38
ڊاڪٽر امان الله مون کي ھٿ سان اھڙي نموني اشارو ڪيو، ڄڻ چوندو ھجي ڳالھاءِ، ڪو مناسب جواب رڪارڊ ڪراءِ.
مون ھٿ وڌائي جواب وارو ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪري ڇڏيو.
” ڇو، ڇا ٿيو؟“ ڊاڪٽر امان الله خان پڇيو، ڪيسٽ رڪارڊر بند ڇو ڪري ڇڏيئه؟“
” داڪٽر منھنجي ڳالھه ٻڌ، ۽ غور سان ٻڌ.“
مان الائي ڇو ڪنبڻ لڳس. چيم، ” مان حالتن ھٿان مجبور ٿي پيو آھيان، پر ايترو به نه جو رات کي ڏينھن، ۽ ڏينھن کي رات چوان. مون پنھنجي اکين سان ڪشمير خان ۽ دلبر خان جي حجري مان ھٿيار ڏٺا آھن. ھو ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ ڦاٿل آھن.“
ڊاڪٽر امان الله پنھنجي ڪرسي تان اٿي منھنجي پاسي کان اچي بيٺو. منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ” ڳالھه ھلي رھي آھي تنھنجي دوست چارڻ جي، بلڪه سوال چارڻ جي باري ۾ پڇيو ويو آھي، ڪشمير خان ۽ دلبر خان جي باري ۾ نه.“
مون ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو. چيم، ” مون کي يقين آھي ته ڪشمير خان ۽ دلبر خان غريب چارڻ کي ھٿيارن سمگل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي.“
ڊاڪٽر امان الله خان وک کن پري ٿي بيٺو. پڇيائين، ” تون جواب ۾ اقرار ڪرڻ ٿو چاھين ته چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل آھي؟“
ڊاڪٽر جي سوال جو مون وٽ ڪو جواب نه ھو.
ڊاڪٽر موٽي وڃي پنھنجي ڪرسي تي ويٺو. مجبورين جو دائرو تنگ ٿيڻ لڳو. مون ساھ ۾ ٻوسٽ محسوس ڪئي. سوچيم، اسان بچاءَ جي جنگ لڙي رھيا آھيون، يا ٻئي ڪنھن جي جنگ ۾ شامل ٿي ويا آھيون! مون کي لڳو، مان ڌٻڻ ۾ ڪاھي پيو ھوس، ۽ منھنجي ھر وک مون کي قابو ڪندي پئي ويئي.
پوءِ اوچتو مون کي سياڻن جو قول ياد آيو. اُکري ۾ مٿو ڏيڻ کان پوءِ مُھريءَ جو ڪھڙو ڊپ!
مون ڪيسٽ رڪارڊر آن/ پلي ڪري ڇڏيو.
جواب ڏيڻ کان اڳ وڏو ساھ کنيم، ۽ چيم،” اھو قطعي غلط ۽ بي بنياد آھي ته منھنجو سنگتي چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل آھي. صادق آباد ۾ ھٿيارن سان ڀريل ٽرڪ مان چارڻ کي لھندي ڏسڻ واري پوليس جي ايتريقدر دعوي سچ آھي، جيتري قدر گلاب گونگي جي دعوي ۽ اعترافي بيان واري ڳالھه سچ آھي. جيئن گلاب گونگي جو ڳالھائڻ امڪان کان ٻاھر آھي، تيئن چارڻ جو صادق آباد ۾ نظر اچڻ امڪان کان ٻاھر آھي.“
مون جوابن وارو ڪيسٽ رڪارڊر اسٽاپ / بند ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر امان الله خان ڦيڙو کائي مون وٽ آيو، ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين، ” جوڳي، واھ جو جواب ڏنو اٿئي. واھ! ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي.“
رکي لھجي ۾ وراڻيم، ” مان پنھنجي جواب جو انجام محسوس ڪري سگھان ٿو.“
” سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. تون گھٻراءِ نه“ ڊاڪٽر امان الله چيو، ” تو کي حفاظت سان سنڌ پھچائڻ اسان جي ذميداري آھي.“
چيم، ” سنڌ آزاد قبائل نه آھي ڊاڪٽر ! ڏوھ ڪري لڪڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.“
وراڻيائين، ” تو ڪو به ڏوھ نه ڪيو آھي. تون خوامخواھ پاڻ کي قصور وار محسوس ڪري رھيو آھين.“
۽ پوءِ، ھڪ ڪلاڪ تائين ذري گھٽ ساڳي نوعيت جي سوالن جو سلسلو ھلندو رھيو. تون ڪير آھين؟ گلاب ڪير آھي؟ برپٽ ڪير آھي؟ چارڻ ڪير آھي؟ توھين ااسلام آباد ۾ ڪھڙي نيت سان داخل ٿيا آھيو؟ جواب ۾ مان ھڪ ئي جملو ڳالھائيندو رھيس. مان ان سوال جو جواب ڏيئي چڪو آھيان.
