27
سوچن جي ڪوھيڙي ۾ ڪا واٽ نظر نه آئي. ٿڪل ھوس، ننڊ کڻي ويئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ شعور سان منھنجو واسطو ختم ٿي ويو. مان آسمان جي وسعتن ۾ اڏامندو رھيس. موٽ تڏھن کاڌم جڏھن ڪنھن ٻانھن کان جھلي مون کي ڌونڌاڙيو. مون اک کولي ڏٺو، ڊاڪٽر امان الله خان ھو. منھن تي مُرڪ ھئس. چيائين،” تو ته ويچارين نرسن کي ڊيڄاري ڇڏيو آھي.“
” مون؟“ تعجب وچان پڇيم، ” ڪيئن؟“
چيائين، ” گذريل چئن ڪلاڪن کان ھڪ پاسي ننڊ ڪئي اٿئي. منجھند جي ماني ءَ تي سسٽر تو کي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر تو ڪو ريسپانس نه ڏنو.“
چيم، ” مان ڏاڍو ٿڪل ھوس.“
چيائين، ” مون کي خبر آھي.“
پڇيائين، ” ماني کائيندين؟“
پڇيم، ” وقت ڇاھي؟“
وراڻيائين، ” ٽي ٿيا آھن.“
چيم، ” بک ڪونھي، چانھه پيئندس، ماني رات جو کائيندس.“
” ٺيڪ آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مون تنھنجي لاءِ ڪجھه وڳا آندا آھن، ۽ شيو جو سامان آندو اٿم.“
چيم، ” مان تنھنجا ٿورا وساري نه سگھندس.“
ھو کليو، چيائين،” اسان تي وقت آيو ته مونکي سنڌ ۾ پناھ ڏيندين نه؟“
مان ھڪ وڳو کڻي باٿ روم ۾ ھليو ويس. گرم پاڻي کولي اڌ ڪلاڪ کن وھنتس. ٻاھر آيس ميز تي چانھه جي ٽري رکي ھئي. ڊاڪٽر امان چانھه ٺاھيندي پڇيو، ” ڪو ڪم ڪار ھجيئي، يا ڪنھن شي شڪل جي ضرورت ھجيئي ته بنا حجاب جي ٻڌائجانءِ.“
چيم، ” اڄ شام جو ڇھين لڳي گلاب گونگي کي پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪندا، ۽ کانئس وڏي ڪنھن ڏوھ جو اعتراف ڪرائيندا.“
” مون کي خبر آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مون اڄوڪي اخبارن ۾ پڙھيو آھي.“
” ڊاڪٽر امان ! “ مون ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏسندي ڳالھايو. چيم، ” اھو ممڪن ناھي ته اسان جو پنھنجو ڪو ماڻھو پريس ڪانفرنس ۾ موجود ھجي ! گلاب جو ڳالھائڻ امڪان کان ٻاھر آھي. ھو پيدائشي گونگو آھي..“
” ان جو بندوبست ٿي ويو آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ڊاڪٽر سولنگي ۽ مجيد پريس ڪانفرنس ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا.“
” ڪوشش ڪندا ! “ مون تعجب وچاب پڇيو.
” سمجھه ته ذري گھٽ بندوبست ٿي ويو آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مون ڊاڪٽر سولنگيءَ ۽ مجيد لاءِ صحافين وارا ڪارڊ ٺھرائي ورتا آھن.“
” تون ڪمال جو ماڻھو آھين، ڊاڪٽر امان.“ مون اٿي وڃي احترام منجھان کيس ڀاڪر ۾ ڀريو.
