22
مون کي خبر ھئي ته مجرم ۽ جرائم پيشه شخص مجبور ماڻھن کي ھيومن شيلڊ يعني انساني ڍال طور استعمال ڪندا آھن. ھو پنھنجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ڪارندن جي وچ ۾ مجبور ماڻھن کي بيھاري ڇڏيندا آھن. مون کي اھا خبر ھئي ته سنڌ ۾، ان جي برعڪس، ڏوھارين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن طرفان ڏوھارين جي پورھن مٽن مائٽن ۽ جوان زالن ۽ ڌيئرن ۽ ڀينرن کي حراست ۾ ورتو ويندو آھي، ۽ ان ڪاروائي کي جائز سمجھيو ويندو آھي. محمد عالم کوسو، ڌاڙيل عالمو کوسو ٿيڻ کان اڳي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙھندو ھو. ھاريءَ جو پٽ ھو، وڏيري سان معمولي ڳالھه جي اڻبت سبب وڏيري جي چوڻ تي پوليس محمد عالم کوسي جي ٻن جوان ڀينرن کي لاڪپ ۾ رکيو ھو، ۽ کين پورھي پيءُ آڏو بيعزت ڪيو ھو. ان ڳالھه جي خبر حيدرآباد ۾ جڏھن محمد عالم کي پيئي ھئي، تڏھن ھن ڳوٺ جو رخ ڪيو ھو، ۽ وڏيري کي ماري سندس لاش ڪتن جي حوالي ڪيو ھو. ان کانپوءِ ڏھن سالن تائين سنڌ ۾ عالمو کوسي جي دھشت جو راڄ ھو. ھن کي ان پوليس آفيسر جي ڳولا ھئي، جنھن سندس ڀينرن کي لاڪپ ۾ بيعزت ڪرايو ھو. نيٺ ھڪڙي ڏينھن بند ڀرسان جيپ ۾ ويندي انسپيڪٽر، عالمو کوسي کي ور چڙھي ويو. عالموءَ کيس الف اگھاڙو ڪري ٻيڙي جي سڙھ سان ابتو لٽڪائي ڇڏيو ھو. کيس ٻيڙي ڪاھي وچ درياءَ ۾ ڪاھي ويو. ڇھن ڪلاڪن سان سندس جسم کي خنجر سان چيريندو رھيو. ڪجھه عرصي کانپوءِ عالمو کوسو پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو ھو.
برپٽ صحرائيءَ جي ڪواٽر کان پٺيرو پري ٿيندي مون سوچيو، ڪٿي ائين ته ناھي، مضبوط مرڪز جي راڄڌانيءَ ۾ موجوده دور جي عالمو کوسي لاءِ ماحول سازگار ٿي رھيو آھي ! برپٽ صحرائيءَ جي ٻن پٽن ۽ پوڙھي ماءُ کي پوليس وارا پڪڙي وٺي ويا آھن ! بعيد ناھي ته ڪجھه عرصي کان پوءِ ملڪ واسين کي ڌاڙيل برپٽ صحرائيءَ جو نالو ٻڌڻ ۾ اچي ! مون اڪثر محسوس ڪيو آھي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن وٽ ڌاڙيل ۽ ڏوھاري پيدا ڪرڻ جون فيڪٽريون آھن. ھڪ دفعي لاءِ پوليس جي وڙ چڙھي وڃڻ کانپوءِ ماڻھو يا ته ڌاڙيل يا ته ڏوھاري ٿي پوندوآ ھي، يا وري ملڪ جو باغي ۽ غدار !
ڏينھن، شينھن ! چڙھندو آيو. لال ڪواٽرن جي ڀرسان ڪامورن لاءِ بنگلن جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيائون ھو. ٽولن ۾ مزدور ڪم لاءِ نڪري آيا ھئا. ڪي رازا، مستري، ڊکڻ ۽ واڍا وڃي ڪم سان لڳا ۽ ڪي وڃي جھوپڙين ۾ ٺاھيل ھوٽل ۾ وڃي ويٺا. ڪن نيرن ڪئي ۽ ڪن چانھه جون سرڪيون ڀريون. ان دوران ھو پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا رھيا ۽ خوش ٿيندا رھيا.
مان ماٺڙي ڪري ٻاڪڙا ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويھي رھيس. ھڙ کولي تختي تي رکيم ۽ گرھ ۾ تريل بٽاٽا وجھي کائڻ لڳس. ٻاڪڙي وارو ڇوڪرو ميري ۽ گدلي ڪوپ ساسر ۾ چانھه کڻي آيو. پاسي کان ڊالڊا جي چٻي دٻي ڀرسان جست جو غليظ گلاس رکيو ھو. ٻه چار گرھ پيٽ ۾ لٿا ته دماغ جا چاريئي طبق روشن ٿي پيا. اھو شخص وڏو ڏاھو ھو، جنھن چيو ھو، اَنَ ھو، ايمان ھو ! يا، بک ڀڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري !
