48
شاليءَ درد وچان ڦٿڪندي، جھيڻي آواز ۾ چيو، ” منھنجي پرس مان گاڏي جو چاٻيون ڪڍي وٺ، ۽ ھتان ھڪدم ھليو وڃ.“
” تو کي ڇڏي، ھن حال ۾، مان ھتان ھليو وڃان، ڀڄي وڃان ! “ سڙٻاٽن ۾ چيم، ” نه شالي، نه. اھو ممڪن ئي نه آھي.“
” ھو تو کي ماري وجھندا.“ شاليءَ چيو، ” جنھن جنھن شخص وٽ افغان جھنگ جا ھٿيار پاڪستان ۾ وڪرو ٿيڻ جو راز ۽ ثبوت آھي، تنھن کي سندن ڪمانڊوز جيئرو نه ڇڏيندا آھن تو ھتان ھڪدم ھليو وڃ.“
” ۽ تو کي ڇڏي ڏيندا؟“
” ھا، مون کي ڇڏي ڏيندا.“
” ڇو ڇڏي ڏيندا؟“
” تون ان ڳالھه کي اتي ئي ڇڏي ڏي، ۽ ھتان ھليو وڃ.“
” تون وڏي غلطفھميءَ ۾ آھين شالي.“ ڳچي مان مفلر لاھي سندس ٽنگ تي ويڙھيندي چيم، ” ھو تو کي ھتان کڻي ويندا، ۽ ڪنھن ڏورانھين ھنڌ تو کي ماري تنھنجو لاش اڇلائي ڇڏيندا. اسپتال ٻاھران پوليس لاِءِ تنھنجو لاش ڇڏي پنھنجي لاءِ مصيبت کڙي نه ڪندا.“
ھن جواب نه ڏنو. ٻڏندي پئي ويئي، ساڻي ٿيندي پئي ويئي. مون کيس اٿاري ويھاريو. کانئس پڇيم، ” گاڏي تائين ھلي سگھندين؟“
جھيڻي آواز ۾ چيائين، ” تو اڳ مون سان ھلڻ کان انڪار ڪيو ھو. تون پنھنجي پروگرام مطابق ھليو وڃ.“
” ان ڳالھه ۾ ۽ گھڙي کن ۾ بدلجي ويل حالتن ۾ فرق آھي.“ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي پڇيم، ” گاڏي تائين ھلي سگھندين؟“
ڪنڌ لوڏيندي ڀڻڪن ۾ چيائين، ” ھا، ھلي سگھنديس.“
مان اٿي بيٺس. کيس ٻنھي ڪلھن کان جھلي اٿاري بيھاريم. سندس ھڪ ٻانھن پنھنجي ڪنڌ ۾ وجھي ڇڏيم. پنھنجي ٻانھن ورائي کيس پاڻ سان سوگھو ڪيم. مون سان گڏجي ٻه چار وکون کنيائين. لڳم ته ٽنگن مان ڄڻ ست نڪري ويس. وک وچڙي پيس. سمورو بار مون تي ڇڏي ڏنائين. مون کيس ٻانھن ۾ کڻي ورتو. تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندو، مان گاڏي ڏانھن وڌڻ لڳس. اوندھ ۾ وڻن ٽڻن سان ٽڪڙائيندي، ٿاٻا کائيندي ۽ سھڪندي مون محسوس ڪيو، ته مان گاڏي تائين پھچي نه سگھندس، ۽ افغان ڪمانڊوز اسان کي گولين سان پَرڻ ڪري ڇڏيندا.
آخري سگھه ساري مان جھنگ جي پھرئين وراڪي مان ٻاھر نڪري ويس. سامھون شاليءَ جي اھائي گاڏي بيٺي ھئي، جنھن گاڏي ۾ ھوءَ مون کي اڌ ٺھيل عمارت مان وٺڻ آئي ھئي. اوندھ ۾ اھڙي چٽي نموني نظر ايندڙ ڪار ڏسي مون کي احساس ٿيو ته اسان جي مٿان سرچ لائيٽون وڌيون ويون ھيون. گاڏيءَ وٽ پھچي، ھڪ کن لاءِ مون ڪنڌ ورائي اسپتال ڏانھن ڏٺو. اسپتال جو بتيون ٻري پيون ھيون ۽ اسپتال جي ڇت تي لڳل چئن سرچ لائيٽن جو رخ جھنگ ڏانھن ھو.
