ڪتاب جو نالو: هڪ ٻي زندگي جي تمنا
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 06 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 996 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 326 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرنامانگار عبدالحئي پليجي جي آتم ڪٿا جو چوٿون ڀاڱو آھي.
عبدالحئي پليجو جيئن ته بُنيادي طور تي سياسي ورڪر سان گڏ هڪ سياح پُڻ آهي. اُن ڪري هن جي لکڻين ۾ واري سان سياست توڙي سياحت جو عنصر غالب ملي ٿو. خاص ڪري جن شين جو اکين ڏِٺو شاهد ٿي اُنھن ڳالهين جو وڏي بيباڪي سان تجزيو ڪندو هلي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ليکڪ جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپــنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • جيڪو سچ چوي!: اشتياق انصاري
  • آتــم ڪـٿـا: ڀاڱو چوٿون

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • ليکڪ جا ڪتاب

  • ليکڪ جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: هڪ ٻي زندگي جي تمنا
    ليکڪ: عبدالحئي پليجو
    ڇاپو پهريون: 20 فيبروري 2019ع
    ٽائيٽل ڊزائين: مور ساگر
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڪمپوزنگ: اظهر سولنگي
    ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن - ٻنون
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: =/300 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    https://books.sindhsalamat.com/


    ارپــنــا

    مائي جيئندل عرف مائي جيئندو سنڌ جي هڪ عظيم عورت جنهن پنهنجي ٻچڙن جي حفاظت خاطر پاڻ ساڙيو پر سندس دشمنن کي ڦاسي جي فندي تائين پهچايو.
    امان توکي سلام
    واجهه نه وجهه تون وڍ ڏي، رت وهي ته به رِڙھ،
    پوئين ويڙه به وِڙھ، ويريءَ جي وجود سان!

    عبدالحئي پليجو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ھڪ ٻي زندگي جي تمنا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرنامانگار عبدالحئي پليجي جي آتم ڪٿا جو چوٿون ڀاڱو آھي. ھن کان اڳ سندس آتم ڪٿا جا ٽي ڀاڱا. ”سنڌي شاگرد سياست“، ”اسان پنڌ پرين ڏي“ ۽ ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ ڇپجي چڪا آھن.

    عبدالحئي پليجو جيئن ته بُنيادي طور تي سياسي ورڪر سان گڏ هڪ سياح پُڻ آهي. اُن ڪري هن جي لکڻين ۾ واري سان سياست توڙي سياحت جو عنصر غالب ملي ٿو. خاص ڪري جن شين جو اکين ڏِٺو شاهد ٿي اُنھن ڳالهين جو وڏي بيباڪي سان تجزيو ڪندو هلي ٿو.

    ھي ڪتاب مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران 2018ع ۾ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز، حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    جيڪو سچ چوي!: اشتياق انصاري

    ڪجهه عرصو اڳ مان جڏهن سنڌ جي شاگرد سياست تي لکڻ پي چاهيو ته ياد آيو ته ڪنھن زماني ۾ سنڌي اخبارن ۾ عبدالحئي پليجو جا سنڌ جي شاگرد سياست تي ڪجهه ڪتابچا ڇپيا هئا. بھرحال منھنجي گذارش ته عبدالحئي پليجو اُن ڪتاب جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپيءَ سان گڏ پنھنجي آتم ڪٿا جي نئين ڪتاب جي مھورت جي به دعوت ڏني هئي.
    سندس ڪتاب ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ جي مھورت دوران مون اُن ”آتم ڪٿا“ کي سنڌي نثر جي بھترين ڪتابن ۾ ڄاڻايو هو.
    هاڻي به عبدالحئي پليجو پنھنجي ساروڻين جو چوٿو ڪتاب موڪلي ڏنو آهي. عبدالحئي پليجو جيئن ته بُنيادي طور تي سياسي ورڪر سان گڏ هڪ سياح پُڻ آهي. اُن ڪري هن جي لکڻين ۾ واري سان سياست توڙي سياحت جو عنصر غالب ملي ٿو. خاص ڪري جن شين جو اکين ڏِٺو شاهد ٿي اُنھن ڳالهين جو وڏي بيباڪي سان تجزيو ڪندو هلي ٿو. جيئن هن ڪتاب ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سنڌ لاءِ ڀٽي صاحب جي ڪيل ڪمن ۽ خدمت جو وَچور ڏِنو آهي. حالانڪ ڀٽو صاحب جي اقتدار دوران سنڌ جي ڪيترن قومپرستن سان گڏ اسان به ڪال ڪوٺڙيون ڏِٺيون هيون. هن جي دور ۾ سنڌي جي ڪيترن ڪتابن تي بندش پئي هئي پر پوءِ به هزارين اختلافن باوجود سنڌ جا ماڻھو ڀٽي صاحب جي ڪيل چڱاين کي وِساري نه سگهياسين.
    هونئن به اسان پيش رُو ۽ باشعور ادبي سرواڻ عبدالحئي پليجو جا ڀٽي تي اُتاريل آتم ڪھاڻي جا پنا پڙهي ڏِٺا آهن. جن ۾ لاڙي معطر هوائن ۾ جنم وٺندڙ هن ٻھڳڻي انسان جي پيار، خوشي، ناخوشي، احساس، زندگي جون بھارون، خزائون ۽ نشيب و فراز شامل آهن.
    اها حقيقت آهي ته هر انسان کي ننڍپڻ کان وٺي ڪيترن ئي موهيندڙ ۽ ڌِڪاريندڙ مرحلن مان گُذارڻو پوَي ٿو. جن کي ڪاغذ تي ڪورڻ جو ڪمال ڪنھن ڪنھن کي اچي ٿو. ايئن عبدالحئي پليجو کي ماضي کي ٻيھر تخليق ڪرڻ جو هُنر ”ڪو سچ چويَ“ ڄڻ آفاقي مليل آهي.
    آپ بيتي لکڻ مھل ملندڙ عذاب لاءِ لڇمڻ ڪومل لکيو آهي ته: ”آتم ڪٿا لکڻ وڏو عذاب آهي. هر سِٽ لکڻ مھل اُن لمحي، پل ۽ گهڙين مان نه رڳو گُذرڻو ٿو پوَي. پر اُن کي نئين سِر جيئڻو، ماڻڻو ۽ ڀوڳڻو ٿو پوَي. سَٽ سَٽ سان هلڻو ٿو پوي. روز و شب جي سلسلي جي هر واردات هر آذمودي، هر تجربي، هر الميي، هر خدشي ۽ هر انديشي سان نئين سر منھان مُنھن ٿيڻو ٿو پوَي، وري وري جيئڻو به ٿو پوَي ته وري وري مرڻو به ٿو پوَي ۽ گڏوگڏ پيار جي پَلن جي هر خوشي، واعدا ۽ وچن ۽ اقرار، روحاني خواهه جسماني آسودگي سنڀوڳ جا سُک خواهه سرير جي ترپتيءَ جا اهم لمحا به نئين سري ري لِوَ (Re Live) ڪرڻا ٿا پون“.
    هونئن به آتم ڪٿا ۽ ساروڻيون، سوانحي ادب جو اهم حِصو رهيا، پر اُنھن جي جڙاوت ۾ وڏو فرق آهي. دراصل آتم ڪٿا انساني زندگي جو مڪمل دستاويز ٿئي ٿو. جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي جنم کان وٺي گهاريل زندگي جو مڪمل تفصيل ڏئي ٿو.
    Autobiography is a self writhen account of the Life of oneself جيوڻي جو بنياد سچ ۽ حقيقتن تي ٿئي ٿو. جنھن ۾ حياتي جي لاهين چاڙهين، اندر جي اُڌمن، ڇڪتاڻ سان گڏ خوبين ۽ خامين کي قلم بند ڪرڻو ٿو پئي.
    اُن جي ڀيٽ ۾ ساروڻيون تخليقي ادب جو حصو آهن جن ۾ زندگيءَ جا واقعا بيان ڪيا وڃن ٿا. جن ۾ مڪمل زندگي بدران ڪجهه يادگار گهاريل حِصا شامل ٿين ٿا. جنھن ۾ جذباتي سچ ۽ سچائيون بيان ڪيون وڃن ٿيون. جن جو بيباڪي سان عبدالحئي پليجو ذڪر ڪندو آهي.
    Memoirs ore the moments or events, both public or private that look Pace in the subject’s life
    هونئن به ادبي دُنيا ۾ ڪيتريون ئي آپ بيتيون ۽ ياداشتون مشھور آهن. جن ۾ خاص ڪري سينٽ آگٽس، بينجومن فرينڪلين، ڊائري آف آئني فرينڪ نائومل، مھاتما گانڌي، جواهر لعل نھرو، جيولس فيوچڪ، آسڪروائلڊ، ٽراٽسڪي، گورڪي جون لِکڻيون پڙهڻ وٽان آهن. ساڳي طرح سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ جو ”سائو پَن ڪارو پَن“ علامه دائود پوٽو جي ”منھنجي مختصر آتم ڪھاڻي، جي ايم سيد جي ”پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني“ شيخ اياز ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جمال ابڙو ”آتم ڪٿا“ موهن ڪلپنا، ”بک، عشق، ادب“، لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“، ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ پڙهڻ وٽان آهن. خاص ڪري قوم پرست شاگرد سياست جي حوالي سان عزيز ڀنگوار جو ڪتاب ”مان ڏوهي آهيان“ هڪ سُٺو اعتراف نامو آهي. ياد رهي ته عزيز ڀنگوار سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين ۽ جئي سنڌ شاگرد تحريڪ جو اهم رهنما هو. هن وڏي سچائي سان پنھنجون اُوڻايون به قلم بند ڪيون آهن. ان انداز مان ئي قومي ڪارڪن عبدالحئي پليجي، پنھنجي زندگي کي چئن ڪتابن ۽ سوين صفن ۾ قلمبد ڪري سنڌي ادب جي رلي تي رنگين چِٽ چِٽيا آهن. اُن کانسواءِ هن سير و سياحت تي به 15 کن ڪتاب لِکيا آهن. هون به سنڌي ادب جي باغ ۾ لاڙ جي اديبن سوانح عمري کانسواءِ ڪيترن سفرنامن جا خوبصورت گُل پوکيا جن جو عبدالحئي پليجو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”سنڌي ٻولي ۾ لکيل اوائلي سفرنامان به گهڻي تعداد ۾ لاڙ جي رهاڪن لکيا مثلاً سيد ميران محمد شاهه سندس انگلينڊ ۽ اسپين جي سير ۽ سفر جو احوال سائين جي. ايم.سيد سندس لکيل خطن ۾ بيان ڪيو آهي. جيڪي ”رهاڻ“ جي سِري هيٺ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو لِکيل سفرنامو ”آمريڪا جو سير“ سفر جي نالي سان شايع ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جا سير ۽ سفر متعلق لکيل خط ”سڄڻن جي سار“ عنوان سان ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر عبدالجبار جو سندس چين واري سفر بابت لکيل سفرنامو ”مائو جي ملڪ ۾“ سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سندس آتم ڪٿا ۾ بمبئي جو احوال سفرنامي وانگر لکيل آهي. پرواني ڀٽي جا سندس سينيگال جي سفر بابت لکيل خط روزانه عبرت اخبار ۾ شايع ٿيا. الهه بچائي جو لکيل سفرنامو ”لاڙ جو سير“ ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. تنھن کانسواءِ سير سفر متعلق منھنجا 15 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن ۽ ڪجهه پريس ۾ ڇپائي هيٺ آهن.
    عبدالحئي پليجو سير و سفر سان دلچسپي رکندڙ ماڻھن جي خوبين جو ذڪر ڪندي وڌيڪ ٻُڌايو ته ؟سفرنامه گهڻو ڪري اهو ماڻھو لکندا آهن. جيڪي اڪثر ڪري هن جھان کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ، پرکڻ پروڙڻ ۽ معروضي حالتن جو اصل علم پراڻئڻ خاطر سير سفر ڪندا آهن ۽ معلوم ڪرڻ جي موجوده ملڪن ۾ انسان ذات جي زندگي ڪئين ٿي گذري. ماڻھن جو ڪارووهنوار ڪھڙو آهي. انھن ملڪن جي ماڻھن جون مختلف مقصدن جي ڏِس ۾ ثقافتي سرگرميون، ريتون، رسمون ۽ رواج ڪھڙا آهن انساني زندگي ۽ سماج متعلق سندن سوچون فڪرات ۽ عقيدا ڪھڙا آهن.“
    اِها حقيقت آهي ته سنڌ جي اوائلي تاريخ گهڻو ڪري اُن دور جي درٻارين ۽ منشين لکي اهي. جن ۾ پنھنجي آقائن جي شان ۾ قصيده لکيا ويا آهن. اُن وقت جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مسڪين عوام جو ڪِٿي ذڪر نٿو مِلي. جيئن چچ نامو، تاريخ طاهري، بيگلار نامو، تاريخ معصومي وغيره.
    پر اُن جي ڀيٽ ۾ جيڪي ياداشت ناما يا اُن دور جا سفرناما آهن. اُنھن ۾ اسان کي ان زماني جي سنڌ جي پيڙهيل عوام جو ذڪر ملي ٿو ساڳي اُن وقت جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو به احوال ملي ٿو. سنڌ ۾ به انگريز دور جا جيڪي سفرناما آهن. اهي ڪجهه حقيقت تي مبني آهن. جيئن عبدالحئي پليجي ذڪر ڪيو آهي.
    ”سنڌ ۾ انگريز سياحن جي اچڻ ڪري سنڌ جي تاريخ درٻاري طرز تحرير ڦري عقلي، علمي بنيادن تي لکجڻ لڳي، جنھن ۾ ليکڪن انگريز سامراجي مفادن کانسواءِ باقي ٻين سمورين ڳالھين کي حقيقت پسند ٿي لِکيو آهي.
    جيئن ڪِن سينمائن ۾ فلم جا پوسٽر هڻڻ مڳل سنھڙن اکرن ۾ لکيل هوندو هو ۽ ”ٻيو مزو“ ان ٻي مزي ۾ سينما جي پردي تي هڪ اڌ اگهاڙو منظر ڏيکاريا ويندا هئا. اهڙي طرح عبدالحئي پليجي جي حيات نگاري ۾ ٻيو مزو به شامل آهي.
    بھرحال مون کي اميد آهي ته هي ”آتم نويسي جو ڪتاب به عبدالحئي پليجي جي ٻين اڻ وسرندڙ ڪتابن جيان پڙهندڙن وٽ مقبوليت ماڻيندو.


