
چيم، ” يار، نڙيءَ ۾ تڪليف اٿئي، يا ڏوڪا کائي ٿڌو پاڻي پي ڇڏيو اٿئي، جو آواز ڀڳل ريڊيو جھڙو ٿي پيو اٿئي؟“
وڏو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو. چيائين، ” اڙي ابراھيم گنجا، ھانگ ڪانگ کان ڪڏھن آيو آھين؟“
چيم، ” اڙي ڀڳل ريڊيا، منھنجو آواز ابراھيم گنجي جھڙو آھي ڇا؟“
ٽھڪ ڏيندي چيائين،” دنيا ۾ فقط ابراھيم گنجي جو آواز ٻڪر جھڙو آھي، ڪيئن گنجا !“
وري ٽھڪ ڏنائين، پڇيائين، ” سچ ٻڌاءِ گنجا، ھانگ ڪانگ مان ايڊز جي بيماري ته نه کڻي آيو آھين؟“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪوشش جي باوجود مان سندس ٽھڪ سان پنھنجو ٽھڪ پڄائي نه سگھيس. مان اندران خالي ٿي ويو ھوس. مون سندس ٽھڪ ٻڌو. مون کي ائين لڳو، ھو ڄڻ منھنجي پاسي کان بيٺو ھو، ۽ مون تان کلي رھيو ھو!“
کلندي کلندي ھن چيو، ” بولتي بند ڇو ٿئي ويئي اٿئي گنجا ! ڳالھائين ڇو نه ٿو؟“
مون رسيور رکي ڇڏيو. بيوسيءَ جو احساس وڌندو ويو. مان بڪواس ڪرڻ جي قابل به نه رھيو ھوس! پر، مان ڳالھائڻ چاھيان ٿو، ڪجھه چوڻ چاھيان ٿو، ڪجھه ٻڌڻ چاھيان ٿو! اندر ۾ آنڌ مانڌ وڌندي ويئي.
ڀيڪوڙيل مٺ مان پھرين آڱر ٻاھر ڪڍي، مون مراد ٺاٺاري جو نمبر ڊائل ڪيو. گھنٽي وڄي پيئي. ٻئي طرف کان آواز آيو، ” مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ.“
چيم، ” مراد رسيور نه رکجانءِ، خدا جي واسطي نه رکجانءِ – مون سان ڳالھاءِ، ڳالھاءِ مراد !“
مراد ٺاٺاري چيو، ” جاني جاني ! مون مسڪين کي مارائي وجھندين، اڃا ڪالھه ته مون کي پروموشن ملي آھي. وڏي جاکوڙ کان پوءِ.“
کيس ايلاز ڪندي چيم، ” نه مراد، نه. ٽيليفون بند نه ڪجانءِ. – مون سان ڪجھه ڳالھاءِ. منھنجو وجود خاموشين ۾ غرق ٿي ويو آھي. مون سان ڪجھه ڳالھاءِ مراد !“
مراد ٺاٺاري فون بند ڪري ڇڏي.
