ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

23

اخبارن جون سرخيون پڙھڻ کانپوءِ سوچيم، ياسمين گارڊن ڏانھن ھليو وڃان، ۽ ڪنھن نويڪلي ڪنڊ ۾ ويھي تفصيل سان خبرون پڙھان. ياسمين گارڊن ۽ شڪر پڙيان جي وچ تي، اسٽيل جي چند تاري ڀرسان بيرڪن جھڙي ھڪ واڻوڳ عمارت لاوارث پيئي آھي. ان عمارت ۾ صادقين انسان جي ارتقا، جفاڪشيءَ، محنت، محبت ۽ تشدد، آخر ۾ صنعتي انقلاب جي حوالي سندس عظمت جي تصوير ڪشي ڪندي، ھڪ سو ويھه فٽ ڊگھو ميورل تيار ڪيو ويو ھو. ان کانپوءِ اھا عمارت خالي پيئي آھي. در درين جا شيشا ڀڳل، ڀتين ۾ ڏار، ڇتين مان لڙڪندر ڄارا، چمڙن جا ٻِرَ، ڪبوتر، ڪوئا، ڏيک اھڙو ڀوائتو، ڄڻ غيبات جو واس ھجيس. ھونءَ ته لڪي ويھڻ لاءِ، ان کان بھتر ٻي ڪا جاءِ اسلام آباد ۾ نه آيو آھي. پر، دھشتگردن جي تلاش ۾ پوليس سڀ کان اڳ ان قسم جي جاين تي ڇاپو ھڻندي آھي. صادقين جو ورڪشاپ ۾ لڪي ويھڻ جو خيال مون دل مان ڪڍي ڇڏيو.
اڪيلائپ ۽ انفراديت ۾ مون کي تحفظ نظر نه آيو. اجتماعيت ۾ مون کي عافيت نظر آئي. نظر ڦيرائي ڏٺم. ايڪڙ ٻيڪڙ سپاھي نظر آيو. اسلام آباد ۾ سياري جو صبح ماڻھو جي بيخ ڪڍي ڇڏيندو آھي. سپاھين سگريٽ جا سوٽا ھڻي پنھنجي وجود ۾ گرمائش داخل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪي سج جي تڙڪي ۾، ھٿ بغلن ۾ وجھي بيٺا ھئا، ۽ آھستي آھستي ڪنبي رھيا ھئا.
گوشت ۽ ڀاڄين جي دڪان تي پيھه وڌي ويئي. گوشت ۽ ڀاڄين جي دڪانن وٽان خبرداريءَ سان لنگھندي، مان آبپاره جي چوسول وٽ پھتس. چوسول جي پرئين پاسي گورنمينٽ ٽرانسپوٽ جو اڏو آھي، جتان مري، ايبٽ آباد، مظفر آباد، لاھور، فيصل آباد وغيره لاءِ بسون روانيون ٿينديون آھن، ۽ موٽي اچي دنگ ڪنديون آھن. اڏي جي ٻاھران راولپنڊيءَ لاءِ بسن، ويگنن ۽ سوزڪين جو ڏاڍو مصروف اڏو آھي. مان گورنمينٽ ٽرانسپوٽ جي پوئين حصي ۾ چانھه واري ڪيبن وٽ وڃي بيٺس. کانئس چانھه جو ڪوپ وٺي ڪيبن جي ڀرسان ھڪ بينچ تي ويھي رھيس، جنھن تي ٽي چار ڄڻا اڳواٽ ويٺا ھئا.
چانھه جون ٻه سرڪيون ڀري، اردو اخبار کولي گوڏي تي رکيم. اخبار ۾ دھشتگردن جي خبر وڏي شَد مَد سان شايع ڪئي ھئائون. تفصيل پڙھڻ شروع ڪيم ته منھنجي لونءِ ڪانڊارجي ويئي. مون کي دھشتگردن جو سرغنو ظاھر ڪيو ھئائون. لکيو ھئائون ته تفتيشي ادارن جي رپورٽ موجب سرغني جو اصل نالو تارا چند آھي، ۽ سيوھڻ جي ويجھو راڌڻ شھر جو رھواسي آھي، پر پاڻ کي جوڳيءَ جي نالي سان سڏائيندو آھي ۽ پاڻ کي روھڙيءَ جو رھواسي ظاھر ڪندو آھي.
مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪوپ کي ڇُلڪو آيو. ڪجھه چانھه وڃي پَٽ تي پيئي. پاسي کان ويٺل ماڻھن ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو. مون سنڀالي ورتو، ۽ خوامخواھ مُرڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٻه چار چانھه جون سُرڪيون ڀري ٻيھر خبر پڙھيم. لکيو ھئائون ته سرغني ۽ سندس ساٿي گلاب جي فليٽ تي ڇاپي دوران پوليس کي ڪافي اھڙو مواد ھٿ چڙھيو آھي، جنھن مان ملزمن جي دھشتگرد ھئڻ جا واصع ثبوت ملن ٿا. جھڙوڪ دھشتگرديءَ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشھور ڪتاب ” دي ٽيررسٽ “.
