45
منھنجي منھن ۾ ڏسندي پڇيائين، ” ڇو، ٺيڪ ته آھين نه، تنھنجي چھري تي پگھر ڇو آھي. ڇا پيو محسوس ڪرين؟“
چيم، ” ڏاڍي گھُٽ ۽ ٻوسٽ آھي. مون کي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف پئي ٿئي.“
پوئين پير موٽندي چيائين، ” مان ڊاڪٽرن کي وٺي ٿي اچان.“
ھڪدم کيس روڪيندي چيم، ” ترس سسٽر “ ھوءَ بيھي رھي.
ڏانھن چيم، ” منھنجي ويجھو آءُ ! “
ھوءَ منھنجي ويجھو ھلي آئي. ڪجھه پريشاني ۽ ڪجھه حيرت وچان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي.
چيم، ” مون کي ڊاڪٽر جي ضرورت ناھي.“
چيائين، ” پر تون مون کي ٺيڪ نٿو لڳين.“
چيم، ” ھا مان ٺيڪ نه آھيان. پر، منھنجي ٺيڪ نه ھئڻ جو ڪنھن به ڊاڪٽر سان واسطو ناھي.“
حيرت وچان فقط ايترو چيائين، ” پر، مان سمجھان ٿي ھن وقت تو کي ڪنھن ڊاڪٽر جي سخت ضرورت آھي.“
چيم، ” نه سسٽر نه.“
ھوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسڻ لڳي.
مان سندس سامھون وڃي بيٺس. چيم، ” مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته تو کي اصل حقيقت کان آگاھ ڪريان، يا نه ڪريان !“
پڇيائين، ” ڪا اھڙي ڳالھه به آھي ڇا، جنھن کان مان آگاھ نه آھيان؟“
ورائي پڇيو مانس، ” تون ڇا ٿي سمجھين؟ منھنجي باري ۾، ھتي سڀ ڪجھه نارمل آھي. ان ۾ شڪ جي ڪا به گنجائش نه آھي؟“
اکين ۾ تعجب جو تاثر تري آيس.
چيائين، ” گذريل ٻن ٽن ڏينھن جي واقعن مون کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيو آھي.“
پڇيم، ” ڪيئن؟“
وراڻيائين، ” بائپسي لاءِ ويندي، ڏاڪڻ ۾ ڪنھن شخص جو تو کي جوڳي سڏڻ، ۽ پوءِ ھڪ عورت جو توسان ملڻ تي اسرار ۽ آبزويشن ونڊو مان تو ڏانھن عورت جو ڏسي مون کان پڪ ڪرڻ ته تنھنجو نالو سچ پچ جوڳي ناھي ! اھو سڀ ڪجھه ڇاھي؟“
” سسٽر زيتون، منھنجو نالو جوڳي آھي.“ چيم، ” مان قلندر نه آھيان.“
ھوءَ حيرت وچان وک کن مون کان پري ٿي بيٺي.
چيم، ” ۽ سسٽر، مان ڪينسر جو مريض به نه آھيان. مون کي برين ٽيومر ناھي.“
منھنجي مٿي تي ويڙھيل پٽي ڏانھن اشارو ڪندي پڇيائين، ” ۽ ھي پٽيءَ؟“
چيم، ” سڀ ڊرامو آھي.“
پنھنجي ساءِ چيائين، ” سڀ ڪجھه ڊرامو آھي.“
چيم، ” الائي ڪير ڪنھن کي دوکو ڏيئي رھيو آھي ! “
سندس نگاھون منھنجي چھري تي کپي ويون. ھن نه ڳالھايو. مون ڳالھايو، چيم ” سسٽر، مان سمجھان ٿو، يا کڻي ائين چوان ته مون کي غلط فھمي آھي، ته تنھنجو يقين اھڙن رشتن ۾ آھي، جن کي ڪو به نالو ڏيئي نه سگھبو آھي.“
وراڻيائين، ” ھا اھڙن رشتن ۾ منھنجو يقين آھي.“
چيم، ” مون کي خوشفھمي، يا غلط فھمي آھي ته اسان ٻنھي جي وچ اھڙو رشتو آھي.“
اوچتو اداس ٿي پيئي. چيائين، ” اسان ٻنھي جي وچ ۾اھڙو رشتو آھي. ھڪ بي نام رشتو.“
چيم، ” سسٽر، گذريل ٻن ٽن ھفتن کان اخبارن ۾ سنڌ جي جنھن دھشتگرد تارا چند عرف جوڳيءَ جو جيڪو تذڪرو ھلي رھيو آھي، سو مان آھيان.“
وڌيڪ تعجب نه ٿيس. چيائين، ” مون کي شڪ ھو.“
چيم، ” مان ھن ڌُٻڻ مان نڪرڻ چاھيان ٿو. مان سياستدان نه آھيان. منھنجو دھشتگردي ۽ افغان جنگ ۽ سنڌ جي سياست سان ڪو واسطو ناھي. مان ھڪ عام رواجي انسان آھيان. اجايو بين الاقوامي سياست جو شڪار ٿي پيو آھيان.“
ڪجھه چوڻ چاھيائين، پر چئي نه سگھي. ٻڌتر واري ڪيفيت ۾ گم ٿي ويئي . ڪمري جي بند درن ۽ درين ڏانھن ڏسندي رھي. گھڙيءَ کن لاءِ مون کي پنھنجي غلطي جو احساس ٿيو. پنھنجي باري ۾ اصل حقيقت کان سسٽر زيتون کي واقف ڪرڻ مناسب ھو، يا مون کان چُڪ ٿي ويئي آھي!
