ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو

امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
  • 4.5/5.0
  • 10913
  • 3312
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ گونگي ڳالهايو

8

ڪٿي پڙھيو ھيم، ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي، جو ورھيه اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آھن، ۽ ساعتون صدين ۾ بدلجي وينديون آھن. چارڻ چريي جو انتظار ڪندي ائين محسوس ٿيو، دلبر خان جو حجرو لاھور قلعي جو قيدخانو ھو، جنھن ۾ مان ورھين کان چارڻ جو انتظار ڪري رھيو ھوس، ۽ سمجھي رھيو ھوس ته چارڻ ڪڏھن به نه ايندو، ۽ مان دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجري مان نڪري نه سگھندس. تماڪ جي دونھين ۾ زرد ۽ ميرانجھڙيون ٿيل ڀتين جي وچ ۾ منھنجو ساھ سڪي ويندو. سوچيم، مان مري ويندس گلاب گونگي لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھندس !
ھنن لاڪپ ۾ گلاب کي ڏاڍو ماريو ھوندو، مون کي رکي رکي خيال پئي آيو. پوليس ۽ تفتيش ڪندڙ ادارن پاران انسانن تي لڱ ڪانڊاريندڙ عذابن ۽ تشدد جا جيڪي احوال ٻڌا ھيم، اکين آڏو ترڻ لڳا.
گلاب کي اگھاڙو ڪيو ھوندائون !
کيس فرش تي انڌو ليٽائي، لوڻ واري پاڻيءَ ۾ پسيل بيد جي لڪڻ سان ماريو ھوندائون !
چمڙي جي ڦٽڪن سان ڪُٽيو ھوندائون !
کيس اونڌو ليٽائي، ڪنڌ ۽ ڪلھن تائين پاڻي ۾ ٻوڙي گوتا کارايا ھوندائون !
آڱرين جي وچ ۾ ڪاٺيون وجھي سندس ھٿ مروڙيا ھوندائون !
سندس ننھن پڪڙ سان پڪڙي، ماس کان ڌار ڪري ڇڏيا ھوندائون !
کيس مختلف غُضون تي سگريٽن سان ڏنڀ ڏنا ھوندائون !
۽ ھر عذاب کان پوءِ ساڳيو سوال ورجايو ھوندائون ! ڳالھاءِ، ڳالھاءِ، ڳالھاءِ !
گلاب ڪيئن ڳالھائيندو ! گلاب ڪيئن ڳالھائيندو ! ھو عذاب سھندي سھندي مري ويندو، پر ڳالھائي نه سگھندو. پوليس کي ڪير ٻڌائيندو ته گلاب گونگو آھي. ڪير ٻڌائيندو.
مون کي پنھنجي وجود ۾ ڀڃ ڊاھ محسوس ٿي. مان ڇرڪ ڀري ويھي رھيس. حجري جو در بند ھو، مون اٿي، وڃي در کڙڪايو.
در ڪشمير خان کوليو.
چيم، ”چارڻ الائي ڪڏھن ايندو، ۽ الائي ڪڏھن منھنجي جند ھتان آزاد ٿيندي. مون کي خدا جي واسطي ھڪ ٽيليفون ڪرڻ ڏيو.“
ڪشمير خان ٿوري دير سوچيندو رھيو. پوءِ چيائين ”ترس“
ڀاڄين جي دڪان ٻاھران ويٺل دلبر خان ڏانھن ھليو ويو. ٻنھي ڄڻن پاڻ ۾ ڪجھه ڳالھايو. ڪشمير خان موٽي آيو. چيائين، ”تو کي ھتان پوليس کي فون ڪرڻ نه ڏينداسين.“
چيم، ”مان پوليس سان نه ڳالھائيندس.پنھنجي ھڪ دوست سان ڳالھائيندس، ۽ پوءِ کيس اھو به نه ٻڌائيندس، ته ڪٿان ڳالھائي رھيو آھيان.“
ڪشمير خان وري سوچ ۾ پئجي ويو. گھڙي کن کان پوءِ چيائين، ”ترس“
وري دلبر خان ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳالھائيندا رھيا، ۽ مون ڏانھن ڏسندا رھيا. ڪشمير خان ان دوران ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رھيو. ڪافي دير تائين پاڻ ۾ ڳالھائڻ کانپوءِ ڪشمير خان ڀاڄين جي دڪان ڏانھن ھليو ويو. ڀاڄين جو دڪان آڏو اوٽ ۾ ھو ڪشمير خان مون کي نظر نه آيو. ٿوري دير کانپوءِ تار بنا ٽيليفون کڻي آيو. تمام جديد قسم جي ٽيليفون ھئي. ٽيليفون مون کي نه ڏنائين، چيائين، ”نمبر ٻڌاءِ.“
مون کيس مراد ٺاٺاري جو نمبر ڏنو.
