10
بوٽ جون ڪھيون ٻڌندي، جيڪي به پاراتا دل تي تري آيا، سي چارڻ کي ڏيئي ڇڏيم. اٿي بيٺس. فيصلو ڪيم ته حجري جو در کولي ٻاھر نڪري ويندس. پوءِ، کٽن ڀاڳ !
ان کان اڳ جو مان حجري جو در کولي ٻاھر نڪري وڃان، حجري جو در کليو، ۽ ڪشمير خان ۽ دلبر خان اندر آيا.
”جان محمد“، دلبر خان چيو، ”اڄ شام جو.... “
”ترس.“ مون سندس جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو. چيم، ”منھنجو نالو جوڳي آھي.“
”نه.“ ھن ڏاڍي تحمل سان وراڻيو، ”تنھنجو نالو جان محمد آھي.“
”منھنجو نالو جوڳي آھي.“ مون ڪجھه سخت لھجي ۾ چيو، ”منھنجو نالو جوڳي آھي... جوڳي جوڳي.“
”نه جوان، نه.“ دلبر خان چيو، ”تنھنجو نالو جان محمد آھي. بلڪه، تنھنجو نالو وڏيرو جان محمد آھي. تون ٽنڊي الھيار جو زميندار آھين.“
”مان زميندار وغيره نه آھيان، بابا!“ بيزار ٿيندي چيم، ”انگ اکر گڏ ڪندڙ محڪمي ۾ ھڪ معمولي ملازم آھيان.“
”تون ٽنڊي الھيار جو زميندار آھين، جان محمد“ دلبر خان چيو، ”تو کي ڌاڙيلن تنگ ڪيو آھي. ڌاڙيلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تون ھتان جديد قسم جا ھٿيار خريد ڪرڻ آيو آھين.“
”يار، ھي ڪھڙي قسم جي مشڪري آھي !.“ مون کي ڪاوڙ لڳي. چيم، ”توھان مونکي اڻپڙھيل، جاھل سمجھيو آھي، جو اھڙي بيھودي نموني مونکي استعمال ڪندا ! نه دلبر خان، نه. مان چارڻ چريو نه آھيان. مان تنھنجي چڪر ۾ نه ايندس.“
”ڇا جو چڪر جوان؟ “ دلبر خان ڌيرج سان چيو، ”تو پاڻ صوبيدار کي ٻڌايو آھي ته تنھنجو نالو جان محمد آھي.“
”نه، نه. مون نه “ ھڪدم چيم، ”تو مون کي جان محمد جي نالي سان مخاطب ڪيو ھو.“
”۽ تو جواب ڏنو ھو. ڪيئن ! “ دلبر خان چيو، ”۽ ان کانپوءِ تو پاڻ صوبيدار کي ٻڌايو ھو ته تون زميندار آھين.“
”نه بابا، نه.“ چيم، ”تون صوبيدار کي ٻڌايو ھو ته مان زميندار آھيان.“
”ٺھيو. ائين ئي سھي.“ دلبر خان چيو، ”تو کي زميندار مون ظاھر ڪيو ھو، پر ٽنڊي الھيار ۾ زمينن جو ذڪر تو پاڻ صوبيدار سان ڪيو ھو. ڌاڙيلن جو ذڪر به تو پاڻ ڪيو ھو، مون نه ڪيو ھو.“
دلبر خان جو جرح ٻڌي مان چپ ٿي ويس. دلبر خان چيو، ”اڄ شام تنھنجو سامان ٽرڪ ۾ لوڊ ٿي ويندو.“
پڇيم، ”ڪھڙي قسم جو سامان؟ “
دلبر خان مرڪي ڪشمير خان ڏانھن ڏٺو. ڪشمير خان حجري جي پرئين پاسي ھليو ويو. اوندھ ھئي. کٽن تي ھڪ ٻئي مٿان ويڙھيل بسترا پيا ھئا. ڪشمير خان ھيٺ جھڪي، ھڪ کٽ جي ھيٺان ڪاٺ جي پيتي ڇڪي ڪڍي ورتي. ڍڪ کولي، ھن پيتيءَ مان ھڪ رائيفل ڪڍي ورتي، جنھن تي دوربين لڳل ھئي.