مون کي ياد ناھي مون اڳ ڪڏھن زندگيءَ ۾ ايتري لذيذ نيرن ڪئي ھئي. پيٽ ڀرڻ کانپوءِ مون گذريل ٽن چئين ڏينھن جو جائزو نئين سر ورتو.
سوچيم، ٻه ڳالھيون اھم آھن. ھڪ، گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت، ۽ ٻيو گذريل ٽن چئن ڏينھن ۾ پوليس ڪھڙي قسم جون خبرون اخبار، ريڊيو ۽ ٽيلويزن کي جاري ڪيون آھن.
ڏائڻ ھٿان دغا کائڻ کانپوءِ ضمانت وارو ڪم ذري گھٽ ناممڪن ٿي پيو ھو. باقي رھي پوليس جي خبرن واري ڳالھه ته ان لاءِ گذريل ٽن چئن ڏينھن جون اخبارون پڙھڻ ضروري سمجھيم.
لال ڪواٽرن کان آبپاره پري ناھي. وڻن جي قطار جو وڃي پاسو ورتم. ماڻھن کان لڪندو، بچندو مان آبپاره وٽ پھتس. ٽي چار اخبار فروش سائيڪلن تي اخبار رکي بيٺا ھئا. ماحول جو جائزو وٺڻ لاءِ مان اخبارن وارن کي پٺي ڏيئي،باٽا جي دڪان ٻاھران بوٽن جي شوڪيس ڏانھن منھن ڪري بيھي رھيس. باٽا جو دڪان نه کليو ھو. اندر اوندھ ھئي، شوڪيسن جي شيشن ۾ منھنجي پس منظر وارو سمورو نظارو چٽي عڪس ۾ نه پئي آيو.
ڀاڄي ڀتيءَ، گوشت مڇيءَ ۽ سيڌو سامان وٺڻ وارا ايندي ويندي اخبارن وارن وٽ بيھي پئي رھيا، ۽ اخبارن جون سرخيون پڙھي اڳتي وڌي پئي ويا. ڪي ته اخبارن کي بنھه چنبڙي پئي پيا. اھڙا شخص گھڻو ڪري ڪراڙا بورچي ۽ ڪامورن جا اردلي پئي لڳا، جن کي گھر ۾ آيل اخبار کي ھٿ لڳائڻ جي اجازت نه ھوندي آھي. ان دوران ڪا ڪا گھڙي اھڙي به آئي پئي، جڏھن اخبار فروش اڪيلا پئي رھجي ويا. گھڙي کن لاءِ خيال آيو ته وک کڻي ٻه ٽي اخبارون خريد ڪريان، پر ائين ڪندي عجيب ڊپ محسوس پئي ٿيو. ان وقت مون محسوس ڪيو ته لڪڻ لاءِ نه فقط جھر جھنگ، پر ماڻھن جو جھنگ به مناسب ھوندو آھي. اڪيلو انسان نمايان ٿي پوندو آھي، نظرن ۾ ايندو آھي. ماڻھن جي جھنگ ۾ انسان پنھنجي انفرادي شناخت، سڃاڻپ وڃائي ويھندو آھي. ھجوم ۾ شامل ھو اجتماعيت جو حصو ٿي پوندو آھي، ڪنھن کي نظر نه ايندو آھي. مون سوچيو اخبار فروشن وٽ جڏھن مُفت ۾ اخبارون پڙھڻ وارن جي پيھه وڌي ويندي، مان ڦيرو کائي، ھڪدم پيھه ۾ وڃي شامل ٿيندس ۽ اخبارون وٺي کسڪي ويندس.
ڪجھه دير کانپوءِ اخبار فروشن وٽ پيھه وڌي ويئي. موقعو مناسب لڳو. وک کڻي پيھه ۾ وڃي بيٺس. ٻه انگريزي ۽ ھڪ اردو اخبار وٺي، مان ڪجھه دير اتيئي پيھه ۾ بيٺو رھيس، ۽ اخبارن جون سرخيون پڙھندو رھيس. ڪالاباغ ڊيم ٺھندو، ڪالاباغ ڊيم نه ٺھندو. سنڌ ۾ ڊاڪن جا قھري ڪارناما، فيصل آباد ۾ بينڪ کي لٽيو ويو. ٻه عورتون اغوا، شريعت بل منظور، شريعت بل نامنظور، سنڌ ۾ ھندستان جي را ايجنسي جا ايجنٽ !