    اشتياق انصاري
    2019-1-15


    آتــم ڪـٿـا: ڀاڱو چوٿون

    1

    پاڻ جڏهن ٽيليفون بند ڪيائين ته ڄڻ سندس بدن جي خوشبو منهنجي روح ۾ داخل ٿي وئي ۽ ساڻس گهاريل زندگيءَ جا لمحا ياد ڪرڻ ويهي رهيس. ساڻس گهاريل زندگيءَ جي هر گهڙيءَ جي ياد منهنجي دماغ جي پردي تي هلڻ لڳي. محسوس ٿو ڪريان ته پاڻ ڪيئن نه منهنجي لاءِ سوئيٽر ٺاهي کڻي ايندي هئي ۽ اڪثر صبح جو ناشتو پاڻ منهنجي لاءِ هاسٽل مان ٺاهي کڻي ايندي هئي ۽ ڪمري ۾ گهڙڻ شرط مونکي ڀاڪرين پئجي ويندي هئي. سامان رکي پاڻ سمهي پوندي هئي ۽ ڏينهن جو ٻه وڳي ڌاري ننڊ مان جاڳندي هئي ته پوءِ ماني گڏجي کائيندا هئاسين. پاڻ اڪثر منهنجو مٿو پنهنجي جوٽن تي رکي هي گيت ڳائيندي هئي: ”تمهي ميري پوجا، تو هي ديوتا هو!“ ۽ منهنجي مٿي جي وارن کي پنهنجي آڱرين سان اٿلائيندي پاٿلائيندي رهندي هئي، ته مونکي ڄڻ ننڊ اچي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن شام جو اسان ڄامشوري وڃي ٻيڙيءَ ۾ گهمندا هئاسين. ٻيڙيءَ ۾ گهمندي کيس ٻڌايو هوم ته ڪوهين پري منهنجو ڳوٺ، ٻنون به هن ئي درياءَ جي ڪپرن تي آباد آهي. اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ خاص ڪري نم جا ايترا ته گهڻا وڻ پوکيل آهن، جيترا شايد ئي ڪنهن به ٻئي ڳوٺ ۾ هجن ! ڪنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺ کان گِدو بندر تائين وڏيون ٻيڙيون اينديون وينديون هيون، جيڪي واپاري مال ۽ مسافرن کي آڻينديون ۽ نينديون رهنديون هيون. مون کيس ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ اسان جي گهر اندر ڪابه عورت پرڻجي ايندي هئي ته اها مرڻ گهڙيءَ تائين گهر مان ڪانه نڪرندي هئي ۽ مرڻ کانپوءِ به سندس مڙھ، گهر جي پٺ واري دروازي مان نڪرندو هو جنهن مان شاديءَ جي ڏينهن پاڻ گهر ۾ داخل ٿي هئي! پر اڄ ائين ڪونهي. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي پاڻ عجب ۾ پئجي وئي ۽ چيائين ته ڇا پنهنجي شاديءَ کان پوءِ، منهنجو به اهو حشر ٿيندو؟ مون کيس ٻڌايو ته هاڻ ائين بلڪل ڪونهي. ٻيڙيءَ ۾ گهمڻ کان پوءِ اڪثر اسان اچي هوٽل المنظر جي مٿئين پورشن تي ويهي چانھه پيئندا هئاسين ۽ ڪڏهن ته اُتي فوٽو به ڪڍندا هئاسين. آئون هن جي يادن کي پنهنجي دل مان ڪيئن ڪڍان، جيڪي هر وقت منهنجي دل ۾ محفوظ آهن. پر آئون سوچيان ٿو ته اُنهن يادن کي ڇو ڪڍان. پوءِ آخر ۾ کيس ڄامشوري ۾ سندس هاسٽل تي ڇڏي جڏهن واپس ٿيندو هوس، ته سندس نگاهون حدنظر تائين مون سان گڏ گڏ منهنجو پيڇو ڪنديون رهنديون هيون ۽ سندس جسم جي خوشبوء رات جو سمهڻ تائين پنهنجي سڄي شرير ۾ محسوس ڪندو رهندو هوس. 31 جنوري تي هميشه بابا سائين منهنجي سالگرھ گهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن شهر جي هوٽل ۾ ڏاڍي سٺي نموني ملهائيندو هو. مون کيس ٻڌايو ته اڄ 30 جنوري آهي، سڀاڻي ايڪٽيھه جنوري تي منهنجي سالگره آهي، جنهن لاءِ بابا سائين به حيدرآباد پهچي ويو آهي. بابا سائين هن دفعي سائين جي ايم سيد کي به سالگره جي دعوت ڏني اهو به حيدرآباد پهچي ويو آهي ۽ پنهنجي ڪنهن عزيز سيد وٽ قلعي جي ويجهو گهر ۾ ترسيل آهي. منهنجا دوست، ڄام ساقي، اقبال ترين، ابرهيم خشڪ ۽ ٻيا منهنجا ۽ بابا سائينءَ جا دوست به ايندا. تون به سالگره ۾ اچي شريڪ ٿي. تڏهن پاڻ پُڇيائين ته ڇا دعوت ۾ ٻيون عورتون به هونديون ؟ مون کيس چيو ته ايڪڙ ٻيڪڙ هونديون ڇو ته بابا سائينءَ جي دوست ٽيون مل جي وائيف ۽ ان سان گڏ هڪ ٻه عورتون ٻيون به، اسان جڏهن به حيدرآباد سالگره ملهائيندا آهيون ته اچي شريڪ ٿينديون آهن. پاڻ پُڇيائين ته ڇا توهان منهنجو ذڪر توهان جي والد صاحب سان ڪيو آهي؟ مون کيس چيو ته اڃا اهڙو موقعو ڪونه مليو آهي، پر هاڻ آئون جلد ساڻس توهان جو ذڪر ڪندس، پر پهريان آئون منهنجي ڏاڏيءِ سان اهڙو ذڪر ڪندس، منهنجي ماءُ جي وفات کان پوءِ منهنجي ڏاڏيءَ مون کي پاليو آهي. پوءِ بابا سائينءَ سان اهائي ڳالهائيندي. بابا سائين ڏاڏيءَ جي ڳالهه کي ڪڏهن به ڪونه ٽاريو آهي. تڏهن پاڻ چيائين ته توهان بابا سائين سان منهنجو ذڪر ڪريو ته پوءِ آئون اينديس. هينئر مناسب ناهي. ائين ته توهان جي والد صاحب تي به خراب اثر پوندو ۽ آئون به انهيءَ محفل ۾ پاڻ کي Easy محسوس ڪونه ڪنديس. مون تڏهن کيس چيو ته بهتر! هن ڳالهه کي تقريباً پنجاھ سال گذري ويا آهن. پر مون کي ساڻس گهاريل هر گهڙي هر وقت ياد آهي، ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته هي جو هيڏو سارو فيصلو مون ڪيو، ڇا سو غلط ته ڪونه هو، جو هوءَ اڃان تائين مونکي ڪانه ٿي وسري ۽ نه ئي دل مان نڪري! يا شايد کيس ياد ڪرڻ وارو دل جو حصو منهنجو هوئي ڪونه! ۽ آئون اهوئي چاهيندو آهيان ته شال هوءَ مونکي ياد نه ڪندي هجي ته اهو بهتر آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ياد ڪندي هي شعر ياد اچي ويندو آهي.
    نئے کپڑے بدل کر جاؤں کہاں، اور بال بناؤں کس کے لیے،
    وہ شخص تو شہر ہی چھوڑ گیا، میں باہر جاؤں کس کے لیے،
    وہ شہر میں تھا تو اس کے لیے اوروں سے بھی ملنا پڑتا تھا،
    اب اسیے ویسے لوگوں کے، میں ناز اٹھاؤں کس کے لیے۔
    سن 1947ع کان، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي شروعات تائين، سنڌين جو صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت ۾ ڪوبه عمل دخل ڪونه هو. سڄي سنڌ ۾ صرف لس ٻيلي ضلعي جو سنڌي ڊپٽي ڪمشنر هو. سجاول ضلعي سميت اڳوڻي ٺٽي ضلعي لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ صرف ٻه سيٽون هيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نوڪريءَ ۾ هوندو هو. 1947ع ۾ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم جي پهرين ڪيبينيٽ ۾ هڪ به سنڌي وزير ڪونه هو. ستن اٺن سالن اندر ون يونٽ ٺاهي سموريون پيل سرڪاري زرعي زمينون ۽ نوڪريون سڀني غير سنڌين جي حوالي ڪيون ويون. جي ايم سيد جي ڪوشش سان ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ مغربي پاڪستان واري صوبائي اسيمبليءَ بل پاس ڪيو ته پنجاب ملٽري جنرل ايوب خان کي اڳيان آڻي مُلڪ ۾ مارشل لا هڻي ون يونٽ کي برقرا رکيو. ايوب دؤر حڪومت ۾ سڄي سرحد صوبي مان پٺاڻ گهرائي، انهن کي اڃا رهيل ٻنيون ڏئي، ٻهراڙي ۾ ۽ ٻين کي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪيو. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو اهو چوٿون د‍ؤر هو. پهريون دفعو سنڌ ۾ حُر تحريڪ دؤران آباد ڪيو ۽ کين سرڪار مخالف حرن زمينون جون ٻيون دفعو ڏنيون ويون. ٽيھه هزار يهودي آڻي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيا ويا. (ڏسو ليکڪ صدر الدين هاشواني جو ڪتاب ”سچ ڪا سفر“ صفحو 39). ٽيون دفعو ورهاڱي وقت سڄي هندستان مان آيل سڀ پناهگير سرڪار آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا. پنجون دفعو افغان جنگ دوران جنرل ضياء افغانين ۽ سڄي دنيا جي غدار ٽولن کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ جا سمورا رستا کولي ڇڏيا. هاڻ ته هندستان، افغانستان ۽ ٻين ملڪن مان آيل سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن. انهن جي مٽن مائٽن، عزيزن قريبن جي اچڻ جو سلسلو انهي وقت کان وٺي جاري آهي. انهن کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ برمي ۽ بنگالي به وڏي تعداد ۾ آباد آهن. انهن برمين ۽ بنگالين جي ايم ڪيو ايم به مدد ڪري ٿي. ڇو ته اهي ايم ڪيو ايم جا ووٽر ٿي ويا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جو حصو ٿي ويا آهن. اصل ڳالهه ٿي ڪَيم ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جي. ڀُٽي 20 ڊسمبر 1971ع کان 5 جولاءِ 1977ع تائين حڪومت ڪئي، هن اقتدار ۾ اچڻ شرط آمريڪا سان ڪيل ٻن فوجي معاهدن، سِيٽو ۽ سينٽو کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ انگلينڊ جي پراڻين بيٺڪين جي تنظيم برٽش ڪامن ويلٿ کان به ٻاهر اچي ويو. هن پنهنجي سياسي واٽ چائينا سان دوستي ۽ مسلمان ملڪن کي متحد ڪرڻ واري اختيار ڪئي، مسلمانن جي تُرڪي ۾ قائم ڪيل دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت / خلافت کان پوءِ مسلمان ملڪن ۾ ڀٽي نئون روح ڦوڪيو، مسلم سربراهه ڪانفرنس کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنايو. لاهور ۾ مسلم سربراهن جي ڪانفرنس منعقد ڪري دنيا ۾ مسلمانن جي وجود کي تسليم ڪرايو. خلافت جي انهي دؤر ۾ شريڪ ٿيندڙ مسلم سربراهن مان اهم ڪردار جي مالڪ مسلم سربراهن کي آمريڪا ڳولي ڳولي مارايو ۽ ڪانفرنس جي پنجن ملڪن کي ته تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، اهي آهن؛ ايران، عراق، شام، افغانستان ۽ لبيا، پاڪستان جا وڏا پروجيڪٽ جيڪي اڳي رڳو پنجاب ۾ لڳندا هئا، ڀُٽي جي حڪومت دؤران اهڙا وڏا پروجيڪٽ سنڌ ۾ به ٺهڻ لڳا، جنهن ۾ بن قاسم بحري بندر، اسٽيل ملز، مارشلنگ يارڊ، انڊس هاءِ وي، ڪراچي ۾ ايئرپورٽ کان سي پورٽس تائين ٻه طرفو هاءِ وي، ٺٽي ۾ شوگر ملز ۽ سيمينٽ فيڪٽري، دادو ۽ نئين ديري ۾ شوگر ملز، قمبر ۾ ٽيڪسٽائيل ملز، لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ڪاليج، نواب شاهه ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، خيرپور ۾ لطيف يونيورسٽي، اهڙِي طرح سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن جو ڄار وڇايو ويو. ڪوٽا سسٽم کي ٽيهتر واري آئين ۾ تحفظ ڏئي، سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا کوليا ويا. تنهنڪري پنجيتاليهه سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اسان جي ڳوٺ جي شاگرد کي پڻ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي. حبيب جالب پنهنجي آتم ڪٿا جالب بيتي جي صفحي 186 ۾ لکيو آهي بادشاهه خان ڀٽي جي تعريف ڪئي ته ” یے لڑکا مجھے اچھا لگتا ہے اس سے ملنا چاہتا، وہ ہیشہ ملک کے تعمیر کی ہے۔ میری اس سے ملاقات کا بندوبست کیا جائے۔“ مفتي محمود ۽ ولي خان ان جي مخالفت ڪئي ته غفار خان چيو ته توهان سياسي ماڻهو آهيو خام خواه ٿا اهڙيون ڳالهيون ڪريو.ون يونٽ دؤران هزارن جي تعداد ۾ پنجاب جي ماڻهن کي سنڌ ۾ نوڪريون ڏنيون ويون، اهي سنڌ جي خزاني تي ناجائز بوجهه هئا، تن کي ڀٽي واپس پنجاب روانو ڪيو. سنڌو نديءَ جي ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ درياءَ جي بچاءِ بندن کي اوچو ۽ مضبوط بنايو ويو. ٻوڏن کان پوءِ ڪچي جي غريب هاري طبقي کي ٻج، ڀاڻ ۽ مناسب گهربل رقم مُهيا ڪري ڏيڻ شروع ڪئي وئي. پهريائين پيپلزپارٽيءَ جي دؤر حڪومت دؤران، سنڌ حڪومت ۾ ڪوبه غير سنڌي وزير ڪونه هو. سنڌي ٻوليءَ کي صوبائي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جو گورنر مير رسول بخش ٽالپر، وزير اعليٰ ممتاز ڀٽو ٻئي سنڌي هئا. سنڌ ۾ تقريباً سڀ سيڪريٽري، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس پي سنڌي مقرر ڪيا ويا. سنڌي ڪامورن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سڌي طرح سان سنڌي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي مقرر ڪيا ويا، ڪراچيءَ جي گلشنِ اقبال، ڪلفٽن ۽ پوءِ گلستانِ جوهر جا لکن جي تعداد ۾ پلاٽ سنڌين کي ڏنا ويا، پر انهن مان گهڻن سنڌين، فقط هڪ رات جي عياشيءَ عيوض، اهي پلاٽ تين وال ڪري ڇڏيا ۽ اهو ڪونه سوچيو ته انهيءَ پلاٽ جو اڌ وڪڻي، انهن پيسن مان ئي باقي اڌ پلاٽ تي گهر ٺهرائي، ويٺا سڄي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذاريون. اڄ جيتري قدر ڪراچي شهر جي پراپرٽيءَ جي قيمت وڌي آهي. انهي ءَ جو پوري دنيا ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي! جن ماڻهن ٻه ٻه، ٽي ٽي لکن ۾ بنگلا ۽ فليٽ خريد ڪيا هئا، اهي اڄ ڪروڙن جا ٿي ويا آهن. توهان ڀٽو دؤر حڪومت دوران ڪلفٽن ۽ گلشن اقبال جي پلاٽن جو رڪارڊ چيڪ ڪري ڏسو ته جيڪر حيران ٿي وڃو ته هيتري گهڻي تعداد ۾ ڪيئنءَ نه انهيءَ دور ۾ حاڪمن ۽ سندن ڪارندن اهي ڪروڙن جي قيمت وارا عاليشان پلاٽ ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪڻي ڇڏيا. سنڌين کي پنهنجو اهڙو دؤر حڪومت وري شايد ئي ڪو ملي، ڇو ته ڀٽي کي جنهن دؤر ۾ حڪومت ملي هئي، تنهن دؤر ۾ بنگلاديش ۾ جنگ هارائڻ ڪري مليٽري ۽ سول ڪامورا شاهي بزدل ۽ ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ اها ڪجهه عرصي تائين انهيءَ پوزيشن ۾ ئي ڪانه هئي جو ڪو رُعب ۽ تاب ڪري! اخلاقي پستيءَ جو شڪار انهيءَ نوڪر شاهي، ڀٽي کي حڪومت به انهيءَ ڪري ڏني، جو فقط ڀٽو ئي اهڙو ڏاهو، چست ۽ چالاڪ سياسي اڳواڻ هو، جيڪو جنگ هارائڻ ۽ معاشي بدحاليءَ جي باوجود، ملڪ کي انهيءَ تمام ڏکي صورتحال مان ڪڍي ٻاهر ڪري ۽ ان کي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي، ۽ ڀٽي ڪرشماتي طور تي اهو ثابت ڪري به ڏيکاريو. ٻه ٽي سالن گذرڻ کان پوءِ ائين ڪونه ٿي لڳو ته ڪو هي ملڪ جنگ هارايل ملڪ آهي ۽ هن ملڪ جو اڌ ٽٽي ڌار ٿي ويو آهي. ڀٽي جي اوائلي دؤر حڪومت ۾ جنرل گل حسن ٿوري ڦني خاني ڏيکاري ته ڀٽي ماني جي دعوت تي گهرائي کانئس زوريءَ استعيفا وٺي، ڪجهه ڏينهن لاهور جي گورنر هائوس ۾ نظربند رکي پوءِ آزاد ڪيو هو. خير ڇا به هجي، جنهن ملڪ ۾ رول آف لا نه هوندو، ان ملڪ جي سياسي قيادت هميشه قوم دشمن بيورو ڪريسيءَ جي گندن هٿن جي تسلط هيٺ هوندي، ڇو ته قانون جي حڪمراني نه هئڻ ڪري بدعنوان سياستدانن ۽ بد عنوان سرڪاري ڪارندن جو احتساب ته ٿيندو ئي ڪونه ۽ جنهن کي جيئن وڻندو، سو تيئن پيو ڪندو! آمريڪا پهرئين ڏينهن کان وٺي ڀٽي جي خلاف هو. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ ڪري آمريڪا ڀٽي کي شهيد ڪرايو، پر ڀُٽو جڏهن وزير خارجه هو، تڏهن به ايوب وزارت مان کيس آمريڪا ئي ڪڍايو هو. هندستان جي مشهور صحافي ڪلديپ نئير، سندس ڪتاب، ”ايڪ زندگي ڪافي نهين“ جي صفحي 214 تي به اهڙو اظهار ڪيو آهي. هن رام ڪهاڻيءَ لکڻ جو مقصد صرف هي هو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي، ڀٽي جي حڪومت قيام تائين سنڌين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. حد ته هيءَ هئي جو 1947ع تائين ڏهن سالن ۾ صرف پنج سي ايس پي آفيسر سنڌي ٿيا. انهيءَ وقت دؤران سنڌ هڪ شاهوڪار صوبو هو، جڏهن ون يونٽ ٺهيو، تڏهن سنڌ جي خزاني ۾ ٻاويهه ڪروڙ روپيا سر پلس ناڻو موجود هو، جڏهن ته ٻين مڙني صوبن جي خزاني ۾ هڪ رپيو به ڪونه هو. اهي اٽلو مرڪز جا قرضي هئا. توهان اڄ نوازشريف جي اقتدار واري هن نئين دؤر ۾ ڏسو ته مرڪز جي پنج سؤ منصوبن مان سنڌ لاءِ صرف هڪ منصوبو، حيدرآباد ڪراچي موٽر وي رکيو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ انگريز دؤر حڪومت کان پوءِ ڀٽي جو دؤر حڪومت سنڌين لاءِ سٺي ۾ سٺو دؤر هو. جيتوڻيڪ انهيءَ کان پوءِ بينظير ٻه دفعا حڪومت ڪئي ۽ هڪ دفعو زرداري ملڪ جو صدر ٿيو، پر کين اقتدار دؤران هر اسٽيج تي تنگ ڪيو ويو. جنهن جو اظهار بينظير هينئن ڪيو : ”تخت لاهور جي وزير اعظم جي لاءِ فوج وٽ جدا قانون آهي ۽ اسان لاءِ جدا قانون آهي.“ صدارت دؤران زرداريءَ به ڪافي رڙيون ڪيون، پر نيٺ پاڻ پيش پيو ته قبول ڪيو ويو. هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته ڀٽي ۽ بينظير سان فوج نه ٺهي پر زرداريءَ سان ٺهي ۽ کيس پورا پنج سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن دؤران هن ڪابه قصر ڪانه ڇڏي. انهيءَ حد تائين جو هڪڙي سال زرداريءَ جي شگر ملن طرفان آبادگارن کي ڏيڻا ٻارهن رپيا في مڻ وڌائيل اگهه جا پئسه به سنڌ سرڪار ڀري ڏنا. دنيا ۾ جِت ڪِٿ زرعي جنسن جي اگهن کي سڌارڻ ڪارڻ اهي سبسڊي زرعي جنسون پيدا ڪندڙ هارين ۽ آبادگارن کي ڏني ويندي آهي، پر سنڌ ۾ اهو پهريون موقعو هو جو ڪمند اُپائيندڙن مالڪن جي بدران سبسڊي شگر ملن جي مالڪن کي ڏني وئي. پيپلزپارٽي جي پهرين دؤر حڪومت يعني ڀٽي جي دؤر حڪومت ۾ اسان جي فيمليءَ تي جهڙو سياسي ۽ مذهبي دٻاءُ هو ، اهڙو سياسي ۽ مذهبي دٻاءُ اسان جي فيملي تي ڪڏهن به ڪونه رهيو. ٿيو هينئن ته سائين جي ايم سيد 1970ع ۾ عام چونڊن ۾ ڪوٽڙيءَ واري تڪ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اميدوار ٿي بيٺو، ته بابا سائين، اسان جي ڳوٺ ٻني مان پنجاهه کن ڪارڪن، سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جن ڪوٽڙي تڪ ۾ سائين جو ورڪ ڪيو ۽ ڪوهستان جي پولنگ اسٽيشن ۾ سائين جا اليڪشن ايجنٽ ٿي ويٺا. ٻيو ته پنهنجي ڳوٺ ٻني ۾ به اسان پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن جي مدد ڪئي هئي، تنهن ڪري پيپلزپارٽيءَ جا مقامي ۽ ضلعي عهديدار ، پيپلزپارٽي کي اقتدار ملڻ کانپوءِ تقريباً هر جمعي جي ڏينهن اسان جي خاندان جي خلاف نهايت بدفضليت ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ لڳا، اهو 1970ع وارو دؤر هو ، تنهن کي اڄ تقريباً پنجاھ سال کن ٿي ويا آهن، انهيءَ دؤر ۾ تعليم تمام گهٽ هئي، تنهن ڪري انهن جي تقريرن ۾ سياسي سمجهه ۽ شائستگيءَ جو ته نالو نشان به ڪونه هوندو هو. انهيءَ دؤر ۾ جيڪو به شخص جيترو گهڻو گهٽ وڌ ۽ بدفضيلت ڳالهائيندو هو، اهو اوترو وڏو ليڊر ليکبو هو، اسان جي خاندان خلاف ملن جي واويلا تڏهن چالو ٿي، جڏهن 1967ع ۾ بابا سائين سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب، ”جيئن ڏٺو مون“ ڇپائي شايع ڪيو. تڏهن اسان جي تر جي مُلن، جن ۾ ٻني ۽ جنهاڻ جي مُلن جو مکيه ڪردار هو. تن سائين جي ايم سيد ۽ بابا سائينءَ جي خلاف ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي، چي ڪتاب جو ليکڪ، جي ايم سيد ۽ شايع ڪرائيندڙ ارباب نورمحمد پليجو ڪافر آهن. پوءِ ته سائين سڄي تر ۾ هر جمعي تي مُلان وڏا وڏا وعظ ڪري پيا اعلان ڪندا هئا ته ارباب نورمحمد پليجو ۽ جي ايم سيد ڪافر آهن، تنهن ڪري مسلمان ڀائرن کي اپيل ٿي ڪجي ته انهن سان سماجي واسطا ختم ڪري ڇڏين. خير! اهو فتوائن وارو سلسلو ڪو نئون ڪونهي. امام حسينرضه کان وٺي منصور تائين ۽ ڀٽي کان بينظير تائين مُلن جون فتوائون ته آد جُگاد کان جاري ۽ ساري آهن ۽ سدائين جاري رهنديون. اسان جي خلاف مذهب جي آڙ ۾ پرچار ڪرڻ وارو عمل چند مُلن تائين محدود هو، تنهن ڪري اسان جي ڳوٺ توڙي آسپاس جي ڪنهن ذي فهم ماڻهوءَ تي انهيءَ جو ڪو اثر ڪو نه هو. ڳوٺ جي ماڻهن ڪافي دفعا اسان کي چيو ته توهان اسان کي اجازت ڏيو ته اسن هنن کي ٻن ڏينهن اندر ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين ۽ اهي ساڳيا موٽي توهان وٽ ئي اچي منٿون ڪندا ته هاڻ مهرباني ڪري اسان جي هنن ماڻهن مان جند ڇڏايو، پر بابا سائين هيمشه انهن ماڻهن کي بدلو وٺڻ کان روڪيندو هو ۽ کين سمجهائيندو هو ته اهي اختلافن واريون عارضي ۽ اوچتو پيدا ٿيندڙ ڳالهيون آهن. پاڻ کي ۽ هنن کي ته هميشه ۽ هتي ئي رهڻو آهي ۽ گڏجي رهڻو آهي. آهستي آهستي نيٺ ٿيو به ائين، جو اسان سڀ وري ٺهي هڪ ٿي وياسين، جهڙو ڪر ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هاڻي ته سائين جي ايم سيد واري ڪتاب جي موضوع تي، انهي ڪتاب جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ڇرڪائيندڙ ۽ حيران پريشان ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب خصوصاً قابل ذڪر آهن. مولانا جاويد غامدي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اهو ڪٿ به لکيل ڪونهي توهان گهران لٺ کڻي نڪرو ۽ چئو ته هي اڌ مسلمان آهي، هي چوٿين پتي مسلمان آهي ۽ هي سڄو مسلمان آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو حق نٿو پهچي ته هو ڪنهن مسلمان جي باري ۾ ڪفر جي فتويٰ جاري ڪري. اهو حق ڪنهن فرد کي ته ٺهيو، پر اهو حق ڪنهن رياست کي به ڪونهي ته اها ڪنهن کي غير مسلمان چئي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآلھ وسلم جن جي وقت ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ جيڪڏهن ڪا هڙِي ڳالهه ڪئي ويندي هئي ته حضور صلي الله عليه وآلھ وسلم جن صرف ايترو چوندا هئا ته ماڻهن کي اڄڪلهه ڇا ٿي ويو آهي، ماڻهن جي ايمان يعني مسلمانيءَ جي فيصلي جو حق ڪنهن عالم کي به ڪونهي. توهان ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ ڪجهه غلط ڳالهه يا ڪجهه مذهبي غلط ڳالهه ٻُڌي ته کيس اڪيلائي ءَ ۾ سمجهايو. وقت گذرڻ سان اسان جي خلاف پيپلز پارٽيءَ وارن جو جوش به آهستي آهستي ڍرو ٿي نيٺ ختم ٿي ويو. پر اهو جوش ۽ جذبو اسان ۾ اچي ويو ۽ سن 1977ع کان وٺي اڄ تائين، مون پيپلزپارٽي کانسواءِ ڪنهن به ٻي پارٽيءَ کي ووٽ ڪونه ڏنو آهي. انهي جو وڏو سبب ڀٽي جو دؤر حڪومت ۽ ڀٽي ۽ بي نظير جي شهادت آهي، جن پنهنجون زندگيون قربان ڪري ڇڏيون. ان جي ڀيٽ ۾ منهنجي هڪڙي ووٽ جي ڇا اهميت آهي! 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن دؤران مونکي مراد جوڻيجو، ڊاڪٽر شير محمد شيخ، ڊاڪٽر عارب راڄو، گوتم راٺي، خليل بچاڻي ۽ شاھ محمد شاھ تمام ويجها دوست هئا. خليل بچاڻي ٽنڊي الهيار مان اڪثر ڇنڇر يا آچر شام ڌاري حيدرآباد ايندو هو. پوءِ اسان ڪڏهن ڪا فلم ڏسي، پوءِ ايڊون بار ۾ وڃي ويهندا هئاسين. اسان کانسواءِ آغا سليم يا ڪو ٻيو دوست اُت ضرور هوندو هو. پر اڪثر ڪري آغا سليم هوندو هو. هو اسان کان عمر ۾ ڏھ ٻارنهن سال وڏو هو ۽ انهيءَ وقت سنڌي ادبي لڏي ۾ وڏي اهميت رکندو هو. پيئڻ کان پوءِ آغا سليم اڪثر ڪري سندس لکڻين جي باري ۾ ڳالهائيندو هو. تڏهن سندس ادبي رهاڻ جو انداز بيان ڏاڍو شاعرانه ۽ دل کي وڻندڙ هوندو هو. هونئن به سندس لکڻين ۾ جيڪو ميٺاج آهي، شايد ٻئي ڪنهن سنڌي اديب جي لکڻين ۾ هجي. آغا سليم ۽ خليل بچاڻي جي سنگت جو سلسلو ڪافي وقت هليو. پوءِ آئون خليل بچاڻي ۽ آغا سليم جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي وياسين، ته اسان جي سنگت ۾ هڪ ٻئي ماڻهوءَ جو اضافو ٿي ويو. اهو هو قمر شهباز. آغا سليم سان اهڙِين ڪچهرين جو سلسلو وري ٻيو دفعو تڏهن شروع ٿيو جڏهن پاڻ نوڪريءَ مان رٽائر ٿي، سچ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. سچ اخبار ۾ ٻه ٽي ڀائيوار هئا، جن ۾ مير هزار خان بجاراڻي، اسماعيل راهو، حمزه خان پليجو ۽ ٻيو به ڪو هڪ اڌ هو، پر اخبار کي هلائيندو صرف حمزه خان پليجو هو.
    هنن پنهنجي اخبار پهرين حيدرآباد ۾ کولي ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ منهنجي ڪراچي واري فليٽ، يا حمزه خان جي ڊفينس ڪالونيءَ واري بنگلي يا خليل جي ڊفينس ڪالونيءَ واري بنگلي ۾ اهڙيون رس رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. آغا سليم جو انداز بيان عاليشان ۽ سندس گفتگو ۽ مؤقف سدائين پڪن پختن دليلن تي مشتمل هوندو هو. پيئڻ کانپوءِ سندس ڳالهيون ڏاڍيون ڳوڙهيون، وڻندڙ ۽ ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. سندس ڊائلاگ ته مونکي اڃا تائين ياد آهي: ”اڙي يار! ڇڏ انهيءَ کي“. اصل ڳالهه پي ڪيم حيدرآباد جي ايڊون بار جي. رات دؤران ٻيا به ڪيترائي دوست ملندا هئا، پر هر ڪنهن جي چؤياري پنهنجي پنهنجي هوندي هئي. بار مان دير سان اٿي، پوءِ لطيف آباد ۾ ماني کائڻ وڃبو هو. آخر ۾ خليل، آغا سليم کي پهرين سندس گهر لطيف آباد ۽ پوءِ پاڻ سول لائينس ۾ شفٽ ٿي ويو ته ان کي ات لاهي، مونکي منهنجي فليٽ ڀيڙو ڪري، پوءِ پاڻ گهڻو ڪري اڪيلو ئي اڪيلو ٽنڊو الهيار روانو ٿيندو هو. پوءِ جنرل ضياءَ جي مارشلا واري دؤر يعني سن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ساڳوڻي ٽنڊي الهيار ۾ ايڏو ته ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ٿيو، جو ماڻهو شام کان پوءِ پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويندا هئا ۽ اوطاقون ۽ مهمان سرائون ويران ٿي ويون. انهيءَ دؤر ۾ هڪ نه ٻئي آرتوار تي آئون ۽ ڊاڪٽر شير محمد شيخ صبح سوير بس ۾ چڙهي سپر هاءِ وي تان ٿيندا وڃي ڪراچي پهچندا هئاسين. ڊاڪٽر شير محمد پنهنجي ڊاڪٽريءَ جا ڪتاب ۽ اڪثر ڪري ڪپڙا به ڪراچي مان وٺندو هو. انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ ايراني هوٽلن جو اوج هوندو هو. شهر جي سٺن سٺن اسٽاپن تي هڪ نه پر ٻه ٻه ايراني هوٽلون هونديون هيون. خاص ڪري صدر واري علائقي ۾ ڏاڍيون سٺيون ايراني هوٽلون هونديون هيون. خريداريءَ مان واندا ٿي اسان به صدر واري ڪنهن ايراني هوٽل ۾ ماني کائي، ڪڏهن مراد جوڻيجو کي پاڻ سان گڏ وٺندا هئاسين، جيڪو ان وقت ڪي ڊي اي جي مين بلڊنگ ۾ ملازم هو. پوءِ مراد سان گڏ ماني کائي، ڪا انگريزي فلم ڏسي واپس بس ۾ حيدرآباد روانا ٿي ويندا هئاسين. انهيءَ دؤر ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪارن ۽ بسن جو اڃان رواج شروع ڪونه ٿيو هو. انهيءَ دور ۾ حيدرآباد ۾ علمي، ادبي، سياسي توڙي ثقافتي سرگرميون عروج تي هيون. انهن ۾ شاگرد سياست جون سرگرميون سڀني کان سوايون هيون. پنجين ڇهين مهيني، جڏهن شيخ اياز يا سائين جي ايم سيد حيدرآباد ايندا هئا، ته انهن سرگرمين ۾ تيزي اچي ويندي هئي. وڏي تعداد ۾ ادبي دوست، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ اچي حيدرآباد ڀيڙا ٿيندا هئا، تڏهن اهي علمي ادبي محفلون ۽ سياسي ۽ ثقافتي ميڙ ڪڏهن غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي لائق پُٽ غلام رسول ڀرڳڙيءَ جي هيرآباد واري بنگلي تي، ڪڏهن حفيظ قريشيءَ جي ريشمي گليءَ واري گهر جي ڇت تي، ڪڏهن حميد سنڌي جي فليٽ تي، ڪڏهن فاران هوٽل ۾ ته ڪڏهن اوريئينٽ هوٽل ۾ ۽ ننڍي پيماني تي منهنجي فليٽ تي، ڪڏهن طارق اشرف جي گهر ۾ اهڙيون محفلون، ڪچهريون، گڏجاڻيون ۽ سرگرميون ڪيترن ئي ڏينهن تائين لڳلاتار منعقد ٿينديون رهنديون هيون. جڏهن ڪي اديب ۽ عالم هندستان مان سنڌ گهمڻ ايندا هئا ته پوءِ مهتاب محبوب جي گهر ۾ به اهڙيون محفلون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون.تنهن دؤر ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٻين جاين جڳهين تي به اهڙيون محفلون مچنديون هيون. پر هر ڪنهن سنگت، ياريءَ، ٽوليءَ، تنظيم ۽ پارٽيءَ جو نظريو، نصب العين، طريقو ۽ سرگرمين جو رنگ ۽ ڍنگ الڳ الڳ ۽ نرالو هوندو هو. شيخ اياز جي انهيءَ دؤر واري شاعري جو ته جواب ڪونهي! هر پڙهيل لکيل ۽ قومي ڪارڪن کي سندس اها شاعري زبان تي هئي، شيخ اياز جي انهيءَ دؤر واري شاعريءَ قومي جاڳرتا کي اڀارڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. اهو هميشه ياد رکيو ويندو. سندس انقلابي شاعريءَ کان سواءِ سندس مجازي شاعري پڻ لاجواب شاعري آهي.
    ”ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين.“
    ”ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهيءَ ڳل تي باک ڦُٽي.“
    حيدرآباد ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ کي پهرين پهرين زرينه بلوچ، فقير عبدالغفور ۽ الڻ فقير ڳائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ عزت ماڻي. پوءِ بيدل مسرور بدوي، سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، الهڏنو خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوان فنڪارن سندس ڪلام شوق سان ڳايو. ڇا ته اهو دؤر هو! هونئن به ماڻهوءَ کي ماضي جا ڏک وسري ويندا آهن. پر کيس حاصل ٿيل خوشيون هميشه ياد رهنديون آهن. دنيا جي قديم ترين ڪتابن، ”ويدن“ ۾ به بيان ڪيل آهي ته آڳاٽو زمانو سٺو هو ۽ موجوده دؤر هُل هنگامي ۽ افراتفريءَ وارو دؤر آهي ۽ ڪنهن کي به سڪون حاصل ڪونهي. حيدرآباد شهر ۾ انهيءَ دؤر ۾ ڪراچي هوٽل به حيدرآباد ۽ سڄي سنڌ جي اديبن ۽ دانشور لڏي جو هيڊ ڪوارٽر هوندو هو. چانھه جي ڪپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ علمي ادبي بحث مباحثا ۽ محفلون سدائين قائم هونديون هيون. حقيقت ۾ حيدرآباد شهر ڀاڳن وارو شهر آهي، جو منجهس اڄ به علمي ۽ ادبي رهاڻيون، سياسي سرگرميون، موسيقيءَ جون محفلون ۽ ٻيون ثقافتي تقريبون، اهڙيون ئي عروج تي هيون. جهڙيون انهيءَ گذريل دؤر ۾ هيون شيخ اياز، غلام محمد گرامي، حسام الدين راشدي، حيدربخش جتوئي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ شمشير الحيدري وارن کان پوءِ انهن جي پراڻي سنگت ۽ نئين ٽهيءَ وارو عالم اديب ۽ دانشور لڏو انهيءَ جوت کي قائم ۽ دائم رکيو اچي. انهيءَ سٿ ۾ چاچا محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عطا محد ڀنڀرو، حميد سنڌي، ادل سومرو، شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني، دستگيرڀٽي، زيب سنڌي، ولي رام ولڀ، تاج جويو، آڪاش انصاري، انعام شيخ، يوسف سنڌي، نصيرمرزا، جامي چانڊيو، امر سنڌو، شميم مري، شبنم گل، عرفانه ملاح، گلشن لغاري، مهتاب محبوب، رفيق عيساڻي، پرويز ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب، شاعر ۽ دانشور شامل آهن. هيءَ آتم ڪٿا لکڻ وقت هينئر منهنجي عمر پورا ٻاهتر سال آهي. هينئر اسان وٽ سارين جو وڪرو ۽ ڪمند جي پوکي، ٽن ڪتابن جا پروف، هڪ ڪتاب، سنڌ جي شاگرد سياست، ٻيو ڪتاب، لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جو راتيون، ٽيون ڪتاب واقعات عالم انهن ڪتابن جا پهريان پروف يوسف سنڌي ڏٺا، ٻيا پروف منهنجي ڀاءُ شمشير ڏٺا ۽ هاڻ انهن ٽنهي ڪتابن جا فائنل پروف آئون پاڻ پيو ڏسان. مونکي ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ پروف ڏسڻ وڌيڪ ڏکيا لڳندا آهن. انهي کان سواءِ هينئر منهنجو انگلينڊ، اسپين ۽ پرتگال جو نئون سفرنامو تقريباً آخري مرحلي ۾ آهي. ته ان سان گڏ آتم ڪٿا جو هي چوٿون جُلد به لکان پيو، تنهن کان سواءِ ”اور ڀي دُک هين زماني ڪي، محبت ڪي سوا اس دنيا ۾“ وارو سلسلو به جاري آهي. حيدرآباد ۾ هاڻي يعني 1970ع ۾ منهنجي تعليم، مڪمل ٿي، يعني بي اي ۽ ايل ايل بي پاس ڪيم ۽ ڪجهه وقت پريڪٽس به ڪيم ۽ پوءِ نوڪري جي لاءِ مختلف کاتن ۾ انٽرويو ڏيڻ شروع ڪيم. پهرين فيملي پلاننگ آفيسر لاءِ، پوءِ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ انسپيڪٽر لاءِ تنهن کان پوءِ ڊي ايس پي لاءِ ۽ تنهن کان پوءِ ايف آءِ اي ۾ انٽرويو ڏنم ۽ ٻين به ڪافي کاتن ۾ انٽرويو ڏنم، پر نيٺ مون کي ايف آءِ اي ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءِ هڪ ڏينهن ليٽر پهتو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته توهان ايف آءِ اي ۾ انسپيڪٽر لاءِ سليڪٽ ٿي ويا آهيو، تنهن بابت آرڊر ڪراچي ڊائريڪٽوريٽ مان وڃي کڻو.
    ڀُٽي صاحب وفاق جي اسپيشل پوليس، اميگريشن ۽ شايد ڪجهه ٻين کاتن کي ڳنڍي، آمريڪا جي FBI فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن جي طرز تي FIA يعني فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي تيار ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ان کي مرڪزي پوليس ڪري هلايو. اها ايجنسي چاليهن سالن کان وٺي اڄ تائين قائم آهي ۽ وفاق جي وزارت داخله جي ماتحت آهي. وفاقي حڪومت پنهنجا ڪيس هن کاتي تحت قائم ڪندي آهي ۽ هن کاتي جي صوبن ۾ دخل اندازي تمام گهٽ آهي. ان وقت ايف آءِ اي جو هڪڙو ڊائريڪٽر ڪراچيءَ ۾ ويهندو هو. ان جي ماتحت ٻه ڊپٽي ڊائريڪٽر هڪ حيدرآباد ۽ ٻيو سکر ۾ هوندو هو. ايف آءِ اي اميگريشن برانچ جو ڊائريڪٽر اسلام آباد ۾ ويهندو هو. ان جي ماتحت ڪراچي ۾ هڪڙو ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر جي ماتحت ٻه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، هڪ ڪراچي هوائي اڏي تي ۽ ٻيو بحري بندر تي مقرر هوندو هو. پاسپورٽ سيل به انهيءَ اميگريشن برانچ جي ماتحت هوندو هو. جيڪي پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ۽ جيڪي ملڪ اندر داخل ٿيندا هئا، جيڪڏهن شڪ پيو ته انهن جي پاسپورٽن جي جانچ پڙتال ٿيندي هئي. باقي نون پاسپورٽن ٺهڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم هيون. ڀٽي شهيد جي حڪومت کان اڳ، پاسپورٽ ٺهرائڻ هڪڙو تمام ڏکيو عمل هوندو هو. پر ڀٽي انهي کي صفا آسان ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري هر ماڻهو پنهنجو پاسپورٽ نهايت چند ڏينهن ۾ آساني سان ٺهرائي ٿي سگهيو. ڀُٽي اهو انهيءَ ڪري ئي ڪيو ته جيئن پاڪستان جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ملڪ کان ٻاهر عرب ملڪن ۾ وڃي نوڪريون ڪري سگهن. عرب مُلڪ ڀٽي جي ڪري پاڪستانين کي لاتعداد نوڪريون ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا هئا. انهي ڪري ٻاهرين ملڪن مان ناڻو وڏي مقدار ۾ پاڪستان اچڻ لڳو ۽ پاڪستاني ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن سان عرب ملڪن ۾ وڏي تعدا ۾ وڃي رهڻ لڳا. ايف آءِ اي ۾ سياستدانن تي ڪيس به ٺهيا، جن ۾ هڪڙو ڪيس حيدرآباد ٽربيونل وارو به شامل هو. انهي ڪيس ۾ ولي خان، ڄام ساقي ۽ ڪجهه بلوچ اڳواڻ ملزم نامزد هئا. انهي ڪيس ۾ ڄام ساقي گرفتار ڪونه ٿيو هو ۽ پاڻ انهيءَ زماني ۾ ڏاڙهي به رکائين هُيائين. آئون ان وقت ڪراچي اڏي تي اميگريشن آفيسر طور ڊيوٽي ڪندو هئس.


    2

    مونکي جمشيد ڪوارٽرس ۾ هڪڙو ڪوارٽر به مليل هو، جتي رهندو هوس. کيس خبر هئي ته آئون ايف آءِ اي ملازم هوس. ان جي باوجود ڄام ساقي پنهنجي روپوشي واري زماني ۾ جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته رهندو اچي منهنجي ڪوارٽر ۾ هو ۽ کيس انهيءَ تي ڪوبه ڊپ ڪونه هوندو هو. پاڻ اڄ به خدا پاڪ جي فضل سان حال حيات آهي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهي ٿو. مون وٽ رهڻ دوران ڄام ساقي ۽ آئون رات جو ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهندا هئاسين. انهيءَ دؤر ۾ انور پيرزادو روس جي سفارت خاني ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ اڪثر منهنجي ڪوارٽر تي يا سندس طارق روڊ واري ڪوارٽر تي اسانجون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. اتي هڪ ڀيري انور پيرزادي مونکي چيو ته تون روس لاءِ ڪم ڪر. اها ڳالهه منهنجي لاءِ بلڪل غير متوقع هئي، مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ پوءِ پاڻ به مون سان انهي ڳالهه جو وري ڪڏهن به ذڪر ڪونه ڪيو. تنهن کان پوءِ اسان جون محفلون آهستي آهستي گهٽجي ويون، پر منهنجي نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ به اسين اڪثر ملندا رهندا هئاسين، اسان جي سنگت ۾ ڪابه وڇوٽي ڪانه آئي هئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي نوڪري، منهنجي زندگيءَ جو هڪ نئون تجربو هو. مونکي پهريون ڀيرو غير سنڌين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. اتي مونکي هڪ ڪڙي حقيقت واضح طور معلوم ٿي ته سنڌ اندر هڪڙا سنڌي ۽ ٻيا غير سنڌي آهن. انهن سڀني غير سنڌين جو رويو سنڌين لاءِ هڪجهڙو منفي آهي. انهن مان ڪي ماڻهو، انهي رُکائي جو اظهار ۽ عمل کُليءَ طرح سان ڪن ٿا، ته ڪي وري دٻيل نموني سان، پر انهن ۾ اهڙا به آهن، جيڪي کُلي عام ڪوبه اظهار ڪونه ڪن. جيئن پٺاڻ! هوائي اڏي تي چار مکيه کاتا آهن. هڪ، پي آءِ اي. ٻيو، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس. ٽيون، ڪسٽم. چوٿون، اميگريشن. شهيد ڀُٽي جي حڪومت کان اڳ سنڌي انهن کاتن ۾ ائين هوندا هئا، جيئن اڄ وڏين پرائيويٽ ڪمپنين ۾ سنڌي آهن. يعني سؤ غير سنڌين پٺيان هڪ يا ٻه سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا ماڻهو به ڏسڻ ۾ آيا. اهي سنڌي ملازم پنهنجن خاندانن سان گڏ اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا. پر افسوس جو انهن سنڌي ڪامورن/ ملازمن هت اچي وڏي تعداد ۾ غير سنڌي ڇوڪرين سان شاديون ڪيون ۽ نئين ڪنوارين سان اچي بنگلن ۽ فليٽن ۾ رهڻ لڳا، ته سندن گهرن جي ٻولي به سنڌي مان ڦري غير سنڌي ٿي وئي. يعني جڏهن جڏهن غربت هئي ته سنڌي ڪامورا/ملازم پنهنجن سان گڏ هئا، پر جڏهن دولت ۽ خوشي ملي ته اها غيرن جي ڪم آئي! پنهنجون اڳوڻيون زالون اُتي جو اتي ساڳوڻي سُکن کان خالي زندگي گذاري رهيون هيون. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن کين اهڙيون سڻڀيون نوڪريون نه ملن ها ته اُهي ڪامورا ملازم ٻيون شاديون ڪونه ڪن ها. ايئر پورٽ تي نوڪريءَ دؤران ڪيترن ئي نون ماڻهن سان واسطو ٿيو ۽ ڪيترائي نوان دوست پڻ حاصل ٿيا. هوائي اڏي تي ڏينهن ۽ رات جي ته خبر ئي ڪانه پوندي هئي، انهي دؤر ۾ دنيا جي گهڻو ڪري سڀني مُک ملڪن جون هوائي جهاز ڪمپنيون پنهنجا مسافر هوائي جهاز ڪراچي ۾ موڪلينديون هيون. انهن ۾ يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۽ ڏور اوڀر وارن ڪيترن ئي ملڪن جون هوائي جهازن واريون ڪمپنيون شامل هيون ۽ سڄي دنيا جا ماڻهو پاڪستان ۾ واپار ۽ سياحت لاءِ وڏي تعداد ۾ ايندا رهندا هئا. اُتي مونکي به سڄي دنيا جي ماڻهن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو. ايئر انڊيا، هندستاني هوائي ڪمپني به باقائدگيءَ سان پاڪستان ۾ ايندي هئي ۽ آمريڪا ۽ يورپ مان موٽندي پهرين هتان ڪراچيءَ مان ٿي پوءِ، انڊيا ڏانهن پرواز ڪندي هئي. ايئر انڊيا جا ٽرانزٽ مسافر ڪراچيءَ واري هوٽل ڪولمبس هوٽل ڪلفٽن جي ٽن تلوارن واري چوڪ کان ٿورو اڳيان آهي. ڪراچي ايئرپورٽ اڄ واري نئين بلڊنگ ۾ نه پر پراڻي بلڊنگ ۾ هو. جنهن جو رستو اسٽار گيٽ وٽان اندر ويندو هو. انهيءَ هوائي اڏي تي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي وقت چار چار مختلف ڪمپنين جا جهاز لهندا هئا، ته تمام گهڻي رش ٿي ويندي هئي. هوائي اڏي تي انهيءَ وقت اڄوڪي سختي ڪانه هوندي هئي. جنهن ڪري وڏا ڪامورا ۽ اثررسوخ وارا ماڻهو پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان هوائي اڏي جي عمارت اندر گهڙي اچي ملندا هئا. هوائي اڏي تي سفارشي ماڻهو به تمام گهڻا هوندا هئا، هڪ ٻه دفعا ايئرپورٽ تي بابا سائين به آيو هو، ته آئون کيس يونيفارم ۾ به سلوٽ ڪري، پيرن پئي پوءِ ملندو هوس. اتي حاضر سڀ ماڻهواهو منظر ڏسندا هئا پر ڪنهن به ڪليگ يا ڪاموري، منهنجي انهي نرالي نموني طور مائٽن سان ملڻ بابت ڪو سوال يا تبصرو ڪونه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن رات جو جيڪڏهن ايئر پورٽ تي هوائي جهازن جي لهڻ ۽ اڏامڻ ۾ ٻن ٽن ڪلاڪن جو وقفو به ٿيندو هو ته آئون، بشير ڀٽو (جيڪو پوءِ ايس پي ٿي رٽائرڊ ٿيو) ۽ ايئرپورٽ جو ڊاڪٽر پريتم گهڻو ڪري مينا چوڌريءَ جي ڪوٺي تي راڳ رنگ جون محفلون ٻڌڻ ويندا هئاسين جيڪي هاڻ وڏن وڏن بنگلن ۽ تمام پوش علائقن ۾ ٿين، جت اميرن جا ٻار پاڻ ۾ وڙهي ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي کي ماري به ڇڏيندا آهن. انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ جي فائيواسٽارس هوٽلن ۾ به ڊسڪو ڪلب هوندا هئا. پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فائيواسٽارس هوٽلن جو مالڪ، جيڪو پاڻ کي سنڌي ٿو سڏائي، يعني صدرالدين هاشواڻي، سندس آتم ڪٿا جي ڪتاب ”سچ ڪا سفر“ جي صفحي 127 تي لکي ٿو ته منهنجي ڪراچي واري هوٽل ميريئٽ ۾ آصف زرداري ۽ ڪنهن زهري بلوچ سردار جي پٽ ۾ رقص جي محفل دؤران جهيڙو ٿي پيو ۽ انهن هڪ ٻئي تي فائرنگ به ڪئي ته منهنجي هوٽل جي مينيجر پنهنجي اسٽاف جي مدد سان، انهن ٻنهي ڇوڪرن کي ڌڪي هوٽل مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن صبح جو آصف زرداري جي پيءُ حاڪم علي زرداري فون تي مونسان تلخيءَ سان ڳالهايو ته اسان ٻنهي جي فون تي سخت تلخ ڪلامي ٿي. اڳي وڏين هوٽلن، نائيٽ ڪلبن ۽ نيپيئر روڊ تي قائم ڪوٺن تي راڳ ۽ رقص جون محفلون ٿينديون هيون، جيڪي انهن مخصوص ماڳن تائين محدود هونديون، پر هاڻ راڳ ۽ رقص جو شوق، وڏي پيماني تي رهائشي علائقن ۾ ٿئي، جن ۾ ٿيندڙ جهيڙن جون خبرون، اخبارن ۾ به اينديون رهنديون آهن. اسين ڪلاڪ ڏيڍ راڳ جو لطف وٺي، واپس ڊيوٽي تي پهچي ويندا هئاسين. سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڇورو، منهن زورو، اهو زندگيءَ جو ”مومل نه ته سومل سهي“ وارو دؤر هو. تڏهن اسلام آباد ۽ لاهور شهرن کي ايتري اهميت ڪونه هئي، پر ڪراچي ۽ ان جي ايئرپورٽ جون رونقون ته سڄي پاڪستان لاءِ هڪ يادگار هونديون هليون. ڪراچي ايئرپورٽ تي وي آءِ پي ماڻهن ۽ پاڪستان جي فلمي اداڪارن کي ڏسڻ ته روز جو دستور هوندو هو. منهنجي نوڪري دوران پهرين ڀٽي جي حڪومت هئي ۽ پوءِ فوجي آمر ضيا جي مارشل لا حڪومت دوران فوج جو مڪمل ڪنٽرول هو. هر ڊيوٽي شفٽ ۾ ٻه فوجي هٿياربند ٿي بيٺا هوندا هئا. ته سڀني ڪامورن جو به ساھ مٺ ۾ هوندو هو. انهيءَ وقت ايئرپورٽ تي شايد اميگريشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ نوجوان ڀرتي ٿيل هو، تنهن جو نالو هو ”غضنفر علي ڀٽو“ ان پنهنجي نالي جو بيج ٺهرايو، جنهن تي G.A BHUTTO لکيل هو، ۽ اهو بيج حسبِ معمول، اهو نوجوان ڇاتي تي لڳائيندو هو. هڪ ڏينهن هوائي اڏي جي انچارج، ڪرنل، غضنفر علي ڀٽي جي ڇاتي تي لڳل اهو بيج ڏٺو، ته صفا آپي کان ٻاهر ٿي ويو ۽ غضنفر علي ڀٽي کي گلي کان جهلي مٿي ڪري، تمام سخت لهجي ۾ پڇيو ته تو هي بيج ڇو لڳايو آهي؟ ڀُٽي سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائي، پر ڪرنل کان ڪاوڙ نه لٿي ۽ غضنفر علي ڀٽي کي تنبيهه ڪيائين ته اهو بيج تنهنجي ڇاتيءَ تي ٻهير لڳل نه ڏسان. جنرل ضياء جي دؤر حڪومت ۾ پيپلزپارٽيءَ وارن تي ڪوڙا، ڦٽڪا، فائرنگ، سنڌ جي مختلف ڳوٺن تي هوائي جهازن مان بمباري ۽ فائرنگ ته ٿيندي رهندي هئي، مورو،ميهڙ ۽ دادو ان جا واضح ثبوت آهن. انقلابي شاعر اسماعيل اُداسي لکيو ته ”موري، ميهڙ، دادو ۾، ڍاٽيئڙا پُٽ ڍول ڪُٺا!.
    حقيقتاً جڏهن کان پيپلزپارٽي ٺهي آهي، تڏهن کان وٺي اها پارٽي فوج، قومپرستن ۽ مهاجرن کي ڪانه وڻي. جڏهن ته انهن ٽنهي ڌُرين جا هڪٻئي سان شديد اختلاف موجود آهن، پر پيپلزپارٽي دشمنيءَ ۾ سدائين گڏ آهن. اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي. جنرل ضيا جي دؤر حڪومت ۾ مذّهبي جنونين کي ڄاڻي واڻي هٿي ڏئي سندن جنون کي وڌايو ويو ۽ هاڻ ته اها جنونيت اُت وڃي پهتي آهي جو اسان وارو مولانا فضل الرحمان صاحب فرمائي ٿو ته ”آمريڪا جي هٿان جيڪڏهن ڪو ڪتو مري، ته اهو ڪتو به شهيد آهي“ (جيو نيوز ٽي وي 2013.11.8) اهو ئي آهي اسان جي مذهبي عالمن جو اسلام متعلق ادراڪ! پاڪستان جي ڪيترن ئي مسلم عالمن، مولانا فضل الرحمٰن جي ڪتي جي شهيد هئڻ واري بيان جي خلاف سخت مذمت ڪئي ۽ سني تحريڪ جي عالمن واري بورڊ مولانا فضل الرحمٰن کان ته توبه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪُتي کي شهيد چوڻ اسلام ۽ قرآني تعليمات جي سراسر توهين آهي! مولانا فضل الرحمٰن جي جڳهه تي ٻيو ڪو به عام ماڻهو مولانا فضل واري ڳالهه ڪري ها ته مٿس خبر ناهي ته ڪيتريون فتوائون جاري ٿي وڃن ها! ڇا هي مولانا! وري مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد! انهن جو فڪر ۽ لکڻيون پڙهيو ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. اهي ڇا ته اعليٰ پائي جا انسان هئا. مون مولانا ابو الڪلام آزاد جي ڪتابن جهڙا سٺا ڪتاب، ٻيو ڪنهن به ليکڪ ۽ ٻولي جا، زندگيءَ ۾ ڪونه پڙهيا آهن. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تمام مختصر آتم ڪهاڻي ۽ ٻيا تمام مختصر مضمون ۽ تقريرون پڙهيون آهن. اهڙيون پُر تاثير لکڻيون مون زندگيءَ ۾ ٻئي ڪنهن ليکڪ جون ڪونه پڙهيون آهن. مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جون تحريرون ڪونه پڙهيون اٿم، پر انهن بابت ٻين عالمن ۽ اديبن جا لکيل مضمون مطالع ڪيا آهن. علي برادران اعليٰ پائي جا مجاهد ۽ عظيم انسان هئا. سند قربانيون وساري نٿيون سگهجن. بابا سائين، ننڍپڻ ۾ مونکان پهريون دفعو پڇيو ته تنهنجي شادي فلاڻي ڇوڪريءَ سان ڪرايون ته توکي قبول آهي؟ وري ڏهن سالن کان پوءِ ٻي ڇوڪريءَ لاءِ پڇيو، ته مون تڏهن به کيس ”ها“ چيو، جيتوڻيڪ منهنجو پنهنجو ارادو منهنجي هڪڙي مائيٽياڻيءَ سان شادي ڪرڻ جو هو، آخر ٽيون دفعو بابا سائين مونکي نالو وٺي ٻڌايو ته وڏير محمد جي ڌي مومل سان تنهنجي شادي ڪرايون، اسان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پر تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مون سمجهيو ته اڳ وانگر هينئر به ائين ٿيندو ته اهو صرف هڪ سوال ئي هوندو، پر هينئر بابا سائين شايد سيريئس هو. سو ڪجهه مهينن ۾ منهنجي مڱڻي ٿي ۽ نيٺ منهنجي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌا. تاريخ ۾ لکيل آهي ته اڳوڻي زماني ۾ بادشاھ زادين کي ڏيج ۾ ملڪن جا وڏا شهر توڙي مُلڪ به ملندا هئا. جيئن ڪراچي ممبئي ۽ ديبل بندر وغيره. مڪلي نامه جي صفحي 15 تي لکيل آهي ته ”بهرام گور بن يزيد گرف بن شاد پور ثاني کي ديبل بندر ڏاج ۾ مليو.
    شادي زندگيءَ جو هڪ وڏو فيصلو آهي. پاڻ وٽ شادي معنيٰ جنم جنم جو ساٿ، پر يورپ ۾ ماڻهو گهڻا کونگهرا هڻن تي به هڪ ٻئي کان طلاق وٺي ڇڏيندا آهن. شاديءَ جي پهرين هڪ ٻن سالن دؤران زال ۽ مڙس هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ گذارين ٿا. جنهن دؤران ڪڏهن ڪا تلخي به پيدا ٿئي ٿي، پر هڪٻئي کي برداشت ڪرڻو پوندو. پوءِ آهستي آهستي نه ختم ٿيندڙ هي خوشي، هڪ وشال نينهن جي ناتي ۽ محبت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. جنهن کي وقت ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهي. خاص ڪري جڏهن ٻار پيدا ٿين ٿا، ته ماڻهو فاتح پيار ڪندڙ وانگر پاڻ کي محسوس ٿو ڪري ۽ پوءِ اهو به سوچي ٿو ته اسان ٻنهي کي گڏجي هن ٻار کي بُلندين تائين پهچائڻو آهي. اها به حقيقت آهي ته زندگي ته صرف زال ۽ مڙس کي هڪ ٻئي سان گڏ گهارڻي ۽ گذارڻي آهي. دنيا ۾ شاديءَ جي تاريخ ڪجهه هن ريت معلوم ٿي آهي، ته اها اڪثر ڪري ڪٽنب يا خاندان جي تاريخ تحت يا قانوني تاريخ تحت غور ۽ ويچار هيٺ آندي وڃي ٿي. دنيا جي ڪيترين ئي ثقافتن ۾ شاديءَ جي عمل بابت ڪيئي ڪهاڻيون بيان ٿيل آهن. وقت گذرڻ سان شاديءَ ڪرڻ جي ريتن رسمن ۽ قانونن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. قديم يهودي رواج موجب زال نهايت اعليٰ قسم جي ملڪيت دولت تصور ڪئي ويندي هئي، تنهن ڪري انهيءَ جي حفاظت ۽ سار سنڀال بيحد خبرداريءَ سان ڪئي ويندي هئي. وچ اوڀر وارن علائقن ۾ رهندڙ آڳاٽن خانه بدوش قبيلن ۾ شادي واري عمل کي ”بينا“ سڏيندا هئا، سندن رواج موجب ڪنوار/ زال کي هڪڙو تنبو/ خيمو ٺاهي ڏنو ويندو هو ۽ انهيءَ خيمي جي اها مالڪياڻي ٿي ويندي هئي ۽ انهيءِ خيمي ۾ سندس مڙس کان سواءِ، اڪيلي سر، نويڪلي ٿي ۽ مڪمل آزادي سان رهڻ لڳندي هئي. بائبل مقدس جي آڳاٽن فقرن ۾ آڳاٽي بني اسرائيل سماج ۾ مٿي ڄاڻايل شادي ءَ جي قسم جي نشاندهي ڪندي، ساران ۽ حضرت يعقوب عليه السلام جي زالن کي خيمن ۾ سندن مڙسن کان آزاد ۽ اڪيلي سر رهندي ڄاڻايو آهي. انهي زالن جي سار سنڀال لاءِ انهن زالن جي مڙسن تي زالن جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي ۽ مباشرت واري زميواري عائد ٿيل هئي، جيڪڏهن گهڻين زالن واري مڙس سندس سمورين زالن کي صحيح طرح نٿو سنڀالي ته زالن کي طلاق وٺڻ جو حق حاصل هوندو. يهودين جي فِقھه واري ڪتاب ۾ مٿي ڄاڻايل ذميواريون مڙسن تي فرض طور عائد ٿيل آهين. تنهن هوندي به مڙس گهڻين زالن رکڻ واري اسرائيلي سماج ۾، زالن سان بيواجبي ڪندڙ مڙس کي سزا ڏيڻ لاءِ وٽن ڪو مؤثر قانون مرتب ڪونه هو. سندن هڪڙي پيغمبر فرمايو ته ڪنهن به فرد کي سندن زالن سان بيواجبي ۽ بيوفائي هر گز نٿي جڳائي ۽ الله تعاليٰ طلاق واري عمل کان نفرت ڪري ٿو. پرڻيل توڙي منڱيل زاني عورتن ۽ ساڻن زنا ڪندڙ مردن کي پوئين دؤر ۾ مرتب ڪيل اسرائيلي صحيفن موجب زنا جي خلاف قانون موجب موت جي سزا ڏيڻ لڳا.
    صحيفئه اعداد موجب، جهن حامله عورت ۾ شڪ پوندو ته اها زاني عورت آهي، ته کيس ڪڙو پاڻي پيارڻ شروع ڪندا هئا، انهيءَ دؤر جا دانشور حضرات ڄاڻائين ٿا ته ڪيترن ئي احتجاجن ۽ مذڪوره سخت سزائن جي باوجود انهي دؤر ۾ زنا ڪاري عام هئي. قديم يونان ۾ شادي جي سلسلي۾ ڪنهن به مخصوص عمل جي ڪا گهرج ڪانه هئي، شادي ٿيڻ يا شادي ڪرڻ لاءِ فقط واسطيدار مرد ۽ عورت کي هڪٻئي کي زال ۽ مڙس ٿيڻ تي رضامندي گهربل هئي. يونان جا مرد عموماً سندن عمر جي ويهن واري ڏهاڪي دؤران ۽ عورتون اڪثر سندن سن بلوغ عمر دؤران شادي ڪنديون هيون. يوناني مرد عام طور تي عمر جي ويهن ڏهاڪي جي شروع ٿيڻ تي فوج ۾ ڀرتي ٿيندا هئا ۽ انهي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ نوڪري ڇڏي نوڪري مان ڪمايل رقم منجهان خانگي روزگار ڪرڻ لڳندا هئا ۽ ڪنهن سن بلوغ دوشيزه سان شادي به ڪندا هئا. ڇو ته انهيءَ ننڍي عمر ۾ عورتون ٻار صحتمند ۽ گهڻا ڄڻينديون هيو. يوناني مڙس اهڙِين زالن مان گهڻو خوش هوندا هئا. حقيقت ۾ يونان جي عورتن کي معاشري ۾ ڪي خاص حق حاصل ڪونه هئا. گهر جي سنڀال ۽ ٻارن کي پالڻ سندن مکيه فرض هئا. مناسب وقت شادي ڪرڻ اهميت جو حامل هو. مثلاً چنڊ جي چوڏهين رات واري شادي خوشقسمتي ليکبي هئي ۽ يونان جا ماڻهو، رابرٽ فليسليئر جي چوڻ موجب شادي سياري جي مند ۾ ڪندا هئا. قديم يونان جي سماج ۾ وارث طور نر اولاد جو هئڻ تمام ضروري هوندو هو. جنهن يوناني عورت جو پيءَ نريني اولاد ڄڻڻ کان سواءِ مري ويندو هو ته انهيءَ عورت کي سندس سڀ کان ويجهي عزيز مثلاََ سؤٽ/ ماسات سان شادي ڪرائي ويندي هئي. جيڪڏهن اها عورت اڳئي پرڻيل هوندي هئي ته ان کي پهرين مڙس کان طلاق ڏياري ويندي هئي. قديم روم جي سماج ۾ شاديءَ ڪرڻ جا ڪيترائي قسم ۽ طريقا مُروج هوندا هئا. عام رواجي شاديءَ کي ڪنوينشو ان مينم چوندا هئا. انهيءَ لاءِ شاهدن ۽ مقرر رسم ادا ئي جي روايت هئي. انهي جي طلاق لاءِ به شاهد گهربل هوندا هئا. ۽ مقرر رسم جي ادئگي به ٿيندي هئي. انهيءَ طريقي سان شادي ڪندڙ ڪنوار جي سندس مائٽن جي ملڪيت مان وارثي ختم ٿي ويندي هئي ۽ کيس ساهرن جي ملڪيت ۾ وارث بنايو ويندو هو. زال سندس مڙس جي ضابطي هيٺ هوندي هئي. رومي سماج ۾ شاديءَ جو هڪڙي قسم کي سائِين مينُو سڏيندا هئا. يعني آزاد شادي، انهيءَ شادي ٿيڻ کان پوءِ به ڪنوار مائيٽن ۾ ئي رهندي هئي ۽ مائٽن جي ملڪيت ۾ وارث هوندي هئي. سندس ساهرن ۾ کيس ڪوبه وراثت جو حق نه حاصل ڪونه هوندو هو. اهڙي شاديءَ لاءِ ڪنوار جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 12 سال گهربل هوندي هئي. قديم جرمن قبيلن ۾ گهوٽ، ڪنوار عام طور تي ساڳئي عمر جا پرڻبا هئا ۽ رومين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڏي عمر ۾ شادي ڪندا هئا. اهي نوجوان جوڙا شادي کان اڳ جنسي عمل کان دور هوندا هئا. تنهن ڪري اهي طبي طور صحتمند هوندا هئا. اهي شادي کان پوءِ خوشگوار زندگي گذاريندا هئا ۽ سندن اولاد به صحتمند ڄمندو ۽ خوش اسلوبيءَ سان پاليو ويندو هو. يوناني ڏاهي مرد جي ڦوھ جواني 37 سال ۽ عورت جي ڦوھ جواني جي عمر ويھه سال مقرر ڪئي. وِسِيگوٿِڪ ڪوڊ آف لا موجب ستين عيسوي صديءَ ۾ مرد توڙي عورت جي ڦوھ جواني جي عمر ويھه سال قرار ڏني وئي. دانشور، ٽيسيئس جو بيان آهي ته قديم جرمن قبيلن ۾ ڪنوار جي سراسري عمر ويھه سال ٿي وئي ۽ سندن مڙسن جي سراسري ساڳي عمر اختيار ڪئي وئي. انگلينڊ ۾ رهندڙ جرمن نسل جون عورتون، ٻين جرمن قبيلن جي عورتن وانگر ٻارهن سالن يا ڪجهه وڌيڪ عمر ۾ پرڻيل ڀائنجن ٿيون، ڇو ته قديم آثارن جي علم وارن کي معلوم ٿيو آهي ته ماضيءَ ۾ به مذڪوره جرمن قبيلن ۾ عورتن توڙي مردن کي سن بلوغ واري عمر دؤران پرڻايو ويندو هو. عيسوي مذهب جي اوائل کان وٺي، شادي ماڻهن جو ذاتي عمل تصور ڪندي ان بابت ڪنهن به مذهبي رسم يا قاعدي وغيره جي گهرج يا طريقه ڪار جو ڪوبه حوالو سامهون ڪونه آيو. البته 11ع ڌاري اينٽيئوڪ جي پادريءَ، اگنيٽِيئس، سِمرنا جي پادريءَ، بوليڪارپ لکي موڪليو ته هو ماڻهن کي هدايت ڪري ته اهي پادري کان تصديق ڪرائي پوءِ شادي ڪن ته سندن شاديءَ ۾ الله تعاليٰ جو راضپو ٿئي، رڳو سندن نفساني خواهش جو پورائو نه ٿئي، ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ يورپ ۾ عورتون سندن مڙسن واري ذات اختيار ڪرڻ لڳيون. سورهين عيسوي صدي جي پوئين اڌ ۾ يورپ جي ماڻهن کي شادي ڪرڻ لاءِ عيسائي مُلئين جي راضپي سان گڏ شادي ڪندڙ جوڙي جي مائٽن کان سواءِ سن 1545 عيسوي تائين يورپ ۾ عيسائي مذهب وارن ماڻهن ۾ شادي واسطيدار ٻنهي ڌرين جي راضپي ۽ باقاعدي اعلان ڪرڻ کانپوءِ ٿيندي هئي، شادي ڪندڙ زال ۽ مڙس هڪٻئي سان زباني طور عهد ڪندا هئا ته پاڻ شادي ڪريون ٿا. تنهن کان پوءِ ڪنهن شاهد ۽ ملئين جي حاضري ۽ شاهدي ۽ راضپي جي ضرورت نه رهي. گهوٽ ۽ ڪنوار هڪٻئي کي وچن ڏيندا هئا، تنهن کي verbum وربم چئبو هو. جيڪڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار هڪٻئي کي جيڪو وچن ڏيندا هئا، انهي جملي ۾ جيڪڏهن زمان حال ڄاڻايو ويندو هو، مثلاً آئون توسان شادي ڪريان ٿو/ ٿي، ته انهيءَ جوڙي جي شادي تسليم ٿيندي هئي، پر جيڪڏهن سندن وَچن واري جملي ۾ زمان مستقبل ڄاڻايل هوندو، ته انهيءَ عمل کي شادي نه پر مڱڻو قرار ڏنو ويندو هو. سن 1552ع ۾ انهيءَ وقت مروج اصول موجب، رُوفيا شهر ۾ هڪ شخص، نالي ڊيگو ۽ عورت نالي ميري ميگوئل جي وچ ۾ شادي ٿي، پر مرد شاديءَ جي مذمت ڪئي، چي شادي ڪنوار سان مباشرت کان پوءِ جائز ٿيندي، انهيءَ شخص جي شڪايت تي قائم ٿيل ٽربيونل مرد جي دعويٰ رد ڪندي شاديءَ کي جائز قرار ڏنو، پر مڙس وري وڃي زار گوزا واري ٽرائبيونل ۾ دعويٰ داخل ڪئي، تنهن شادي کي رد ڪري ڇڏيو. نواري جي چارٽر موجب شاديءَ ۾ ملئين ۽ شاهدن جي ضرورت ڪانه هئي ۽ هڪٻئي کان طلاق وٺڻ ۽ شاديءَ وارو ٻنڌڻ ٽوڙڻ لاءِ به ڪنهن شاهد ۽ ملئين جي ضرورت ڪانه هئي. جن ماڻهن سندن اڳوڻي زالن جي ساڻن گڏ رهندي ٻي يا ٽي وڌيڪ شادي ڪئي هئي انهن کي عيسائي مُلن گهڻو ڇينڀيو ٿي. سن 1563ع ۾ ٽرينٽ واري ڪائونسل جي ڇويهين اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صحيح شادي لاءِ ضروري آهي ته انهي جو اهتمام هڪ ملئين طرفان، ٻن شاهدن جي روبرو ٿئي. يورپ ۾ تاريخ جي وچئين دور ۾ عيسائي مذهبي ادارن جو هڪڙو ڪم شادين جو رڪارڊ ٺاهڻ هوندو هو، درحقيقت سندن اهو ڪم قانوني طور لازمي يا ضروري ڪونه هو. شادي ۽ ذاتي حيثيت وارن معاملن ۾ سرڪار جي ڪابه مداخلت، ڪانه هوندي هئي، انهن معاملن بابت فرياد ۽ فيصلا مذهبي عدالتن جي حوالي هوندا هئا. وچئين دؤر ۾ اميرن ۽ نوابن جي وچ ۾ ٿيل معاهدن کي برقرار رکڻ واسطي منجهن ٻارن جي پيدائش جي وقت ئي سندن اولاد جي شادين جو اهتمام ڪرڻ جو رواج هو. مذهبي ادارن اهڙين شادي جي مخالفت ڪئي ۽ انهن شادين کي رد ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سبب بيان ڪيا. يورپ ۾ رومي شهنشايت واري دور ۾ عيسائي مذهب جي پکڙجڻ سان گڏ شاديءَ لاءِ پسند جو شريڪ حيات چونڊڻ واري عمل ۾ پڻ اضافو ٿيو. وچئين تاريخي دؤر دوران اولهه يورپ ۾ عورتن جي پرهيز گاري جي اعليٰ پيماني ۽ وڏي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي رواج، پدري حڪومت واري سرشتي کي ڪمزور بنايو. مثلاً وچئين دؤر ۾ انگلينڊ ۾ شادي ڪرڻ واري عمر مقرر ڪرڻ جو دارومدار ملڪ جي معاشي حالتن تي مبني هو. اتي شادي جي عام عمر، ويهن واري ڏهاڪي جي شروعات هئي ۽سن بلوغت ۾ شادي ڪرڻ جو رواج انگلينڊ ۾ وچئين دور ۾ ڪونه هوندو هو. ڪلاسيڪي سيلتڪ ۽ جرمن ثقافتن، يهودي ۽ رومي پدري بالادستيءَ واري اثر کي متوازن بنائڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن ڪري اوڀر يورپ ۾ سن بلوغت شرط شادي ڪرڻ جو رواج پيو ۽ پدري بالادستيءَ واري سلاوڪ رواج سماج جي سڀني سطحن تي عورت جي حيثيت کي گهٽائي ڇڏيو. سن 1500ع کان 1800ع تائين، اتر اولھه يورپ جي تقريباً مڙني قومن ۽ قبيلن ۾ شادي ڪرڻ جي سراسري عمر پنجويهن سالن جي آس پاس هئي. مذهبي اداري هدايت جاري ڪئي ته گهوٽ ۽ ڪنوار کي مائٽن جي مرضيءَ کان سواءِ شادي ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 سال عمر درڪار آهي. انهيءَ دؤر ۾ ڪنوارين جي عمومي عمر ويهن واري ڏهاڪي جي شروعات واري هوندي هئي ۽ گهوٽ عموماً ڪنوارين کان ٻه ٽي سال وڏا هوندا هئا. ٿورڙي تعداد ۾ عورتون ٽيهن چاليهن سالن جي عمر ۾ شادي ڪنديون هيون معاشي حالتون، سڌرڻ سان شادين جو تعداد به وڌڻ لڳندو هو ۽ ننڍي عمر ۾ به شادي ڪرڻ کان ڪونه مڙندا هئا پر اقتصادي حالتون خراب هئڻ سبب شادين ڪرڻ جو تعداد گهٽجي ويندو هو. درحقيقت يورپ جي تاريخ واري وچئين دؤر ۾ ۽ ان کان پوءِ به شادي لاءِ ڪابه فرضي طور مقرر عمر رواج ۾ ڪانه هئي ۽ سڄي يورپ ۾ ٻاراڻي عمر ۾ به وقفي وقفي سان شاديون ٿينديون رهيون. مثال طور سن 1552ع ۾ ٽن سالن جي جان سمرفورڊ ۽ ٻن سالن جي ٻارڙي جيني سمرفورڊ بريريٽو جي شادي ٿي. سن 1900ع جي شروعات ۾ ميگٽس هوشفيلڊ اٽڪل 50 ملڪن ۾ سروي ڪري معلوم ڪيو ته انهن ملڪن ۾ شادي جي سراسري عمر 12 کان 16 سال هئي جڏهن ته ويٽيڪن سٽي ۾ شادي ڪرڻ جي سراسري عمر ٻارهن سال هئي. عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ يعني مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف احتجاج ڪندڙ فرقي جي پيشوا مارٽن لُٿر جي خيال ۾ شادي انسان جو دينوي عمل آهي.
    سترهين عيسوي صدي دؤران يورپ جي ڪيترن ئي پروٽيسٽنٽ فرقي وارن ملڪن جي شادي واري عمل ۾ مداخلت هئي. انگليڪن چرچ تحت انگلينڊ ۾ مرضي واري شادي ۽ جوڙي جي مباشرت کي جائز قرار ڏنو ويو. پوءِ 1553ع ۾ لارڊ هارڊوِ وارو ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، تنهن موجب شاديءَ لاءِ هڪ مذهبي رسم جي ادائگي مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهدن جي موجودگي به هجي، انهيءَ کان ٻه صديون کن اڳ 1563ع ۾ ڪائونسل آف ٽرينٽ فتويٰ صادر ڪئي ته رومن ڪيٿولڪ فرقي وارن ماڻهن جي شادي کي جائز تڏهن قرار ڏنو ويندو، جنهن شاديءَ جي رسم مذهبي پروهت يعني ملئين طرفان ادا ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ رسم ۾ شاهد به موجود هجن. ڪائونسل آف ٽرينٽ ديني مسئلن ۾ عملن جي سکيا لاءِ 1566ع ۾ هڪڙو ڪتابچو تيار ڪري پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ شاديءَ بابت ڄاڻايل آهي، ته اهو ٻن لائق شخصن مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ شريڪ حيات ٿي گڏ گذارڻ وارو عمل آهي. جديد دؤر جي شروعات ۾، جان ڪالوِن ۽ سندس ساٿين شاديءَ بابت نئين سر قاعدا ۽ قانون ”ميريج آرڊيننس آف جنيوا“ جي صورت ۾ جوڙي پڌرا ڪيا. تنهن آرڊيننس موجب شادي ڪرڻ لاِءِ ديني اداري يعني چرچ کان راضپو حاصل ڪرڻ واجب ڄاڻايو ويو ۽ سرڪاري اداري ۾ انهيءَ شادي ٿيڻ وارو اندراج به ضروري ڄاڻايو ويو. انگلينڊ ۽ ويلس ۾ لارڊ هارڊ وِڪ واري ميريج ايڪٽ 1753ع کي لاڳو ڪيو ويو. تنهن ايڪٽ لڪ چوري ٿيندڙ شادين کي ناجائز قرار ڏنو. 1690ع کان سن 1753ع جي وچ ۾ ڳُجهه ڳوهه ۾ فقط هڪ هنڌ يعني فليٽ قيد خاني ۾ ٿيندڙ اهڙِين ناجائز شادين جو تعداد به ٽي لک کن هيو. لارڊ وڪ واري 1753ع ۾ تشڪيل ڏنل شادي واري ايڪٽ شادي جي رسم اينگليڪن چرچ ۾ انهي اينگليڪن ملئين هٿان ادا ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو ۽ شادي جا ٻه شاهد به اتي ضرور وٺي وڃڻ جي تلقين ڪئي وئي. تنهن کان سواءِ سرڪاري کاتي ۾ شادي جو اندراج به واجب قرار ڏنو ويو. هي شادي وارو قانون يهودين ۽ ٻين غير مذهب ماڻهن سان لاڳو ڪونه هو. انگلينڊ ۽ ويلس وارن سن 1836ع ۾ هڪ نئون ميريج ايڪٽ 1836ع جوڙي نافذ ڪيو. تنهن کان پوءِ چرچ ۾ شادي جي رسم ادا ڪرڻ کان انگلينڊ ۽ ويلس وارا ڇُٽي پيا. جرمني ۾ چرچ يعني مذهبي اداري کان ٻاهر ٿيندڙ شادين کي سن 1875ع ۾ جائز قرار ڏنو ويو. هم عصر عام انگريزي قانون مطابق شادي هڪ عورت ۽ هڪ مرد جو پاڻ ۾ شريڪ حيات بنجڻ لاءِ گڏيل راضپو آهي. جنهن تحت اهي تاحيات زال ۽ مڙس ٿي رهندا. سن 1300ع ۾ هتي مرد جي شادي لاءِ سراسري عمر 25 سال کان 44 سال ۽ عورت جي شادي لاءِ سراسري عمر 22 کان 39 سال هئي، چين جي ماڻهن جي شادي متعلق هڪ ديومالائي ڪهاڻي مشهور آهي ته، تنهن موجب هڪ شخص، نِيووا ۽ پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کان پوءِ شادي جي هڪ موزون رسم يا طريقئه ڪار مرتب ڪيو. قديم چيني سماج ۾ ساڳئي ذات/قبيلي جا افراد شعوري توڙي لاشعوري طور شادي کان سواءِ به پاڻ ۾ مباشرت جا هيراڪ هئا. انهي قسم جي مباشرت کي گهٽائڻ لاءِ شادي جي خواهش ڪندڙ مرد ۽ عورت کي سندن مائٽن کي آگاهه ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو.
    پنهنجي ناناڻي نِک ۾ مرد / عورت طرفان ڪيل مباشرت کي زنا يا ڏوھ قرار ڪونه ڏبو هو. چيني ماڻهو سندن ٻين قبيلن ۽ ذاتين مان به پرڻبا هئا. وقت گذرڻ سان گذران خاطر اهي لڏ پلاڻ ڪرڻ لڳا ڇڙها ماڻهو سندن خاندان ۾ ئي شمار ٿيندا هئا. جڏهن ڪو جوڙو يعني زال ۽ مڙس فوت ٿيندو هو ته زال توڙي مڙس جي جنازي کي سندس اباڻي مقام ۾ جدا جدا دفن ڪبو هو. ناناڻي نک ۾ شادي ٿيڻ سان، گهوٽ ساهرن ۾ گهر ناٺي ٿي رهندو هو. سن 1950ع ۾ مرتب ڪيل، شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪرڻ کان پوءِ، شادي جون تياريون شروع ٿي وينديون آهن. اڳ ۾ شادي اڄ واري شادي وانگر ڪانه هوندي هئي. اڄ شادي جو هر ڪم فون تي ٿئي، ڇنون، ماني، ڪارڊ، ڪپڙا، سون مين ۽ دعوتون به هاڻ ميسيج ۽ فون تي ملن. اڳي ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي ميندي، هر ڪو مائيٽ علحده ڪندو هو، جنهن ۾ به ننڍي شادي جيترا مهمان اچي ويندا هئا. وري ان ۾ به ڳائڻ ۽ گهور وغيره، سڀ تقريبون/رسمون/ باقاعدگيءَ سان منعقد ٿينديون هيون. وناه/ونواھ جي تقريب ڪنواريتا منعقد ڪندا هئا. اهي پنهنجي حيثيت مطابق ڪا به گهٽتائي ڪانه ڪندا هئا. وناھ جي پنجين يا ستين ڏينهن، شام جو شادي جي مکيه رسم شروع ٿي، ٻي ڏينهن جي شام تي وڃي ختم ٿيندي هئي. جنهن ۾ رات جي ماني، صبح جو ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني کارائبي هئي. کاڌي پيتي جو سلسلو تيستائين جاري رهندو هو، جيستائين ڪنوار جي ماءُ، پي، ڀينر ۽ ڀائر اکين مان نير وهائي، پنهنجي نياڻيءَ کي دلي دعا ڏئي رخصت ڪندا. شاديءَ جي مکيه رسم گهوٽيتا ڪندا هئا، انهن جي چهرن تي خوشي جا تاثرات نمايان ڏسڻ ۾ ايندا هئا.منهنجي شادي 27 فيبروري سن 1977ع ۾ ٿي، شادي کان اڳ، مون، منهنجي ڪنوار ڏٺي به ڪانه هئي. پر جڏهن ڏٺيئم، ته سچ پچ ته مونکي منهنجي تصور ۾، جيڪا منهنجي ڪنوار لاءِ شڪل هئي بلڪل اها ئي ان جي تشبيھه هئي! مون کي خبر ڪانهي، ته هر گهوٽ، ڪنوار لاءِ ائين سوچيندو آهي، يا اها تصوير ۽ تصور صرف منهنجي سوچ ۾ هو. شادي کان ترت پوءِ، آءٌ ٻارن کي ڪراچي وٺي ويس ۽ اهي تيستائين مون سان گڏ هئا، جيستائين آئون ڪراچي ۾ نوڪري ڪندو هوس. اتي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گهرواريءَ کي ايئرپورٽ، ته ڪڏهن وري بحري بندر تي وٺي ويندو هوس. هوائي ۽ بحري جهازن ۾ کيس چاڙهي اندر سڄا جهازگهمائي ڏيکاريندو هوس. سامونڊي جهاز اندر، سامونڊي جهاز واري اصل مُلڪ جي روايتي ماني به کائيندا هئاسين. ان وقت ڪراچي شهر جي آدمشماري ارڙهن لک هئي، اڄ ڪراچي جي آدمشماري 2 ڪروڙ آهي. جت سڄي دنيا جا ماڻهو ڪراچي ۽ پاڪستان جا سياحتي علائقا گهمڻ ايندا هئا. انهيءَ ڪراچي ۾ بارس/مئخانا، ڊسڪو ڪلبس، نائيٽ ڪلبس ۽ هندستاني ثقافت تي مشتمل ڪوٺا، ڪراچي ۾ راتيون جاڳندڙن جي زندگي کي رنگين بنائي ڇڏيندا هئا. آءٌ اڳ ۾ ئي ڄاڻائي آيو آهيان ته نوڪريءَ ۾ اچڻ ڪري، مونکي پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سندن روين مان سبق سکيم ته پنجابيءَ، پنجابيءَ کي، مهاجر، مهاجر کي ۽ پٺاڻ پٺاڻ کي، تمام گهڻي سپورٽ ٿي ڪئي، پر سنڌيءَ سنڌيءَ کي ڪابه سپورٽ ڪانه ٿي ڪئي. اهو سلسلو اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي، پٺاڻ، پنجابيءَ کي، مهاجر، مهاجر ڪاموري جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪامورو، صفا هيڻو، بيوس ۽ وائڙو، پنهنجن کي هيسڻ ۽ ڪڍرائڻ وارو، ڌاريئن کان ڊڄڻ ۽ لهرائڻ وارو!


    3

    مون اڳ به ذڪر ڪيو آهي ته منهنجو والد صاحب، منهنجي نوڪريءَ دوران رحلت ڪري ويو. تنهن کان پوءِ تقريباً هڪ مهينو نوڪري ڪري، نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، ڳوٺ ٻني پهچي ويس. سن 1958ع ۾ آئون حيدرآباد پڙهڻ ويس، تڏهن کان وٺي تقريباً اوڻيھه سال، ڳوٺ ٻني منهنجو اچڻ ۽ وڃڻ تمام گهٽ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون عيد تي به ڳوٺ ڪونه ايندو هوس. زمين، زمينداري ۽ فصلن جي آباديءَ جي باري ۾ مون کي تمام گهٽ ڄاڻ هئي. ڳوٺ جي به پنهنجي پاڙي، ڪلاس ڀائي ڇوڪرن ۽ استادن کان سواءِ، ٻين ماڻهن سان، يا اسان جي تر جي ماڻهن سان واقفيت تمام گهٽ هوندي هئي، جيتوڻيڪ مائيٽن جي ڪري مونکي سڀ ماڻهو سڃاڻندا هئا، پر آئون کين ڪونه سڃاڻيندو هوس.
    نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ، ڳوٺ ۾ رهندي، سڀ کان پهرين پنهنجي زمين کي جديد طريقي سان سڌاري سٺن فصلن لاءِ، صحيح ۽ فائديمند پوکن جي طريقن مطابق زمين آباد ڪرڻ تي گهربل ڌيان ڏنو ۽ زمينداري وڌائڻ جي به ڪوشش ڪيم، تنهن کان سواءِ پنهنجي اولاد جي تعليم تي ڌيان ڏنو. نياڻين کي سينٽ ميريز اسڪول حيدرآباد ۾ ۽ پٽن کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ڪرايم، تنهن سان گڏ ٻاهريان ملڪ گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃڻ لڳس ۽ پهريون ڀيرو ولائت سن 1981ع ۾ گهمڻ ويس. پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.
    منهنجي زندگيءَ جو روز مره وارو دستور، ننڊ مان اٿي پهرين واڪ ڪري، تيار ٿي، نيرن ڪري، ٻنين تي ويندو هوس ۽ تقريباً هڪ وڳي ٻنين تان واپس اچي ٻنپهرن جي ماني کائي، سمهي پوندو هوس. چئين وڳي ننڊ مان جاڳي ڪجهه لکندو پڙهندو هوس ۽ شام جو اوطاق تي چوياري لڳندي هئي، جنهن ۾ گهڻو ڪري وسڪيءَ وارا يار هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر جا يار به ايندا هئا ۽ قسمت سانگي ڪڏهن آئون به انهن وٽ ويندو هوس. جڏهن پيئڻ وارو سلسلو سن ٻه هزار عيسوي ۾ ختم ڪري ڇڏيو، ته شام جو اوطاق تي اچڻ وارن دوستن اچڻ گهٽ ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ اچڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو! مولانا رومي لکي ٿو ته توهان جا شرابي دوست توهان جا نه پر شراب جا دوست آهن. جڏهن توهان شراب ڇڏيندا تڏهن هو توهان کي ڇڏي، وري ڪنهن ٻي شرابي کي وڃي ڳولي لهندا.
    اهي شام واريون محفلون ختم ٿيندي، منهنجي لکڻ پڙهڻ جي رفتار به تيز ٿي وئي ۽ منهنجا ڪتاب به تيزيءَ سان شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳا، ته دوستن جو ڪعبو ئي ڦِري شرابي يارن جي جڳهين تي ٿي ويو، انهن جي جاءِ تي اديبن، شاعرن ۽ محققن جو تعداد اچڻ ۽ وڌڻ لڳو ۽ انهيءَ انٽيلڪيچوئل سرڪل ۾ واڌ ٿيڻ لڳي.
    زرعي آبادي ۾، مون پهرين ڪمند ۽ ڀاڄين جي پوکن جي سڌاري تي گهڻو زور ڏنو، پر مسلسل چار پنج سال ڀاڄين ۾ ڪا خاص ڪمائي نه ٿي. پوءِ صرف ڪمند ۽ سارين جي پوک تي ڌيان ڏنم، جيڪو اڄ به جاري آهي. سارين جي آباديءَ ۾ وڌيڪ نواڻ پيدا ڪرڻ، سڌارا آڻڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ فلپائن ۽ ٿائلينڊ وڃي، اُت ڪجهه سيمينارن ۾ شريڪ ٿيس. منيلا ۾ قائم، چانورن تي تحقيق ڪندڙ، عالمي اداري، انٽرنيشل رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ، مخفف ”اري“ گهمڻ ويس. اتي تحقيق جي بنياد تي چانورن جي مختلف ڪامياب جنسن جو مشاهدو ڪيم، جن ۾ هڪ اهڙي جنس به هئي جيڪا سڄو سال پوکجي، يعني سال ۾ ٽي ڀيرا پوکي وڃي ٿي. آئون انهي عجيب جنس کان ڏاڍو متاثر ٿيس. پاڪستان ۾ وري مڪائي سڄو سال ٿيندي آهي. مائريڪل نالي چانورن جي انهي نرالي جنس جي پوک پوري پاڪستان ۾ مونکي نظر نه آئي، نه ڪي ان جو ٻج! پاڻ وٽ پاڪستان ۾ زراعت تي تحقيق بلڪل گهٽ ٿئي، نه ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ چانور، انب، کنڊ، ڪپھه، گل ۽ ٻيو ميوو تمام سٺو ۽ معياري آهي. پر سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ زراعت جو سڌرڻ ۽ وڌڻ ممڪن ڪونهي. پاڪستان دنيا جي ٻه سئو ملڪن ۾ ڪڻڪ ڪمند سارين ۽ ڦٽين ۽ چوٿين، پنجين يا ڇهين نمبر تي آهي ۽ اهي زرعي جنسون پاڪستان پرڏيھه ۾ به وڪڻي ٿو. پاڪستان ۾ جيڪڏهن زراعت ۾ گهربل جديد تحقيقات ٿيندڙ هجي ها ته ملڪ الله ڄاڻي ته ڪيتري ترقيءَ جو حامل هجي ها.
    پاڪستان جي زراعت ۽ پرڏيھه ۾ ڪمائيندڙ پاڪستانين جو پاڪستان موڪليل پيسو، پاڪستان کي ڪِرڻ/ ڏيوالي کان بچايو بيٺا آهن. جڏهن ته پاڪستان تي قرض جون قسطون ۽ دفاعي بجيٽ جو گهڻو بوجهه آهي. پاڪستان جا ماڻهو، جيڪي ڪيتري ئي وقت کان، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن ۽ هر وقت پنهنجي محنت ڪري، تمام خوش آهن. اُهي اتي رهندا به شان شوڪت سان آهن، پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ هندستاني، پوري پرڏيھه ۾ تمام وڏا ڪنجوس ٿي رهندا آهن ۽ رڳو ميڙ ميڙان ۾ لڳا پيا هوندا آهن.
    ٿائيلينڊ ۾ به ڪمند ۽ سارين جا ڏاڍا سٺا فصل ٿين ۽ اُت کنڊ جا ننڍا ڪارخانا به جام آهن. ٿائيلينڊ ۾ زرعي تحقيقاتي ادارا به جام آهن. هي تمام غريب ملڪ هو، پر جڏهن کان آمريڪا ويٽنام جي جنگ ۾ ٽپي آيو، تڏهن کان آمريڪي فوجين لاءِ موڪلون ملهائڻ ۽ تفريح واسطي آمريڪا جي امداد سان ٿائلينڊ ۾ وڏي پيماني تي وڏيون وڏيون فائيو اسٽارس هوٽلون، نائيٽ ڪلب، مساج هائوس ۽ چڪلا قائم ڪيا ويا ته آمريڪي فوجين کانسواءِ آمريڪا ۽ دنيا جي مڙني ملڪن جي سيلانين ۽ سياحن، لکن جي تعداد ۾ ٿائلينڊ جي سامونڊي ڪنارن ۽ پهاڙي وادين ۾ اڏيل سير، تفريح ۽ عياشيءَ جي اڏن تي اٿلي پيا، جنهن سبب ملڪ تمام گهڻي معاشي ترقي ڪئي ۽ اهو دنيا ۾ سير ۽ تفريح جو سستو ۽ سٺو ملڪ ٿي پيو. گذريل سال ٿائلينڊ ۾ سڄي دنيا ۾ ٻي نمبر تي گهڻي ۾ گهڻا سياح گهمڻ آيا هئا. حد وڃي اُتي پهتي ته هن ملڪ جي جنسيات ڏانهن مائل نوخيز ۽ سن بالغ ڇوڪرن جنس تبديل ڪرائي ڇوڪرين جي حقيقي جنس طور ملڪ جي مڙني عياشيءَ جي اڏن تي پنهنجا جوهر ڏيکاريا. اقوام متحده انهيءَ وقت هڪ رپورٽ جاري ڪئي ته ٿائلينڊ ۾ ويهن سالن کان به ننڍي عمر واريون، ٽيھَه لک ڇوڪريون هت بُرائيءَ جي ڌنڌي ۾ مُلَوث آهن، تنهن مان هُنن خوب ڪمايو آهي. ڏسندي ڏسندي مُلڪ تي اڻسڌي طرح فوج جو ڪنٽرول ٿي ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. پر مزي جي ڳالهه، ته جت سڄو آمريڪا کنڊ، آفريڪا ۽ آسٽريليا جا سڄا کنڊ ۽ ڪجهه ملڪن، کان سواءِ تقريباً ايشيا جي وڏي علائقي ۽ ايراضيءَ تي يورپي قومون قابض ٿي چڪيون هيون، پر ٿائيلينڊ سامراجي تسلط کان آزاد ملڪ ٿي رهيو. تڏهن ئي ملڪ جي عوام پنهنجي وطن ٿائيلنڊ يعني ”آزاد ماڻهن جو ٿائلينڊ“ نالو ڏنو آهي. انهيءَ زماني ۾ سامراجي ملڪن، تقريباً دنيا جي ٻين سمورن ملڪن کي غلام بنائي رکيو. تنهن دؤران قابض سامراجي ملڪن ڪيترن ئي ڪمزرو ملڪن کي به پنهنجو غلام بنايو، نه فقط ايترو، پر سامراجي ملڪن، غلام بنايل قومن جي صحتمند مردن ۽ عورتن کي ذاتي طور غلام بنائيندي، کين دنيا ۾ وڪڻي ڇڏيو. تنهن دؤران انگريز مها سامراج، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ تي قبضو ۽ تسلط قائم ڪري، اتي جي غريب عوام کي ڪيئن يرغمال بنائي وڪرو ڪيو ۽ ذليل ڪيو. تنهن بابت دنيا جو عوام اڻ ڄاڻ آهي، پر حقيقتاً سڄي سترهين عيسوي صدي دؤران آفريڪي غلامن جي مجموعي تعداد کان به وڌيڪ تعداد ۾ آئرلينڊ جي سفيد چمڙيءَ وارن غلامن کي انگريزن وڪيو هو. تنهن دؤران انهن غلامن جي ڪل تعداد جي 37 سيڪڙو کان پنجاھ سيڪڙو موت جو شڪار به ٿيو. آفريڪا جي شيدي غلامن وانگر، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي سفيد چمڙيءَ وارن غلامن کي، سڀ کان پهرين، ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ موجود، بارباڊوز ٻيٽن تي قابض انگريز ۽ ٻين شاهوڪار زميندارن جي ڪمند جي فارمن ۾مزوري ڪرڻ لاءِ يرغمال ڪري، بحري جهازن ۾ چاڙهي اتي پهچايو. غلام بنائي وڪرو ڪيل انهن آئرلينڊ جي مظلوم ماڻهن مان ڪوبه فرد، واپس پنهنجي وطن موٽي ڪونه سگهيو، جيڪو ساڻن ٿيل ظلم ۽ ستم بابت حقيقت بيان ڪري، بس! اهي ويچارا وڃائجي ويل غلام هئا، جن کي تعصب تي مبني روايتي تاريخن به وساري ڇڏيو! آمريڪي بيٺڪن ۾ سڀني کان پهرين وِڪِيل غلام، هڪ سئو سفيد چمڙيءَ وارا وڏا ٻار هئا، جيڪي آئرلينڊ جا هئا. انهن کي سن 1619ع ۾ عيسائي مذهب جي اهم ڏهاڙي ”ايسٽر“ دؤران، آفريڪا جي شيدي غلامن جي پهرين کيپ کان به چار مهينا اڳ يورپ جي آمريڪي بيٺڪن ۾ پهچايو ويو هو. وقت جي روايتي تاريخن، انهن بيوس غلامن کي، غلام نه پر تجارتي معاهدي تحت ڪم ڪندڙ زرعي مزدور ڄاڻايو. حقيقت ۾ مٿي ڄاڻايل معاهدن تحت، ماڻهن کان زمين آباد ڪرائڻ، هڪڙو سفيد ڪوڙ ۽ نهايت مڪروه دوکو هو. سامراجين تشريح ڪئي ته جنهن شخص کي خريد ڪري ۽ وڪرو ڪري سگهجي، کيس زنجيرن ۾ جڪڙي، ذليل ۽ خوار ڪري سگهجي ۽ انهيءَ کان سندس مرضيءَ جي خلاف هر غلط ۽ برو ڪم به وٺي سگهجي، تنهن فرد کي ئي غلام سڏجي ٿو.
    اهڙا سمورا جائز ۽ ناجائز ڪم، سموريون عقوبتون ۽ ظلم، آئرلينڊ جي غلام بنائيل بيوس ماڻهن سان پڻ روا رکيا ويا هئا. پر انگريز مڪار سامراجي، دنيا جي عوام کي دوکو ڏيندي، انهن اٻوجهه ۽ بيوس آئيرس غلامن کي غلام تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. تنهن ڪري سامراجي خواهش موجب انهن بيوس غلامن بابت تاريخ ۾ ذڪر ڪرڻ تي به بندش لڳائي وئي. جبري پورهئي جو نام نهاد مُدو پورو ٿيڻ کان اڳي ئي، ڪيترائي سفيد چمڙيءَ وارا غلام بيمارين ۽ لاچارين وگهي موت جو شڪار ٿي ويا. در حقيقت ڪيئي هزارن بلڪ لکن جي تعداد ۾ قيدين، فقيرن، رول ٻارن، نه وڻندڙ غريب انگريزن، اسڪاٽن ۽ آئرلينڊ جي غريب عوام جي صحتمند مردن، عورتن ۽ وڏن ٻارن کي غلامن جي واپاري غورابن ۾ چاڙهي سندن مرضي جي سراسر خلاف، آمريڪا پهچايو ويو. زوريءَ يرغمال بنائي وڪرو ڪيل انهن بيوس مسڪين ماڻهن واضح اڪثريت آئرلينڊ جي عوام جي هئي. اتي جي قانون ۾ ڪُتي يا ڪنهن ٻئي جهنگلي جانور کي مارڻ جيتري گناھ کان، ماڻهن کي مارڻ جو گناھ وڌيڪ ڪونه هو. سندس هم نسل ۽ سفيد رنگ وارا هئڻ جي باجود يورپي سامراج واري شاهوڪار طبقي آئرلينڊ جي غريب عوام سان ظلم ۽ ستم وارو مڪروه وهنوار روا رکيو.
    سن 1676ع ۾ انگريز سامراج جي بيٺڪ، ورجينيا ۾ مٿن ٿيندڙ ظلم جي خلاف غلامن، جيمس ٽائون شهر کي باه لڳائي، ساڙي رک ڪري ڇڏيو. انهي دؤران ڪيترائي غلام مارجي به ويا. تڏهن غلامن جي مالڪ زميندارن کي خوف ٿي پيو ته هاڻي غلامن طرفان وري به بغاوت ٿي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري سامراجين، سفيد چمڙيءَ وارن غلامن ۽ ڪاريءَ چمڙيءَ وارن غلامن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪري، کين پاڻ ۾ ويڙهائي، سندن ٻڌي ۽ طاقت کي ختم ڪري، انهن غلامن تي ساڳيو ظلم ۽ بربريت برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ ظالم منصوبي تحت گورن غلامن کي ڪارن غلامن کان بهتر نسل ڄاڻائيندي، ڪارن غلامن کي سفيد غلامن جي نظر ۾ گهٽ ۽ خراب نسل ڪري پيش ڪيو. سفيد غلامن کي ڪجهه حقن جو آسرو ڏئي، بتال ڪيو ويو. گورن ۽ ڪارن غلامن کي لباس به جدا جدا ٺاهي پهرايا ويا. گورن غلامن کي هاڻي ڪارن غلامن کان جدا ڪري، الڳ رهائش ڏني وئي. اهڙي طرح ڪارن ۽ گورن غلامن کي هڪٻئي جي خلاف ڀڙڪائي، منجهن دشمني پيدا ڪري، مٿن بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي جبر ۽ تشدد روا رکيو آيا. عدالت جي اجازت کان سواءِ گورن غلامن تان، مالڪ زميندارن هٿان ڪوڙن سان مار ڏيڻ واري سزا به معاف ڪئي وئي. جنهن دؤران غلامن کي اگهاڙو ڪري ڪوڙن سان ڪُٽيو ويندو هو. ته سندن چمڙي چير جي پوندي هئي ۽ سڄو جسم رتورت ٿي پوندو هو. گهڻو ڪري انهيءَ ظلم جو شڪار غلام، سور نه سهندي مري ويندا هئا. مٿي ڄاڻايل نالي ماتر رعايتن جي باوجود سفيد غلام ، غلام ئي ٿي رهيا.
    سن 1600ع کان 1699ع تائين يعني سڄي سترهين صدي عيسوي دوران آفريڪا جي شيدي غلامن جي ڀيٽ ۾ آئرلينڊ جا سفيد غلام وڌيڪ تعداد ۾ وڪيا ويا هئا. ڪجهه تاريخي دستاويزن موجب، ارڙهين عيسوي صدي دؤران آئرلينڊ جي غلامن کي بحري جهازن وسيلي آمريڪا پهچائي کين اُتي وڪڻڻ دوران، هڪ ڀيرو بحري جهاز ۾ آمريڪا ڏانهن سفر ڪندي، جهاز تي سوار ماڻهن جي کاڌي جي کوٽ ٿي پوڻ سبب جهاز تي سوار آئرلينڊ جي 132 بيوس غلامن کي جهاز مان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ اهي سڀ بي موت مري ويا! انهن ۾ مردن ۽ عورتن سان گڏ سندن ٻار پڻ انهيءَ قهر جو شڪار ٿيا.
    آئرش غلامن مردن،عورتن ۽ ٻارن کي فقط انشوئرنس ڪمپنيءَ کان پيسا وصول ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٻوڙي ماريو ويو.. ڇو ته بُک سبب مري ويندڙ ماڻهن لاءِ انشورئرنس ڪمپنيون پيسا ڪونه ڏينديون هيون. اهڙي مڪروه رويي سبب بحري جهازن ۾ غلامن جي موت جو سيڪڙو 37 کان وڌي 50 سيڪڙو ٿي ويو. آمريڪا کنڊ ويسٽ انڊيز جزيرن ۾ آفريڪي ۽ آئرلينڊ جي غلامن کي گڏي رهايو ويو، پر وڌيڪ قيمتي هجڻ سبب آئرلينڊ جي غلامن جي ڀيٽ آفريڪا جي شيدي غلامن سان، سندن مالڪن/ زميندارن جو رويو ڪي قدر بهتر هوندو هو، تنهن کان سواءِ آئرلينڊ وارا سفيد غلام، عيسائي مذهب جي ڪيٿولڪ فرقي ۾ شامل هئڻ سبب، سندن مالڪ، جيڪي عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي ۾ شامل هئڻ ڪري، کانئين گهڻي نفرت ڪندا هئا. ڪنهن لاشعوري ۽ ٿوري ڪوتاهي ڪرڻ تي، آئرلينڊ جي غلامن جا هٿ پير ٻڌي باھ تي رکي ساڙيندا هئا ۽ ڪنهن ٿوري به غلطي ڪرڻ تي به کين ٽنگي، ڪوڙن سان ماريو ڪٽيو ويندو هو. رچرڊ لگٽ، جنهن آئرلينڊ جي غلامن سان سندن مالڪن هٿان ٿيندڙ عقوبتون، پاڻ خود اکين سان ڏٺيون هيون ۽ بارباڊوز جي تاريخي دستاويزن طور سهيڙي، سن 1657ع ۾ شايع ڪيون، تنهن لکيو ته ” سچ! ته هتي (بارباڊوز ۾ ورڪرن (غلامن) سان ٿيندڙ، اهڙيون ته ڀيانڪ ۽ ظالمانه عقوبتون ڏٺيون اٿم، جيڪي منهنجي خيال ۾، ته ڪوبه عيسائي شخص، ڪنهن به ٻئي هم مذهب عيسائي شخص سان اهڙيون عقوبتون ڪندو ئي ڪونه! سِينِ او ڪالاهان، پنهنجي مضمون، ”ٽو هيلِ آر بارباڊوز“ ۾ لکيو ته بارباڊوز ۾ آئرلينڊ جي سفيد غلام مردن، عورتن ۽ ٻارن سان به، آفريڪا جي شيدي غلامن سان ٿيندڙ جانورن جهڙو مڪروه سلوڪ ڪيو ويندو هو. ساڳي سفيد چمڙي سبب، آئرلينڊ جي غلامن ۽ سندن مالڪن طرفان سڃاڻپ جو داغ مقرر ڪري، انهن جي دُڏن ٻنڊڻ تي ۽سفيد غلام عورتن جي ٻانهن تي لڳايو ويندو هو. (اسان وٽ سنڌ ۾ سڃاڻپ لاءِ گهرو جانورن کي سڃاڻپ جي نشان جو داغ لڳائيندا آهن) سين او ڪالاهان وڌيڪ لکيو آهي ته، ”غلام عورتن کي نه فقط جاگيردارن کي جنسياتي اڏن تي به وڪڻي ڏنو ويندو هو. زمينن تي مقرر شيدي ڪمدار/نگران زمينن/فصلن ۾ پورهيو ڪندڙ عورتن کي ٻني ۾ ڪم ڪرڻ دؤران اگهاڙو ٿي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا هئا ۽ اڪثر کين جنسي طرح استعمال ڪندا هئا. آئرلينڊ جي غلامن ۾ جيڪي ماڻهو ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق نه هوندا هئا، جيڪي منجهن پڙهيل لکيل هوندا هئا. انهن کي منشي ۽ ماستر ڪري رکندا هئا، ته ڪن کي گهرن جي ملازم طور ڪري رکندا هئا، پر ڪنهن غلطي ڪرڻ تي، منشي يا استاد هجڻ ڪري، کين بخش نه ڪيو ويندو هو ۽ کين ٻين جهڙي، وحشتناڪ سزا ڏيندا هئا. سڀني غلام کي ڪوڙن، لٺين ۽ ڌُڪن سان مارڻ ته حسب معمول عمل هو. غلامن جا تقريباً سڀئي مالڪ/زميندار، ڪنهن آئرلينڊ جي غلام کي ماري وجهڻ ۾ مور ڪونه هٻڪندا هئا. ڇو ته شيدين جي ڀيٽ ۾ آئرلينڊ جا غلام، سستا ۽ تُرت ملي ويندا هئا، انهن عقوبتن جي باوجود، آئرلينڊ جا جيڪي غلام بچي ويا ۽ سندن غلامي وارو عرصو پورو ٿيڻ کانپوءِ، انهن مان ڪافي ماڻهو، آمريڪا جي ڪالونين ڏانهن هليا ويا. پر انهن مان گهڻا ماڻهو ٻاهر وڃي نه سگهيا ۽ اُتي ئي رهجي ويا. بارباڊوز جي جاگيردارن ۽ زميندارن، مُفت ۾ غلام حاصل ڪرڻ جو، هڪڙو عجيب بدمعاشي وارو طريقو گهڙي ورتو، انهن آئرلينڊ جي غلام عورتن سان شيدي غلامن جي مباشرت وسيلي، غلام عورتن کان ٻار پيدا ڪرايا. جڏهن ته آئرلينڊ جي غلامن جي غلامي جو عرصو، گهڻو ڪري ڏھ سال مقرر هو، اهو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ، انهن کي آزاد ڪيو ويندو هو، ته اهي سندن مرضي موجب ڪيڏانهن به وڃن، يا نه وڃن ۽ هتي ئي رهي پنهنجي آزاد زندگي گذارين. پر سندن غلامي دؤران شيدين جي مباشرت سان پيدا ٿيل ٻار، واسطيدار جاگيردارن/ زميندارن جا دائمي غلام ٿي رهيا.
    تنهن ڪري سندن مائرون، گهڻو ڪري انهي اولاد سان رهڻ تي مجبور هيون، آئرلينڊ جي عورتن مان پيدا ٿيل شيدين جا ٻار، وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿيندا هئا. اهڙا ٻار پيدا ڪرڻ تي بندش وجهڻ لاءِ، سن 1681ع ۾ هڪ قانون جوڙيو ويو، سو ناجائز ٻار پيدا ڪرڻ واري بداخلاقي روڪڻ لاءِ نه پر، برطانيه جي شيدي غلامن جي واپاري ڪمپني کي غلامن جو واپار گهٽ ٿيڻ ڪري، ٿيل نقصان جي ازالي خاطر جوڙيو ويو هو.
    جيمس ايف ڪيويناه جي لکت موجب، غلامن جو واپار ڪندڙ انهي برطانوي سرڪاري ڪمپني سن 1680ع واري ڏهاڪي دؤران 249 سامونڊي غرابن ۾ آئرلينڊ ۽ آفريڪا جا ڪل سٺ هزار مرد ۽ عورتون غلام چاڙهي، ويسٽ انڊيز جي جزيرن ڏانهن موڪليا، جن مان چوڏهن هزار غلام سفر دوران ئي مري ويا. سن 1691ع ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جيمس جنگ ۾ هارائڻ کان پوءِ انگلينڊ آئرليند جي غلامن جو واپار ڪرڻ بند ڪيو. پر سن 1798ع آئرلينڊ ۾ انگلينڊ جي قبضي خلاف بغاوت چالو ٿيڻ کان پوءِ آئرلينڊ جي باغي قيدي کي، انگلينڊ سرڪار هزارن جي تعداد ۾ آمريڪا جي ڪالونين ۽ آسٽريليا ۾ غلام ڪري وڃي وڪيو. آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ آندل آئرلينڊ جي غلامن مان ڪو هڪڙو ڄڻو به، پنهنجي وطن واپس موٽي ڪونه سگهيو. انهن مان ڪيترائي ماڻهو. سفر دؤران مري ويا ۽ باقي بچيل غلامن مان به تمام وڏي انگ ۾ ساڻن ٿيندڙ عقوبتن، بک ۽ بيماري سبب به موت جو کاڄ ٿي ويا. آزادي ملڻ تي منجهائن ڪجهه آمريڪا جي ڪالونين ڏانهن ويا هئا. انهن جي بارباڊوز ۾ دائمي طور رهندڙ اولاد کي آئرلينڊ جا شيدي سڏيندا آهن. اهي دائمي غلامي جو شڪار آهن.
    سن 1688ع ۾ ڪاٽن ميٿر نالي جاگير ۾، جنهن پهرين عورت کي ڦاهو ڏئي ماريو ويو هو. اها به آئرلينڊ واري هڪڙي غلام ۽ مظلوم عورت هئي، جنهن کي يرغمال ڪري، غلام عورت جي حيثيت ۾ 1650ع ۾ اتي وڪيو ويو هو. تنهن سقيم ناري کي انگريزي ٻولي ڪانه ايندي هئي پر لاتيني ٻولي ۽ قديم فرينچ ٻولي، جنهن کي گائلڪ ٻولي سڏيندا هئا. انهن ٻولين ۾ دعائن وار گيت ڳائيندي هئي. اُتي جي ڪٺور قاضيءَ دعائن جا گيت ڳائڻ کي، جنهن جو نالو” ايني گِلوور“ هو، ڦاسيءَ تي ٽنگائي مارايو هو. آئرلينڊ جي غلامن کي ڪاوڙ ۾ اچي، سندن مالڪ، جئري ساڙائي، مارائي ڇڏيندا هئا. غلامن کي ڊيڄارڻ ۽ هيسڻ لاءِ، انهن ساڙي مارايل غلامن جون سسيون نيزن ۾ هڻي، بازارن ۾ ٽنگي، غلامن ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪيو ويندو هو. انگلينڊ جي بادشاهن، جيمس ٻئي ۽ چارلس پهرئين، آئرلينڊ جي ماڻهن کي غلام بنائي، انهن کي وڪرو ڪرڻ واري ڪُڌي ڪرتوت جي حتي الامڪان ڪوشش ڪئي، ٻيو ته ٺهيو پر انگلينڊ جي پارليامينٽ جو سورمو ۽ جمهوريت جو معمار، اوليور ڪرلمويل، سندسن پاڙيسري مسڪين ۽ ڪمزور آئرش قوم کي غلامي هيٺ رکڻ ۽ آئرلينڊ جي غلامن واري واپار کي وڌائڻ لاءِ سموارا ممڪن اپاءَ اختيار ڪيا.انگلينڊ جي بادشاھ جيمس اول، واري سن 1625ع واري اعلان موجب، آئرلينڊ جي سياسي قيدين کي سمنڊ پار، ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي قابض ۽ آباد انگريزن کي وڪڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پهرين ڀيري ئي آئرلينڊ جي ٽيھه هزار سياسي قيدين کي، آمريڪا ۾ غلامن طور وڪيو ويو هو. سترهين عيسوي صديءَ جي وِچ ڌاري، اينٽيگئا ۽ مونٽيسراٽ جزيرن ۾ اڪثريت، آئرلينڊ جي غلامن جي هئي، تڏهن مونٽيسراٽ ٻيٽ جي آدمشماري جو ستر سيڪڙو، فقط آئرلينڊ جا غلام هئا. سن 1641ع کان 1652ع تائين انگريزي فوج، آئرلينڊ جي پنجن لکن کان مٿي مسڪين ۽ بيوس عوام جو قتلام ڪيو ۽ آئرلينڊ جي ٻين ٽن لکن مسڪين ماڻهن کي غلام بنائي وڪيو ويو. ڪيترن سالن جي انهيءَ هڪڙي ئي ڏهاڪي جي اختمام تي، آئرلينڊ جي آدمشماري پندرهن لکن مان گهٽجي اچي فقط ڇهن ستن لکن تي پهتي. برطانوي سامراجين آئرلينڊ جي ماڻهن کي سندن زالن ۽ ٻارن کي ايٽلانٽڪ سمنڊ پار وٺي وڃڻ جي اجازت ڪانه ڏني. تنهنڪري انهن ماڻهن جي خاندانن ۾ وڏو تفرقو پيدا ٿي پيو ۽ ٻارن سميت آئرلينڊ جون عورتون مڙسن جي ولات وڃڻ کانپوءِ بي گهر بيوس ۽ لاچار تي پيون، برطانوي سامراجين انهن بيواھ بنايل عورتن ۽ يتيم بنايل ٻارن کي نيلام وسيلي وڪرو ڪرڻ ۾ سندن مسئلن جو حل ڳولي لڌو. سن 1650ع واري ڏهاڪي دوران، مائٽن کان وڃڙيل، ڏهن سالن کان چوڏهن سالن جي عمر جا، هڪ لک کان به گهڻا آئرلينڊ جا يتيم بنايل ٻار سندن مائٽن کان زوريءَ کسي، آمريڪي بيٺڪن، ويسٽ انڊيز، ورجينيا ۽ نيوزيلينڊ ۾ غلام طور وڪيا ويا. ساڳئي ڏهاڪي دؤران آئرلينڊ جا ٻيا به ٻاونجاھ هزار ٻار ۽ عورتون يرغمال بنائي ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ پار، سڀني کان وڏو واڪ ڏيندڙ سامراجي قابضن کي، برطانوي سرڪار جي غلامن جو واپار ڪندڙ ڪمپنيءَ غلامن طور وڪڻي ڏنا. سن 1656ع ۾ ڪرام ويل جي حڪم موجب آئرلينڊ جا ٻه هزار ٻار، سندن مائيٽن کان زوريءَ کسي غلامن جو واپار ڪندڙ سرڪاري ڪمپنيءَ جمائيڪا ڪالوني تي قبصو ڪندڙ انگريز سامراجين کي غلام ٻارن طور وڪڻي ڏنا. سترهين عيسوي صدي جي پوئين ڀاڱي دؤران آئرلينڊ جا غلام وڏي تعداد ۾ هئڻ سبب تمام سستا، يعني فقط پنجن اسٽرلنگن ۾ پئي وڪيا. انهيءَ ساڳئي وقت ۾ آفريڪاجا شيدي غلام، تمام مهانگا يعني هڪ شيدي غلام گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ اسٽرلنگ ۾ پئي وڪيو. انهي دؤر ۾ انگريز مالڪ هٿان، لٺين، چهبڪن يا ڪوڙن سان ڪُٽجندي سٽجندي، جيڪڏهن ڪو آئرلينڊ وارو غلام مري پيو ته اهو هرگز ڪو ڏوھ قرار ڪونه ڏبو هو. اهو واقعو غلام جي مالڪ لاءِ البت دولت جي ترقيءَ ۾ نالي ماتر رڪاوٽ جو هڪ ٻه ڏينهن سبب بنبو هو ۽ شيدي غلام جي ڀيٽ ۾ آئرلينڊ واري غلام جو خون، سستو ۽ ترت ملي ويندڙ غلام هئڻ سبب، خون ئي تصور ڪونه ٿيندو هو. هڪ ڀيرو غلامن جو واپار ڪندڙ برطانوي ڪمپني جي سامونڊي غارن ۾، غلامن جو تعداد، خوراڪ جي ذخيري کان وڌيڪ هئڻ سبب، خوراڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ خاطر، سامونڊي سفر دؤارن هڪ هزار ٽي سئو ٻه آئرلينڊ وارا غلام، جيئرا جاڳندا جهاز مان زوري کڻي سمنڊ جي سير ۾، اڇلائي ڇڏيا. جيڪي ويچارا بروقت غرق ٿي ويا! اوڻيهين عيسوي صديءَ جي وچ کي ويجهو ٿيندي غلامن جي واپار مان خاطر خواھ فائدو ۽ دولت ڪمائڻ کان پوءِ، عالمي سطح تي برطانيه جي خلاف سياسي حالتون تبديل ٿيڻ سبب نئين حڪمت عمليءَ جي تقاضا موافق، سن 1839ع ۾ هڪ قانون تحت، سرڪاري طور غلامن واري انسان دشمن واپار کي انگريز حڪومت بند ڪري ڇڏيو، پر سامونڊي قزاقن طرفان هلندڙ انهيءَ گورک ڌنڌي کي روڪن لاءِ، ساڳي برطانوي سرڪار ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ چپن تي چنون هڻي، انهي انساني نسل ڪش ڪرتوت جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪانه ڪڍي. اٽلو اکيون پوري ميسڙي ٿي ماٺ ڪري ويهي رهي. سامراجي مستقل مفاد جي حصول خاطر، آئرلينڊ جي مظلوم قوم سان عالمي سطح تي برطانوي سامراج، دشمن ڪردار کي، انسان ذات کان لڪائڻ ڪارڻ، برطانوي سامراج، سندس ڀيچي سامراجين جي مدد سان قومي توڙي عالمي تارخ ۾ لکجڻ ڪونه ڏنو! اهڙي ريت پنهنجي هم مذهب ساڳئي اڇي چمڙي ۽ ساڳئي يورپ کنڊ جي ماڻهن سان برطانوي سامراج جيڪي ظلم ۽ قهر ڪيا تنهن جو تاريخ ۾ مثال موجود ڪونهي. ٻي عالمي جنگ ۾ جڏهن جرمني کي شڪست آئي، تڏهن برطانيه پنهنجي فوج کي اجازت ڏني ته توهان جرمن عورتن سان ڀلي زوري زنا ڪيو. اهو عمل ڪجهه ڏينهن هلڻ کانپوءِ برطانوي فوج ۾ شامل هندستاني سپاهين کي، جرمن عورتن سان زنا واري عمل کان روڪي ڇڏيو ويو. ڇو ته کين هندستاني ماڻهن کان سخت نفرت هئي. جڏهن ته بارباڊوز جي انگريز قابضن، آئرش غلام عورتن سان شيدين کي مباشرت ڪرائي، دائمي غلامن جو بيش بها نسل پيدا ڪرائي، سندن استحصال جاري رکيو. اهڙي طرح ساڳين انگريزن کي جرمن عورتن سان زنا ڪرڻ تي هندستاني ماڻهن تي غيرت آئي، پر شيدين مان پيدا ٿيل نسل مان فائدو هئڻ ڪري ۽ دولت ڪمائڻ ڪري کين هندستاني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شيدين تي غيرت مُور ڪانه آئي.
    مون پنهنجي ڳوٺ ”ٻنون“ ۾ رهڻ ڪري، پنهنجي زندگيءَ جو دستور بنايو، جنهن مطابق، ٻني جي تر، يعني آسپاس موجود سمورن قبيلن ۽ ذاتين توڙي رواجن جي ماڻهن سان مرڻي پرڻي ۾ ضرور شامل ٿيندو هوس. مون اهو وهنوار ۽ لاڳاپو غير مسلم برادرين سان پڻ جاري رکيو.
    دادا گوبند پنجابي، جنهن جي ڪري مونکي ممبئيءَ ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڀائرن سان ملاقات جو موقعو مليو. مثلاََ پروفيسر رام پنجواڻي، شريمتي سُندري، اتم، ڪلياڻ آڏواڻي، ٽهلرام آزاد، برصغير جو فنڪار ماستر چندر،سندس گهر واري ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي سنڌين سان دادا گوبند ملاقات ڪرائي ۽ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون گهمايائين. تنهن کي مون هندستان ڇڏڻ مھل سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني، ته کِلي چيائين ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهيءَ ڪوشش ۾ آهيان ته پاڪستان جي ويزا ملي، ته سنڌ ڏسان ۽ پنهنجو اباڻو ماڳ شڪارپور ۽ ڪوئيٽا ڏسان، پر اڃا شايد منهنجي انهيءَ تمنا ۾ ايتري سِڪ پيدا نه ٿي آهي. جو مونکي ويزا ملي!
    آئون هندستان مان گهمي آئيس، تنهن کي چار سال گذري ويا، پر دادا گوبند سنڌ نه آيو! هڪ ڏينهن ڳوٺ ٻنون ۾ پنهنجي گهر ويٺو هوس ته اوچتو جهوڪ وارو ڪاڪو نٿومل اچي سهڙيو. خبر چار ڪندي ٻڌايائين ته ممبئي وارو گوبند پنجابي ڪراچي آيو آهي ۽ اوهان لاءِ نياپو ڏنائين ته ڪراچيءَ ۾ آئون سيٺ گابا جي گهر ترسيل آهيان، ٻئي ڏينهن تيار ٿي، محمد صابر پليجي سان گڏ ڪار ۾ ڪراچي ويس ۽ سيٺ گابا جي گهر پهتس، جتي سيٺ گابا پاڻ مليو. جنهن خاطر تواضع کانپوءِ احوال وٺندي ٻڌايو ته دادا کي ڪراچي آئي ٻه ڏينهن ٿيا آهن، پر اڄ صبح جو کيس مهتاب محبوب وارا حيدرآباد وٺي ويا آهن. هاڻي دادا توهانکي حيدرآباد ۾ مهتاب محبوب وارن جي گهر ملندو. اهو معلوم ڪندي، سيٺ گابا کان موڪلائي اسين به ترت حيدرآباد اُسهياسين ۽ رات جو نوين وڳي ڌاري حيدرآباد پهتاسين، پر پنج سال کن اڳ ڏٺل گهر رات جي وقت ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. سو ڪافي دير بعد نيٺ وڃي مهتاب محبوب جي گهر پهتاسين. اُتي محبوب، مهتاب محبوب ۽ دادا گوبند اڳيئي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هئا ڇو ته ڪراچيءَ مان اسان جي حيدرآباد رواني ٿيڻ شرط سيٺ گابا کين فون تي ٻڌائي ڇڏيو هو ته عبدالحئي هتان کان توهان ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. دادگوبند تمام گهڻي اُڪير سان مليو، ممبئي جي دوستن ۽ اسان جي ڳوٺ وارن جا کوڙ سارا سلام ڏنا. حال احوال اورڻ دؤران ئي سائين محمد ابراهيم جويو ۽ حميد سنڌي به اچي سهيڙيا. ٿوري ۾ ئي ميز تي ماني رکي وئي، ماني کائيندي کائيندي رات جا ٻارنهن ٿي ويا. ته اسان ڳوٺ وڃڻ واري ڪئي. محبوب ۽ دادا گوبند گهڻو ئي جهليو ته رات ڪافي ٿي وئي آهي ۽ حالتون به ٺيڪ ناهن. سو ايڏي دير سان ايترو پري وڃڻ ٺيڪ ڪونهي. پر اسان دادا گوبند کان ٻني اچڻ جو پروگرام وٺي، ڳوٺ ٻنون روانا ٿي وياسين. هڪ ڏينهن ڇڏي پروگرام موجب ڪراچي وڃي، سيٺ گابا جي ڪلفٽن واري بنگلي تان دادا گوبند کي ساڻ ڪري شام جو ستين ڌاري موٽياسين ۽ ڏهين بجي ڌاري ڳوٺ ٻني پهتاسين. اتي ٻني ۽ آسپاس جي موجود دوستن، دادا جو گهڻي سڪ ۽ پنهنجائپ سان آڌر ڀاءَ ڪيو. انهن دوستن ۾، منهنجي هندستان واري سفر وارو ساٿي، ڊاڪٽر عارب راڄو، جنهن کي هندستان ۾ ”ڊاڪٽر راجوDr Rajoo “ سڏيندا هئا. اهو به شامل هو، جيڪو دادا جي ٻني اچڻ واري پروگرام جو ٻڌي خصوصاً گولاڙچي کان هتي آيو هو، سندس پٽ وزير، به ساڻس گڏ هو. دادا سمورن موجود دوستن سان گڏجي ماني کاڌي ڪچهري جو شوق ته سڀني کي هو، پر منهنجي ٻڌائڻ تي ته دادا سڀاڻي ۽ سڀا رات به پاڻ وٽ آهي ۽ پرينهن واپس ڪراچي ويندو. اڳ ئي گهڻو سفر ڪرڻ سبب ڪافي ٿڪل آهي. سو اڄ رات کيس آرام ڪرڻ ڏيو. باقي سڀاڻي ساڻس روح رهاڻ ڪنداسين. اهڙي ريت دوستن جو شڪريو ادا ڪندي، دادا کي سندس رهائشي ڪمري ۾ پهچائي. سنگتين کي روانو ڪري اسين به وڃي کٽ ڀيڙا ٿياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ٻيا به ڪيترائي دوست دادا سان ملڻ آيا. انهن سان گڏ ناشتو ڪري. کين رات جي پروگرام جي دعوت عرض ڪري، اسين ڏهاڪو کن دوست، پروگرام تحت دادا کي آسپاس گهمائڻ لاءِ، ٽن گاڏين جي قافلي ۾ پهرين بلڙي شهر وڃي، شاھ عبدالڪريم جي درگاھ جي دادا کي زيارت ڪرائي سين. جتي دادا شاھ عبدالڪريم کي نوڙت ڀريو سلام ڪيو درگاھ جي مجاورن کان سندس مقبري، سندس ڪلام ۽ سندس ڪرامتن بابت ڄاڻ ورتي. پوءِ بلڙي شهرجو چڪر لڳائي، بلڙي شهر کان ٽي ميل اولھه طرف هڪڙي ٻئي قديم شهر جهوڪ شريف وياسين، جنهن کي اڳي ميران پور سڏيندا هئا. اتي شاھ شهيد عنايت الله صوفي جي درگاھ جي دادا کي زيارت ڪرائي سين، دادا مجاورن کان شاھ عنايت شهيد بابت ڪافي سوال پڇيا. تنهن کان پوءِ اسانجو شهر ميرپور بٺورو وڃڻ ٿيو، جت پهرين ڊاڪٽر عبدالڪريم پليجي ۽ پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام حسين رنگريز وٽ وياسين. رنگريز وٽ ڪيترائي دوست دادا سان ملڻ آيا هئا. اتي ئي سنڌي ادبي سنگت ميرپور بٺورو شاخ طرفان دادا گوبند سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ايندڙ ڏينهن جي رنگريز دادا کي دعوت ڏني، دادا اها شڪرئي سان قبول ڪئي ۽ ايندڙ ڏينهن ڏهين بجي اتي اچڻ جو واعدو ڪيو. مون رنگريز کي رات جو ٻني منهنجي ڳوٺ ٿيندڙ محفل ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي کيس بٺوري جي سريلي ڳائڻي استاد علي محمد خاصخيلي ۽ سندس پٽن الهڏني ۽ محبوب علي کي به ساڻ آڻڻ لاءِ عرض ڪيو، جيئن ته رات جو راڳ جي محفل به ڪريون. موڪلائي بٺوري شهر جو چڪر لڳائي دڙي واري رستي کان ٻني موٽياسين ۽ شام جو پهتاسين. اتي چانهن پي، ٿوري ساهي کڻي، ٻني شهر جي ڀرسان موجود قديم پڃاري ڦاٽ مان ٿيندا. مولچند ٻيلي جو چڪر لڳائيندا، اچي سنڌو نديءَ جي ڪناري ڀيڙا ٿياسين. ڪلاڪ کن درياء جو سير ڪري واپس پنهنجي جڳھه تي آياسين. اتي دادا گوبند سنان ڪري ڪپڙا بدلائي، تازو ٿي، ٻاهر اڱڻ ۾ اچي ويٺو جتي سندس ڏينهن جي سير سفر وارا ساٿي آس پاس کان آيل دوست ويٺل هئا، انهن ۾ گولاڙچي، ميرپور بٺورو، در ملوڪ شاھ، دڙو، بلڙي شاھ ڪريم، قادر ڏنو شاھ، اسماعيل پليجو ۽ ٻني شهر جا ڪافي دوست شامل هئا. غلام حسين رنگريز پڻ فنڪار دوستن سميت سنگتين جي سوزوڪي ڀري، پوري وقت تي ٻني پهچي ويو. راڳ جي محفل ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا ڳائڻا استاد علي محمد خاصخيلي ۽ مقامي فنڪارن ۾ استاد گلشير خاصخيلي، راڻو مير بحر، ملهار لاشاري ۽ بهادر مڱڻهار شامل هئا. راڳ جي اها سريلي سنگت تي مشتمل محفل دادا گوبند جي اجازت سان ساڍي اٺين ڌاري شروع ٿي. انهيءَ رات ٻني جي نمن جي ٻور جي سرهاڻ ۽ بيگن وَل جي اڇن ڳاڙهن ۽ گلابي گلن جي سوين ڇڳن به دادا کي جهومي ڀليڪار ڪئي. راڳ جي محفل ۾ حصو وٺندڙ سڀني فنڪارن پاڻ ملهايو ۽ حاضرين مجلس کان خوب داد وصول ڪيو. جيئن جيئن رات ماڪ ۾ ٺرندي وئي، تيئن تيئن ڳائڻن جي آواز ۽ سازن جي سرود ۾ ميٺاج ۽ سوز وڌندو ويو. راڳ جي محفل جي پڄاڻي رات جو ٻه بجي ڌاري، فقير بهادر مڱڻهار، الغوزي تي راڻي واري مٺڙي ڌن وڄائي ڪئي ۽ سمورن حاضرين مجلس جي دل موهي، کين موسيقيءَ جا کيپ چاڙهي،صفا مدهوش ڪري ڇڏيو!
    راڳ رهاڻ کان پوءِ ماني کائي ڪي دوست ترسي پيا ۽ باقي ٻاهريان دوست موڪلائي پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي ويا. صبح جو ننڊ مان اُٿڻ تي دل ئي نه پئي چاهيو. پر دادا جو سڄي ڏينهن وارو پروگرام اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هو. تنهن ۾ تِـرَ برابر تفاوت جي به گنجائش ڪانه هئي. تنهن ڪري تيار ٿي، ناشتو ڪري، دادا گوبند کي ٻني شهر جو خصوصاََ سندس دوست ڪندن ٽيڪواڻي واري شهر ٻني ۾ اڳوڻي گهر واري هنڌ جو سير ڪرايو. انهيءَ هنڌ هن وقت پڻ هڪڙي هندو ڀاءُ رامچند جو گهر آهي. اتي سنڌي روايت مطابق سندم ڀاءُ غلام رسول ڀاڻيجي، ڊاڪٽر عبدالڪريم ۽ ٻين ڳوٺاڻن دادا گوبند کي اجرڪون اوڍايون. دادا گوبند ڪندن ٽيڪواڻي جي گهر واري هنڌ ۽ ڳوٺاڻن سان ڦوٽو گراف ڪڍرائي کانئن موڪلايو. تنهن کانپوءِ دادا کي دڙي واري رستي کان بٺوري آندوسين. جتي سندس مان ۾ سنڌي ادبي سنگت، ميرپوربٺورو شاخ پاران آجياڻو منعقد هو. اتي ادبي سنگت ۽ ميرپور بٺوري جي معزز شهرين سندس مان ۽ مرتبي مطابق، کُليءَ دل سان سندس زبردست استقبال ڪيو. اهڙي پيار ۽ پاٻوھ سان ڀليڪار ڏسي، دادا گوبند جون اکيون آليون ٿي پيو، اسٽيج سيڪريٽري غلام رسول پرهياڙ جڏهن دادا کي مٿي اچي اسٽيج تي ويهڻ جي گذارش ڪئي، تنهن مهل هال ۾ موجود سمورن سڄڻن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس مرحبا ڪئي. تاڙين جي گونج چند گهڙيون جاري رهي. جنهن دؤران دادا گوبند هٿ ٻڌيو، سڀني جا ٿورا مڃيندو رهيو. انهن جي چهرن تي پيار ۽ پنهنجائپ وارو منظر ڏسڻ وٽان هو. تاڙين جي گونج ختم ٿيڻ ۽ داداگوبند جي چيف گيسٽ چيئر تي ويهڻ کان پوءِ سمورا بيٺڪ ساٿي پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويٺا. دادا گوبند سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اديب آهي. هن ورهاڱي کان اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ اڃا تائين لکندو اچي. کيس ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن. پاڻ ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو هينئر سنڌ آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ کيس زبردست مڃتا مان ۽ عزت ڏني وئي .سڄي سنڌ ۾ سندس مان ۾ ڪيتريون ئي يادگار ادبي گڏجاڻيون، آجياڻا ۽ راڳ رهاڻين جون تقريبون منعقد ٿيون. انهن جو احوال اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ميرپور بٺورو واري سنڌي ادبي سنگت جي شاخ طرفان منعقد هن آجياڻي واري تقريب جي شروعات غلام رسول پرهياڙ، اعجاز خواجه ۽ ديوان گرمک داس طرفان دادا کي اجرڪون اوڍائڻ سان ٿي. تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري غلام حسين رنگريز آجيان جي خطبي ۾ سنڌ اچڻ تي س.ا.س ۽ بٺوري جي شهرين طرفان دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪئي، سندس تعارف ڪرايو ۽ سندس ادبي خدمتن جو اظهار ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. کانئس پوءِ قاسم پٿر، اعجاز خواجه، پرويز ميمڻ، سيد اڪبرشاھ ۽ ٻين دوستن به تقريرن ۾ سنڌ اچڻ تي دادا کي دلي ڀليڪار ڪئي ۽ سندس ادبي خدمتن جي مڃتا ڏني دادا گوبند پنجابي سندس شڪر گذاريءَ واري تقرير دوران اعلان ڪيو ته هو هاڻي پنهنجي نالي پويان پنجابي نه پر سنڌي لکندو! تقريب جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ادبي سنگت طرفان مهمانن کي ٽي پارٽي ڏني وئي. تنهن پڄاڻا بٺوري جي دوستن کان موڪلائي دادا جو هي قافلو سنڌ جي قديم ۽ درويش سرمد جي محبوب اڀيچند جي شهر ننگر ٺٽو پهتو، اتي مون کي شيخ اياز جو هيٺيون شعر ياد آيو.
    ٺٽي جي هوا ۽ گلابي بدن،
    ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون.
    ۽ حيدرآباد دکن جي درٻاري شاعر عثمان جو سندس مثنوي ۾ ٺٽي شهر جي سونهن کان متار ٿي لکيل هيٺيون شعر ياد آيو، جيڪو دکني زبان ۾ لکيل آهي ته:
    هیرے سے ٹھٹہ نگر سو پاوا
    بیہن ہون سیو بن گنجا وا۔
    يعني ننگر ٺٽو شهر هيري جهڙو خوب صورت آهي، منجهس سارين جون سايون پوکون، هرڻ ۽ ڪشادا سهڻا جهنگل موجود آهن. ٺٽي شهر جي قدامت ۽ سونهن جي باري ۾ ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن، پر آئون هتي صرف ٻه حوالا ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ ته سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز، پنهنجي تازي انٽريو ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي سڀني شهرن ۾، مونکي ٺٽو ٿو وڻي! پاڻ چئي ٿو جيڪر صحت ٺيڪ هجي ها ته گهر ٺهرائي وڃي ٺٽي ۾ رهان ها. ٻيو واقعو هي آهي ته دارا شڪوه، جڏهن پڻس، شهنشاھ شاهجهان سان ڪاوڙجي، بقول مصنف مقالات الشعرا ٺٽي آيو هو. ته کيس ٺٽو ڪونه وڻيو ۽ هڪڙي دروازي مان شهر ۾ داخل ٿيو ۽ ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري هليو ويو. قاضي ابراهيم ٺٽوي، سندس مصاحب هو تنهن کي حڪم ڏنائين ته ٺٽي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. حاڪم جي حڪم جي بجاآوري خاطر گهاٽ واري پاسي ڪجهه ڀونگين کي باھ ڏني وئي. مير علي شير قانع جي دؤر تائين انهي باھ جا نشان موجود هئا. عرف عام ۾ انهي جڳھه کي سوخته گهاٽ يعني سڙيل پتڻ سڏيندا هئا. 29 مئي سن 1658ع ۾ ساموڳڙھ واري جنگ جي ميدان ۾ جڏهن دارا شڪوه شڪست کاڌي، تڏهن هُن ٺٽي ڏانهن منهن ڪيو. اورنگزيب سندس پٺيان صف شڪن خان، دلير خان ۽ شيخ مير جي ڪمان هيٺ دارا جي گرفتاري لاءِ پندرهن هزار فوج کي روانو ڪيو. دارا شڪوه مختلف ماڳن کان ٿيندو 13 نومبر 1658ع ۾ ٺٽي پهتو. پوءِ پاڻ بولان ويندي 9 جون 1659ع ۾ نيٺ ملڪ جيوڻ جي هٿان گرفتار ٿي دهليءَ روانو ڪيو ويو، جتي ڀاڻس اورنگزيب کيس قتل ڪرائي، سندس سسي پنهنجي گرفتار ٿيل پيءَ شاهجهان بادشاھ جي کاڌي کائڻ وقت هڪڙي نهايت سهڻي ڍاڪون ۾ بادشاه جي اڳيان رکائي، اها ڏسي بادشاه کي ڏندڻ پئجي ويا!
    اسانجو قافلو دادا گوبند جي سربراهي ۾ قديم تاريخي جڳهيون ڏسڻ لاءِ مڪلي پهتو. مڪلي ٽڪري، کيرٿر جبل جي هڪڙي تمام پري واري ٽڪري آهي، جيڪا اُتر کان ساموڻي واري ماڳ کان شروع ٿي ڪلان ڪوٽ وٽان لنگهندي ڏکڻ طرف يارنهن ميل هلي پير پٺي وٽ دنگ ٿي ڪري. مڪليءَ جي چاڙهيءَ وٽ، ڪراچي ڏانهن ويندڙ رستي مڪلي کي ڪٽي ٻه اڌ ٿو ڪري، ڏاکڻي ڀاڱي ۾ عيدگاهه ڪلان ڪوٽ، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوقاسم نقشبندي، مخدوم آدم مخدوم يوسف بکري، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير حسام الدين راشدي جا مزار آهن. ڪلان ڪوٽ جا فقط کنڊر موجود آهن. مڪليءَ جي اترئين ڀاڱي ۾ ارغون ترخان ۽ مغلن جا مقبرا رانڪون ۽ هجرا آهن . انهي ڀاڱي جي سر اتر واري ڇيڙي تي ڄام نظام الدين، ڄام تماچي، دولھه دريا خان ۽ ٻين سمن حاڪمن جا قبا، مقبرا ۽ مزار موجود آهن. انهن مزارن کان اوريان ڏکڻ طرف ڪيترن ئي مشائخ بزرگن، جهڙوڪ سيد ميون عالي شاھ شيرازي، ميون شاھ مراد شيرازي، شيخ جيئو، مراد پليجو، عيسيٰ لنگوٽي، حماد جمالي ۽ شڪرالاهي ساداتن جا مقبرا، مزار ۽ مقام آهن. اسين به سنڌ جي ڇھه سئو سالن جي تاريخي جي حامل مڪليءَ ٽڪري جو سير ڪري، گجي ۽ گهاري شهر وٽان لنگهندا، سنڌ جي هزارين سال پراڻي ۽ ڦٽل شهر ديبل بندر اچي رسياسين. هن قديم ۽ ڦٽل شهر کي عام طرح ڀنڀور جو ڦٽل شهر سڏيندا آهن. هتي آثار قديم کاتي وارن جو سٺو بندوبست ٿيل آهي. گاڏين بيهارڻ لاءِ مخصوص جڳهه سٺا پارڪ، رهائش لاءِ ريسٽ هائوس ۽ اندر عجائب گهر، جنهن ۾ شهر جي کنڊرن مان لڌل شيون نمائش لاءِ جانڪي رکيل آهن. اسين ٽڪيٽ وٺي ٿوري دير گائيڊ يعني سونهون، سندس ڄاڻ مطابق اسان کي هر اسم بابت ٻڌائيندو رهيو. دادا گوبند سونهين کان ڪافي سوال پُڇيا، پر هن ڪي خاطرخواه جواب نه ڏنا. علم ۽ ادب دوست ڪامورو، عبدالقادر منگي، جڏهن هتي اسسٽنٽ ڪمشنر هو، ته هُن ديبل بندر جي موضوع تي، سنڌ جي پيماني تي، آثار قديمه جي محقق ۽ واسطيدار عالمن اديبن کي هڪ سيمينار ۾ دعوت ڏئي گهرايو. سيمينار ۾ پيش ڪيل مقالن، مضمونن ۽ مذاڪرن کي سهيڙي هڪ ڪتاب ڇپرايو هو، جيڪو ”ڀنڀور ديبل“ نالي سان پڌرو ٿيو. ڀنڀور ۽ ڀنڀور؛ ديول ۽ ديبل؛ بن ۽ بهار؛ بن ۽ ڀور ۽ ون ۽ وهار لفظن جي جوڙ جڪ، معنيٰ ۽ صداقت بابت عالمن ۽ اڪابرن ۾ بحث اڃان جاري آهي. اميد ته تاريخ ۽ قديم آثارن جا عالم، ضرور ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي قوم کي صحيح ڄاڻ مهيا ڪندا ۽ تاريخ جي طالبن کي وڌيڪ تحقيق لاءِ آساني ٿيندي. ڀنڀور جو هي علائقو، جنهن جا کنڊر، ڊِٻُون، وهڪرا، نالا ۽ ڦاٽن جا نشان، جيڪي ميلن ۾ پکڙيل آهن. سي ديھه پليجاڻي، ليراڻي، تلي، ترابي ۽ گجي کان به اڳتي نڪري وڃن ٿا. (ڀنڀور ديبل صفحو 43). ڀنڀور جي کوٽائي سن 1930ع ۾ اين جي مجمدار جي ڏينهن ۾ شروع ٿي. تنهن کان پوءِ سن 1951ع ۾ مسٽر ايزيلي الڪاڪ جي ڏينهن ۾ پڻ کوٽائي ٿي هئي. انهيءَ کان پوءِ وري ڊاڪٽر ايف اي خان جي دور ۾ قديم آثارن واري کاتي 1958ع ۾ کوٽائي شروع ڪرائي. جيڪا 1963ع تائين جاري رهي. يوناني جاگرافي دان بطليموس جنهن سڀ کان پهريون دنيا جي نقشو ٺاهيو هو، تنهن، سندس نقشي ۾، ڀنڀور کي ”باربريڪ ايمپوريئم“ ڄاڻايو آهي. انهن لفظن جي معنيٰ وڏي واپاري مارڪيٽ يا مندي. انهيءَ جو مطلب هو وڏو واپاري مرڪز يا شهر به ٿي سگهي ٿو. گورو جاگرافيدان ايڇ ڊبلويو اسڪوف ڄاڻائي ٿو ته ٻي صدي عيسويءَ ۾ هو برک جاگرافيدان، ايلان پڻ ڀنڀور کي ”باربرڪ“ نالو ڏنو آهي. ڀنڀور جي واپار جي باري ۾ تاريخ تمدن سنڌ جو ليکڪ، مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ڀنڀور هڪ تمام وڏو تجارتي مرڪز هو. جتان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان واپار ٿيندو هو. هتي باقاعده ڪسٽم يعني هتي پهتل ڏيساور جي تجارتي مال تي مقرر محصول ورتو ويندو هو. تنهن کي ”گمرگ“ چوندا هئا. مال جي روانگي واپار تي پنهنجو برابر ٽيڪس وصول ڪيو هو. ڀنڀور بندر تان ڪوڪن، ملبار، سري لنڪا، ڪارو منڊل، سوراشٽر، مشرقي ٻيٽن، چين، ايراني نار، عدن، حضرالموت، مصر، فنيفي، ڪلدائي ۽ هندستان سان غورابن وسيلي تمام وڏي پيماني تي واپار ٿيندو هو. ڏيساور ۾ وڪامندڙ سنڌ جو، ڪجهه جنسن جا نالا هيٺيان آهن. هيرا جواهر، سنگمرمر، سليماني پٿر، عقيق، عقيق احمر، عقيق سيلماني، فيروزه، ياقوت، ياقوت ڪعبود، لعل، سچا بلور، نيلم، دوڍيو پٿر، ڳاڙها ڪارا مرچ، ڦوٽا، سُنڍ، عطر، کنڊ، کونئر، لاک، پنير، پستا، بادام، نيزا، عاج، ڪشمش، شيشم، ديال، ۽ ساڳ جو ڪاٺ ڪپھه، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر، داليون، تيلي ٻج، مشڪ، کٿوري، ريشم، وغيره. جيڪي شيون ٻاهريون ملڪن مان گهرايون وينديون هيون، تن ۾: يورپي عورتون، مصري، ڪپڙو، سون، چاندي، چانديءَ جا ٿانو، شيشو، هيرا ۽ موتي اچي وڃن ٿا. (ڪتاب ڀنڀور ديبل (ص 263).