منھنجو ساھ وڃي پيرن ۾ پيو.
”نه دلبر خان، نه، ھرگز نه“ مون احتجاج ڪندي چيو، ڪجھه به ٿي پوي مان اھو ڪم نه ڪندس.“
”ھيءَ تنھنجو سامان آھي، جان محمد“ دلبر خان چيو، ”تو بُڪ ڪرايو آھي.“
”ھيءُ منھنجو سامان نه آھي، ۽ نه ئي مون بُڪ ڪرايو آھي“ چيم، ”تون مون کي بليڪ ميل ڪري رھيو آھين، دلبر خان.“
”جوان، خيال ڪر، خيال ڪر !“ دلبر خان کي باھ وٺي ويئي. دلبر خان چيو، ”ھڪ دھشتگرد کي پناھ ڏيئي مون کي ثواب ڪمائڻو ناھي.“
”مان دھشتگرد ناھيان، دلبر خان.“ مون کي ڪاوڙ لڳي. چيم، ”مان دھشتگرد ناھيان.“
”ته پوءِ، اڌ رات ڌاري اچي منھنجي حجري ۾ پناھ ڇو اچي ورتي ھيئه؟“ دلبر خان مڪروھ مرڪ سان چيو، ”ھن حجري ۾ فرشتا اچي نه لڪندا آھن.“
”مون پاڻ کي ڪڏھن به فرشتن جي صف ۾ ناھي بيھاريو آھي. مان گنھگار آھيان.“ کھري لھجي ۾ چيم، ”پر مان ڪنھن به صورت ۾ دھشتگرد نه آھيان.“
ساڳيءَ مڪروھ مرڪ سان پڇيائين، ”۽ تو وارو دوست، گلاب؟“
”مان تو کي ٻڌائي چڪو آھيان ته گلاب دھشتگرد نه آھي.“ چيم، ”ھو نھايت سٻاجھو انسان آھي. مائٽن جي چوڻ تي اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد ھليو آيو آھي، ۽ پنھنجي غلطيءَ جي سزا ڀوڳي رھيو آھي.“
”۽ اھو اسلام ڪير آھي؟“ چلم دکائيندي پڇيائين.
”اسلام جو سڄو نالو قاضي محمد اسلام آھي. روھڙي شريف جي قاضي محله جو رھاڪو آھي، منھنجو ۽ گلاب جو دوست آھي.“
پڇيائين، ”اڄڪلھه ڪٿي آھي؟“
چيم، ”اھو ئي ته مامرو آھي، دلبر خان ! اول اسلام کي ڳولڻ لاءِ مائٽن مون کي اسلام آباد روانو ڪيو. ھاڻي گلاب کي موڪليو اٿائون. اسلام ويچارو، لڳي ٿو، اسلام آباد جي سيڪٽرن ۾ گم ٿي ويو آھي.“
”ائين گم ٿي وڃڻ سٺي علامت نه آھي .“ دلبر خان جي منھن تي مڪروھ مرڪ موٽي آئي.
”مطلب ! “
”مطلب ته ....“
”چئه، چئه.“
”گم رھي، گھربل معلومات ھٿ ڪري تخربيڪاري ڪري سگھي ٿو، ڪنھن به وقت.“
”دلبر خان !“ مان اٿي وڃي سندس سر تي بيٺس. چيم، ”تخربيڪاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو خيال کوپريءِ ۾ اٿيئي، يا نه !؟ “
دلبر خان چلم مان دونھان ڪڍندي چيو، ”اسين ھڪٻئي کي ڪوھن تائين سڃاڻي وٺندا آھيون.“
مان بيزار ٿي پيس. ھو مون کي عقل کان وانجھيل ۽ احمق محسوس ٿيو. ھر طاقتور انسان وانگر ضدي ۽ ھوڏي ھو.
