ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10912
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

28

پريس ڪانفرنس لاءِ مون کان حامي ڀرائي، ڊاڪٽر امان الله خان ھليو ويو. وڃڻ مھل به سندس نرڙ تي سوچ ۽ تڪيلف وارو گھُنڊ ھو. اکيون چنجھيون، نڪ جون ناسون ڦونڊاريل، چپ ڀيڪوڙيل. ڄڻ مقابلي لاءِ ميدان ۾ لھڻ لاءِ آتو ھجي ! چارڻ ۽ گلاب گونگي جي اذيتن کيس ايتريقدر نه ڌونڌاڙيو ھو، جيتري قدر برپٽ صحرائي ۽ سندس والدھ جي الميي. مون جيئن ئي کيس ٻڌايو ھو ته ته برپٽ جي پوڙھي والدھ کي پوليس وارا ٿاڻي تي وٺي ويا آھن. سندس چھري جو رنگ ٽامڻي ھڻي ويو، ۽ سندس سمورو جسم وٽجي سٽجي لوھ ٿي ويو. ڄڻ برداشت نه ڪري سگھيو. مون سمجھيو ھو، فقط اسين ماءُ کي عبادت جي حد تائين چاھيندا آھيون. پر، ڊاڪٽر امان الله جھڙا شخص به آھن، جيڪي ٻئي ڪنھن شخص جي والدھ جي بيحرمتيءَ جو فقط ذڪر ٻڌي مرڻ مارڻ واري ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويندا آھن. ڊاڪٽر امان الله خان جي وڃڻ کانپوءِ مون سوچيو جيڪڏھن زندگيءَ ۾ اھڙو المناڪ وقت ڊاڪٽر امان الله خان تي اچي ھا ته ھو سڌو سنئون ٿاڻي تي حملو ڪرڻ کان نه ڪيٻائي ھا. ٻن چئن کي ماري، پاڻ به مري وڃي ھا !
ڊاڪٽر امان الله خان کي اوچتو پريس ڪانفرنس جو خيال ڪيئن آيو؟ کيس وڪيل ڪري ھاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن ڪرڻ جو خيال ڇو به آيو؟ ان باري ۾ مون گھڻو سوچيو، پر ڪنھن به حتمي نتيجي تي پھچي نه سگھيس. مون سوچيو، ورھين جا ورھيه اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، درسگاھن ۽ ڪتبخانن ۾ گذارڻ جي باوجود انسان جي وجود ۾ قديم، جنگجو، وحشي ۽ مرڻ لاءِ تيار رھڻ وارو انسان جيئرو رھندو آھي.مون محسوس ڪيو ته پريس ڪانفرنس اصل ۾ اسلام آباد جي پوليس تي ڊاڪٽر امان الله خان جو پھريون وار آھي !
پريس ڪانفرنس لاءِ مون حامي ته ڀري ڇڏي ھئي، پر مون کي سمجھه ۾ به پئي آيو ته مان پريس ڪانفرنس ۾ صحافين آڏو ڪيئن ايندس ! پوليس مون کي گرفتار ڪندي ويرم نه ڪندي ! ڊاڪٽر امان ڪھڙي قسم جي پريس ڪانفرنس بابت سوچيو آھي؟ صحافين کي دعوت ڏيئي اسپتال وٺي ايندو؟ ائين ڪرڻ سا پاڻ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اک ۾ اچي ويندو. سندس اسپتال سياسي پناھگاھ تصور ڪئي ويندي ۽ پوءِ شايد ڊاڪٽر دراني ۽ ڊاڪٽر امان الله ڪنھن به سياسي شخص کي پنھنجي اسپتال ۾ پناھ ڏيئي نه سگھن ! سوچيم، پريس ڪانفرنس لاءِ شايد مون کي ڪنھن ڏورانھين، ۽ مخفي مقام تي وٺي ويندا، ۽ اتي پنھنجي اعتماد جا ڪجھه صحافي وٺي ايندا !
جڏھن ڪنھن به نتيجي تي پھچي نه سگھيس، تڏھن ذھن تي دٻاءُ ۽ دل تي مونجھه محسوس ڪرڻ لڳس. مٿي ۾ لوندڙين وٽ سور محسوس ڪيم. خيال مٽائڻ خاطر ڪمري جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ھلندو رھيس ، لونڌڙين وٽ مٿي ۾ سور وڌندو رھيو. ڪجھه دير کانپوءِ محسوس ڪيم ته لونڌڙين وٽان سور سبب مٿو ڦاٽي پوندو.