ٽيررسٽ ! دھشتگردي جو ڪتاب آھي ! کِلَ بدران اول مون کي صحافتي جھالت تي افسوس ٿيو ۽ پوءِ ڪاوڙ آئي. اڳتي پڙھيم ته منھنجا ڪن ڳاڙھا ٿي ويا. لکيل ھو ته ٽيررسٽ ڪتاب ۾ دھشتگرديءَ بابت دنيا جي خوفناڪ ۽ خطرناڪ دھشتگردن جا احوال ڏنل آھن ۽ دھشتگرديءَ ۾ جديد طريقن جي تفصيل سان سمجھاڻي ڏنل آھي. تارا چند عرف جوڳي، ۽ سندس ساٿي گلاب چند پنھنجي فليٽ تي مخصوص ماڻھن کي دھشتگردي جي تربيت ڏيندا ھئا، ۽ کين ٽيررسٽ ڪتاب پڙھي ٻڌائيندا ھئا.
اوچتو، مون ھڪ لمحي لاءِ مون کي خودڪشي جو خيال آيو. سمورو معاشرو بڪواس، ڪوڙو، رزيل ۽ فريبي محسوس ٿيو. ليمبرڪ جي تاريخي ڪتاب ٽيررسٽ کي دھشتگرديءَ جو ڪتاب ثابت ڪري تفتيشي ادارن ايندر نسلن جو انصاف تان ارواح کڻائي ڇڏيو ھو. ليمبرڪ جو ڪتاب ٽيررسٽ انگريزن خلاف حرن جي بيمثال جدوجھد جو ڪتاب آھي. ھڪ تاريخي دستاويز آھي. اھڙي ڪتاب کي دھشتگرديءَ جو ڪتاب ظاھر ڪري تفتيشي ادارن پنھنجي بدنيتيءَ جو ثبوت ڏنو ھو.
اھڙي ڪم ظرف معاشري ۾ زندھ رھڻ زندگيءَ جي توھين آھي. ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بھتر آھي. مون کي ھيءَ ماحول، ھن ماحول جو انصاف قبول نه آھي. انصاف جي نالي ۾ بي انصافين خلاف احتجاج طور مان خودڪشي ڪندس. مان آپگھات ڪندس ! منھنجي وجود ۾ احتجاجي آواز اڀرندا رھيا.
منھنجيون نگاھون اخبار تي کُتل ھيون، ۽ خيال منتشر ! ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان !
اسلام آباد جي ڪوفي ۾ ڪنھن تي اعتبار ڪريان، ڪنھن کي دانھن ڏيان ! مان ۽ گلاب ئي ملڪ ۾ شناخت، پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آھيون ! گلاب علي اوچتو ئي اوچتو گلاب چند ۽ مان جوڳيءَ مان تارا چند ٿي پيو آھيان ! اوچتو خيال آيو، برپٽ صحرائيءَ کي ڪھڙو نالو ڏنو ھوندائون؟
پوليس آڏو پيش پوڻ ۾ مون کي مسئلي جو حل نظر نه آيو. سوچيم، نئين جمھوري دور ۾ سنڌ جا انيڪ نوجوان اسلام آباد ۾ وزير اچي ٿيا آھن، ڇو نه ھنن سان ملجي ! نوجوان آھن، جذبن سان ڀرڀور آھن. منھنجي ڳالھه ٻڌندا، منھنجي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ! علي نواز شاھ، پرويز علي شاھ، مھر علي شاھ، قائم علي شاھ، مولي علي شاھ، ۽ ان قسم جا انيڪ نوجوان شاھ منھنجا واقفڪار آھن. ڳڙھي ياسين، سلطان ڪوٽ ۽ شڪارپور وارو آغاطارق به واقف ھو. سوچيم، ڇو نه وڃي انھن نوجوانن جو در کڙڪايان ! واڳ ڌڻي آھي. اسان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ويرم نه ڪندا. اخباري خبرن مان خبر پيئي ته اسيمبليءَ جو اجلاس ھليو پئي. ان جو مطلب ھو ته بينظير ڀٽو جي حڪومت جا نوجوان وزير ۽ اسيمبليءَ جا ميمبر مضبوط مرڪز ۾ موجود ھئا. پر، ھنن وٽ پھچي ڪيئن؟ ڪيئن وڃي سندن در وٺجي؟
تڏھن، الائي ڪيئن مونکي روھڙي ۾ پنھنجي مائٽن جو خيال آيو. اخبارون منھنجي ۽ گلاب گونگي جي خبرن سان ڀريل آھن. منھنجن ۽ گلاب جي مائٽن اھي خبر ضرور پڙھيون ھونديون. اسان جا مائٽ ڇا سوچيندا ھوندا، اسان جي باري ۾؟ اسان جي بيگناھيءَ تي يقين ڪندا، يا الزامن جي تصديق ڪندا؟
” دھشتگردن بابت ڇا ٿي لکي اخبار؟“ منھنجي ڀرسان ويٺل بينچ تي ھڪ شخص پڇيو.