پڇيائين، ”ڪير آھي.“
چيم ، ”منھنجو دوست آھي.“
ڪشمير خان ڊائل ڪيو. رسيور ڪن تي رکي ٻڌندو رھيو. پوءِ رسيور مون ڏانھن وڌائيندي چيائين، ”اچي وٺ ڳالھاءِ.“
رسيور ڪن تي رکيم ته ٺاٺاري جو آواز آيو، ”مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ.“
”مراد، مان جوڳي،“ مون کي پنھنجو آواز ڪنبندي محسوس ٿيو.
منھنجو آواز ٻڌي، مراد ڄڻ ڊڄي ويو. چيائين، ”جاني، مارائيندين ڇا ! “
”مراد، ڪجھه ڪر.“ ٻاڏائيندي چيم، ”ھو گلاب کي تفتيش ۾ ماري وجھندا، ڪجھه ڪر، مراد.“
منھنجي آواز ۽ لھجي ۾ الائي ڇا ھو، جو مراد ڄڻ سوچ ۾ پئجي ويو. ڪافي دير تائين خاموش رھيو. ڪشمير خان مون ڏانھن ڏسندو رھيو.
ڪجھه دير کانپوءِ مراد پڇيو، ”تون محفوظ آھين نه.“
”ھا، مان محفوظ آھيان، بلڪه سمجھه ته ضرورت کان وڌيڪ محفوظ آھيان.“
ڪشمير خان ڏانھن ڏٺم. چيم، ”منھنجو فڪر نه ڪر گلاب لاءِ ڪجھه ڪر.“
مراد خاموش رھيو.
ڪشمير خان مون ڏانھن ڏسندو رھيو.
”حالتون اسان جي حق ۾ ناھن، جوڳي“ مراد ٺاٺاري چيو، ”کين پڪ آھي ته گلاب سنڌي دھشتگردن جي گروھ جو ميمبر آھي ۽ سندس ٻيا ساٿي دستي ۽ ٽائيم بمن سميت اسلام آباد ۾ پکڙجي ويا آھن. في الحال پاڻ کي ڀرڀرو رکجي. ان ۾ سڀني جي سلامتي آھي.“
تڪليف وچان چيم، ”تيستائين گلاب کي ماري وجھندا.“
”گلاب کي مولا جي حوالي سمجھه.“ مراد چيو، ”پڪ ڪونھي ته ڪنھن ڪنھن جي فون ٽيپ ٿي رھي آھي، مانيٽر ٿي رھي آھي.“
مراد ٺاٺاري رسيور رکي ڇڏيو.
مون فون ڪشمير خان کي موٽائي ڏني.
ڪشمير خان پڇيو، ”قھوو پيئندين.“
ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي، مان حجري ۾ وڃي ليٽي پيس. منھنجي خواب خيال ۾ به نه ھو ته انسان جو حالتون ايتريقدر ۽ ايترو جلدي بدلجي وينديون آھن ! مون واچ ۾ وقت ڏٺو. صبح جا يارھن ٿيا ھئا. چارڻ چريو ڪيڏانھن غائب ٿي ويو !
ڪٿي چارڻ کي به پڪڙي ته نه ويا آھن ! مان ڇرڪ ڀري ويھي رھيس.
ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ڇوڪرو قھوي جون چينڪون ۽ پياليون کڻي حجري ۾ داخل ٿيو. ھن جي ڪڍ، ڪشمير خان، دلبر خان ۽ ھڪ پوليس جو صوبيدار حجري ۾ داخل ٿيا. مون کي دلبر جي نيت تي شڪ ٿيو. شڪ ته اصل ۾ مون کي ان وقت کان ھو، جڏھن کان ھنن مونکي حجري مان نڪرڻ جي منع ڪئي ھئي.
صوبيدار ۽ دلبر خان مون ڏانھن ھليا آيا، منھنجي سامھون اچي بيٺا. صوبيدار خرانٽ قسم جو، کُھرو، مڪروھ، ۽ شڪل مان بي مروت پئي نظر آيو. پنجاھ کن سالن جو ھو. وار ڀنور وانگر ڪارا ڪيا ھئائين. مڇ به خضاب سان ڪاري ڪئي ھئائين، پيٽ بيحد وڏو ۽ ٽنگون ۽ ٻانھون سنھڙيون ھيس.
”جان محمد اسان جو دوست آھي.“ دلبر خان مون کي اک ھڻندي چيو، ”سنڌ ۾ پنھنجيون زمينون اٿس، وڏو زميندار آھي.“
صوبيدار مون ڏانھن ھٿ وڌايو. ڪجھه اچرج وچان مون صوبيدار سان ھٿ ملايو، ۽ اک ٽيٽ ڪري دلبر ڏانھن ڏسي ورتم. دلبر خان ٻيھر اک ھڻي ورتي ڄڻ چوندو ھجي، پٽ ھوشياري ڏيکار !
