15
ڇا سوچيندي منھنجي باري ۾؟ جن جيڏو سوال نانگ وانگر ڪنڊڙي ھڻي منھنجي سامھون بيھي رھيو. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو. گھڙي کن لاءِ خيال آيو ڏائڻ سان ڳالھائڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيان. اوندھ ۾ ٻاھر نڪري وڃان. بي مقصد، بي منزل ھلندو رھان ۽ مارگله ٽڪرين جي ٻي پار، ٽيڪسلا جي کنڊرن ۾ گم ٿي وڃان. ٻڌمت جي عبادتگاھن ۾ ڀشڪن وانگر ڀٽڪندو رھان ۽ گوتم جي گيان لاءِ واجھائيندو رھان.
منھنجي ڳالھه جو يقين ڪندي؟ مون کي غلط نه سمجھندي؟ انيڪ انومان ورائي ويا.
ھڪ دفعي مون ڏائڻ کي چيو ھو وڏي محبت يڪ طرفي ٿيندي آھي. اھڙي محبت لاءِ موٽ ۾ ڪجھه به نه گھريو آھي. فقط ايترو سوچي دل کي ريجھائي وٺبو آھي ته ڪو ته آھي، جنھن کي عشق ۾ امڪان جي حدن کان نڪري اسان چاھيو آھي !
ڏاڍو کلي ھئي منھنجي چري چاھت جو اظھار ٻڌي. چيو ھئائين، ٻيلي سچ ٻڌائجانءِ ! ڪٿي سچو ٻچو ڌاڙيل ٻاڙيل ته ناھين، ۽ ھتي مون سان عشق جو ناٽڪ رچائي رھيو آھين !
تڏھن وراڻيو ھيم، ڌاڙيل ھجان ھا ته توکي جيڪر کنڀي کڻي وڃان ھا، ۽ ڀُنگ گھرڻ بدران تنھنجي مائٽن کي تنھنجو سر لاھي موڪلي ڇڏيان ھا ! اڙي چري ! اسين سنڌي صوفين ۽ ولين جا وارث، ۽ عشق جا پيغمبر آھيون.
وائڙي ٿي پيئي ھئي. اڳيان پيل اخبارن ڏانھن اشارو ڪندي پڇيو ھئائين، ۽ ھي ھيتريون ساريون اخبارون، جو ڌاڙن، خونن ۽ اغوائن جي خبرن سان ڀريل آھن، سو سڀ ڇا ھي؟
وراڻيو ھيم، اھو سڀ سمجھڻ تنھنجي وس جي ڳالھه ناھي. درويشن جي قوم لاءِ صوفي شاھ عنايت جي ڏينھن واريون حالتون پيدا ٿي پيون آھن.
ھن صوفي شاڳ عنايت جو نالو نه ٻڌو ھو. مون کي تعجب نه ٿيو. پاڪستان ۾ ھڪ صوبي جي ماڻھن کي ٻي صوبي جي تاريخ کان بلڪل بي خبر ڏٺو آھي. مشرقي پاڪستان چوويھن سالن تائين پاڪستان جو حصو ھيو، پر اڄ تائين موجوده پاڪستان جو ڪو به چڱو چوکو پڙھيل ڪڙھيل ماڻھو مشرقي پاڪستان جي ٽن اديبن، ٽن شاعرن، ٽن صحافين، ٽن موسيقارن ۽ ٽن شھيدن جا نالا ٻڌائي نه سگھندو. موجوده پاڪستان جي ڪنھن به ڪاليج يا ڪنھن به يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو ڪو پروفيسر، مشرقي پاڪستان جي تاريخ تييقين سان ورلي ڪو ڏھ منٽ ڳالھائي سگھندو ! ڏائڻ ته ويچاري معصوم ھئي. مٿان، پنھنجي بي پناھ حسن جي ماريل ھئي. عقل بدران پنھنجي سونھن سوڀيا کان ڪم وٺندي ھئي. پر تاريخ جي ڇنڊڇاڻ حُسن سان نه، عقل سان ٿيندي آھي. سنڌ ۾ دھليءَ جي مغل سلطنت ۽ سندن گورنرن خلاف نفرت ۽ جاڳرتا کي ھو ڪيئن سمجھي سگھندي ! سنڌ ۾ مغل حڪومت جي ڇاڙتن ۽ گماشتن جي سياسي ويساگھاتين جو ھوءَ ڪيئن ڇيد ڪري سگھندي! ھو بلڙي جي سيدن، ۽ ھر دور ۾ ويڪائو وڏيرن جي مغل حاڪمن سان ساز باز کي ڪيئن سلي سگھندي ! ھوءَ ڪيئن اندازو لڳائي سگھندي ته تاريخ ۾ ڪھڙين حالتن کان مجبور ٿي درويش ۽ مولائي، يڪتارو ۽کڙتال رکي تير ۽ تلوار کڻي وٺندا آھن !
