3
چارڻ چيو، ”ايس ايڇ او سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ گلاب ۽ سندس دھشت گرد گروھ جي باري ۾ صحافين کي تفصيل ٻڌائيندو. “
اسلام آباد جي ڪجھه صحافين سان چارڻ جي دوستي آھي. ھو مون کي آفيس ۾ ڇڏي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب ھليو ويو.
آفيس جي خالي ڪمرن ۾ مون کي پنھنجي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏھن به دل جي ڌڙڪڻ جو آواز نه ٻُڌو ھو. ٽي چار ٽيليفون بي يارو مدد گار منھنجي سامھون پيا ھئا. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪنھن سان ڳالھايان، ۽ ڇا ڳالھايان ! مراد ٺاٺاري واضع نموني ٻڌائي ڇڏيو ھو ته پوليس گلاب گونگي جي دھشت گرد ساٿين جي ڳولا ۾ سرگردان ھئي. گلاب جي دھشت گرد ساٿين ۾ سڀ کان اول منھنجو نالو ھو. پڪ ڪرڻ خاطر ٻيھر مراد ٺاٺاري کي فون ڪيم، رسيور مان آواز آيو، ”مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ. “
ڪجھه ڪجھه وچڙيل آواز ۾ پڇيم، ”مراد پڪ اٿئي پوليس مون کي ڳولي رھي آھي “
”جاني، مارائيندين ڇا ! مراد ٺاٺاري ڪنبندڙ لھجي ۾ چيو، پوليس ھر ان شخص کي ڳولي رھي آھي، جنھنجو گلاب گونگي سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو رھيو آھي.“
مراد ٺاٺاري رسيور رکي ڇڏيو.
مون کي مراد ٺاٺاري جي رويي تي تعجب نه ٿيو. ھن ڏاڍي محنت ڪئي ھئي. اسلام آباد جھڙي نامراد شھر ۾ پير ڄمائڻ لاءِ ھن وسان ڪين گھٽايو ھو. سنڌ ۾ بيروزگاريءَ کان مجبور ٿي، ڪلارڪي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيو ھو. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي، ويو ڏاڪن پٺيان ڏاڪا چڙھندو. شڪارپور جي مٺائي ۽ آچار، روھڙي ۽ خيرپور جو کارڪون، ۽ ماکين جا شيشا کارائي ھن ڪامورن جي مت ماري وڌي. ھر ڪو پيو مٿي تي ويھاريس. ويو چوٽ چڙھندو. سنڌ بابت خبرون ھٿ ڪرڻ وارا مراد ٺاٺاري کي سنڌ تي اٿارٽي سمجھڻ لڳا. سنڌ بابت ڪنھن به قسم جي سياسي، سماجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ واري ڪاروائيءَ کان اڳ، اختياريءَ وارا ڏاڍي رازداريءَ ۾ ساڻس صلاح مشورا ڪرڻ لڳا.اهڙي روش سبب مراد پاڻ به شروعات ۾ وائڙو ٿي ويو. روزانو، ڪا نه ڪا ڪهاڻي اچي ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ جٿن موڪلڻ جي تياري ٿي رهي آهي ! سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو انتظام ڪمشنرن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ! سنڌ ۾ جاسوسيءَ جو ڄار وڇايو ويندو ! رينجرن کي چوڪ چوڪ تي بيهاريو ويندو !
اسين مٿس کِلون، ٺٺوليون ڪريون. چرچا ۽ ٺمريون هڻي کيس چريو ڪري ڇڏيون. کيس لَٻاڙين جي سردار جو لقب ڏئي ڇڏيوسين. هڪ دفعي، چندو ڪري ٽرافي ورتي سين، ٽرافيءَ تي لکايوسين ؛ لٻاڙين جي عالمي چيمپين، مراد ٺاٺاري لاءِ،
پر اهو غير يقيني، ۽ مبهم قسم جو دور هو. جلد گذري ويو. جڏهن ٺاٺاري جون ٻڌايل ڳالهيون سچ ثابت ٿيڻ لڳيون، تڏهن اسين ماٺ ۾ پئجي وياسين. ڪجهه دوستن مراد ٺاٺاري کي اڪابر، ۽ اڳ ڪٿين ۾ گرهوڙيءَ جو هم رڪاب مڃيو. ڪجهه دوستن کيس سياسي مدبر سمجهيو ۽ ڪجهه دوست ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيا. منجهائن ڪي اهڙا دوست به هئا، جيڪي مراد ٺاٺاري کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. هڪ ٻن ڄڻن بنا هٻڪ جي چئي ڇڏيو ته مراد ٺاٺارو ايجنسين جو پگهاردار ايجنٽ آهي.
