24
مون کي پنھنجي ڀرسان ويٺل ڏسي مجيد پنڊ پھڻ ٿي ويو ھو، ھو ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسندو رھيو. ڄڻ پنھنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيس. مون کي لڳو. ڪجھه دير جي خاموشي کان پوءِ ھن جي وات مان رڙ نڪري ويندي.
ان کان اڳ جو حيرت وچان سندس وات مان رڙ نڪري وڃي، مون انگريزي اخبار تي اکيون کپائيندي سڙٻاٽن ۾ چيو،” مجيد، مون ڏانھن نه ڏس. اخبار ۾ اکيون اٽڪائي ڇڏ ۽ منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ.
ھن ائين ئي ڪيو. اکيون اخبار ۾ کپائي ڇڏيائين. پر، ان کان اڳ جو مان ڳالھايان، ھن ڳالھايو. چيائين، ” مان تنھنجي لاءِ ۽ گلاب گونگي لاءِ مائٽن جو نياپو کڻي آيو آھيان.“
اخبار ۾ ڏسندي چيم، ” چَئه “
چيائين، ” ماما مجن، ماما پيرل، ماما ميرل، ماما خشن ۽ چاچا واحد بخش، چاچا قادر بخش چاچا مولي بخش ۽ چاچا علي بخش، ۽ سائين آچر شاھ معصوميءَ چيو آھي ته اسان گلاب گونگي ۽ تو کي قاضي محمد اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد موڪليو ھو. پر، اسلام کي ڳولڻ بدران توھين ٻئي اسلاميه جمھوريه پاڪستان جي راڄڌانيءَ ۾ تخربيڪاريءَ کي لڳي ويا آھيو ! افسوس، صد افسوس.“
مون محسوس ڪيو ته قومي اخبارن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ھو. اسان جا مائٽ اسان کان بدظن ٿي پيا ھئا.
مون اخبار جي صفحن ۾ ڏسندي چيو، ” اھو درست آھي ته گلاب گونگو ۽ مان اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيا آھيون. پر، اھو سراسر غلط آھي ته اسان تخربيڪاريءَ يا دھشت گرديءَ ۾ ملوث آھيون. “
مجيد اخبار جا صفحا اٿلائيندي سڙٻاٽن ۾ چيو، ” اخبار لکيو آھي ته پوليس کي تنھنجي فليٽ تان تخربيڪاريءَ بابت واضع ثبوت ھٿ آيا آھن.“
” ڪھڙا ثبوت ھٿ آيا آھن “ سمجھان ٿو، ڪاوڙ سبب مون ڪجھه وڏي آواز ۾ ڳالھايو ھو.
” آھستي ڳالھاءِ “ مجيد چيو، ” مون کي به مارائيندين ڇا؟“
ھڪدم آواز جھڪو ڪري ڇڏيم. سڙٻاٽن ۾ چيم، ” خبر اٿئي، پوليس کي ڇا مليو آھي، ڇا لڌو آھي منھنجي فليٽ تان ! ھي ڏس، اخبار جي پھرين صفحي تي ڪالم ٽئين کان ڇھين نمبر تائين سرخي پڙھ – منھنجي فليٽ تان ليمبرڪ جو ڪتاب ٽيررسٽ اٿن ۽ خدا بخش ابڙي جا ڊيزائن ڪيل ڪارڊ ! ٻيو ڇا مليو اٿن ! ڪلاشن ڪوف، گرنينڊ، ٽائيم بم، راڪيٽ لانچر، ڇا مليو اٿن !
