ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

4

حالتون اوچتو ۽ تيزي سان بدلجي ويون، جيڪي ڪجھه ٿي رھيو ھو، اھو سڀن جي وھم ۽ گمان ۾ نه ھو. مون بدحواسي جي عالم ۾ به نه سوچيو ھو، ته ھڪ ڏينھن اھڙو به ايندو، جو مون کي، ڪجھه نه ڪرڻ جي باوجود روپوش ٿيڻو پوندو.
چارڻ چريو مون سان متفق نه ٿيو. منھنجي روپوش ٿيڻ لاءِ کيس برپٽ صحرائي جي گھر ۾ لڪڻ واري تجويز پسند نه آئي. چيائين، ”برپٽ صحرائي مولائي مڙس آھي، اٺن ٻارن جو پيءُ آھي، سندس ٻار اڌ ڪلاڪ ۾ سموري اوڙي پاڙي کي خبر ڪري ڇڏيندا ته تون وٽن روپوش ٿيل آھين. تو کي مارائيندا، پر پنھنجي پيءُ کي به مارائيندا. “
مون کي چارڻ جي ڳالھه سمجھه ۾ آئي، اسان وارو سنگتي، برپٽ صحرائي لال ڪواٽرن واري علائقي جي ھڪ ڪواٽر ۾ رھندو آھي. ڪواٽر ۾ ٻه ڪمرا اٿس، ٻن ڪمرن واري ڪواٽر ۾ برپٽ صحرائي پنھنجي ھڪ عدد زال، اٺن ٻارن، پوڙھي ماءُ، ھڪ چرسي مامي ۽ ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن سان رھندو آھي. ھن به روزگار خاطر اسلام آباد ڏانھن ھجرت ڪئي ھئي. ھتي ڏسنديئي ڏسندي مڙس اسلام آبادي ٿي ويو آھي.پڇوس، برپٽ،سنڌ ھلندين؟ جواب ڏيندو، بابلا، سنڌ وڃي ڇا ڪبو ! برسٽ لڳو ته اٺئي ٻار يتيم ! اسان ته ھاڻي اسلام آبادي ٿي پيا آھيون.
سوچيم، برپٽ صحرائيءَ کي برسٽ لڳي نه لڳي. پر جيڪڏھن پوليس مون کي سندس گھر مان گرفتار ڪيو، ته پوءِ برپٽ، برپٽ جي زال، اٺئي ٻار، پوڙھي ماءُ، چرسي مامو، ٻه ڀائر ۽ ٽي ڀينرون ڪاٺ ۾ ھوندا. جُٺ ڪندن جو سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا، ڌاڙن، خونن جا اڌ کان وڌيڪ الزام پنھنجي سر کڻندا ! سندس پنجن سالن جو پٽ ڀنڀرو به بم سان ريل گاڏي اُڏائڻ جو الزام قبول ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو !
چارڻ کي چيم،”پوءِ ڇا ڪجي؟ “
چارڻ سوچ ۾ پئجي ويو. ھو جڏھن به سوچيندو آھي، تڏھن ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي ويندو آھي. اصل گم سم !
مون کيس ٻانھن کان وٺي ڌونڌاريو. ھن ڇرڪي مون ڏانھن ڏٺو. پڇيم، ”ڇا پيو سوچين.“
”سوچيان پيو ته تو کي ڪٿي لڪائجي“ ھو ٻيھر سوچ ۾ گم ٿي ويو .
سج لٿي ڪجھه ڪلاڪ گذري ويا ھئا. پوڙھو چوڪيدار حاجي يوسف ٻه چار دفعا تشويش وچان ليئا پائي ھليو ويو ھو. آفيس ۾ اھڙي نموني ويھڻ مون مناسب نه سمجھيو. مون چارڻ کي چيو، ”گھٽ ۾ گھٽ، في الحال ايترو ته ڪري سگھئون ٿا، جو ھتان ٻاھر ھلئون؟“
” ھا، ٺيڪ آھي.“ چارڻ اٿي بيٺو. جو خيال آيس. چيائين، ترس.