” نه نه “ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” تو کي جيستائين عزت سان سنڌ روانو نه ڪنداسين، گلاب گونگي سميت، تيستائين سمجھنداسين ته توھان لاءِ ڪجھه نه ڪيوسين ! “
ڊاڪٽر امان الله خان کي ٻنھي ٻانھن کان جھلي ڪجھه دير تائين ڏسندو رھيس. اوچتو، درد جي ڇُپڪي وانگر مون کي مُراد ٺاٺاري جو خيال آيو. ڪيئن ملڻ ته پري رھيو، ڳالھائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو ھئائين ! سندس ھڪ جملو ڀڳل شيشي جي ذري وانگر دل ۾ ڇپڻ لڳو، ” جاني مارائيندين ڇا ! “
انسان ويچارو تمام ڪمزور ۽ نٻل آھي. ترقيءَ جي بلندين تي پھچڻ کانپوءِ سھڪي پوندو آھي. نگاھ جھڪي ٿي پوندي اٿس. سڀ کان اڳي کيس اھي نظر نه ايندا آھن، جن جي سامھون ھن ترقيءَ جون منزلون طي ڪيل ھونديون آھن !
” ڇا پيو سوچين؟“ ڊاڪٽر امان الله خان جي آواز تي مان ڇرڪي پيس. موٽي وڃي پلنگ تي ويھي رھيس.
ڊاڪٽر سولنگيءَ سان منھنجي ڪا گھاٽي دوستي نه ھئي. ھمدرد قسم جو نوجوان ھو. سنڌ مان آيل ڪو اجنبي يا اوپرو وٽس لنگھي ويندو ھو ته سندس علاج، ۽ دوا دارون ۾ دير نه ڪندو ھو. اسان وانگر ڇڙو ڇانگ ھو. جڏھن به ڪا شام واندي ملندي ھيس ته اسان وٽ ھليو ايندو ھو، يا اسان کي پنھنجي فليٽ تي گھرائي وٺندو ھو. کيس ڊاڪٽر ڪالوني ءَ ۾ فليٽ مليل ھو. مان جڏھن به ويس، ڊاڪٽر امان الله خان کي وٽس ويٺل ڏٺو ھيم. ڊاڪٽر امان الله خان جي باري ۾ مون لڳائي ڇڏيو ھو ته سياسي طور تي ھو پختونن جي ڏتڙيل طبقي لاءِ جدوجھد ڪري رھيو ھو. ملڪ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا ھئا، جن ۾ اھو انھن پختون نوجوانن جو دفاع ڪندو ھو،جن کي پختون سردارن صدين کان ڍال طور استعمال ڪيو آھي، ۽ تعليم کان محروم رکي کين ڏوھن ۾ ملوث ڪيو آھي. چرس، گانجي ۽ ھيروئن جي سمگلنگ دوران ڪوڙڪن ۾ ڦاسي پيل ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ڪلينرن جي آتم ڪٿا ۾ کيس بک، بيروزگاريءَ جو ڀيانڪ راڪاس، ۽ راڪاس جا مالڪ پختون سردار ۽ خان نظر ايندا ھئا.
