7
”ڪيئن جوان ! “ بڙڪا ڪڍندي پڇيائين، ”ننڊ ته آرام سان ڪيئي نه؟ “
مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ھو ڪٿي آھي ؟ “
”ڪير، ڪشمير خان؟ “
”ھا، ڪشمير خان ڪٿي آھي؟ “
”ڇو خير ته آھي نه؟ “
”مون رات ھتان وڃڻ پئي چاھيو. “
”پوءِ؟ “
”ڪشمير خان مون کي وڃڻ نه ڏنو. “
” ھن ٺيڪ ڪيو.“ دلبر خان چيو، ”ڪشمير خان منھنجو خاص ماڻھو آھي. ڀروسي جو ماڻھو آھي. ھو جيڪڏھن تو کي وڃڻ ڏئي ھا ته مان کيس گوليءَ سان اُڏائي ڇڏيان ھا . “
ڪجھه ڪجھه حيرت وچان، ”ان جو مطلب آھي ته ھن جيڪي ڪجھه ڪيو، سو تنھنجي اجازت، بلڪه حڪم مطابق ڪيو !“
”جيئن سمجھين.“ دلبر خان چلم ڇڪندي چيو، ”تنھنجو خيال ته چڱيءَ طرح رکيائين نه ! “
”ڌوڙ جو خيال رکيائين. “ مون ڪروڌ وچان چيو، ”مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي، ته چارڻ لڪائڻ لاءِ مون کي ھتي ڇو وٺي آيو ! “
دلبر خان ڏاڍي تڪبر سان چيو، ”ظاھر آھي، اسلام آباد ۾ منھنجي حجري کان وڌيڪ محفوظ ھنڌ تو کي ٻيو ڪونه ملندو.
”اول ته مون کي لڪڻ جي ضرورت نه ھئي. ۽ نه ئي آھي.“ چيم، ”اجايو مراد ٺاٺاري ۽ چارڻ جي چڪر ۾ لڪڻ جي حامي ڀري ويٺس.“
دلبر خان چلم ڀري ڪري ڀت سان ٺھي ويٺو. شال پري ٿيس، سندس جسم تي ھٿيار ۽ گولين جا پٽا ڏٺم.
دلبر خان پڇيو،” تنھنجو دوست پوليس جي حراست ۾ ناھي؟ “
چيم، ”آھي، پر ھن ڪجھه نه نه ڪيو آھي.“
ھڪدم چيائين، اھي پوءِ جون ڳالھيون آھن، مون کي ٻڌاءِ، پوليس تنھنجي ڳولا ۾ ناھي؟
”آھي، بلڪل آھي.“ احتجاج ڪندي چيم ”پر مون ڪجھه به نه ڪيو آھي.“
دلبر خان چيو، ”چارڻ مون کي ٻڌايو پئي پوليس کي تنھنجي خلاف خاص ثبوت ھٿ آيا آھن.“
ساڳئي لھجي ۾ چيم، ”ڪھڙا ثبوت ھٿ آيا آھن. بم ٺاھڻ جا، ملڪ جو تختو اونڌو ڪرڻ جا، ڌاڙا ھڻڻ جا، ڇا جا ثبوت مليا اٿن؟ “
”ان جو مطلب آھي ته، پاڪستان ۾ تون پوليس جي طاقت ۽ اختيارن کان بيخبر آھين !“ دلبر خان چيو، ”ھڪ پوليس واري جي لکيل ايف.آئي.آر تي ملڪ جو وزيراعظم، ذوالفقار علي ڀٽو ڦاھي چڙھي ويو ھو... ڪيئن !“
”مان ذوالفقار علي ڀٽو نه آھيان.“ بيزار ٿيندي چيم، ”مان ھڪ عام رواجي انسان آھيان. پوليس مون سان اھڙو برتاءُ ڇو ڪندي؟“
دلبر خان اٿي بيٺو، منھنجو بحث، ڄڻ نه پئي وڻيس. ٻه وکون کڻي، وڌي آيو. چيائين، ”پوليس جي لاڪپن ۽ جيلن ۾ بند سڀئي ماڻھو ذوالفقار علي ڀٽو نه ھوندا آھن، تون وانگر عام رواجي انسان ھوندا آھن .”ھو ڪارگردگيءَ وارن فائيلن جو کاڄ ٿي ويندا آھن.“
مون چيو، ”اھي تنھنجا پنھنجا خيال آھن. في الحال مون کي ٻه ڪم ڪرڻا آھن.“
پڇيائين ڪھڙا؟
چيم، ”ھڪ ته، سڀ کان اڳ مون کي پوليس سان فون تي ڳالھائڻو آھي.“
ڪجھه ڇرڪيو. پڇيائين، ”ڇا جي باري ۾؟ “
چيم، ”اول مون کي ٻڌاءِ ته ھتان فون ڪرڻ جو ڪو بندوبست آھي؟ “
”فون جو بندوبست آھي.“ دلبر خان چيو، ”پر سڀ کان اڳ ٻڌاءِ ته پوليس کي ڇا جي باري ۾ فون ڪندين.“
”اھو ٻڌائڻ ضروري آھي؟ “ پڇيم،
”ھا، تمام ضروري آھي.“ دلبر خان رُکو ٿي بيٺو. پنھنجن ھٿيارن پنوھارن سميت، ھو مون کي ڀاڄين جو واپاري نه پر ڪو جرائم پيشه شخص لڳو. وٽس جديد اسلحو ڏسي اھو خيال به آيم، ته ھو ھٿيارن جو اسمگلر ھو.