ھو دريءَ ڏانھن وڌي ويو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي موٽي آيو. چيائين، ”ٻاھر اوندھ آھي – ڀنگ ۾ ٿا ڪاھي پئون.“
اسين آفيس مان نڪري آياسين. ٻاھرين در وٽ حاجي يوسف مليو. پڇيائين، خير ته آھي نه؟
” ھا، ھا مڙيئي خير آھي“ مون کان اڳ چارڻ جواب ڏنو.
الائي ڇو؟ پوڙھي حاجي يوسف ڪنڌ کنھندي چيو،” مون کي الائي ڇو، پريشان پيا لڳو. “
” ڳالھه اصل ۾ پريشاني جھڙي آھي ۽ پريشانيءَ جھڙي نه به آھي“ چارڻ معاملي کي سنڀاليندي چيو،”ڳالھه ھن ريت آھي ته ڪي بدبخت ڌاڙيل پنھنجي جوڳيءَ جي سھري کي اغوا ڪري ويا آھن. “
پر ! حاجي يوسف وائڙو ٿي ويو. چيائين، ” پر، جوڳي ته ڪنوارو آھي ! “
”برابر،برابر. “ چارڻ ھڪدم چيو،”جوڳي برابر ڪنوارو آھي. پر، ھو بدنصيب ڪنواري جي نصيب ۾ ھڪ عدد چوھڙ جمالي جھڙو سھرو ضرور لکيل ھوندو آھي. “
مون چارڻ کي ٺونٺ ھنئين.
”چڱو چاچا !“ چارڻ حاجي يوسف کي چيو، جوڳي ڏاڍو اداس ۽ دلگير ٿي پيو آھي. مان کيس بالٽي گوشت ٿو وڃي کارايان. انشاءَ الله تعالي ٺيڪ ٿي ويندو.
حاجي يوسف منھنجي پٺي ٺپيندي چيو. ”مڙس ٿي جوڳي، اھڙو وقت مڙسن تي ايندو آھي“
ٻڌين ٿو؟ چارڻ چيو،”حاجي يوسف ڇا پيو چوي اھڙو وقت مڙسن تي ايندو آھي ! ڪيئن حاجي؟“
” برابر، برابر، “ حاجي يوسف چيو، ” دل نه لاھ تو کي تنھنجو سھرو ملي ويندو “
چارڻ مون کي ٻانھن کان ڇڪيندو ٻاھر وٺي ويو.
ٻاھر ذري گھٽ گگھه اوندھ ھئي. رستي جي ٻئي طرف ڊگھن وڻن جي قطار ھئي. وڻن جي پريان ڀنگ جا گھاٽا ٻوٽا ھئا. اسين ڊوڙندا، رستو پار ڪري ڀنگ جي ٻوٽن ۾ وڃي پياسين. سياري جي مند ۾ سوئر، بگھڙ، ۽ گدڙ اسلام آباد جي جھرن جھنگن ۾ عام جام ٿي پوندا آھن.
چارڻ کي چيم، ”متان جھنگلي جانور جي ور چڙھي وڃئون ! “
”جانور ڀل ته کڻي ڪيترو به جھنگلي ھجن، پر نه ڪيل گناھن جو اعتراف ڪرائي نه سگھندا آھن“، چارڻ چيو، ” اھو نيڪ ڪم فقط پوليس وارا سرانجام ڏيندا آھن.“
سيءَ ماشا گم ڪري ڇڏيا ھئا. اسان ٻنھي بلو ايريا مان ڊوڙڻ شروع ڪيو. ايف – سڪس لنگھي جي سڪس ۾ پھتاسين. سيءَ سبب لکا نه پئي. ٻه ٽي ڪلوميٽر ڪڍي آياسين. مون کي سمجھه ۾ نه آيو ته مان ڇا جي ڪري ڊوڙي رھيو ھوس، ۽ ڪيڏانھن وڃي رھيو ھوس !