ڪافي دير جي ماٺ کانپوءِ ھن پڇيو ھو. ڇا پيو سوچين؟
وراڻيو ھيم، تاريخ جي حوالي کان سواءِ صوفي شاھ عنايت جي شھادت کي سمجھن ممڪن نه آھي.
ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي ھئي. مون کي سندس اھڙي نموني کلڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو ھو.
چيو ھئائين، خبر اٿئي ڪنھن ڪنھن وقت مان ڇا محسوس ڪندي آھيان؟
پڇيو ھيم، ڇا محسوس ڪندي آھين؟
جواب ڏنو ھئائين، ڪنھن ڪنھن وقت تنھنجيون ڳالھيون ٻڌي لڳندو آھي، تون ڄڻ مون کي جاھل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھين !
مون کي ڪاوڙ لڳي ھئي، چيو ھيم، وڏي ڪا بيوقوف عورت آھين !
کلندي چيو ھئائين، اڙي بابا ! تون ناراض ڇو ٿو ٿئين. ٺھيو، مان کڻي مڃان ٿي تون ڌاڙيل نه آھين.
رکي لھجي ۾ چيو ھيم، مون تي ايڏو وڏو احسان نه ڪر، مان ڌاڙيل آھيان، آھيان.
ماضيءَ جو پڙلاءَ ٻڌي سوچيم، موجوده حالتن ۾ منھنجي ڳالھه تي ھو يقين ڪندي؟ يقين ڪندي ته پوليس جو ٺاھيل ڪيس ڪوڙو ۽ بھتان ھٿرادو آھي ! ھو اخبارن خبرن جي ماريل آھي. منھنجي ڳالھه تي يقين نه ڪندي. مون کي پناھ ڏيڻ يا منھنجي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيندي !
سندس انڪار ۾ مون کي ھڪ خواب جي شڪست نظر پئي آھي – ھڪ اھڙو خواب، جنھن جي تعبر کان مان بي خبر ھوس. ان ھڪ خواب کي ڀاڪر ۾ ڀري مون صدين جا سفر طي ڪيا ھئا. موٽڻ منھنجي لاءِ محال ھو. مون کي خبر ھئي ته مان بند دروازي ٻاھران بيٺو ھوس. در کُڙڪائڻ کانپوءِ انتظار جي اُس ۾ ويھي رھيو ھوس. انتظار جي اُس ۾ لھسنجندي، اُڃ وگھي منھنجو روح رڃ پٺيان ڊوڙندي رڻ ۾ رلي ويو ھو. اھو سڀ ڪجھه مون کي قبول ھو، مون قبول ڪيو ھو. پڇتاءُ کي مون پوئتي ڇڏي ڏنو ھو.