بيوسي انسان کي بي نياز ڪري ڇڏيندي آھي. ڪشمير خان وٽ رائيفل ۽ روالور ڏسي مان ڪنبي ويو ھوس. دلبر خان کي ھٿيارن سان جنجھيل ڏٺم، ته تعجب نه ٿيو. مون کي ائين لڳو ڪشمير خان جي ورتاءَ کان پوءِ مان ذھني طرح اھڙي امڪان لاءِ ڄڻ تيار ھوس. منھنجي چپن تي مُرڪ تري آئي.
دلبر خان کان پڇيم، ”پوليس کان ڊڄين ٿو؟ “
ناگوار لڳس، پر ضبط ڪري ويو. چيائين، ”پوليس ڪنھن جي سڄڻ نه ٿيندي آھي. اکيون ڦيريندي، ۽ تختو ڪڍندي دير نه ڪندي آھي.“
پڇيم، ”ته پوءِ تنھنجو حجرو محفوظ ڪيئن آھي؟“
”جيئن مختلف ڪاروبارن ۾ ٿيندو آھي، تيئن پوليس جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڌڙا ٿيندا آھن. ھڪ ڌڙي سان منھنجي ياري آھي. ٻئي ڌڙي وارا وجھه وٺي ويٺا آھن ته ڪيئن ۽ ڪڏھن مون کي ڪوڙڪي ۾ آڻي ، پھرين ڌڙي کان ڇڏائي پاڻ سان شامل ڪن.“
مان ڪجھه ڪجھه تعجب وچان سندس ڳالھه ٻڌندو رھيس.
چيائين، ”اسان جي زندگيءَ ۾ ائين ٿيندو رھندو آھي پر مان ان کي ڪا ايڏي اھميت نه ڏيندو آھيان. “
سڀ ڪجھه واضع ٿي پيو. ٿڌو ساھ کنيم ۽ چيم، ”ان جو مطلب آھي ته تون ڀاڄين جو واپاري نه آھين.“
”مان ڀاڄين جو واپاري آھيان.“ ھن پنھنجي ڳالھه تي زور ڏيندي چيو،” اٽڪ کان گوبين، گجرن ۽ گوگڙن سان پڪ اپ ڀرائي آيو آھيان.“
ھڪ لمحي لاءِ خاموش رھي، پڇيم، ”ته پوءِ پوليس سان راھ رسم وارو چڪر ڪھڙو آھي؟ “
”اھو تنھنجو معاملو ناھي، تون ان ۾ نه پئه !“
دلبر خان بيزار ٿيندي پڇيو، ”تون پوليس سان ڇا ڳالھائيندي؟ “
”تو وٽان پوليس سان ڳالھائڻ بيڪار آھي.“ چيم، ”اجايو ساھ نڪري ويندءِ! “
”مسٽر، مسٽر !“ دلبر خان باھ ٿي ويو. چيائين، ”مون کي چارڻ جو لحاظ آھي، ورنه، خدا ٿو ڄاڻي، خدا ٿو ڄاڻي.... “
ھن جملو پورو نه ڪيو، ۽ ھٿن جون تريون مھٽيندي حجري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو، ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندو رھيو، ”خدا ٿو ڄاڻي... خدا ٿو ڄاڻي.“
رنگ جو ھونئن ئي اڇو ھو. ويتر جو ڪاوڙ لڳس ته ڳاڙھو ٿي ويو. مون کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ڳالھه ٺاھيندي چيم، ”دلبر خان، مون ته چرچو پئي ڪيو. تو جھڙي جانٺي جوان کي ڀلا پوليس جي ڪھڙي پرواھ !“
خاموشيءَ سان منھنجي ڳالھه ٻڌائين. حجري جا اٺ ڏھ چڪر ھڻي ھو گلم تي ويھي رھيو. گھڙي کن رکي ڄڻ سان پاڻ سان ڳالھايائين، ”ٺٺولي ته مان پنھنجي پيءَ جي به برداشت نه ڪندو آهيان. لعنت آ منھنجي زندگيءَ تي.“
ٽيليفون جو خيال مون پنھنجي دل مان ڪڍي ڇڏيو. اُٿي بيٺس. دلبر خان کي اجايو ڪاوڙائي وڌو ھيم. پشيمان پئي ٿيم. سندس ويجھو وڃي بيٺس. کيس آھستي سڏ ڪيم، ”دلبر خان.“
ڪجھه دير کان پوءِ ھن ڪنڌ مٿي ڪيو.