کيس سمجھائڻ خاطر چيم، ”منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ ، دلبر خان ! مان دھشتگرد آھيان، يا نه آھيان. ان معاملي تي بحث ڪرڻ اجايو آھي. تنھنجي سُئي ھڪ ھنڌ اٽڪي پيئي آھي. مان تنھنجا ھٿيار کڻي سنڌ نه ويندس.“
کلي پيو. چيائين، ”ھي تنھنجا ھٿيار آھن، جوان ! “
مون به ساڳئي لھجي ۾ وراڻيو، ”ھي منھنجا ھٿيار نه آھن.“
”ھي ھٿيار تنھنجا آھن، جان محمد ! “
”وري جان محمد ! اڙي بابا، مان جوڳي آھيان، جان محمد نه آھيان.“
”تون جان محمد آھين، ۽ ھي ھٿيار تنھنجا آھن.“ دلبر خان چيو، ”ان ڳالھه جو اعتراف تون صوبيدار صاحب آڏو ڪري چڪو آھين.“
چيم، ”اعتراف جي باوجود مان ھٿيار سمگل نه ڪندس.“
چيائين، ”سمگل ڪرڻ لاءِ ڪير ٿو چوي، جوان تون پنھنجو مال پاڻ سان کڻي وڃي رھيو آھين.“
”نه، قطعي نه.“ چيم، ”مان ڪنھن به قسم جو ڪو به سامان کڻڻ لاءِ تيار نه آھيان.“
”تون ته ڏاڍو ڏکيو ماڻھو آھين، جوان ! “ دلبر خان چيو، ”اجايو پنھنجو نقصان ڪرائي وجھندين.“
مون کيس جواب نه ڏنو. خاموش رھيس. ھن ڪشمير خان کي ٻانھن کان وٺي پرتي وڃي بيھاريو. ٻئي ڄڻا سُرٻاٽن ۾ ڳالھائيندا رھيا. دلبر خان ھڪ کٽ تي ويھي رھيو. ڪشمير خان مون ڏانھن ھليو آيو
ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”اسان تنھنجي ڳالھه سمجھي ويا آھيون.“
بيزار ٿيندي چيم، ”ڪھڙي ڳالھه.“
ڪشمير خان کيسي مان نوٽن جون ٻه چار ٿھيون ڪڍي مون کي ڏيندي چيو، ”تنھنجي معاوضي جو ايڊوانس. باقي معاوضو تو کي سنڌ ۾ سامان جي ڊليوريءَ تي ملندو. “
”دماغ ته ٺيڪ اٿئه نه ! “ نوٽ کيس موٽائيندي چيم، ”توھين مون کي ڪيريئر ٿا سمجھو !.“
ڪشمير خان منھن ورائي دلبر خان ڏانھن ڏٺو.
دلبر خان چيو، ”ايترو معاوضو اسان اڄ تائين ڪنھن کي نه ڏنو آھي، جوان ! “
”نه مون کي معاوضي جي ضرورت آھي، ۽ نه ئي تنھنجي حفاظت جي.“ سر جو سانگو لاھيندي مان ٻنھي جي منھن ۾ وڃي پيس. پڇيم، ”مون کي ٻڌايو توھان چارڻ کي ڪھڙي ڪھڙي نموني استعمال ڪيو آھي؟“
”چارڻ اسان جو دوست آھي.“ دلبر خان چيو، ”اسان دوستن کي استمال نه ڪندا آھيون.“
”۽ دوست جي دوست کي استعمال ڪندا آھيو ! “ ڪاوڙ وچان چيم، ”مان وڃان ٿو دلبر خان.“
مون جھٽ ھڻي گلم تان دلبر خان جي ڪلاشنڪوف کڻي ورتي. زندگيءَ ۾ پھريون دفعو مون رائيفل ھٿ ۾ کنئين ھئي. ڪشمير خان ھٿ سان ڌڪو ڏيئي دلبر خان کي پري ڪري ڇڏيو رڙ ڪندي چيائين، ”اناڙي آھي، متان برسٽ ھلائي وجھي.“
”پنھنجي جاءِ تي بيٺا رھو، ٻئي ڄڻا. اصل نه چُرجو.“
مون پوئين پير در ڏانھن وڌندي چيو، ”مان وڃان ٿو.“
دلبر خان جنوني قسم جو ماڻھو ھو. اڳتي ھليو آيو.