ھڪ ڪيسٽ ختم ٿي ويئي. ڊاڪٽر امان الله ٻئي ڪيسٽ لوڊ ڪئي. سوالن وارو ڪيسٽ رڪارڊر ھلائي ڇڏيائين. سياسي نوعيت جو سوال پڇيو ھئائون.
” تون سمجھين ٿو ته بينظير پنھنجي مدي جا چار پنج سال حڪومت ھلائي سگھندي.“
جوابن وارو ڪيسٽ رڪارڊر آن ڪرڻ کان اڳ مون ڊاڪٽر امان الله خان کي چيو، ” ” يار، ھي ته مون کي سياست ۾ ڇڪي رھيا آھن.“
ڊاڪٽر امان الله خان جوابن واري ڪيسٽ رڪارڊر ۾ نئين ڪيسٽ وجھندي چيو، ” ڪو گول مول جواب ڏيئي ڇڏ.“
قدرت منھنجي لاءِ سياسي سمجھه جو خانو خالي رکيو آھي. سياست مون کي سمجھه ۾ نه ايندي آھي. آئين ڪيئن ٺھندو آھي ۽ ڇو ٺھندو آھي ! آئين ڪير ٺاھيندا آھن، ۽ آئين کي ڪير تبديل ڪندا آھن ! چونڊون ڇو ٿينديون آھن ! چونڊن جو اٽي، دال ۽ چانورن جي قيمت تي ڪھڙو اثر پوندوآھي ! مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو آھي. اسان پنھنجي پاڙي مان جنھن نمائيندي کي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو ھو، سو وڏو رھزن ۽ ڪميني قسم جو شخص ھو. پر دولتمند ھو، تنھنڪري معزز سمجھيو ويندو ھو. سياست جا راز مون کي سمجھه ۾ نه ايندا آھن.
جوابن واري ڪيسٽ رڪارڊر ۾ نئين ڪيسٽ وجھي، ڊاڪٽر امان الله رڪارڊر ھلائي ڇڏيو.
جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيم، ” اسان جي معاشري ۾ عورت کي گھر جو وڏو يا سربراھ قبول نه ڪيو ويندو آھي. ستن ڀينرن کان پوءِ ڄاول ڀاءُ کي اڳتي ھلي گھر جو وڏو يا سربراھ سمجھيو ويندو آھي، وڏيءَ ڌيءَ کي گھر جو وڏو نه ڪبو آھي. تنھنڪري بينظير کي ملڪ جو سربراھ نه قبوليو ويندو.“
اڳيون سوال ڪاوڙ ڏياريندڙ ھو. پڇيو ھئائون، ” سنڌ ۾ تنھنجا ساٿي ڪير آھن؟“
سخت لھجي ۾ جواب ڏيندي چيم، ” مون، گلاب، برپٽ ۽ چارڻ ڪو به ڏوھ نه ڪيو آھي. ٻڌو پيا، اسان ڪوبه ڏوھ نه ڪيو آھي. اسين، خاص ڪري مان ۽ مون کان پوءِ گلاب، اسين اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد آيا ھئاسين. بيروزگار ھئاسين، گلاب اڃا به بيروزگار آھي. کيس گونگن ۽ ٻوڙن جي ھڪ اسڪول ۾ ملازمت جو پڪو آسرو ھو، پر اسلام جي چڪر ۾ اھو آسرو به نڪري ويس. اسين روزگار جي ڪري اسلام آباد ۾ آھيون، ۽ بس.“
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” نه جوڳي. نه، ڪاوڙ نه. ڌيرج سان جواب ڏي.“
چيم، ” سوال به ته رت ٽھڪائڻ جھڙا پڇيا اٿائون.“
چيائين، ” ضروري ناھي ته ھر سوال جو تفصيل سان جواب ڏجي. گلاب گونگي ۽ چارڻ جي باري ۾ تو تفصيل سان جواب ڏيئي ڇڏيا آھن. باقي سوالن جا جواب مختصر نمونيءَ رڪارڊ ڪرائيءَ.“
مون کيس جواب نه ڏنو.