صوبيدار پڇيو، ”سنڌ ۾ زمينون ڪٿي اٿو؟“
مان ذري گھٽ وائڙو ٿي ويو ھوس ! منھنجو نالو جان محمد ڪيئن ٿي پيو ھو ! ۽ مون ڪنگلي وٽ زمينون ڪٿان آيون !
پاڻ سنڀالي ورتم، چيم، ”ٽنڊي الھيار ۾ منھنجون زمينون آھن.“
”ٽنڊي الھيار ۾ ! “ صوبيدار جي دلچسپي وڌي وئي. چيائين ”منھنجي سُھري جون به ٽنڊي الھيار ۾ زمينون ھيون، پر ڌاڙيلن جي ڊپ کان وڪڻي ھيڏانھن ھليو آيو آھي.“
ڳالھه تي ڳنڍ ٻڌندي چيم، ”ھا، ٽنڊوالھيار اڄ ڪلھه ڌاڙيلن جي اک ۾ آھي.“
پڇيائين، ”توھان جو زمينون ٽنڊي الھيار ۾ ڪھڙي ھنڌ آھن؟ “
مون دلبر خان ڏانھن ڏٺو. دلبر خان اک ھنئين. ڄڻ چوندو ھجي، پٽ ڳالھائيندو رھ !
پڇيم، ”ٽنڊي الھيار ۾ عبدالعزيز بچاڻيءِ جو نالو ٻڌو اٿئي؟
چيائين، ”ھا، ٻڌو اٿم.“
چيم، ”سمجھه ته عبدالعزيز بچاڻيءَ جي زمينن سان لڳو لڳ منھنجيون زمينون آھن.“
ڏاڍي دلچسپي سان پڇيائين، ”عبدالعزيز بچاڻيءَ جو فصل ساڙي ويا ھئا نه “
چيم، ” ھا، ڪو ٿيٻو ڌاڙيل ھو.“
پڇيائين، ”تنھنجين زمينن تي نه آيا آھن، ڇا؟“
”عزيز بچاڻي آھي انگريزن جو منقعد. قانون ھٿ ۾ نه کڻندو آھي“ چيم، ”مون قانون ھٿ ۾ کنيو آھي. زمين تي اصل پڪا مورچا ٺاھرائي ڇڏيا اٿم. ھاڻي کڻي ٿيٻو اچي، يا چانڊيو اچي، يا ماڇي يا جروار اچي، يا شيدي اچي ! بچي ويو ته ڄڻ نئون ڄائو ! “
صوبيدار چيو، ”يار، اھڙي مڙسي ته مون واري رٽائرڊ ميجر سُھري به نه ڏيکاري ھئي. “
”ھن وٽ موٽي وڃڻ لاءِ ٻي ڌرتي ۽ ٻيو اجھو ھو.“ منھنجي وجود مان جواب ڦاٽ کاڌو. چيم، ”اسين پنھنجي ڌرتي ڇڏي ڪيڏانھن وينداسين. اسان جو جيئڻ مرڻ ان ڌرتيءَ تي آھي.“
دلبر خان وچ ۾ چيو، ”ڌاڙيلن کي منھن ڏيڻ لاءِ جان محمد ڪجھه راڪيٽ لانچر ۽ ڪلاشنڪوف وٺڻ آيو آھي. صادق آباد تائين حفاظت سان کيس پڄائڻ تنھنجي ذمي آھي اڳتي اسان جو بندوبست ٿيل آھي.“
صوبيدار کِلي، منھنجي پٺيءَ تي ھٿ ھنيو. پيالي مان سپ سپ ڪري قھوو پيئندو رھيو، ۽ رکي رکي مون ڏانھن ڏسندي رھيو.
قھوو پورو ڪري صوبيدار اٿي بيٺو. مون سان گرمجوشيءَ مان ھٿ ملايائين. چيائين، ”سامان سميت صادق آباد تائين تو کي پھچائڻ اسان جي ذمي آھي. خدا حافظ ! “
حجري جي در ڏانھن وڌي ويو. دلبر خان وري اک ھنئين. ڄڻ چوندو ھجي، واھ جو ڊرامو ڪيو اٿئي !
حجري جي در وٽ صوبيدار بيھي رھيو. منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺائين. پڇيائين، ”ڪالھه گلاب نالي جنھن دھشتگرد کي پڪڙيو اٿائون، ان کي سڃاڻين؟ “
سموري جسم جي رت ڄڻ گندرف ۾ بدلجي وئي انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”نه.“
صوبيدار، دلبر خان ۽ ڪشمير خان سميت، حجري کان ٻاھر ھليو ويو.