چيم، ”لڳي ٿو تنھنجي دل ڏکائي اٿم.“
ھوا ۾ ھٿ لوڏيائين، ڪڇيائين ڪجھه به نه.
چيم، ”يار معاف ڪجانءِ.“
وري ھوا ۾ ھٿ لوڏيائين، ڄڻ چوندو ھجي، ھاڻي ڇڏ ان ڳالھه کي !
چيم، ” تو ھڪ رات لاءِ پنھنجي حجري ۾ مون کي پناھ ڏني. مان تنھنجو ٿورائتو آھيان.“
وري به ساڳي انداز ۾ ھٿ لوڏيائين.
ڏانھنس ھٿ وڌائيندي چيم، ”مان وڃان ٿو.“
”ڪيڏانھن ٿو وڃين.“ اصل اُڀو ٿي ويو. اکيون ٽانڊا ٿي پيس. کٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”ماٺڙي ڪري وڃي ويھي رھ.“
”ويھي رھان.“ تعجب وچان چيم
”ھا، ھا، وڃي ويھي رھ“ چيائين، ”جيستائين چارڻ نه ايندو، مان تو کي ھتان وڃڻ نه ڏيندس.“
”مون کي گلاب گونگي لاءِ ضمانت جو بندوبست ڪرڻو آھي، دلبر خان.“ چيم، ”چارڻ الائي ڪڏھن ايندو، مان وڃان ٿو.“
”مٿو نه کاءُ !“ ھن ذري گھٽ رڙ ڪئي. چيائين، ”جيستائين چارڻ نه ايندو، مان تو کي ھتان وڃڻ نه ڏيندس، سمجھيءِ؟“
ان وقت ڪشمير خان ھڪ ڇوڪري کان چئنڪن ۾ قھوو پراٺا ۽ تريل بيدا کڻائي آيو. ھن نيرن گلم تي رکائي ڇڏي.
ڪشمير خان ماحول ۾ تلخي محسوس ڪري ورتي، دلبر خان کان پڇيائين، ”خير ته آھي نه؟ “
دلبر خان رکي لھجي ۾ وراڻيو، ”ھا، خير آھي.“
ڪشمير خان گلم تي ويھي رھيو.
مان بيٺو رھيس.
دلبر خان چينڪ مان پياليءَ ۾ قھوو پيئندي، ھڪ کن لاءِ مون ڏانھن ڏٺو. پوءِ سخت لھجي ۾ چيائين، ”بيٺو ڇو آھين؟ ويھي رھ، نيرن ڪر !“
مان بيٺو رھيس.
دلبر خان پيالي چپن تائين آڻي، روڪي ڇڏي. چيائين ”اڙي بابا! نيرن ڪر، اسان پنھنجي حجري ۾ ڪنھن کي بک مرڻ نه ڏيندا آھيون.“
ڪشمير خان اٿي بيٺو، مون کي ٻانھن کان وٺندي ۽ ڏاڍي پيار سان، ڀڻڪن ۾ چيائين، ”يار ! دلبر خان جي ڳالھه نه ٽار. ھيءَ وڏو چريو مڙس آھي خودڪشي ڪندي ويرم نه ڪندو يا تو کي ماري وجھندو.“
ڇت ڏانھن ڏسي، ٿڌو ساھ کنيم ۽ دلبر خان جي ڀرسان ويھي رھيس.