مان شاليءَ جي پلنگ ڀرسان ڪارپيٽ تي ليٽي پيس. ساڳئي لمحي دڙ کڙڪائي جنت اندر ھلي آئي. منھنجي لاءِ منجھند جي ماني کڻي آئي ھئي. ٽري ميز تي رکيائين. پڇيائين، ” ته طبيعت ته ٺيڪ اٿو نه؟“
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” بس، ٺيڪ آھيان.“
پڇيائين، ” ننڍڙو ٽيليويزن ڏيئي وڃائو؟“
چيم، ” نه“
ويندي ويندي جنت چيو، ” پنجين لڳي تائين ميڊم جن گھر موٽي اينديون.“
ھوءَ ڪمري مان ھلي ويئي. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. ٽي ٿي رھيا ھئا. اکيون بند ڪري مون ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حيلا ھلائيندي، پاسا ورائيندي، الائي ڪھڙي وقت مون کي ننڊ کڻي ويئي. اک کلي در کڙڪائڻ جي آواز تي. اٿي ويٺس. جنت اندر ھلي آئي. منھن تي سنجيدھ مرڪ ھئس. چيائين، ” توھان کي ميڊم سڏي رھي آھي.“
تعجب وچان پڇيم، ” ميڊم اچي ويئي آھي ڇا؟ پنج ٿي ويا آھن، ڇا؟“
چيائين، ” ست ٿي رھيا آھن.“
عجيب لڳم، ” ست ٿي رھيا آھن.“
اٿندي چيم، ” تو مون کي اڳ ڇو نه جاڳايو.“
چيائين، ” ميڊم منع ڪئي ھئي.“
پڇيم، ” ڪٿي آھي.“
وراڻيائين، ” گيسٽ روم ۾.“
جنت کان اڳ مان ھيٺ لھي ويس. گيسٽ روم منھنجو ڏٺل ھو. پڙدو ھٽائي اندر داخل ٿيم. شالي پلنگ تي ليٽيل ھئي. پني، مُري ۽ پير تي پٽي ٻڌل ھئس. پير ٻن ويھاڻن تي رکيو ھوس. ڪمزور ۽ نٻل پئي لڳي. مون کي ڏٺائين ته منھن تي مُرڪ تري آيس.
مان ڀرسان وڃي بيٺس. ايڏي اٿاھ پيار مون اڳ سندس اکين ۾ نه ڏٺو ھو.
پڇيائين، ” ڪيئن آھين؟“
چيم، ” تو کي پريشان ڪيو اٿم.“
ھڪدم چيائين، ” نه،نه، ڪڏھن به نه.“
چيم، ” تنھنجي انڪار ڪرڻ سان ڇا ٿيندو ! ڏسان پيو ته تو کي پريشان ڪيو اٿم. منھنجي ڪري موت جي منھن تائين وڃي پھتي آھين.“
” موٽي به ته آئي آھيان، موت جي منھن مان.“ منھن تي مُرڪ تري آيس. چيائين، ” ويھي رھ.“
ھيڏانھن ھوڏانھن ڪرسيءَ لاءِ ڏٺم. چيائين، ” ھتي، منھنجي ڀرسان ويھي رھ.“
مان پلنگ تي سندس ڀرسان ويھي رھيس. جنت چانھن جا ٻه مڱ کڻي آئي. ھڪ مڱ شاليءَ ۽ ٻيو مون کڻي ورتو. ڪجھه دير تائين اسين ٻئي خاموش ويٺا رھياسين. سپ سپ ڪري چانھن پيئندا رھياسين، ۽ رکي رکي ھڪٻئي ڏانھن ڏسندا رھياسين.
شاليءَ چيو، جوڳي، تون سڀ ڪجھه سمجھين پيو نه حالتون اسان جي حق ۾ نه آھن.“
ڪجھه نه چيم. ڏانھنس ڏسندو رھيس. شالي چيو، مون روالپنڊي ۽ اسلام آباد جا ٻه سٺا وڪيل تنھنجي ۽ گلاب گونگي لاءِ انگيج ڪيا آھن. تمام سٺاوڪيل آھن، ۽ ايمنيسٽي انٽرنيشنل ۽ ھيومن رائٽس لاءِ به ڪم ڪندا آھن.“
مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
پڇيائين، ” مون تي اعتبار اٿئي نه؟“
چيم، “ تنھنجي ھٿان مرڻ مھڻو نه ٿو ڀانيان.“
مُرڪ منھن تي تري آيس. چيائين، ” نه شاعري، ۽ نه رومانس. زھر کي زھر سمجھي پيئڻ ۾ پنھنجو مزو آھي.“
مان خاموش رھيس.
شاليءَ چيو، ” سڀاڻي رات جو ٻئي وڪيل تو سان ملڻ ايندا.