مون تالو کلڻ جو آواز ٻڌو. لالو چوڪيدار اندر آيو. پڇيائين، ” لالا جوڳي، ڳالھه ورتيئه؟“
ڪجھه ڪجھه پشيمان ٿيندي چيم، ” نه لالا “
” منٽ ڪري وٽ لالا جوڳي “ چوڪيدار چيم، ” پوليس وارن کي شڪ پئجي ويو آھي، ھو ضرور موٽي ايندا. مان کين سڃاڻان.“
مون کي لالي جي قرب ڌونڌاڙي ڇڏيو.چيم، ” لالا، رات جو ڳپل حصو گذري ويو آھي. ھن وقت ڪنھن کي فون ڪرڻ مناسب نٿو لڳي، ۽ ھونءَ به، مان تو کي ڪنھن مصيبت ۾ وجھڻ نٿو چاھيان.“
” منھنجو فڪر نه ڪر.“ لالي چيو، ” تون ڪھڙي قسم جي دوست کي فون ڪرڻ جو سوچي رھيو آھين، جيڪو پريشانيءَ ۾ تنھنجي مدد ڪرڻ بدران دير سان فون سبب تو کان خفي ٿيندو؟“
” دوست ته دل گھريو آھي.“ چيم، ” ھن وقت رات جا يارھن ٻارھن ٿي رھيا آھن. کيس ننڊ مان جاڳائڻ ٺيڪ نٿو لڳي.“
ناگوار لڳس. چيائين، ” معمولي دعا سلام جي ڪري، مون سر تري تي رکي بينڪ جو دروازو تو کي کولي ڏنو آھي. تنھنجو دوست فون ٻڌي جيڪڏھن تو کان خفي ٿئي ٿو، ته يقين ڪر ھو تنھنجو دوست ھرگز نه آھي.“
مان ھن ڏانھن ڏسڻ جي ڪوشس ڪندو رھيس. سندس چھري تي تري آيل سندس ڪاوڙ مان ڏسي نه سگھيس. پر، سندس لھجي مان سمجھي ورتم ته مون کان ناراض ٿي پيو ھو.
لالي چيو، ” مون کي مفت ۾ مرڻ جو شوق نه آھي. تون جيڪڏھن فون ڪرڻ نٿو چاھين ته پوءِ مھرباني ڪري، بچ بچاءُ ڪندي ھتان ھليو وڃ.“
مان منجھي پيس.
چيائين، ” ۽ اڃا به جيڪڏھن فون ڪرڻ چاھين ٿو، ته پوءِ، بنا سوچڻ جي، بنا ڪنھن ھٻڪ جي ھڪدم فون ڪر. مان ڏھن منٽن کانپوءِ وري دروازو کوليندس. ان کانپوءِ تون ھتان ھليو وڃجانءِ.
لالو ٻاھر ھليو ويو. ٻاھران در کي تالو ھڻي ڇڏيائين. مون ڪجھه سوچڻ کانسواءِ، ٽارچ ٻاري، دل پڪي ڪري ڏائڻ جو نمبر ڊائل ڪيو.
ڪافي دير تائين فون جي گھنٽي وڄندي رھي. سوچيم، شايد ڪيڏانھن ويل آھي. گھر تي نه آھي. ان کان اڳ جو رسيور رکي ڇڏيان، مون جنت جو آواز ٻڌو. جنت ڏائڻ جي خاص نوڪرياڻي ھئي، ۽ ڏينھن رات وٽس رھندي ھئي. مون جنت کي چيو، ” جنت، مان جوڳي پيو ڳالھايان، شالي آھي.“
ھڪدم چيائين، ” ھا آھي.“
پڇيم، ” سمھي ته نه پئي آھي؟“
وراڻيائين، ” ڪجھه ماڻھن کي ماني تي گھرايو اٿائين.“
چيم، ” منھنجو وڃي ٻڌائيس.“
چيائين، ”اصل ۾ ٻن ڏينھن کان شالي بيبي توھان جو انتظار ڪري رھي آھي. ڪٿي آھيو توھين ٻن ڏينھن کان؟
چيم، ” تون مھرباني ڪري شالي کي سڏي اچ.مون وٽ وقت تمام گھٽ آھي.“
چيائين، ” اجھو ٿي سڏي اچانس.“
گھڙي کن کانپوءِ مون شاليءَ جو آواز ٻڌو، ” جوڳي، ھي مان ڇا پئي ٻڌان ! تو دھشتگردي ڪڏھن کان شروع ڪئي آھي !“
چيم، ” شالي مشڪري ڇڏ ! پوليس منھنجي ڪڍ لڳل آھي. ڪنھن وڪيل کان مون کي گرفتاري کان اڳ جي ضمانت ڪرائي ڏي.“
پڇيائين، ” ڪٿان پيو ڳالھايائين؟“
مون کيس بينڪ جو ڏس ڏنو
چيائين، ” بينڪ جي ڀرسان ھڪ پيٽرول پمپ آھي، مان پيٽرول ڀرائي ٻاھر نڪرندس. تون پيٽرول پمپ جي سامھون اڌ ٺھيل جاءِ ۾ وڃي ويھه.“
مون کي پنھنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو. تڏھن، شالي جو ٻيھر آواز ٻڌم، ” مان ڏھن منٽن ۾ ٿي پھچان.“
مون رسيور رکي ڇڏيو.