33
سموري رات پاسا ورائيندو رھيس، ۽ سوچيندو رھيس. رکي رکي پاڻ کان سوال پڇندو رھيس. ڊاڪٽر امان الله خان معاشري جي بينپناھ ناانصافين خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ واٽ ڳولي رھيو آھي، يا سچ پچ برپٽ صحرائيءَ جي مظلوم ماءٌ لاءِ ڦٿڪي پيو آھي؟ مون وٽ ڪو جواب نه ھو. مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو. برپٽ صحرائي جي ماءُ لاءِ ڊاڪٽر امان الله خان ايترو جنوني ڇو ٿي پيو ھو ! ماءُ جي حوالي سا ڪا طويل ڪھاڻي سندس لاشعور ۾ ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر پڄري ۽ کامي رھي ھئي ! مون کي ڪجھه سمجھه ۾ به پئي آيو. مون کي اھو سمجھه ۾ نه پئي آيو ته روپوشيءَ واري ڪيفيت ۾ ڊاڪٽر امان الله خان ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني منھنجي پريس ڪانفرنس ڪرائيندو ! صحافين کي اسپتال وٺي ايندو، يا مون کي ڪنھن مخفي مقام تي پريس ڪانفرنس لاءِ وٺي ويندو !
اڻتڻ ۽ وسوسن ۾ الائي ڪڏھن مون کي ننڊ کڻي ويئي. گورين جو اثر ھو، يا سموري رات اڻ سَليل سوالن جي جوابن لاءِ ڦٿڪندو رھيو ھوس، جو صبح جو اک کلي ته مٿو ڳرو ھو. اکين ۾ چڀڪو پئي محسوس ڪيم. واچ ۾ وقت ڏٺم. صبح جا اٺ ٿيا ھئا. بيل وڄايم. ڪجھه گھڙين کانپوءِ ھڪ نرس ھلي آئي.
کانئس پڇيم، ” سسٽر زيتون ڪٿي آھي؟“
وراڻيائين، ” منجھند جو ھڪ وڳي ايندي.“
مان سوچ ۾ پئجي ويس. پڇيم، ” ھتي اسپتال ۾ ڪو ھال وغيره آھي ڇا؟“
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي وراڻيائين، ” نه.“
پنھنجي ساءِ ڳالھايم، چپن ۾ ڀڻڪيم، ته پوءِ پريس ڪانفرنس ڪٿي ڪندا؟
نرس پڇيو، ” پريس کي ڇا ڪندا؟“
” ھون ! “ مون ھڪدم نرس ڏانھن ڏٺو. ڳالھه بدلائيندي چيم، ” اخبارن جي باري ۾ پئي سوچيم، ملي سگھنديون؟“
وراڻيائين، ” ڇو نه، چانھه سان گڏ موڪليان ٿي.“
نرس ھلي ويئي. غسلخاني ۾ وھنجي سھنجي ٻاھر آيس. ميز تي ٻه اخبارون ۽ چانھه جي ٽري رکي ھئي. چانھه جو ڪوپ ٺاھي، اخبارون کڻي ڪرسيءَ تي ويھي رھيس.
اردو اخبار جي پھرين صفحي تي چئن ڪالمن جي سرخي سان اسان جي باري ۾ خبر ھئي، منھنجي ۽ گلاب جي باري ۾. اسين تخريبي ڪارواين ۽ دھشتگرديءَ جو پلان ٺاھي پاڪستان ۾ داخل ٿيا ھئاسين. گلاب چند، جو بيان ضمني سٽ ۾ لکيل ھو، صحافين آڏو گلاب چند جو ڳالھائڻ کان انڪار. سندس اعترافي بيان پڙھي ٻڌايو ويو.
معاشري ۽ ماحول کان سخت ڪراھت منھنجي وجود ۾ رت وانگر ڊوڙڻ ۽ سوچ وانگر کامڻ لڳي. مون محسوس ڪيو، ھيءَ دنيا ڪوڙ، مڪر ۽ فريب جي سڱ تي بيٺل آھي. ھتي، اسان مولائين، ۽ بيوقوفن لاءِ زندھ رھڻ جي ڪا به گنجائش نه آھي. ھيءَ دنيا انھن لاءِ نه آھي جن دولاب بدران دل جي ڳالھه مڃي آھي. جن بھارن کان منھن موڙي خزانن سان لون لڳايو آھي ! نه ڪڏھن ووٽ ڏنوسين، ۽ نه ڪڏھن ووٽ وٺڻ جي تمنا ڪئيسين – نه ڪڏھن قانون ٺاھيوسين، ۽ نه ڪڏھن قانون ڊاھيوسين. ھتان جو قانون اسان لاءِ نه آھي. اسين ھتان جي قانون لاءِ نه آھيون. بقول اسان جي انقلابي دوست چارڻ چريي جي، ھتان جا جيل خانا ۽ ڦاھي گھاٽ اسان لاءِ آھن ، ۽ اسين جيل خانن ۽ ڦاھي گھاٽن لاءِ آھيون.
اخبارن ۾ آيل گلاب گونگي ۽ پوليس جي پريس ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال وحشتناڪ ھو . ھڪ صحافيءَ جي سوال جي جواب ۾ ته گلاب زخمي ڇو ھو، ذميدار پوليس آفيسر وراڻيو ھو.
تفتيش ۽ آڏي پڇا دوران گلاب اوچتو وحشي ٿي پيو. ھن اعلي آفيسرن ۽ ماتحتن تي حملو ڪري ٻن سپاھين کي زخمي ڪري وڌو، جن کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي ! نتيجي ۾ پاڻ زخمي ٿي پيو !
۽ صحافين سڀ ڪجھه قبول ڪيو ھو !