مون ڇرڪ ڀري ھن ڏانھن ڏٺو. فيصل آباد،ملتان، سيالڪوٽ، چنيوٽ، فتح جنگ اھڙا علائقا آھن، جتي روزانو ڌاڙا لڳندا آھن، خون ٿيندا آھن، اغوا جون وارداتون ٿيندا آھن. پر انھن خبرن بابت اخبارن ۾ نه سرخيون شايع ٿينديون آھن ۽ نه ئي اھڙين خبرن کي اھميت ڏيئي اخبارن جي پھرئين صفحن تي شايع ڪيو ويندو آھي. ” اسلام آباد ۾ سنڌ جا دھشتگرد“ اخبارن جي مستقل سرخي ۽ وڏي خبر ھئي. سنڌ جو ذڪر ائين ڪيو ھئائون، ڄڻ ھند ! دھشتگرد ڄڻ سنڌ جا نه، بلڪه ھند جا ھئا ۽ ملڪ جي سالميت، يڪجھتيءَ ۽ ڀائيچاري کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو ھئائون.
” دھشتگردن جي سرغني کي پڪڙيو اٿائون، يا اڃا روپوش آھي.“ پاسي کان ويٺل ٻئي شخص ٻيھر پڇيو.
مون اردو اخبار ڏانھنس وڌائي. ھن اخبار موٽائيندي چيو، ” مان پڙھيل نه آھيان “
کانئنس اخبار وٺندي چيم، ” دھشتگردن جي سرغني کي اڃا نه پڪڙيو اٿائون.“
” ٻيو ڇا ٿي لکي اخبار؟“ ھن پڇيو.
چيم، ” چنيوٽ جي ھڪ ڳوٺ ۾ زميندارن عورتن کي اُگھارو ڪري جلوس ڪڍيو آھي.“
” نه،نه“ ھن ھڪدم چيو، ” اخبار دھشتگردن جي باري ۾ ڇا لکيو آھي؟“
” لکيو اٿائون ته دھشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو ” اجنبيءَ ڏانھن ڏسندي چيم، ” ۽ لکيو اٿائون ته دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر خاڪ ۾ ملايو ويو آھي.“
” آمين “ ھن منھن تي ھٿ ڦيرايو ۽ اٿندي مون سان ھٿ ملايو. چيائين،” الله ھن ملڪ جي حفاظت ڪندو.منھنجي بس اچي ويئي آھي. رب راکا “
” رب راکا “ مون ساڻس ھٿ ملايو. ھو ڊوڙ پائي وڃي بس ۾ ويٺو.
تڏھن، اوچتو لاھور مان آيل بس مان مون مجيد کي لھندي ڏٺو، مجيد اسان جي قاضي محله روھڙي شريف جو نھايت نيڪدل نوجوان آھي. واپڊا ۾ نوڪري ڪندو آھي، ۽ پنھنجو گھڻو وقت تبليغي جماعت سان نيڪ ڪمن ۾ گذاريندو آھي. اسان سڀني کي نيڪ راھن تي ھلڻ جي تلقين ڪندو آھي. کيس بس مان لھندي ڏسي مون کي ڪجھه گھڙين لاءِ تعجب ٿيو، پر پوءِ مون سمورو مامرو سمجھه ۾ اچي ويو.
ھو ھڙ سبڀاليندو، منھنجي ڀرسان اچي لنگھيو. ساري رات سفر سبب گھوماٽين ۾ پئي لڳو. وائڙو، وائڙو، ٿاٻا پئي کاڌائين. مان ڏانھنس ڏسندو رھيس. ھن ٻاڪڙي واري کان چانھه جو ڪوپ ورتو ۽ منھنجي پاسي ۾ اچي ويٺو. سڪون ڀريندو رھيو، ۽ چانھه جو ڪوپ خالي ڪندو رھيو. ڪوپ خالي ڪرڻ کانپوءِ ڄڻ سامت ۾ اچي ويو.
مون ڏانھن ڏسڻ کانسواءِ اخبار ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ” ڀائي صاحب، ھم وڙي ٿورڙي دير کي واسطي يه اخبار لي سکتا ھون.“
مون کيس اخبار ڏيئي ڇڏيئي.
” مھرباني “ ھن اخبار وٺندي ھن مون ڏانھن ڏٺو ۽ پنڊ پھڻ ٿي ويو.