ڪمري مان نڪري سڌو رسيپشن ۽ نرسن جي ڪمري وٽ وڃي بيٺس. مون کي رسيپشن وٽ ڏسي سسٽر زيتون کي ڄڻ تعجب ٿيو. ھڪدم مون ڏانھن ھلي آئي. پڇيائين، ” ڇو خير ته آھي نه؟“
چيم، ” سسٽر، مون کي مٿي ۾ سخت سور آھي. لڳيم ٿو، لوندڙين وٽان مٿو ڦاٽي پوندو.“
” اڙي ! “ ھن مون کي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو.
چيائين، ” مٿي ۾ سور اٿئي، ۽ تون ھيڏانھن ھليو آيو آھين ! اڙي چريا، تنھنجي ڪمري ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسن کي سڏڻ لاءِ ٽي سئچ لڳل آھن.“
ھوءَ مون کي ٻانھن کان جھلي،،موٽائي ڪمري ۾ وٺي آئي. مون کي ھڪدم ليٽي پوڻ لاءِ چيائين. مان ليٽي پيس.
چيم، ” مون کي ٻي ڪا تڪليف نه آھي. تون مون کي ٻه ايسپرو جون گوريون آڻي ڏي.“
چيائين، ” اتفاق جي ڳالھه آھي، ھن وقت اسپتال ۾ ھڪ به ڊاڪٽر ڪونھي.“
” ڊاڪٽر کي ڇڏ.“ چيم، ” منھنجو مٿو ٿو ڦاٽي. تون مھرباني ڪري مون کي ايسپرو يا پيراسيٽامول جون ٻه گوريون آڻي ڏي. مان ٺيڪ ٿي ويندس.“
” اھو عام سور ناھي قلندر، جو ايسپرو يا پيراسيٽامول سان لھي وڃي.“ سسٽر زيتون چيو، ” تو کي مٿي ۾ ٽيومر آھي ۽ ٽيومر جو مريض ڪنھن ڪنھن وقت مٿي ۾ سخت سور محسوس ڪندو آھي.“
ٻنھي ھٿن ۾ مٿو جھلي مان ويھي رھيس. سسٽر زيتون کي ڪيئن ٻڌايان ھا ته منھنجي مٿي ۾ ڪنھن به قسم جو، ڪو به ٽيومر نه آھي. ھيءُ سڀ ڪجھه ڊرامو آھي ! پر مون کي مناسب نه لڳو ته ڊاڪٽر امان الله ۽ ڊاڪٽر درانيءَ جي اعتبار کي ڇيھو رسايان. جڏھن، ھنن سسٽر زيتون کي ڪجھه نه ٻڌايو ھو، تڏھن مون کي ڪھڙو حق پئي پھتو، جو مان زيتون کي پنھنجي باري ۾ ڪجھه ٻڌايان !
مون کي ايسپرو يا پيراسيٽامول جي ٻن گورين جي سخت ضرورت ھئي. مون کي ھڪ ترڪيب سمجھه ۾ آئي. مون سسٽر زيتون کي چيو، ” توھان جي اسپتال ۾ اچڻ کان اڳ مون کي ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جي نيورالاجي وارڊ ۾ داخل ڪيو ھئائون. اتي مون کي جڏھن به مٿي ۾ سور محسوس ٿيندو ھو، ڊاڪٽر ۽ نرسون مون کي ايسپرو، پيراسيٽامول يا پونسٽان جون ٻه گوريون ڏيندا ھئا. “
” تو کي مٿي جي سور لاءِ ايسپرو ڏيندا ھئا ! “
سسٽر زيتون تعجب وچان پڇيو، ” ۽ اھو ڄاڻندي به، تو کي مٿي ۾ ٽيومر آھي.“
” ھا، اھو ڄاڻندي به ته منھنجي مٿي ۾ ٽيومر آھي “ چيم، ” ھو مون کي ايسپرو ڏيندا ھئا.“ سسٽر زيتون وائڙي ٿي ويئي. ڪجھه سمجھه ۾ نه آيس. ماٺ ۾ بيٺي رھي. ڪجھه دير کانپوءِ چيائين، ” مان ڊاڪٽر امان الله خان سان فون تي مشورو ٿي ڪري اچان.“
سسٽر زيتون ھلي ويئي.