سسٽر زيتون عجيب ۽ اوپري لھجي ۾ ڳالھايو.
چيائين، ” ته منھنجو انومان صحيح نڪتو. تون قلندر نه آھين. تون جوڳي آھين.“
” ھا سسٽر. مان جوڳي آھيان.“ چيم، ” ۽ منھنجي دوست جو نالو گلاب احمد آھي. ھو گلاب چند نه آھي. ھو پيدائشي گونگو آھي. اسين اجائي مصيبت ۾ ڦاسجي ويا آھيون.“
سسٽر زيتون چيو، ” تون تخربيڪار آھين، يا ناھين، ان باري ۾ مون کي ڪا خبر نه آھي. پر، پوليس ۽ خفيه ايجنسين کي پڪ آھي ته تون ۽ گلاب ھندستان جي خفيه ايجنسي را جا ايجنٽ آھيون ۽ تخربيڪاريءَ جي مقصد سان اسلام آباد ۾داخل ٿيا آھيو. اخبارون توھان ٻنھي جي باري ۾ خبرن ۽ پوليس جي بيانن سان ڀريون پيون آھن.“
چيم، ” مون کي خبر آھي. ڀڄ ڀڄان دوران مان ڪا نه ڪا اخبار پڙھندو رھيو آھيان.“
سسٽر چيو، ” نرسن واري ڪمري ۾ توھان ٻنھي، منھنجو مطلب آھي گلاب چند ۽ تارا چند جي باري ۾ ڏاڍو بحث ڇڙي پوندو آھي.“
مون کي تعجب ٿيو، نرسن جو ڪنھن سياسي يا نيم سياسي موضوع تي بحث مون کي عجيب لڳو.
سسٽر زيتون منھنجي اڻ تڻ جو احساس لڳائي ورتو. چيائين، ” افغان جنگ سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو رکندڙ ماڻھو نالا بدلائي ھتي، ھن اسپتال ۾ ايندا آھن، رھندا آھن، ۽ پنھنجو مشن پورو ڪري ھليا ويندا آھن. ٻن ٽن نرسن کي تنھنجي باري ۾ شڪ ٿي پيو ھو، ته تون به مريض نه آھين، بلڪه مريض جي شڪل ۾ روپوش مجاھد آھين.“
مون کي مجاھد جي لفظ تي کل آئي. اھڙي گنڀيڙ گھڙي ۾ کلڻ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو.
سسٽر چيو، ” پر، مون الائي ڇو محسوس ڪيو ته تون سچ پچ بيمار آھين. تو کي ٽيومر آھي. تون مون کي زيتي سڏيندين ۽ ھڪ ڏينھن مري ويندين..“
چيم، ” مان ٽيومر کان سواءِ به مري ويندس. حالتون منھنجي لاءِ سازگار نه آھن، وقت منھنجي لاءِ ٽيومر ٿي پيو آھي. مان مري ويندس. ان جي مون کي پڪ آھي.“
سسٽر زيتون غور سان مون ڏانھن ڏٺو. ڄڻ منھنجي اندر ۾ ليئو پائي ورتائين.
پڇيائين، ” ڇا ٿو چاھين؟“
ھڪدم چيم، ” سسٽر، اڄ رات مان ھتان ڀڄي ويندس.“
اداس ٿي پيئي چيائين، ” خبر اٿئي، خفيه ايجنسيءَ جا ڪمانڊوز اسپتال جي چئني پاسي پکڙيل آھن!“
چيم، ” مون کي ڪجھه ڪجھه اندازو آھي.“
چيائين، ” ھو تو کي ماريندي ويرم نه ڪندا !“
چيم، ” تعجب آھي !توھان کي ڪجھه چون نه ٿا.“
وراڻيائين، ”اسان جي پشت تي آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ آھن. ڪنھن کي مجال آھي جو اسان سان ھٿ اٽڪائي!“
ان قسم جو جواب ڊاڪٽر امان الله به ڏنو ھو.