اڳتي هلي ٻيو ڪجهه خاص ته نه ٿيو، مراد ٺاٺارو محتاط ٿي پيو. هن سنڌ جي سياست بابت ڳالهائڻ، خاص طرح سان پيشن گويون ۽ اڳ ڪٿيون ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو. آهستي آهستي سموري سنگت سان ملڻ جُلڻ به گهٽائي ڇڏيائين. هن ملڻ جلڻ وارن جو نئون طبقو پيدا ڪري ورتو. ٻارهن تيرهن سالن ۾ ايڪويهين گريڊ کي وڃي ڌڪ هنيائين. پر، وڏي ساڃاهه وارو مڙس هو. پُراڻن يارن دوستن کي وساريو نه هئائين. جڏهن به ڪم ڪار خاطر ملبو هئس ته ڀاڪر پائي ملندو هو. ڪم ڪار ڪرائي ڏيڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندو هو. نوڪريون چاڪريون ڏيارڻ، پروموشن ڪرائڻ، ڪوارٽر ۽ جايون الاٽ ڪرائي ڏيڻ، ٻارن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا جو ڪو ڪم کڻي وڃوس، مراد ٺاٺارو ڪيٻائيندو نه هو. سندس واتان هڪ ئي جملو ٻڌبو هو، ”جاني، حڪم ڪر.“
مان سمجهان ٿو، گلاب گونگي واري معاملي ۾ هو شايد بيوس هو. يا، ائين به هو، جو معاملو في الحال مبهم هو، ۽ پوليس طرفان وٺ پڪڙ جو ڪم هلي رهيو هو. مراد ٺاٺارو هڪ طرف هٽي ويو.
مون وري سندس نمبر ڊائل ڪيو، آواز آيو، ”مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ “
رسيور رکجان نه مراد، چيم ”تو کي پڪ آھي نه، ته گلاب گونگو دھشت گرد نه آھي؟“
”منھنجي پڪ سان ڇا ٿيندو، جاني !“ مراد چيو، ”پوليس کي پڪ آھي ته گلاب گونگو دھشت گرد آھي. ھنن کي ان باري ۾ ڪي ثبوت به ھٿ آيا آھن. گھٽ ۾ گھٽ تون روپوش ٿي وڃ، جاني ! فليٽ تي نه وڃجانءِ.“
مراد ٺاٺاري رسيور رکي ڇڏيو .
جيڪي ڪجھه ٿيو ھو ۽ جيڪي ڪجھه ٿي رھيو ھو، سو سڀ ڏاڍو عجيب ۽ توقع کان ٻاھر ھو. گلاب گونگو ڪھڙي حوالي سان دھشتگرد ٿي پيو ھو ! ھن قاضي محمد اسلام کي ڳولڻ لاءِ اسلام آباد ۾ پير پاتو ھو ! ھو اسلام لاءِ آبپاره وٽ بينر کڻي بيٺو ھو ! گلاب گونگو دھشتگرد ڪيئن ٿي پيو ! گلاب گونگو منھنجو ننڍپڻ جو دوست، سنگتي ۽ ساٿي ھو. مون کي ياد نه ٿو پوي ته ھن زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڦٽاڪو به ٻاريو ھجي، يا ڪنھن جھرڪيءَ کي ماريو ھجي ته پوءِ پوليس وٽ ثبوت ڪھڙا آھن ! ۽ ثبوت ڪٿان آيا !