شاليءَ کي گاڏي جي سھاري بيھاري سندس پرس مان چاٻيون ڪڍي ورتم. پويون در کولي، کيس ڀاڪر ۾ ڀري پوئين سيٽ تي ليٽائي ڇڏيم. سندس ٽنگ تي ويڙھيل مفلر رت ۾ ڀڄي پيو ھو. لاڪ ڪري در بند ڪري ڇڏيم. اڳئين سيٽ تي ويھي گاڏي اسٽارٽ ڪيم. گيئر وجھي تيزي سان گاڏي اڳتي ڪڍي ويس. ان وقت ٻه چار برسٽ ھلي پيا. ڪجھه گوليون موٽر جي پوئين شيشي مان پار ٿي ويون. ونڊ اسڪرين جو شيشو ٽڙڪي پيو. مون ھيڊ لائيٽون ٻاري گاڏي جي رفتار وڌائي ڇڏي. ان کان پوءِ،جيستائين اسين سيڪٽر ڏھين ۾ ھئاسين، تيستائين برسٽن جا آواز ٻڌنڌا رھياسين. سيڪٽر ڏھين مان نڪري، سيڪٽر يارھين جي اڌ ٺھيل سڙڪ تي پھتاسين. سڙڪ ٺاھڻ لاءِ سڙڪ تي ننڍا وڏا پٿر وڇائي ڇڏيا ھئائون. مون گاڏي جي رفتار ڍري ڪندي، شالي کان پڇيو، ” ڪيئن آھين؟“
ٻڏل آواز ۾ چيائين، ” ٺيڪ آھيان.“
ھن چوڻ خاطر چئي ڇڏيو ھو ته ٺيڪ آھيان، پر ھو ٺيڪ نه ھئي. رت وھڻ سبب ھوءَ ساڻي ٿيندي پئي ويئي. گاڏي ھلائيندي، مون شال لاھي، ھٿ پوئتي ڪري اندازي سان شال شالي تي وجھي ڇڏي.
جھيڻو آواز ٻڌم، ” ٿينڪ يو.“
ڀڳل شيشن سبب گاڏي يخ ٿي ويئي ھئي.
شاليءَ چيو، ” گاڏي ۾ ھيٽر آھي، ھلائي ڇڏ.“
مون بتي ٻاري، ھيٽر جو ناب تلاش ڪري، ھيٽر ھلائي ڇڏيو. برفخاني جھڙي گاڏي مان ٿڌ گھٽ ٿيڻ لڳي. سوچيم، شاليءَ کي ڪيڏانھن وٺي وڃان ، گھر يا اسپتال ! مان مفرور ملزم شاليءَ کي اسپتال ڪيئن وٺي ويندس ! مان منجھي پيس. ان دوران گاڏي ھلائيندي، مان سيڪٽر نائين ۾ پھچي ويو ھوس. اوچتو مون کي ڊاڪٽر سولنگيءَ جو خيال آيو. سوچيم، شالي کي ڊاڪٽر سولنگيءَ ڏانھن وٺي ويندس.
ڊاڪٽر سولنگيءَ سيڪٽر ڏھين ۾ ٺاھيل سرڪاري ملازمن لاءِ ھاسٽل، چميريءَ ۾ رھندو ھو. گاڏي جي اسپيڊ ميٽر ڀرسان لڳل ڊجيٽل گھڙيال ۾ وقت ڏٺم، رات جا اڍائي ٿيا ھئا. اوچتو، رستي جي وچ ۾ مون ٻن چئن سپاھين کي ڏٺو، کين ھٿن ۾ بندوقون ھيون. ھڪ سپاھي جي ھٿ ۾ ٽارچ ھئي. ھو پري کان مون کي بيھڻ لاءِ اشارا ڏيئي رھيو ھو. اسلام آباد ۾ اھو عام رواج آھي. چپي چپي تي سپاھي بيٺا ھوندا آھن. جنھن گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وراي تي شڪ پوندو اٿن، تنھن کي بيھاريندا آھن. سندس گاڏي جي تلاشي وٺندا آھن، گاڏي جا ڪاغذ پٽ ڏسندا آھن.