مجيد آھستي سان چيو، ” ڪجھه ڄڻن جو ڌيان اسان ڏانھن ڇڪجي ويو آھي.“
چيم، ” تون ٻاڪڙي واري کي ڪوپ موٽائي، پيسا ڏيئي سڌو آبپاره مارڪيٽ ۾ ھليو وڃ.“
پڇيائين، ” تون؟“
وراڻيم، ” مان لال مسجد وٽان ڦري، سي ڊي اي اسپتال سولنگيءَ وٽ ٿو وڃان. سمجھان ٿو مونکي بخار ٿي پيو آھي. نڙيءَ ۾ سخت سور آھي.“
پڇيائين، ” ڪٿي ملندين؟“
چيم، ” ڊاڪٽر سولنگي وٽ، ھاڻي تون اٿي وڃ.“
مجيد اخبار ويڙھي مون کي ڏني. چيائين، ” ڀائي، آپڪا بڙا بڙا مھرباني.“
ٻاڪڙي واري کي چانھه جو ڪوپ موٽائي ڏنائين. کيسي مان پيسا ڪڍي دخل تي رکيائين. ريزگاري موٽائي وٺڻ بدران برنيءَ مان ٻه بسڪوٽ کائيندو، مجيد آبپاره مارڪيٽ ڏانھن ھليو ويو.
مان ڪجھه دير تائين ويٺو رھيس. اخبار پڙھندو رھيس. خالي ٿيل جاءِ تي ٻه مسافر اچي ويٺا. ويھڻ شرط پنجابي گاڏر اردوءَ ۾ اخبار گھريائون. مون اردو اخبار کين ڏيئي ڇڏي. ھو ٻئي اخبار پڙھندا رھيا، ۽ وڏي واڪ تبصرا ڪندا رھيا.
ھڪڙ ي ڄڻي چيو، ” ڪشمير جي معاملي تان ماڻھن جي توجھه ھٽائڻ لاءِ دھشتگردي ءَ جو شوشو ڇڏيو اٿائون.“
ٻئي ڄڻي ھڪڙي خبر پڙھندي، خبر اڌ ۾ ڇڏي بيان ڏيندي چيو، ” بينيظر ڀٽو جي حڪومت شريعت جي معاملي ۾ سچي ناھي.“
پھرين شخص ڦيرو کائي مون کان سوال پڇيو، ” ڀائو، تنھنجو ڪھڙو خيال آھي؟ بينيظر جي حڪومت شريعت بل جي باري ۾ سنجيدھ ناھي، يا ماڻھن کي چڪر ڏيئي رھي آھي؟ “
پنھنجين پريشانين جي ڄار ۾ ڦٿڪندي چيم، ” مون ان باري ۾ سوچيو نه آھي.“
” ڪمال آھي ! “ ھن چيو، ” شريعت بل جي منظوري لاءِ مخالف ڌرين حڪومت کي سڱن تي کنيو آھي، ۽ تون چوين ٿو ته ان جي باري ۾ سوچيو نه آھي.“
آھستي وراڻيم، ” مون ان باري ۾ نه سوچيو آھي.“
پڇيائون، ” مسلمان آھين؟“
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
” تون ڪھڙي قسم جو مسلمان آھين ! “ ھڪ ڄڻي چيو، ” سموري ملڪ ۾ ٻه موضوع زير بحث آھن، شريعت بل، ۽ دھشتگردي ! شريعت بل جي باري ۾ ته تو نه سوچيو آھي. دھشتگرديءَ جي باري ۾ تنھنجو خيال ڇا آھي؟ “
مون ٻنھي ڏانھن غور سان ڏٺو. نوجوان ھئا. برجستا، سگھارا، ۽ اڻ گھڙيل. چيم، ” ملڪ ۾ زباني دھشتگرديوڌي ويئي آھي.“
” زباني دھشتگرديءَ ! وائڙا ٿي ويا. پڇيائون، ” اھاڪھڙي قسم جي دھشتگرديءَ آھي؟“
” دھشتگردي جو سڀ کان وڏو ھاڃيڪار طريقو.“ مون نوجوانن کان پڇيو، ” توھين ڇا ڪندا آھيو؟“
وراڻيائون، ” اسين شاگرد آھيون، ۽ اسين شاگردن جي تنظيم فدايان شريعت و اسلامي جمھوريه پاڪستان جا ڪارڪن آھيون.“
باقي اخبارون به کين ڏيندي، ۽ کانئن موڪلائيندي چيم، ” توھان ٻنھي سان ملي مون کي تقويت ملي آھي ته منھنجي سوچ غلط نه آھي. پاڪستان ۾ زباني دھشتگردي وڌي ويئي آھي.“
ٻنھي جي نرڙ تي گھنڊ پئجي ويو. ڀروون ڳٽجي وين. مٺيون ڀڪوڙيل. اکين ۾ شور ! ان کان اڳ جو جوشيلا نوجوان مون کي مسلمان مان ٻيھر مسلمان ڪرڻ لاءِ لتن ۽ ٺونشن سان اڌ مئو ڪري ڇڏين، مون اتان کسڪي وڃڻ ۾ پنھنجي عافيت سمجھي.