مون کي ساھ ۾ سوڙھ محسوس ٿيڻ لڳي. مون اٿي، دريءَ کان ٻاھر ڏٺو. سج لھي ويو ھو. رستن تي بتيون ٻري رھيون ھيون. تڏھن مون کي احساس ٿيو ته ڪمري ۾ اوندھ ھئي مون بتي ٻاري ھئي.
تڏھن، ڪراڙو چوڪيدار، حاجي يوسف، ڪمري ۾ آيو. پوٺوھاريءَ ۾ پڇيائين، اڄ گھر نه ويندين ڇا؟
مون ذري گھٽ ڇرڪي ھن ڏانھن ڏٺو. ھن بلب ٻاري ڇڏيو. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. شام جا ڇھه ٿيا ھئا. اسلام آباد ۾ سياري جي مند ۾، سج ساڍي چئين لڳي لھي ويندو آھي، ۽ ڇھين لڳي تائين آسمان تان اوندھ جو غلاف لھي ايندو آھي. اوندھ انڌوڪار ۾ گدڙن جي اونائڻ جو آواز ايندو آھي. ڏاڍو عجيب شھر آھي. سياري جي راتين ۾ خاص طرح سان گدڙ، بگھڙ، جھنگلي ٻلا، ۽ سوئر عام جام رستن تي نڪري ايندا آھن.
حاجي يوسف، چوڪيدار، مون ڏانھن ڏسي رھيو ھو، ھُن پڇيو، ”طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟ “ چيم، ھا طبيعت ٺيڪ آھي، ھڪ دوست جو انتظار ڪري رھيو آھيان.“
” ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھي“ ھن پڇيو، چانھه پيئندين؟
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
چانھه جو ڪوپ کڻي حاجي يوسف موٽي آيو .
پڇيائين، ”ڪجھه کائيندين؟“ مون وٽ موريون ڀريل پراٺو آھي.
چيم ” نه، مھرباني فقط چانھه پيئندس.“
حاجي يوسف ھليو ويو. مان ڪرسي تي ويھي رھيس ۽ سپ سپ ڪري چانھه پيئڻ لڳس. مون پاڻ کي اڻٿانئيڪو محسوس ڪيو.
چانھه پيئندي، روپوش ٿيڻ جي امڪان تي سو چيم،
سوچيم، ڪنھن دوست جي گھر لڪي ويھندس، پناھ وٺندس ! ٻن چئن دوستن جا نالا دل تي تري آيا. ڀنڀرو ھالائي، مورڙو ڪربلائي، برپٽ صحرائي ! سوچيم برپٽ صحرائي ٺيڪ آھي. ڇڙو ڇانڊ آھي ۽ مٿان وري شاعر قسم جو ماڻھو آھي. روپوشيءَ دوران سندس ڪلام ويٺو ٻڌندس.
پر، مون ڪيو ڇا آھي؟ گلاب گونگي ڇا ڪيو آھي؟
ان وقت چارڻ چريو، ھميشه وانگر توائي، سھڪندو آيو. چيائين، ”ٻه خبرون آھن. ھڪ ته تنھنجي فليٽ تان پوليس کي دھشتگردي بابت ڪي ثبوت ھٿ آيا آھن. “
منھنجي فليٽ تان ! مون کان ڇرڪ نڪري ويو .
پڇيم، ڇا لڌو اٿن؟
الائي، وراڻيائين، ”سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ صحافين ۽ ٽيليويزن جي نمائندن آڏو پيش ڪندا.“
پڇيم، ٻي خبر ڪھڙي آھي؟
جواب ڏيڻ کان اڳ چارڻ مون ڏانھن ٽڪ ٻڌي ڏسندو رھيو .
پڇيم، ٻي خبر ڪھڙي آھي؟
وراڻيائين، ” تفتيش دوران گلاب گونگي سنڌ ۾ دھشتگرديءَ بابت اھم انڪشاف ڪيا آھن.“
مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڏھين ريڪٽر اسڪيل تي زلزلو آيو، مارگله ٽڪرين جو سلسلو ڊھي ويو ۽ سمورو اسلام آباد کنڊرن ۾ بدلجڻ لڳو.