مون اشاري جي باوجود گاڏي بيھارڻ مناسب نه سمجھيو. گاڏي جي رفتار تيز ڪري مون بتيون وسائي ڇڏيون. پوليس وارا ڊپ وچان رستي تان ھٽي ويا. مان اک ڇنڀ ۾ وٽانئن لنگھي ويس.
سيڪٽر اٺين ج تائين مون بتيون نه ٻاريون. چميري لاج کان ٿورڙو اورتي مون گاڏي جون بتيون ٻاري ڇڏيون . گاڏي آڻي در وٽ بيھاري ڇڏيم. لوھي در کي تالو لڳل ھو. در جي ڀرسان چوڪيدار جي ڪيبن ۾ بتي ٻري رھي ھئي.
” گھر اچي ويو ڇا؟“ شالي جھيڻي آواز ۾ پڇيو.
وراڻيم، ” اسين ڊاڪٽر سولنگي جي ھاسٽل تي آيا آھيون.“
” اھو ڇا ڪيو اٿئي ! “ ڪمزوري جي باوجود چيائين، ” مون کي فورن گھر وٺي ھل.“
” تو کي ھڪدم علاج جي ضرورت آھي.“ چيم، ” اسپتال بدران مون تو کي ھتي آڻڻ ٺيڪ سمجھيو آھي.“
” غلط آھي، قطعي غلط آھي.“ چيائين، ” جوڳي، مون کي گھر وٺي ھل.“
” ضد نه ڪر شالي!“
” تون به ضد نه ڪر، جوڳي.“
” مون کي تنھنجي زندگي کان عزيز ٻيو ڪجھه به ڪونھي.“
” ۽ مون کي تنھنجي روپوشي کان وڌيڪ ٻي ڪنھن ڳالھه جو فڪر نه آھي.“
کيس سمجھائڻ واري نوع ۾ چيم، ” مون کي ڪجھه نه ٿيندو.“
وراڻيائين، ” مون کي ڪجھه نه ٿيندو.“
گاڏي جي بتين جي روشني تي چوڪيدا ر پنھنجي ڪيبن مان ٻاھر نڪري آيو. گاڏي جي ونڊ اسڪرين ۾ سوراخ ۽ ڏار ڏسي، ھو اچرج ۾ پئجي ويو. ھن در جو تالو نه کوليو. مان گاڏي مان ٻاھر نڪري آيس. در وٽ چوڪيدار جي سامھون وڃي بيٺس. چوڪيدار جون دھشت وچان وايون بتال ٿي ويون. ھو ٻه ٽي قدم پوئتي ھٽي ويو. مون ڏانھن ڏسندو رھيو. پوءِ، ھڪدم ڊوڙ پائي ڪيبن ۾ داخل ٿيو. تڏھن، گيٽ ۽ موٽر جي روشنين ۾ ڌٺم ته منھنجا ڪپڙا رت ھاڻا ھئا. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون کي خود پنھنجي حالت ۽ حليي کان وحشت ٿيڻ لڳي. ان وچ ۾ مون چوڪيدار کي فون تي ڪنھن سان، ھلو ھلو ڪندي ٻڌو.
مان موٽي وڃي موٽر ۾ ويٺس. گاڏي اسٽارٽ ڪري اتان ھڪدم نڪري ويس.
” ڇو، ڇا ٿيو؟“ شاليءَ پڇيو.
چيم، ” تنھنجي صلاح ٺيڪ آھي، تنھنجي گھر ٿا ھلون.“
چيائين، ” شڪر آھي منھنجي ڪا صلاح ته مڃي اٿي.“
واٽ تي کانئس پڇيم، ” ڪو ڊاڪٽر، جنھن تي مڪمل اعتبار ھجيئي، ان وٽ ھلون؟“
چيائين ” گھر ھل، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
ڏھن منٽن ۾ اسين شاليءَ جي بيوٽي پارلر ٻاھران وڃي بيٺاسين. مٿئين حصي ۾ پاڻ رھندي ھئي، ۽ ھيٺيئن حصي ۾ ڪاروبار ھلائيندي ھئي. موٽر مان لھي مون ٻاھرين در جو بيل وڄايو. گھنٽيءَ جو آواز ٻڌي چوڪيدار اوور ڪوٽ جو ڪالر کڙو ڪندي ٻاھر آيو. شاليءَ جي گاڏي ھڪدم سڃاتائين، در جو تالو کوليندي بيھي رھيو. گاڏي جي ڀڳل ونڊ اسڪرين ڏسي ھو وائڙو ٿي ويو. اوچتو مون تي نظر پيس. منھنجا رت ھاڻا ڪپڙا ڏسي ساھ سڪي ويس. ھونءَ ته ھو مون کي سڃاڻيندو ھو، بلڪه چڱي طرح سڃاڻيندو ھو.