رڙ ڪيم، ”خبردار، اڳتي نه اچجانءِ ! “
دلبر خان چيو، ”ٻه ڳالھيون غور سان ٻڌي ڇڏ.“
” ٻڌاءِ “ پر چيم، ”پنھنجي جاءِ تان اصل نه چُرجانءِ ! “
”صوبيدار کي پڪ ھئي ته دھشتگرد گلاب جو تون ساٿي آھين. اسان ڳالھه ٺاھي تنھنجي جان بچائي آھي.“ دلبر چيو، ”تون جيڪڏھن گرفتار ٿي پئين، ته پوليس ۾ اسين پنھنجي ساک وڃائي ويھنداسين. تنھنڪري....“
ھن جملو پورو نه ڪيو، پڇيم، ”تنھنڪري ڇا؟ “
چيائين، ”اسان تو کي جيئرو نه ڇڏينداسين. تو کي ھر حال ۾ مارينداسين. اسين شاھدن کي جيئدان نه ڏيندا آھيون.“
”تڙي نه ڏي دلبر خان“ چيم، ”ٻي ڳالھه ٻڌاءِ.“
دلبر خان چيو، ”چارڻ ٿوريءَ دير ۾ پھچي ويندو. تنھنجي ۽ اسان جي وچ ۾ معاملو جيستائين ڪنھن انجام تي پھچي، چارڻ کي اسين يرغمال طور پاڻ وٽ قيد ڪنداسين “
”تون وڏو ڪمينو آھين، دلبر خان.“ رڙ ڪندي چيم، ”دل چوي ٿي تو کي اُڦٽ ماري وجھان.“
ڪشمير خان اڳتي اچي، دلبر خان کي ٻانھن کان جھلي پري ڪري ڇڏيو.
مان پٺيرو ھٽندو حجري جي در وٽ پھتس. ڀت سان لڙڪندڙ قديم دور جو تالو کڻي ٻاھر نڪري بيٺس. ھڪدم در بند ڪري. ڪڙي ۾ تالو وجھي، چاٻي ڦيرائي ڇڏيم.
حُجري جي ٻاھران، ڀاڄيءَ جي دڪان وٽ بيٺل ماڻھن حيرت وچان مون ڏانھن ڏٺو. منھنجي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف ڏسي ھر ڪو پنھنجي جاءِ تي پنڊ پھڻ ٿي ويو.
مان ماڻھن ڏانھن ڏسي آھستي آھستي، حجري جي پاسي کان وھندڙ برساتي نالي ڏانھن وڌڻ لڳس. تڏھن اوچتو، حجري جي روشندانن مان اول ڪلاشنڪوف جا برسٽ ٻڌم، ۽ پوءِ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جا ٻوڪ ؛ وڃڻ نه ڏجوس... ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.
تڏھن محسوس ڪيم ته حجري جي ٻاھران بيٺل ماڻھو ڀاڄيون وٺڻ وارا گراھڪ نه ھئا. ھو دلبر ۽ ڪشمير خان جا ڇاڙتا ھئا. ھو ھٿيار کڻي منھنجي ڪڍ ڪاھي پيا. ٻي ڪا واٽ نه ڏسي، مان برساتي نالي ۾ لھي ويس ۽ نالي جي پاسن کان بيٺل گھاٽن وڻن ۽ جھنگلي ٻوٽن ۾ لڪندو، سيڪٽر آئي – ٽين ڏانھن وڌڻ لڳس.