تڏھن ھڪ خبر سان نگاھ پوڻ سان منھنجي جسم ۾ ڊوڙندڙ رت جو دورو بيھي رھيو. گھڙي کن لاءِ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. سنڌي دھشتگردن جي بدنام سرغني جي تلاش جاري، سندس ساٿي گرفتار. گلاب جو تفتيشي آفيسرن آڏو حلفيه بيان، اڄ گلاب کي پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. ڇرڪائيندڙ انڪشافن جي توقع.
مان آھستي آھستي پٺيرو ھٽندي، پيھه مان نڪري ويس.
وسيع دنيا اوچتو ئي اوچتو، ٻن چئن ڏينھن اندر منھنجي لاءِ ايتريقدر تنگ ٿي ويئي ھئي، جو مٿي لڪائڻ جيتري جاءِ به مون کي ميسر نه ھئي. سوچيم، اسلام آباد ۾ رھڻ خطري کان خالي نه آھي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته رھجي ته ڪنھن وٽ رھجي ! پاڻي ڪڍڻ لاءِ جنھن کوھ ۾ ڏول وڌوسين، سو کوھ سُڪل نڪتو. اھڙي صورتحال ۾ فقط ھڪ واٽ سمجھه ۾ پئي آئي. گلاب گونگي کي نصيب ۽ حالتن جي حوالي ڪري اسلام آباد مان فورن ڀڄي وڃان.
پر، گلاب گونگي ۽ مون ڪيو ڇا آھي؟ ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي؟ اسين بيوقوف قسم جا غير سياسي ماڻھو آھيون. دغا ۽ فريبن جي دنيا ۾ عشق جا عَلمَ کڻي گھمندا آھيون، ۽ عشق جي صليبن تي دم ڏيئي ڇڏيندا آھيون. ھا، اسان جو ھڪ ڏوھ قابل سزا آھي. ان ڏوھ جو ڇيھه مقتل ۾ آھي. اسان جي سوچ، اسان جو ڏوھ آھي. حاڪميت حق جي آھي، باقي سڀ فنا آھي. اھا سوچ اسان جو ذاتي فعل آھي. ان سوچ کي اسان اڃا تائين عام نه ڪيو آھي. سوچ جي سزا سرمدن، عنايتن ۽ منصورن جھڙن درويشن کي ملندي آھي. مان گنھگار آھيان، ان جي لائق نه آھيان، جو حق جي راھ ۾ سر صدقو ڏيئي ڇڏيان ! اسان جي نصيب ۾ معافي ناما لکيل آھن. اسان جي حياتي نه ڪيل ڏوھن ۽ گناھن بابت پنھنجي ثابتي ڪندي گذري ويندي آھي.
مون کي سمجھه ۾ به پئي آيو ته سرڪار سڳوريءَ جي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڪيئم وڃي سمجھايان ته اسان جو توھان جي اسلام سان ڪو واسطو ڪونھي. گلاب گونگو آبپاره وٽ قاضي محمد اسلام آف روھڙي شريف لاءِ بينر کڻي بيٺو ھو، ٻئي ڪنھن سياسي مقصد لاءِ نه بيٺو ھو. جيئن پنجابي زبان ۾، اشرف کي اڇو، پرويز کي پيجو ۽ رشيد کي شيدا سڏيندا آھن، تيئن اسين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌڻي بخش کي ڌنو، ۽ نبي بخش کي نبن ۽ پير محمد کي پيرل سڏيندا آھيون. گلاب گونگو جنھن اسلام لاءِ آبپاره وٽ بينر کڻي بيٺو ھو، سو بينر اصل ۾ قاضي محمد اسلام آف روھڙي شريف لاءِ ھو. ان جو تعلق سياست سان نه ھو. پر، اھي ڳالھيون ڪنھن سان ڪجن، ۽ ڪنھن کي وڃي ٻڌائجن ! ھر سياسي حڪيم وٽ ڦودني جي ڦڪي آھي. سنڌي ڌاڙيل آھن، غدار آھن، ۽ ھندستان جا ايجنٽ آھن !
عافيت ان ۾ نظر پئي آيئي ته ڪوشش ڪري اسلام آباد مان نڪري وڃان. پر ڪيئن؟ منھنجي کيسي ۾ نوي پنجانويھه کن روپيا ھئا. انھن پيسن مان ملتان تائين پھچڻ به محال ھو. روھڙيءَ تائين ڪيئن پھچندس؟ بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪريان؟
تڏھن، اوچتو خيال آيو ته مان اڄ شام ڪيئن به ڪري اب پريس ڪانفرنس ۾ ويندس، جنھن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا آفيسر گلاب گونگي کي صحافين آڏو پيش ڪندا ، ۽ جنھن ۾ پوليس وارن کي ڇرڪائيندڙ انڪشافن جي توقع ھئي.
مون اسلام آباد مان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو.