21
منھنجي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھو ته مان زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڏائڻ کان ايتريقدر نفرت ڪري سگھندس ! جنھن کي مون گذريل ڪنھن جنم جي حوالي سان سڃاتو ھو، تنھن کي ايڏي شدت سان ڌڪاري ڇڏيندس ! بُک، اُڃ، ڪمزوري ۽ تڪليف جي باوجود مان ظلم جھڙي رات ۽ واسينگن جھڙي جھنگ ۾ ڀٽڪندو رھيس، ۽ وڻن سان وچڙندو رھيس. پر پنھنجي اندر جو انت لھڻ جي ڪوشش ڪندو رھيس. ڏائڻ لاءِ منھنجي نفرت جو بنياد گلاب جي ھلاڪت تي بيٺل آھي، يا مون سان ڪيل فريب تي؟ مان پاڻ کان پڇندو رھيس، پڇندو رھيس.
پاڻ کان پڇيل سوال ھميشه جواب کان محروم رھجي ويندا آھن ۽ پوءِ، جڏھن ڪنھن سوال جو جواب نه ملندو آھي، تڏھن وجود سوالن جي انبار ھيٺان دفن ٿي ويندو آھي، ۽ زندگي خود جواب کان محروم ھڪ سوال وانگر محسوس ٿيندي آھي. ھڪ ھماليه جيڏو سوال سِرَ تي کڻي مان سيڪٽر جي سڪس ڏانھن وڌندو رھيس.
ڪجھه ياد ڪونھي درد جي رات ڪيئن گذري ويئي. پرھ ڦٽي ٿي ته مان لال ڪواٽرن جي ويجھو پھچي چڪو ھوس. سوچيم، ڪيپيٽل ڊوليپمينٽ اٿارٽيءَ وارن اسان جھڙن جي سولائي ۽ سھولت لاءِ ڪيڏو نه ڪرم ڪيوآھي ! سيڪٽرن جي وچ ۾ اھڙا اھڙا گھاٽا جھنگ ڇڏيا اٿائون، جھڙو سنڌ جا ٻيلا ! لڪي ويھي رھو ته زندگي مِرن سان ڪچھري ڪندي گذري وڃي !
کير وارا موٽر سائيڪلن سان کير جا دٻا ٻڌي سڙڪن تي نڪري آيا ھئا. ڪُل وڻن جون مٿاھيون ٽاريون، جھونجھڪڙي ۾ روشن ٿي پيون ھيون. مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي، تيز ڊوڙندو، جھنگ مان نڪري لال ڪواٽرن جي پٺيان وڃي پھتس. برپٽ صحرائيءَ جو ڪواٽر پوئين قطار جي آخري حصي ۾ ھو. ڪواٽرن جي ڀتين سان لڳندو ۽ گسندو مان برپٽ صحرائيءَ جي ڪواٽر پٺيان وڄي بيٺس. پٺيئن پاسي اڱڻ کان ھڪ در ھو. مون در کڙڪايو. ڪجھه دير تائين در کلڻ جو انتظار ڪرڻ کانپوءِ ٻيھر در کڙڪايم.
در کليو، در مان برپٽ صحرائيءَ جي ھڪ پٽ ليئو پاتو. مون تي نظر پيس ته وائڙوٿي ويو. سڃاڻڻ لاءِ ٻه چار دفعا اکيون ٽمڪائي، مون ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ در ڦھڪائي ڀڄي ويو.
ڪافي دير تائين ڪنھن ٻيھر در نه کوليو. مون در کڙڪايو.
در کليو. کليل در مان برپٽ صحرائيءِ جي زال ليئو پاتو. پريشاني سندس چھري تي پوسٽر وانگر چنبڙيل ھئي. مون کي ھٿ ٻڌندي سُڙٻاٽن ۾ چيائين، ” ادا جوڳي، خدا جي واسطي ھليو وڃ، اسان ڏاڍا پريشان آھيون.“
ڪمزوري سبب مان در جي ڀرسان ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيس. لڳم پئي، ساھ نڪري ويندو.