زندگيءَ ۾ سياست سان منھنجو نه ڪڏھن سڌو ۽ نه ڪڏھن اڻ سڌو واسطو رھيو آھي. پر، اخبارون پڙھي، لفظ جي حرمت تان منھنجو ايمان کڄي ويو. مون زندگيءَ ۾ پھريون دفعو سوچيو ته مان ھيءُ ملڪ ڇڏي ھليو وڃان ۽ ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ وڃي سياسي پناھ وٺان. جڏھن صحافت جي سچائي حڪومت وقت جو اکيون بند ڪري ساٿ ڏيندي آھي، تڏھن وڻ ڇانو ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آھن، ۽ درياھن جي مٺيءَ پاڻي ۾ سمنڊ ڪاھي پوندو آھي، ۽ مٺيءَپاڻي کي کارو ڪري ڇڏيندو آھي.
ڇا جي پريس ڪانفرنس !
مان اٿي ويھي رھيس. مون کي ڪا ضرورت نه آھي. سڀ ڪجھه بيڪار ۽ بڪواس آھي. مان پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندس ! ائين ڇو آھي، جو اسان جي زندگيءَ پنھنجي بيگناھي ثابت ڪرڻ جي جدوجھد ۾ بيمقصد گذري ويندي آھي ! چوندا آھن، قانون جي نگاھن ۾ انسان بيگناھ آھي، جيستائين ھو گنھگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آھي. اسين گنھگار آھيون، جيستائين بيگناھ ثابت نه ڪريون.
پريشان ذھن سان فيصلو ڪري ڇڏيم، ته مان پريس ڪانفرنس ۾ نه ويھندس. حڪومت جي ڍنڍورجي صحافين سان نه ڳالھائيندس.
چانھه ٺري ويئي ھئي. مون پنھنجي لاءِ چانھه جو ڪوپ ٺاھيو. اخبارون پلنگ تي اڇلائي ڇڏيم، ڪرسيءَ تي ويھي رھيس. سِپَ سِپَ ڪري چانھه پيئڻ لڳس، ۽ پنھنجي آئيندي بابت سوچڻ لڳس.
مون شالي جي سچائي تي شڪ نه ڪيو، پر سندس صلاح مون کي صحيح محسوس نه ٿي. ضمانت لاءِ پيش ٿيڻ کانپوءِ پڪ نه ھئي ته جج، ملڪ سان غداري جي الزام ھيٺ تلاش ٿيندڙ مفرور ملزم کي ڇڏي ڏيندو، يا ھڪدم پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيندو ! ڊاڪٽر امان الله خان جو فيصلو مون کي درست لڳو، پر ڪيستائين؟ مان ڪيستائين نه ڪيل ڏوھن جا الزام سِرَ تي کڻي مفرورن واري زندگي گذاريندس؟ ڪيستائين؟ مون وٽ ڪو جواب نه ھو. فقط غير يقيني ھئي.
گذريل ڇھن ستن ڏينھن دوران رونما ٿيندڙ حالتن جو جائزو ورتم. لڳم ته تاريخ، تمام گھٽ عرصي اندر پاڻ کي دھرائي رھي ھئي، ورجائي رھي ھئي. بنگالين وانگر سنڌي ھئڻ، ۽ سنڌي سڏائن ڏوھ ٿي پيو آھي. ملڪ سان غداري، دشمن سان سازباز ۽ دھشتگردي اسان جي نصيب ۾ آئيني ترميم وانگر شامل آھي. ڇھه ست ڏينھن اڳ منھنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه ھو ته ڪڏھن ڪو اھڙو وقت به ايندو جو مان سياسي بنيادن تي حالتن جو ڇيد ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندس. منھنجي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھو ته ھڪ ڏينھن مان تاريخ جي ھڪ دور جو تاريخ جي ٻئي دور سان موزانو ڪندس – ڀيٽ ڪندس. مان عام رواجي، مولائي قسم جو ھڪ مڙس سموري سانحي کي معاشرتي ناھمواريءَ جي زاويي کان ڏسندس ! ذھن جي غفائن ۾ سوالن جا چمڙا ۽ چٻرا ويھي رھيا ھئا. آخر ھن ڌٻڻ مان ڪيئن نڪربو؟
ان وقت ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري ۾ داخل ٿيو. ھٿ ۾ بريف ڪيس ھوس. بريف ڪيس ميز تي رکي، منھنجي سامھون اچي بيٺو.
” ڇو؟“ پڇيائين، ” ڏاڍو فڪرمند ٿو لڳين؟“
چيم، ” سوچيو اٿم، پريس ڪانفرنس نه ڪندس. کٽن برپٽ صحرائي جا ڀاڳ ! “
” ڇو، ڇا ٿيو؟“ ڊاڪٽر ذري گھٽ وائڙو ٿي ويو.
پلنگ تان اخبارون کڻي کيس ڏيکاريندي چيم، ” ڏس، ڏس ته ڇا لکيل آھي.“
اخبارون مون کان وٺي موٽائي پلنگ تي رکيائين، چيائين ” مون پڙھيون آھن.“
خبر اٿئي اسان جي ملڪ جو وڏو مسئلو ڪھڙو آھي؟
ڪجھه نه چيم، خاموش رھيم.
ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” عام تاثر آھي ته اسان جي ملڪ ۾ يا ته فرشتا آباد آھن، يا شيطان. پريس ڪانفرنس ۾ اھو ثابت ڪرڻو آھي ته ھن ملڪ ۾ انسان آباد آھن. ۽ ھڪ انسان ڪجھه ڪجھه فرشتو ۽ ڪجھه ڪجھه شيطان ٿيندو آھي.