11
دلبر خان جي حجري مان فرار ٿيڻ کان پوءِ سندس پگھادارن جي لوڌ منھنجي ڪڍ لڳي پيئي ھئي. ڏينھن کي ڀل شينھن سڏجي ! پر، رات ماءُ جي ھنج وانگر پناھ ڏيندي آھي. مون زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ڏينھن کي ۽ ڏينھن جي روشنيءَ کي پنھنجو دشمن محسوس ڪيو. مون کي ائين لڳو، برساتي نالي جي ڪنارن سان بيٺل وڻ ٽڻ ڄڻ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جا ايجنٽ ھئا، ۽ موتمار ھٿيار کڻي منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا.
وھم ۽ گمان جي برعڪس، دلبر خان جا گماشتا سچ پچ منھنجي ڪڍ ڪاھي پيا ھئا. پٿرن ۽ ٽڪرن تان ٿڙندي ٿاٻڙندي مان اڌ منو ڪلاڪ کن ساھي پٽڻ کان سواءِ ڊوڙندو رھيس. نيٺ سھڪي پيس. ائين لڳو، وک کنيم ته ڦھڪو ڪري پاڻيءَ ۾ وڃي پوندس. سڄي رات جبلن تي برسات پيئي ھئي. برسات جي پاڻيءَ سان گڏ جبلن جي چوٽيءَ تان برف به رجي بيٺي ھئي. پاڻي جو زور ايڏو، جو بيٺل بند ڀڃي ڇڏي !
ساھ مٺ ۾ ڪري مان ھڪ قديم بڙ جي ٿڙ پٺيان ويھي رھيس. سخت سيءَ جي باوجود منھنجي مٿي ۽ ڪنڌ تي پگھر اچي ويو ھو. سيني ۾ ساھ ائين پئي ھليو، ڄڻ ڌونڻي – پاڻيءَ جي گوڙ ۾ مون کي پنھجنجي ساھ مان سيٽيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، دل بدمست گھوڙي جي ٽاپن وانگر پئي ھلي.
مون اکيون بند ڪري مٿو بڙ جي ٿڙ سان لڳائي ڇڏيو. آھستي آھستي سڀ ڪجھه جائيتو ٿيڻ لڳو. مٿي ۾ ڪنڌ تي آيل پگھر سڪڻ لڳو. ڌونڻيءَ وانگر ھلندڙ ساھ سانيتڪو ٿيڻ لڳو. دل گھوڙي جي سنبن مان نڪري آئي. تڏُھن، ڪا شيءَ منھنجي مُٺ ۾ برف وانگر ٺرڻ لڳي، ڇرڪ ڀري ڏٺم، دلبر خان جي حُجري مان کنيل ڪلاشنڪوف جو لوھ ٺري يخ ٿي ويو ھو.
مون کي ڪلاشنڪوف کان وحشت ٿيڻ لڳي. سوچيم جھڙي نموني تيزيءَ سان منھنجون حالتون بدلي ٿي رھيون آھن، مون کي جيڪڏھن ڪلاشنڪوف سميت پڪڙي ورتائون، ته منٽن ۾ مون کي سنڌ جو ڪو بدنام دھشتگرد ثابت ڪري، ملڪي ۽ غير ملڪي اخبار نويسن آڏو پيش ڪندا، ۽ ڦاھيءَ جي ڦندي تائين پھچائي ڇڏيندا !
ڪلاشنڪوف مان ھٿ ڪڍي ڇڏيم، عين ان وقت مون کي پنجن ڇھن ماڻھن جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو. ھو گھاٽن وڻن ۽ ٻوٽن پٺيان ھلندا پئي آيا. سندن ڳالھائڻ چٽو نه ھو.مون محسوس ڪيو، ھو منھنجي رخ ۾ وڌندا پئي آيا.
بڙ جي ٿڙ وٽان ڪنڌ ڪڍي ڏٺم. ھو مون کي اھي ماڻھو محسوس ٿيا، جيڪي دلبر خان جي حجري ٻاھران بيٺا ھئا. ھنن جي ھٿن ۾ مختلف قسم جا ھٿيار ھئا، ڪلاشنڪوف، رائيفلون، روالور ۽ پستول !