چيم، ” مون کي پاڻي جا ٻه ڍڪ ڏي ڀاڄائي.“
ڀاڄائي چيو، ” تون ھليو وڃ ادا جوڳي، خدا جي واسطي ھليو وڃ “
ساڻي ساڻي ساھ سان چيم، ” مان ٽن ڏينھن کان بکايل آھيان. مون کي ٻه ڍڪ پاڻي ۽ ماني جو گرھ ڏئي.“
ھوءَ منجھي پيئي ڄڻ ڪنھن فيصلي تي پھچڻ پيئي چاھيائين . ڪجھه دير تائين ٻُڏَ تَرَ ۾ بيٺي رھي.
ڄڻ ڪو فيصلو ڪري ورتائين. در بند ڪري ھلي ويئي.
ٻه چار کير وارا پنھنجيون موٽر سائيڪلون تيزيءَ سان ڊوڙائيندا لنگھي ويا. ڏينھن ڦٽڻ لڳو، سيءَ ۾ سُڪل ۽ ٿڙڪندڙ ڏينھن !
ڪجھه دير کانپوءِ در کليو. ڀاڄائيءَ ڊڄندي ڊڄندي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو کليل در جي وٿي مان ھٿ وڌائي، مون کي پاڻي جو گلاس ڏنائين. ھڪ ڳيت ۾ مان سڄو پاڻي پي ويس. گلاس ڀاڄائي کي موٽائي ڏنم، ڀاڄائي ھڪڙي ننڍڙي ھڙ تڙ تڪڙ ۾ مون کي ڏيندي چيو، ” ھن ۾ مانيون ۽ تريل پٽاٽا آھن. ھاڻي تون ھليو وڃ ادا.“
پڇيم، ” برپٽ ڪٿي آھي؟“
ساھ سڏڪن سان وچڙي پيس.
مان ڊڄي ويس. پڇيم، ” خير ته آھي ڀاڄائي.“
چيائين، ” نبن جي پيءُ کي پوليس وارا وٺي ويا آھن.“
”ڇو؟“ مون تعجب وچان پڇيو، ” برپٽ ته ڏاڍو معصوم قسم جو ماڻھو آھي، ھن کي ڇو وٺي ويا آھن.“
رئي جي ڪنڊ سان اکيون اُگھندي چيائين، ” تنھنجي ۽ گلاب جي باري ۾ پڇا ڪرڻ لاءِ وٺي ويا اٿس.“
پڇيم، ” ڪڏھن؟“
وراڻيائين، ” ٻه ڏينھن ٿيا آھن.“
مون محسوس ڪيو، مان ڪوڙھي آھيان. منھنجو وجود ڪوڙھ جي زخمن سان روڳي ٿيل آھي. مون کي ھتان وڃڻ گھرجي ! وستين کي خيرباد ڪري ويرانين ڏانھن رخ ڪجي ! ماڻھن جي مون سان نفرت اجائي نه آھي.
مان اٿي بيٺس.
ڀاڄائيءَ روئيندي چيو، ” پوليس وارا اسان جي ٻنھي وڏن پٽن ۽ منھنجيءَ سس کي به وٺي ويا آھن.“
مان ڪنبي ويس. پنھنجي ساءِ چيم، ”برپٽ جي والدھ کي به وٺي ويا آھن؟.“
ڀاڄائي روئيندي چيو، ” ڪالھه شام جو مان کيس ملڻ ويئي ھيس.“
مون ڪجھه نه چيو.
ھوءَ اوڇنگار ڏيئي روئي پيئي، ” ڏاڍو ماريو اٿائونس، ٻه ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿائونس.“
دل چاھيو جھنگ ۾ ڪاھي پوان. ماڻھن بدران مِرن سان وڃي زندگي بسر ڪريان ! سوئر، بگھڙ، ۽ نانگ ھر حال ۾ انسان کان بھتر آھن. بھتر ان ڪري آھن جو ھو سازشون ڪري نه سگھندا آھن.
بنا ڪجھه چوڻ جي مون پٺيئن پير ھٽڻ شروع ڪيو.
” ادا جوڳي “ ڀاڄائي سڏ ڪيو ۽ وٿيءَ مان ھٿ ٻاھر ڪڍيو. چيائين، وٺ ! کليل ھٿ ڏانھنس وڌايم. ڀاڄائيءَ سوء روپين جو نوٽ منھنجي ھٿ تي رکي ڇڏيو، ۽ پوءِ ھڪدم در بند ڪري ھلي ويئي.