مون ھڪ دفعي کيس ڏاڍي احتجاجيءَ ڪيفيت ۾ ڏٺو ھو. مٺيون ڀڪوڙيل، منھن جون مشڪون ڇڪيل، آواز ۾ طيش ! ڊاڪٽر سولنگيءَ سان پئي ڳالھايائين. چيائين پئي، ” ھيروئن ۽ ھشيش جا ڪارخانا ھلائيندڙ ڪنھن پختون سردار کي اڄ تائين گرفتار ٿيندي ٻڌو اٿئي؟ اتفاق سا جيڪڏھن ڪو سردار قانون جي ور چڙھي ويندو آھي، ته کيس ڪڏھن سزا ڀوڳيندي ٻڌو اٿئي؟ ڦاسندا ۽ ڦاھين جي ڦندي تائين پھچندا فقط ڊرائيور ۽ ڪلينر آھن. سردار حُجرن ۾ جرڳا ھلائيندا آھن، ۽ چونڊن ۾ بيھندا آھن.“
” اڙي بابا، تون ڪھڙن پورن ۾ پئجي ويو آھين ! “ ڊاڪٽر امان الله خان مون کي ڏوري کان جھلي ڌونڌاڙيو. چيائين، ” يار، سڀ خبر آھي. سڀ ٺيڪ آھي، تون فڪرمند ڇو آھين؟ ڪا پريشاني اٿئي؟ “
مون ڏانھنس ڏٺو. ايڏي حب ۽ ھمدرديءَ اندر اڌ ڪري ڇڏيو ھو. چيم، ” امان الله، مون کان ۽ گلاب گونگي کان سواءِ ٻه منھنجا سٺا سنگتي به اجايو مصيبت ۾ پئجي ويا آھن.“
تعجب وچان پڇيائين،” ڪير آھن؟“
چيم، ” تون کين نه سڃاڻين.“
پڇيائين، ” ڪٿي آھن؟“
” ھڪڙي جو نالو چارڻ آھي.“ چيم، ” ھو ٻن پٺاڻن وٽ سوگھو آھي.“
نرڙ تي گھُنڊ پئجي ويس. سمجھيم، منھنجي ڳالھه ناگورا لڳي اٿس. پر نه منھنجو انديشو غلط نڪتو. پڇيائين، ” ڪير آھن اھي پٺاڻ؟“
چيم، ھڪري جو نالو دلبر خان آھي ٻئي جو نالو ڪشمير خان آھي. بظاھر ڀاڄين جو ڪاروبار ڪندا آھن، پر اندرين خاني سمگلنگ ڪندا آھن.“
ھڪدم چيائين، ” فڪر نه ڪر، ٻئي دوست جي باري ۾ ٻڌاءِ.“
چيم، ” ٻيو دوست ويچارو ٻچڙيوال آھي. نالو اٿس برپٽ صحرائيءَ. سنڌيءَ ۾ انقلابي شاعري ڪندو آھي. ھن کي ۽ سندس پورھي ماءُ، ۽ جوان پٽ کي پوليس وارا ٻڌي ويا آھن.“
ڊاڪٽر امان الله خان جي نرڙ تي گھرو گھنڊ پئجي ويو. پڇيائين، ” تون پريس ڪانفرنس ڪندين ! “
تعجب وچان پڇيم، ” موجوده حالتن ۾ ائين ڪرڻ ممڪن آھي ۽ ٻيو ته ڇا جي باري ۾پريس ڪانفرنس؟“
چيائين، ” برپٽ صحرائي، سندس والدھ ۽ پٽ جي باري ۾ پريس کي ٻڌائڻ لاءِ.“
چيم، ” پر، مان ڪيئن سڀني جا سامھون اچي سگھندس ! “
ھڪدم وراڻيائين، ” تنھنجي سامھون اچڻ جي قطعي ضرورت ناھي.“
پڇيم، ” ته پوءِ پريس ڪانفرنس ڪيئن ٿيندي؟“
وراڻيائين، ” تون ان ڳالھه کي ڇڏي ڏي ته پريس ڪانفرنس ڪيئ ٿيندي. تون فقط ايترو ٻڌاءِ ته تون پريس ڪانفرنس لاءِ تيار آھين؟“
مان سوچ ۾ پئجي ويس،
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” قانون نافذ ڪرڻ وارن جي غير قانوني حرڪتن ۽ ڏوھن کي ثابت ڪرڻ ۽ منظر عام تي آڻڻ ضروري آھي.“
سوچيم، گلاب گونگو، چارڻ ۽ برپٽ صحرائي منھنجي ڪري مصيبتن ۾ وڃي پيا آھن. ھڪ منھنجي ڪري سموري سنگت پوليس جي اک ۾ اچي ويئي آھي، سڀني لاءِ تڪليف جو ڪارڻ مان آھيان.
ڊاڪٽر امان الله خان ڏانھن ڏسندي چيم، “ داڪٽر امان، مان پريس ڪانفرنس لاءِ تيار آھيان.“