دخل واري کي چانھه جا پيسا ڏيئي مان لال مسجد ڏانھن روانو ٿي ويس. نيول ھيڊ ڪواٽر ۽ اسلام آباد ھوٽل وٽان ٿيندو، مان سي ڊي اسپتال جي ٻاھران وڃي بيٺس. مريض، جن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي اڪثريت ھئي، اسپتال ۾ داخل ٿي رھيا ھئا. سي ڊي اي اسپتال جا ڪافي ڊاڪٽر منھنجا سڃاتل ھئا. سوچيم، اخبارن منھنجي لاءِ خواريءَ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آھي. ڊاڪٽر ڏسي وٺندا ته ڇا سوچيندا ! سولنگي پنھنجو آھي. ھو مونکي چڱي طرح سڃاڻي. کيس خبر آھي ته مان زندگيءَ ۾ فقط خواب ڏسندو آھيان. خوابن جي تعمير منھنجي نصيب ۾ نه آھي ! بس، اک بچائي مان ڊاڪٽر سولنگي سان وڃي ملندس. جيڪڏھن بخار ۽ نڙيءَ جي سور جي دوا نه ورتم ته ڪجھه دير کان پوءِ بيھوش ٿي ڪري پوندس !
مريضن ۾ شامل ٿي، ايمرجنسي وارڊ جي پوئين پاسي، مان ڊاڪٽر سولنگيءَ جي ڪمري ٻاھران وڃي بيٺس. دريءَ مان ليئو پائي ڏٺم. سولنگيءَ وٽ مجيد ويٺو ھو. مون دري جي شيشي جو کڙڪو ڪيو. مجيد ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ مون ڏانھن ڏٺو.
سولنگي ڇال ماري دري وٽ اچي بيٺو. لوھي سيخن مان ھٿ ڪڍي، مٺ منھنجي ويڻيءَ ۾ وجھي ڇڏيائين.
پڇيائين، ” کنگھه به اٿئي؟“
چيم، ” نڙيءَ ۾ سخت سور آھي.“
چيائين، ” سامھون امام واڙي ۾ ھڪ شيعه عالمه جي چاليھي جي مجلس ھلي رھي آھي. توھان ٻئي وڃي اتي ويھو. مان تنھنجي لاءِ دوا کڻي اچان ٿو.“
مجيد توائي ٿي ويو. ان کان اڳ جو اعتراض ڪري، ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” مجيد وڃ دير نه ڪر. جوڳيءَ کي جيڪڏھن ھتي ڪنھن ڏسي ورتو، ته وڏي ڳڙ بڙ ٿي پوندي.“
مجيد ٻاھر آيو
ايمرجنسي وارڊ جي پوئين پاسي کان ڀت ٽپي اسين پاسي واري گھٽيءَ ۾ امام واڙي جي سامھون وڃي بيٺاسين. اندر مجلس ھلي رھي ھئي. ھال ماڻھن سان سٿيو پيو ھو.
مجيد چيو، ” ڪجھه به ٿي پوي، مان امام واڙي ۾ نه ويھندس.“
مجيد تبليغي جماعت جو ميمبر ھو. مون کي سندس انڪار تي تعجب نه ٿيو. ھن چيو، ” مان اسڪول جي ٻاھران ڇولن واري جي گاڏي وٽ وڃي بيھان ٿو. تون ڀلي اندر وڃ.“
مان امام واڙي ۾ ھلندر مجلس ۾ شامل ماڻھن جي وچ ۾ وڃي ويھي رھيس.