مان پلنگ تي ليٽي پيس. آرام نه آيو. باٿ روم ۾ وڃي، نلڪي ھيٺان مٿو ڏيئي پاڻي کولي ڇڏيم. پاڻي ٿڌو ھو. سڄي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. ٽوال سان وار اگھي مان موٽي وڃي پلنگ تي ليٽي پيس.
سسٽر زيتون موٽي آئي. چيائين، ” ڊاڪٽر امان الله خان چيو آھي ته توکي ايسپرو جون ٻه گوريون کارائي ڇڏيان.“
منھنجي منھن تي مُرڪ تري آئي.
ايسپرو جون ٻه گوريون منھنجي ھٿ تي رکيائين ۽ پوءِ پاڻي جو گلاس ڏيندي چيائين، ” عجيب ڳالھه آھي.“
ايسپرو جون گوريون زبان تي رکي پاڻيءَ جا ٻه چار ڍُڪ ڀري گلاس سسٽر زيتون کي موٽائي ڏنم. پڇيم، ” ڇا عجيب آھي.“
چيائين، ” اڄ ڏينھن تائين سخت کان سخت سور جي باوجود ڊاڪٽر امان الله خان ٽيومر جي ڪنھن مريض کي سور گھٽ ڪرڻ لاي ايسپرو يا پيراسيٽامول يا ان قسم جي ڪا به دوا نه ڏيندو آھي.“
ان موضوع تي سسٽر زيتون سان وڌيڪ ڳالھائڻ مناسب نه سمجھيم. موضوع مٽائڻ خاطر پڇيم، ” چانھه جو ھڪ ڪوپ ملي سگھندو؟“
ڪمري مان ٻاھر ويندي چيائين، ” موڪليان ٿي.“
ٿوري دير کانپوءِ ھڪ نرس وارڊ بواءِ کان چانھه جي ٽري کڻائي آئي. مون کي چانھه جو ڪوپ ٺاھي ڏنائين ۽ خاموشيءَ سان ٽري کڻائي ھلي ويئي.
چانھه جو ڪوپ کڻي مان ڪرسيءَ تي ويھي رھيس. سِپَ سِپَ ڪري چانھه پيئڻ لڳس. مون ٻيھر پريس ڪانفرنس جي باري ۾ سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو.
ان وقت الائي ڪيئن، ۽ ڇو مونکي ڏائڻ جو خيال آيو. ھڪ دفعي چيو ھئائين، ” جوڳي، ڏُک سُک جو ساٿي ٿيڻ لاءِ ضروري ناھي ته شادي ڪري ويھي رھجي. ھونئن به شادي سُک گھٽ، ڏک وڌيڪ ڏيندي آھي.“
جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ھئائين . اداس ٿي پيئي ھئي. ٻن ناڪام شادين جو الميو اکين ۾ تري آيو ھيس. چيو ھئائين، ” سخت کان سخت آزمائش ۾ به تون مون کي پاڻ کان پري نه ڏسندين.“
ڪوڙي ! دغاباز! فريبي! سوچيم، کيس فون تي گاريون ڏيندس. سندس بيعزتي ڪندس. اھڙيون ست سُريون ٻڌائيندومانس، جو جيستائين جيئري رھندي، مون کي ياد ڪندي.
چانھه جو ڪوپ ميز تي رکي مان ڪمري مان نڪري آيس. رسيپشن تي سسٽر زيتون کي چيم، ” مون کي ھڪ ضروري فون ڪرڻي آھي.“
” اڙي ! “ سسٽر زيتون چيو، ” تون وري ڪمري مان نڪري آيو آھين ! “
چيم، ” مون کي ھڪ ضروري فون ڪرڻي آھي.“
سسٽر زيتون چيو، ” فون رسيور تنھنجي ڪمري ۾ آھي. آپريٽر کان لائين وٺي تون ڊائريڪٽ به ڳالھائي سگھين ٿو.اسان جي اسپتال مان فون تي ڳالھائڻ جي ڪا به بندش نه آھي.“
مان ڪمري ۾ موٽي ويس. آپريٽر کي ڏائڻ جو نمبر ڏيڻ بدران کائنس ڊائريڪٽ لائن ورتم.
ڏائڻ جو نمبر ڊائل ڪرڻ کان اڳ دل ھڪ گھڙيءَ لاءِ ڪنبي ويئي.
دل پڪي ڪري ڏائڻ جو نمبر ڊائل ڪيم.