ھن ڪنبندڙ آواز ۾ چيو ،” جوڳي صاحب !“
” لالا، جلدي ڪر، در کول. چيم، ” ميڊم جي طبيعت ٺيڪ ناھي. جلدي ڪر. دير نه ڪر.“
چوڪيدار در کولي ڇڏيو.
گاڏي ڪاھي وڃي پورچ ۾ بيھاريم. گاڏيءَ جو پھريون در کولي شاليءَ کي ٻانھن ۾ کڻي اندر ھليو ويس.
چوڪيدار منھنجي ڪڍ اندر ھليو ويو. رت ڏسي پڇيائين، ” ميڊم کي ڇا ٿيو، جوڳي صاحب؟“
” ڪا خاص ڳالھه ناھي.“ چيم، ” تون وڃ. ميڊم کي ٽنگ تي ڌڪ لڳو آھي.“
چوڪيدار مشڪوڪ نموني اسان کي ڏسندو ٻاھر ھليو ويو. اسان جي آوازن تي شاليءَ جي خاص ملازمه جنت اکيون مھٽيندي اندر ھلي آئي. منھنجن ۽ شاليءَ جي رت ھاڻن ڪپڙن تي نگاھ پيس ته وات مان رڙ نڪري ويس. سڌو وڃي شالي جي ڀرسان فرش تي ويھي رھي، ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
شاليءَ اکيون کولي ڏانھنس ڏٺو. نٻل آواز ۾ چيائين، ” مون کي پاڻي جو گلاس آني ڏي.“
جنت ھڪدم اکيون اگھي ڊوڙندي ويئي، ۽ پاڻي جو گلاس ڀري آئي. مون شاليءَ کي سھارو ڏيئي اٿاري ويھاريو. ھوءَ يڪ ساھي اڌ گلاس پاڻيءَ جو پي ويئي. گلاس موٽائيندي، جنت کي چيائين، ” مون کي ٽيليفون آڻي ڏي.“
جنت گلاس کڻي ھلي ويئي. گھڙي کن ۾ ڪارڊ ليس ٽيليفون کڻي موٽي آئي. نمبر ڊائل ڪرڻ کان اڳ ھن جنت کي وڃڻ لاءِ چيو. جنت ھلي ويئي. ٻه يا ٽي انگ ڦيرائڻ کان پوءِ ھن ھٿ روڪي ڇڏيو. مون ڏانھن ڏٺائين. مان سندس پاسي کان ويھي رھيس. مون ڏانھن نماڻين اکين سان ڏٺائين. مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو. گاڏي ۾ جيڪا شال مٿانئس وڌي ھيم، سندس ڪلھن تي ويڙھيل ھئي. چپن تي ڏاڍي پر اسرار مرڪ تري آيس. چيائين، ” ھيءَ شال مرداني ته ناھي ! ڪنھن ڏني اٿئي؟“
چيم، ” اسپتال ۾ ھڪ نرس ھئي، سسٽر زيتون.“
پڇيائين، ” ڀڄڻ ۾ تو کي مدد ڏني ھئائين؟“
وراڻيم، ” ھا، سر تريءَ تي رکي منھنجي مدد ڪئي ھئائين. اسپتال مان نڪرڻ مھل اھا شال، ڪجھه پيسا ۽ سينڊوچ ٺاھي ڏنا ھئائين.“
ٿورڙي کل آيس. ڪنڌ مٿي ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيائين. چيائين، ” مان به ڪيڏي نه ذليل آھيان. مون کي پڪ ھئي ته اسپتال مان فرار ٿيڻ ۾ ڪا نه ڪا نرس تنھنجي مدد ضرور ڪندي.“
مون کي حيرت ٿي. پڇيم، ” تو کي پڪ ھئي، پر ڇو؟“
اکيون کولي مون ڏانھن ڏٺائين. چيائين، ” تنھنجي اکين ۾ عام مرد جي حوس بدران پناھ جي تلاش آھي. گم ٿيل ٻار جي پناھ جي تلاش ! ظالم کان ظالم عورت به تو کي دوکو ڏيئي نه سگھندي.“
سخت سيءَ جي باوجود مون کي ڪنڌ ۽ نرڙ تي پگھر محسوس ٿيو. مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳس.