مون ڪنڌ ورائي پَٽ تي پيل ڪلاشنڪوف ڏانھن ڏٺو. ھيٺ جھڪي آھستگيءَ سان ڪلاشنڪوف کڻي ورتم. مون کي وحشت محسوس نه ٿي. ڪنبندڙ لڱن مان سياٽو دور ٿي ويو. مان ساھ روڪي بيھي رھيس. دلبر خان جا ڇاڙتا بڙ جي ٻئي پاسي کان اڳتي نڪري ويا.
مان منجھي پيس. پوئتي موٽڻ محال ھو. اڳتي وڌڻ موت جي منھن ۾ وڃڻ برابر ھو ! ھو چاريئي، پنجيئي ڄڻا شڪل شبيھه مان قاتل پئي لڳا. دلبر خان ۽ ڪشمير خان ثابت ڪري ڏيکاريو ھو ته ڪلاشنڪوف آڏو قلم جي ڪا به حيثيث نه آھي. اُھو ڏاھو الائي ڪير ھو، جنھن چيو ھو ته قلم ھر حال ۾ تلوار کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو آھي ! اُن ڏاھي عمر ۾ تلوار نه ڏٺي ھوندي ۽ جيڪڏھن ڏٺي ھوندي، ته ڪنھن ميوزيم ۾ ڏٺي ھوندي. ڪنھن قاتل جي ھٿ ۾ تلوار يا بندوق ڏسي اُھو ڏاھو ھرگز نه چوي ھا ته قلم تلوار کان طاقتور ٿيندو آھي ! ڪلاشنڪوف تي منھنجي گرفت مظبوط ٿي ويئي. جيتوڻيڪ مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن غليل به نه ھلائي آھي. سوچيم، جيڪڏھن منھن مقابل ٿيا، ته برسٽ ھڻي پنجن ئي کي ڍير ڪري ڇڏيندس ! ۽ پوءِ؟ انديشا اٿلي پيا.
سوچيم، ڪلاشنڪوف ھلڻ جا آواز ٻڌي اسلام آباد پوليس جا جانٺا جوان برساتي نالي کي ورائي ويندا. گھيرو تنگ ڪندا ۽ نيٺ مون کي اچي سوگھو ڪندا ! منھنجي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف ڏسي، مون کي ثبوت سميت دھشتگرد سمجھي ظاھر ڪندا ! انصاف ثبوت جي گھوڙين تي بيٺل ھوندو آھي. گھوڙيون ڪڍي وٺوس، ڦھڪو ڪري، ڪري پوندو. ثبوت جون گھوڙيون ڏيئي ڇڏيوس، پوءِ ملزم کڻي ماءُ پيٽان ڄاول ٻار وانگر بيگناھ ڇو نه ھجي، انصاف نھايت ايمانداريءَ سان کيس ٽنگي ڇڏيندو !
مون کي گلاب گونگي کي دھشتگرد ثابت ڪرن لاءِ ھن ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ پوليس کي ٻيو ڪھڙو ثبوت گھرجي ! مون غور سان ڪلاشنڪوف ڏانھن ڏٺو. اڳيان جھنگ ڏٺم، جنھن ۾ دلبر خان جا گماشتا ڪاھي پيا ھئا. برساتي نالي جي آبشار جھڙي وھڪري ڏانھن ڏٺم. سوچيم ھيءَ برساتي نالو لنگھي جيڪڏھن ٻئي پار پھتس گھڻي ڀاڱي بچي ويندس. برساتي نالي جي ٻئي پاسي سيڪٽر ڏھون آھي. سيڪٽر ڏھين ۾ وک وک تي جايون ٺھي رھيون آھن. سوچيم ٺھندڙ جاين جي اوٽ ۾ مان اڳتي نڪري ويندس، ۽ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي ڇاڙتن کان بچي ويندس.
ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان بڙ جي ٿڙ پٺيان نڪري، برساتي نالي جي ڪپ تي وڃي بيٺس. پاڻيءَ ۾ پير وڌم ته ڇرڪ نڪري ويو. پاڻي اھڙو يخ، جھڙي برف، جتان نالو پار ڪرڻ پئي چاھيم، اتي پاڻي چيلھه جيترو مس ھو، پر برف جھڙو، ۽ تيزيءَ سان وراڪو کائي پئي وھيو – وراڪي وٽ ست اٺ فٽ کن اوچي ٽڪري ھئي. ٽڪريءَ جي اوٽ مان نڪري برساتي نالو پار ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيم. بوٽ لاھي ھٿ ۾ کنيم. ٻئي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف. دل پڪي ڪري برف جھڙي يخ پاڻيءَ ۾ لھي پيس. اول پاڻي مُري جيترو ھو. اڳتي وڌيس ته پاڻي گوڏي جيترو ھو، وچ ۾ وھڪري ۾ پھتس ته پاڻي ڪٿي چيلھه جيترو ۽ ڪٿي سيني جيترو ھو. سوچيم، جيڪڏھن ٻن ٽن منٽن ۾ پاڻيءَ مان نڪري پار نه پھتس ته ڄمي، پاڻيءَ جي وھڪري ۾ وھي ويندس.
سموري سگھه سان وڄ وانگر وھندڙ ۽ گوڙ ڪندڙ پاڻيءَ مان نڪري نالي جي ٻئي پاسي پھتس. سيءَ جي باوجود سھڪي پيس. ٻوٽن ۾ لڪي ويھي رھيس. سڪل پنن سان پير سڪائي بوٽ پائي ڇڏيم. واچ ۾ وقت ڏٺم، ٻه پئي ٿيا. سياري ۾ سج ساڍي چئين لڳي ڌاري لھي ويندو آھي. سوچيم، ان کان اڳ جو برساتي نالي جي ڀَر ۾، ۽ جھر جھنگ ۾ سج لھي وڃي، مان ھتان نڪري وڃان، ۽ سيڪٽر ڏھين جي وسندين ۾ وڃي پھچان.
مون پويون دفعو غور سان ڪلاشنڪوف ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ ڦيرو کائي، ٻانھن اُڀي ڪري، ڪلاشنڪوف کي ورائي برساتي نالي ڏانھن اڇلايم. ڪلاشنڪوف ھوا ۾ قلابازيون کائيندي، اول ست اٺ فٽ اوچي ٽڪري کي لڳي، ۽ پوءِ پٿرن، ٽڪرن سان لڳندي، وڏي آواز سان، پاڻيءَ ۾ وڃي پيئي.
اوچتو، دلبر ۽ ڪشمير جا ڇاڙتا جھنگ مان نڪري آيا. ٻئي پاسي کان مون تي نظر پين ته ھٿيار سڌا ڪري گولين جو وسڪارو شروع ڪري ڇڏيائون. مان ھڪدم ڌرتيءَ تي ليٽي پيس. ان ڊپ کان ته ھو پيڇو ڪندا، برساتي نالو پار ڪري مون ڏانھن ھليا نه اچن، مان تڪڙو تڪڙُ ريڙھيون پائيندو گھاٽن، وڻن ۾ وڃي پھتس. ان وچ ۾ پنجيئي ڄڻا گوليون ھلائيندا رھيا.
گھاٽن وڻن ۾ پھچي ساھ ۾ ساھ پيو ۽ سانت ۾ آيس. مان آھستي آھستي سيءَ ۾ ڪنبندو سيڪٽر ڏھين ڏانھن وڌڻ لڳس. سوچيم سج چڙھڻ کان اڳ جھنگ مان نڪري ڪنھن لالي جي ٻاڪڙا ھوٽل ۾ چُلھه تائين نه پھتس، ته مري ويندس.
وڻن ٽڻن مان وچڙندو، ڪنبندو ٿاٻا کائيندو، مان برساتي نالي جي جھنگ مان ٻاھر نڪري آيس. سڏ پنڌ تي مزدورن جي ھوٽل ھئي، جنھن ۾ باھ جو مچ پئي ٻريو. ذري گھٽ ڊوڙندو، مان مچ جي ڀرسان وڃي ويھي رھيس. ٻئي ھٿ اڳتي ڪري ڄڻ ٽانڊن ۾ ڏيئي ڇڏيم. باھ کي ايترو ويجھو ٿي ويس، ڀانءِ اُلن کي ڀاڪر ۾ پئي ڀريم.