ھڪ ھنڌ، سڙڪ جي ڀرسان، ھڪ ٻاڪڙي وٽ وڃي بيٺاسين. مان اوٽ ۾ ٿي بيٺس. چارڻ ٻاڪڙي واري کان چانھه جا ٻه ڪوپ وٺي آيو. خاموشي سان سپ سپ ڪري چانھه پي ڇڏيسين. چارڻ ڪوپ ۽ پيسا ٻاڪڙي واري کي ڏيئي موٽي آيو.
چارڻ کان پڇيم، ”اھڙي نموني ڊوڙڻ بيمقصد نٿو لڳي؟ “
”سيءِ ۾ بيھي سُڪڻ بدران، ڊوڙڻ بھتر آھي.“ چارڻ چيو، ”شايد ڪو حل نڪري اچي. “
”حل نڪرڻ کان اڳ منھنجو ساھ نڪري ويندو “
چيم، ”منھنجو کاٻو گوڏو زخمي آھي، مان وڌيڪ ڊوڙي نه سگھندس.“
چارڻ سوچ ۾ پنڊ پھڻ ٿي ويو. ڪافي دير کانپوءِ ڪنڌ لوڏيائين. اھا سندس موٽي اچڻ جي نشاني آھي، سوچ جي دنيا مان.
”آزمائش جي گھڙي آھي جوڳي“ چارڻ مون ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”سمجھين ٿو ته مراد ٺاٺارو تو کي پاڻ وٽ پناھ ڏيندو ! “
الائي ڇو مراد ٺاٺاري جو خيال آيو ھيس ! چيم، ”چارڻ، مراد ٺاٺاري وڏي جفاڪشيءَ ۽ محنت سان، ۽ اسلام آباد جي ڪرتائن ڌرتائن کي ھڪ ٽن ماکي، ٻه ٽن سچو گيھه، ۽ انبار کارڪن جا کارائي ھن نامراد شھر ۾ پنھنجي لاءِ مرتبو ۽ حيثيث حاصل ڪئي آھي. تون ڇو اچي مسڪين جي ڪڍ پيو آھين ! “
”تون مرندي مرندي به پاسخاطري کان نه مڙندين.“ چارڻ چيو،”ڊوڙڻ شروع ڪر، شايد ڪا راھ نڪري پوي. “
منھنجيءَ ٻانھن ۾ ھٿ وڌائين. وجود ۾ ولوڙ محسوس ٿي. اڻ تڻ وڌڻ لڳي. چارڻ جو ھٿ پري ڪندي چيم، ”مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. گلاب گونگي به ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي، ته پوءِ مان ڇو ۽ ڪنھن کان روپوش ٿيڻ لاءِ سرگردان آھيان ! “
”تون ڇا ٿو سمجھين. “ چارڻ ڪاوڙ وچان چيو ، ”ڏوھ ثابت ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم آھي ! ھڪ دفعو پوليس کي ور چڙھي وئين نه، ته لياقت علي خان وارو خون به تو تي مڙھي ڇڏيندا. “
”مون کي خبر آھي، مون کي اھا خبر آھي ته، چاھين ته ابراھيم لنڪن ۽ ڪينڊيءَ جي خون جي الزام ۾ ٻڌي آمريڪا روانو ڪري ڇڏين ! “، چيم ، ” اھو سڀ ڪجھه ھن ڀڄ ڀڄان کان بھتر آھي. “
چارڻ چريو اوچتو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. چيائين، ”سبزي منڊي ۾ ڀاڄين جو ھڪ لالو واپاري منھنجو پڪو سنگتي آھي. ھو منھنجي ڳالھه نه ٽاريندو. تو کي پڪ پناھ ڏيندو. “
ٿوري دير لاءِ دل مَن ھنيم ۽ سوچيم، ٻيو ته گھٽ ۾ گھٽ اڄوڪي رات لالي وٽ گذارجي. سڀاڻي جي ڳالھه سڀاڻي سان. ڏينھن شينھن آھي مھل کي منھن ڏبو.
اوندھ ۾ اسين سبزي منڊيءَ ڏانھن روانا ٿي وياسين.