چيم، ” بھرحال مان مرڻ لاءِ تيار آھيان. اڄ رات مان ھتان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪندس.“
ھوءَ مون ڏانھن ڏسندي رھي.
کانئس پڇيم، ” منھنجي مدد ڪندين؟“
پڇيائين، ” ڪيڏانھن ويندين؟“
چيم، ” ڪا خبر ڪونھي. شايد ايران، يا ھندستان ھليو وڃان – باڊر ٽپي.“
پڇيائين، ” ڊاڪٽر امان الله تي اعتبار نه اٿئي ڇا؟“
وراڻيم، ” اعتبار آھي به، نه به آھي.“
پڇيائين، ” مطلب؟“
چيم، ” تون ڇا ٿي سمجھين! دھشتگردي جو الزام کڻي سنڌ ۾ پير پاتم ته مون کي جيئرو ڇڏيندا !“
ھن ڪو جواب نه ڏنو.
چيم، ” سسٽر، خفيه ايجنسين جي ٽارچر سھڻ جي سگھه مون ۾ نه آھي، لڳيم ٿو، ھن ملڪ مان منھنجي لاءِ داڻو پاڻو ختم ٿي ويو آھي.“
پڇيائين، ” داڪٽر امان الله تي اعتبار نه ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪھڙو سبب اٿئي؟“
چيم، ” مون کي شڪ آھي، بلڪه پڪ آھي ته ھو ھٿيارن سان ڀريل ٽرڪ ڏيئي روانو ڪندو. ھن کي جنگ کان متاثر ٿيل افغاني ٻارن لاءِ کاڌو خوراڪ خريد ڪرڻ لاءِ پيسن جي سخت ضرورت آھي.“
ڪافي دير تائين ھو خاموش رھي. پوءِ پڇيائين، ” بارڊر تائين پھچي سگھندين؟“
چيم، ” ڪوشش ڪري ڏسندس، کٽن ڀاڳ.“
ھوءَ وري خاموش ٿي ويئي. ڪمري ۾ اولھه طرف کلندڙ دريءَ وٽ وڃي بيٺي. پردو ھٽائي ٻاھر ڏٺائين. موٽي آئي. ڪجھه ڪجھه پريشان پئي لڳي. چيائين، ” اولھه طرف، اسپتال جي پوئان برساتي نالو آھي. پر، مون کي خبر ناھي ته ان طرف ڪمانڊوز پھري تي ھوندا، يا نه ھوندا.“
” ڪوشش ڪري ڏسڻ ۾ ته ڪو ڀولو ناھي نه !“
سسٽر زيتون ڏانھن ڏسندي چيم، ” حياتي ھوندي، جي بچي ويس ته تو کي سدائين ياد رکندس، تو کي دعائون ڏيندس. ۽ جيڪڏھن گولين جو بک ٿي ويس ته.... “ مون جملو پورو نه ڪيو.
ٿڌو ساھ کنيائين. چيائين، ” ياد رکي ڇا ڪندين!“
چيم، ” تون ۽ مان ھڪ گمنام ۽ بي نام رشتي جي علامت آھيون. تون ان رشتي جي تصديق آھين.“
ڀريل آواز ۾ چيائين، ” پھرين ڏينھن کان الائي ڇو، مان تنھنجي لاءِ پريشان ٿي پئي ھيس. مون کي خبر ھئي ته بائپسي ۽ آپريشن کان پوءِ تون بچي نه سگھندين.... ۽ ھينئر، ۽ ھينئر، نه تنھنجي بائپسي ٿي آھي، نه آپريشن ٿيو آھي، پر تڏھن به تون، مون کي لڳي ٿو، مون کي لڳي ٿو، بچي نه سگھندين!“
منھن ٻئي طرف ڪري اکيون اگھي ڇڏيائين. مون ڏانھن پٺي ڪري بيھي رھي. گھٽيل آواز ۾ چيائين،”، مان اڄ رات انٽينسو ڪيئر وارڊ جو دروازو ٻاھران بند نه ڪنديس.“
۽ ھو تڪڙا قدم کڻندي، ذري گھٽ ڊوڙندي ڪمري مان ٻاھر نڪري ويئي.