چيائين، ” منھنجو ھڪڙو ڪم ڪندين؟“
وراڻيم، ” مان تنھنجا سو ڪم ڪندس. پر، سڀ کان اڳ مون کي اھو ٻڌاءِ ته گھر ۾ تنھنجي زخم جو علاج ڪيئن ٿيندو؟“
چيائين، ” مان داڪٽر جبار خان کي فون ڪري گھرايان ٿي.“
چيم، ” ته پوءِ ڳالھين ۾ وقت ڇو ٿي وڃائين ! فون ڪرينس.“
ڊاڪٽر جبارخان جي پورھي کک زال شاليءَ جي بيوٽي پارلر جي ٻڌي ليکي گراھڪ ھئي. مون ٻنھي کي اڪثر شالي وٽ ڏٺو ھو. شاليءَ جي جڏھن به طبيعت خراب ٿيندي ھئي، ھوءَ ڊاڪٽر جبار خان کان علاج ڪرائيندي ھئي. ھو گھٽ ۾ گھٽ ويھن پنجويھن سفارتخانن جو ڪنسلٽنٽ ھو. شاليءَ ڊاڪٽر جبار جو نمبر ڊائل ڪيو. موٽ نه پئي مليس. ھن رکي رکي نمبر پئي ملايو. ساڻي ٿي پيئي.
مون کانئس فون وٺي ڊاڪٽر جبار خان جو نمبر ڊائل ڪيو. رسيور ڪن تي رکي ٻڌندو رھيس. ٻئي طرف گھنٽي وڄندي رھي. ڪافي دير کان پوءِ ڊاڪٽر جبار خان رسيور کڻي ورتو، ۽ سندس ڳورو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ” ھيلو“
مون ڪارڊ ليس فون شاليءَ کي ڏيئي ڇڏي. شاليءَ رسيور ڪن تي رکندي ڳالھايو. ” ڊاڪٽر جبار خان، مان شالي پئي ڳالھايان... ھا، خير آھي... اھڙي ڪا تشويش جھڙي ڳالھه ته ڪونھي، بس ٽنگ تي مُري وٽ ڌڪ لڳو آھي، ۽ رت لينڊيون ڪري وھي رھيو آھي.... مھرباني، مھرباني.“
فون مون کي ڏيندي چيائين، ” مفلر کولي ڇڏ جوڳي ۽ رئي سان پنيءَ وٽ ڳنڍ ڏيئي ڇڏ.“
مون مفلر کولي ڇڏيو. ڳچي مان رئو لاھي، مون کي ڏنائين. مون رئو ويڙھي سيڙھي کيس پنيءَ تي زور ڏيندي چيائين، ” ھاڻي صوفن جون ٻه ٽي گاديون کڻي منھنجي ٽنگ ھيٺان رکي ڇڏ.“
مون صوفن تان ٽي چار گاديون کڻي سندس ٽنگ ھيٺان رکيون. چيائين، ” ڊاڪٽر جبار خان پندرھن ويھن منٽن ۾ پھچي ويندو. تون ڪمري ۾ ھليو وڃ. وھنجي ڪپڙا بدلائي ڇڏجانءِ. وارڊ روب ۾ مون تنھنجي لاءِ ڪجھه وڳا وٺي رکيا آھن.“
مان ڪافي دير تائين کانئس ڏسندو رھيس.
پڇيائين، ” ڇا پيو ڏسين؟“
جواب نه ڏنم. سندس منھن ٻنھي ھٿن ۾ جھلي کيس اکين تي پيار ڪيم. ھن ھٿ مٿي ڪري منھنجن منجھيل وارن کي سلجھايو. آھستي چيائين، ” وڃ جوڳي.“
مان اٿي بيٺس. گھڙي کن لاءِ ڏانھنس ڏسندو رھيس ۽ پوءِ، رت ھاڻو مفلر کڻي مان سندس بيڊروم ڏانھن ھليو ويس.