ھن سوالن وارو ڪيسٽ رڪارڊر ھلائي ڇڏيو.
پڇيو ھئائون،” سنڌ ۾ عليحدگيءَ واري تحريڪ ڪير ھلائي رھيو آھي.“
جواب ۾ چيم، ” گھٽ ۾ گھٽ مان نه پيو ھلايان.“
ڊاڪٽر امان الله خان جي منھن تي مرڪ اچي ويئي.
اڳين سوال کان اڳ بجلي موٽي آئي. آپريشن ٿيٽر جون بتيون ٻري پيون. ڊاڪٽر امان الله ميز تان ايمرجنسي لائيٽ کڻي آپريشن ٿيٽر جي پرئين ڪنڊ ۾ رکي آيو. ھو اڃا مون وٽ موٽي مس آيو، جو انٽرڪام جو بزر وڄي پيو. ھن موٽي وڃي بزر جو رسيور کنيو. الائي ڇا ٻڌائين چَپَ ڀيڪوڙجي ويس، ۽ اکيون چنجھيون ۽ رسيور تي مُٺ مضبوط ٿي پيس. ڪجھه کھري ۽ سخت لھجي ۾ جواب ڏنائين، ” مان ڊاڪٽر آھيان، مون کي خبر آھي ته ايمرجنسيءَ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گھرجي.“
ڊاڪٽر امان الله خان رسيور انٽرڪام تي رکي موٽي آيو. نرڙ تي پگھر جون ٻه چار نوندو چمڪي رھيون ھيون.
” ڇو، ڇا ٿيو ڊاڪٽر.“ کانئس پڇيم.
” سسٽر زيتون ھئي.“ ڊاڪٽر وراڻيو، ” کيس اڻتڻ ھئي ته بجلي وڃڻ کانپوءِ آپريشن ٿيٽر جو جنريٽر نه ھليو ھو، ته پوءِ ايمرجنسيءَ لائيٽ جي جھڪي روشنيءَ ۾ مون تنھنجي بائپسيءَ ڪيئن ڪئي ھئي!“
” سندس اڻتڻ بيجاءِ نه آھي.“ چيم، ” ھڪ دفعي آپريشن کان پوءِ برين ٽيومر جي ھڪ نوجوان مريض کي ھتي مرندي ڏٺو آھي.“
ڊاڪٽر امان الله خان مون ڏانھن غور سان ڏٺو. ڪجھه سوچيندي آپريشن ٿيٽر جي ھڪ پاسي ھليو ويو، ۽ اوزان سان ڀريل ھڪ ٽرالي ڇڪي آيو. ٽرالي منھنجي پاسي کان آڻي بيھاريائين. پاڻ ايپرن پاتائين. منھنجو ڪنڌ ۽ ڪلھا وڏيءَ اڇي چادر سان ڍڪي ڇڏيائين. مون کي تعجب ٿيو. پڇيم، ” ڇا پيو ڪرين؟“
وراڻيائين، ” بائپسي.“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
چيائين، ” گھٻراءِ نه. فقط انچ کن ٽڪو ڏيندس.“
” نه يار، نه“ چادر پري ڪندي چيم، ” مان ٽڪو نه ڏياريندس.“
ڊاڪٽر امان الله ٻيھر چادر منھنجي ڪنڌ ۽ ڪلھن تي وجھندي چيو،” تون جوڳي ناھين، تنھنجو نالو قلندر آھي. تو کي برين ٽيومر آھي. تو کي بائپسي لاءِ آپريشن ٿيٽر ۾ آندو ويو آھي. ڳالھه سمجھه ۾ آئيهءِ.“
مون بيوسي وچان ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو. ڊاڪٽر امان الله خان منھنجي ساڄي لوندڙي ۽ ڪياڙي وٽان پاڪيءَ سان وار ڪوڙي ڇڏيا. ھڪ تمام ٿڌي دوا جو وارن کان اچي چمڙي تي مک ڏنائين. ۽ پوءِ، ڪو نشتر کڻي ڪن ۽ ڪياڙي جي وچ تي ٽُڪو ڏنائين. مون کي قطعي به ڪا تڪليف نه ٿي. رَت اگھي، ھن ٽڪي واري جاءِ تي مرھم وغيره لڳائي منھنجي مٿي تي پٽي ٻڌي ڇڏي.