    4

    تاريخ گزيده، ڪامل ابن اسير، تاريخ غره السير التغابي ۽ فارسي نامه جو مؤلف، ابن بلخي لکي ٿو ته ديبل بهرام گور، بن يزدارد، بن شاپوه ساساني کي ڏاج ۾ مليو هو. ڀنڀور يا ديبل، تنهنجو فيصلو، تاريخ جا ڄاڻو ڪندا، پر هي ماڳ، جتي دادا گوبند جي دوستن جو قافلو موجود آهي، انهي ماڳ کي وري هڪ دفعو تاريخ ۾ زبردست شهرت ملي. سسئي ۽ پنهون جي داستان سبب، وري به هڪ ڀيرو سڄي سنڌ جي توجهه جو مرڪز ٿي پيو، لطيف کان اياز تائين هر شاعر هن عشقيه داستان تي خوب لکيو آهي. سنڌ جي سداحيات عظيم، شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي رسالي جي ڪل ٽيهن سُرن مان، پورن پنجن سُرن آبري، معذوري، ديسي ڪوهياري ۽ حسيني ۾ فقط سسئي پنهون جي داستان کي تمثيل بنايو آهي. سسئي ۽ پنهون ، ٻئي لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جا آهن سسئي معنيٰ چنڊ ۽ پنهون + بنون معنيٰ سج. سسئي پنهون جي داستان تي سنڌ جا تقريباً سڀئي شاعر سوين سالن کان سانده لکندا اچن، اهو ڪلام ڳائجڻ سان هي داستان هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي. ۽ سنڌي ادب ۾ مخصوص ڀاڱي تي مشتمل آهي.
    اڄ جو هي ويران ۽ حيران کنڊر ڀنڀور، تنهن جي مٽي ۾ پيار جي ڪا ايڏي پوتراتا سمايل آهي، جو صديون گذرڻ بعد به منجهس رچيل پريت جي سڳنڌ، ايئن سمايل آهي. جيئن پرھ ڦٽيءَ جو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل جي سرهاڻ.
    مونکي ننڍپڻ کان دنيا گهمڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر اهڙو موقعو ڪونه مليو. نيٺ اهو وقت به اچي ويو. ائين مون ۽ ڊاڪٽر راڄي پروگرام ٺاهيو ته ٻاهر گهمڻ هلون. سو پروگرام هيئن ٺهيو ته پهرين هندستان پوءِ سري لنڪا، تنهن کان پوءِ ٿائلينڊ، سينگاپور، هانگ ڪانگ ۽ مڪائو ٻيٽ گهمجي. انهيءَ دؤر ۾ سواءِ هندستان جي ٻين سڀني ملڪن لاءَ پاڪستاني شهريءَ کي ويزا جي ضرورت ڪانه هوندي هئي. ڊاڪٽر سر ظفرالله خان، پاڪستان جي پهرئين وزير خارجه، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته گڏيل هندستان جي شهرين لاءِ سڄي دنيا ۾ پاسپورٽ جي به ضرورت ڪانه هئي، سواءِ روس ۽ ترڪي جي. هينئر ته دنيا جي هڪ ٻن غير ملڪن کان سواءِ پاڪستان جي شهرين لاءِ هر ملڪ لاءِ ويزا ضروري آهي، پر يورپ ۽ جپان جي ويزا ته پاڪستانين لاءِ هاڻ هر روز ڏکي ٿيندي وڃي. يورپي ملڪ نوان قانون ٺاهي ويزا لاءِ وڃن وڌيڪ سخت پابنديون هڻندا. پر وري به آمريڪا جي ويزا اڄ به ڪجهه آسان آهي. انهيءِ سختيءَ جو وڏو سبب، اُت غير قانوني پاڪستانين جو، وڏي تعداد ۾ انهن ملڪن ۾ موجود هئڻ آهي. جيڪي ات پهچي آسائلم يعني سرڪار طرفان پناه حاصل ڪن ٿا. يا ڪنهن پوڙهي عورت سان شادي رچائين ٿا، جنهن کي ھت چون ”پيير ميريج“ ، ٿئي ائين ٿو جو يورپي يونين جي غريب ملڪن جون عورتون، فرانس، انگلينڊ ۽ جرمني پهچي وڃن ٿيون. ڇو ته يورپين يونين جي ملڪن جي شهرين هئڻ ڪري انهن يورپي يونين جي ملڪن ۾ وڃڻ ۽ اتي رهڻ تي ڪابه پابندي ڪانهي. اهي غريب ملڪن جون عورتون اُت پهچي ڪنهن پاڪستاني يا ٻي اهڙي ڪنهن ملڪ جي شهريءَ سان آسانيءَ سان شادي ڪريو ڇڏين. يا وري هر مهيني سٺي رقم وٺي صرف ڪاغذن تائين شادي ڪريو ڇڏين، ته پوءِ ڪورٽون به انهن ماڻهن کي انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو ڇڏين. هاڻ ته انهن ملڪن ۾ انساني حقن واري قانون جي بنياد تي به انهن ملڪن ۾ رهڻ جي اجازت مليو وڃي. جيسين وڃي ڪورٽ فيصلو ڪري، تيستائين ڪيئي سال لڳيو وڃن. اسان جي ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو به انهيءَ بنياد تي لنڊن ۾ ڪيئي سال رهي آيو. انهيءَ کان سواءِ يورپ ۽ آمريڪا ۾ ويزا ختم ٿيڻ کان پوءِ به، غير قانوني طور لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ات رهيا پيا آهن. جن ۾ وڏو تعداد پاڪستانين جو آهي، جن جو موقف آهي ته وري به گرفتار ڪري پنهنجي ملڪ واپس موڪليندا، ٻيو ڇا ڪندا، سو جيترو به انهن ملڪن ۾ رهي سگهون ٿا، سو رهون ۽ ٻين به غيرقانوني حرڪتن ڪري به پاڪستانين لاءِ دنيا ۾ وڃڻ لاءِ سختيون وڌنديون وڃن.
    اسان هندستان جي ويزا لاءِ صبح جو درخواست ڏني ۽ شام جو ويزا ملي وئي. انهي زماني ۾ هندستان جو ڪائونسليٽ ڪراچي ۾ ڪم ڪندو هو، پر هينئر ڪافي وقت کان بند آهي. هاڻ ويزا جو مسئلوGerrys معرفت وسيلي حل ٿئي ٿو. ويزا وٺي آئون ڊاڪٽر عارب راڄو پنهنجي سفر تي روانا ٿي وياسين ۽ تقريباََ ٻارهن ڏينهن هندستان ۾ هئاسين ۽ هندستان ۾ دادا گوبند پنجابي ۽ اُتم اسان جي ڏاڍي خدمت ڪئي. جڏهن اجنتا ۽ الورا گهمڻ هليا وياسين ته ات جل گائون ۾ منهنجي ڳوٺ جا هندو ڀائر جيڪي ورهاڱي کان پوءِ ٻني مان لڏي هندستان آيا ۽ انهن مان گهڻا جل گائون ۾ اچي رهيا هئا. انهن به اسانجي ڏاڍي خدمت ڪئي. اتان واپس اچي مون هندستان بابت سفرنامون لکيو ”ديس بديس“ جي نالي سان، جيڪو پاڪستان ۾ ٻه دفعا ۽ هندستان ۾ هڪ دفعو شايع ٿيو، پر مزي جي ڳالهه ته انهيءَ سڄي سفرنامي ۾ مونکان برصغير جي عظيم سنڌي ڳائڻي، ماسٽر چندر سان ٿيل ملاقات ۽ روح رهاڻ جو احوال درج ڪرڻ رهجي ويو، سو چاهيان ٿو ته انهيءَ مهان راڳيءَ چندر جي ملاقات جو توهان سان به احوال اوريان. ننڍي هوندي پاڪستان ريڊيو تان فرمائش ۾ هندستان جي سنڌي ڳائڻن جا به گانا وڄندا هئا، پر 1965ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٿيل جنگ کان پوءِ ريڊيو ۽ پاڪستان ۾ هندستاني فلمن تي به بندش لڳائي وئي. جڏهن جنرل مشرف پاڪستان جي حڪومت تي فوجي قبضو ڪيو، تڏهن هن هندستاني فلمن ۾ ڊرامن تان بندش لاهي ڇڏي، پر گانن تي شايد اڃان به بندش آهي، البته ايف ايم ريڊيو چينلن تي اڄ به هندستاني گانا هلن پيا. ۽ ماڻهو هندستاني گانن جون وڏي تعداد فرمائشون ڪن ٿا. ننڍپڻ ۾ آئون چندر جا گانا فرمائش ۾ ڏاڍي شوق سان ٻڌندو هوس جنهن مان سندس هڪڙو گانو ته مونکي اڄ به سڄو ياد آهي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن:
    ”ڀورل جي ڀر ۾ پکڙا اڏياسي، نوڪر چندر سان ڪرڪين ماڻا“
    دادا گوبند پنجابي ۽ اُتم ٻئي بابا سائين جا دوست هئا ۽ ساڻس گڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ به شامل هئا. آئون هندستان ويس ته ساڻم ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ اتي منهنجي ڏاڍي خاطر تواضح ڪيائون، سڄي ممبئي گهمايائون، پنهنجن گهرن ۽ هوٽلن ۾ منهنجو ڏاڍيون دعوتون ڪيائون. دادا گوبند پنجابي هڪ ڏينهن مونکي ماسٽر چندر جي گهر وٺي هليو، جيڪو صفا پوڙهو ٿي ويو هو. چندر جي گهر واري به زنده هئي. سندس پٽ مهيش چندر، هاڻ هندستان ۾ هندي ۽ سنڌي ڳائڻ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي، سو ڪنهن پروگرام تحت، ممبئي کان ٻاهر ويل هو، اسان ٻنپهرن جي ماني به ماسٽر چندر جي گهر کاڌي. اسان کيس سنڌ جون ڪافي ڳالهيون ٻڌايون ۽ حال احوال ڏنا، پر پاڻ اسان جي ڳالهائڻ دؤران هڪ لفظ به نه ڳالهايو ۽ اسان کي مسلسل ٻڌندو رهيو. ڪچهريءَ دؤران، سندس گهر واريءَ چانهن وغيره سان اسان جي خاطر تواضح ڪئي. چندر مونکان پهريون سوال هي ڪيو ته ”عبدالحئي! توهان جي اوطاق ۾ جيڪو نم جو وڻ بيٺل هو سو اڃا تائين بيٺل آهي يا سُڪي ۽ وڍجي ويو؟ آئون اهو سوال ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويس، ته مار! اڄ اسي وارو ڏهاڪو آهي ۽ هي ماڻهو ستيتاليھن / اٺيتاليهن ۾ ويا، يعني انهي ڳالهه کي تقريباً 40 سال ٿي ويا، پر هنن ماڻهن جو وطن هو، تن سنڌ خوشيءَ سان ڪانه ڇڏي هئي، انهن هندو سنڌين جي هندستان ۾ پيدا ٿيل نئين نسل کي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان ڪابه دلچسپي ڪانهي، اتم جي ڌيءَ، جيڪا دبئي ۾ رهندي آهي، تنهن سنڌ جي دؤري دؤران چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو ته ڪو وجود ئي ڪونهي ۽ هندستان ۾ هڪ به سنڌي اسڪول ڪونهي. ورهاڱي کانپوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا کان وٺي ڊاڪٽر فهميده حسين تائين جيڪي به سنڌي عالم اديب هندستان ويا انهن هندستان جي سنڌين بابت تمام سخت ڳالهايو آهي، چندر اسان کي ٻني اچڻ جو سربستو احوال ٻڌايو، چيائين هڪ دفعي آئون پنهنجي شهر ٺارو شاھ کان حيدرآباد آيس ۽ ٽنڊي جهانيان ۾ راڳ جي محفل ڪيم، اتان ڪو هندو سيٺ مونکي محفل ڪرڻ لاءِ لائقپور وٺي ويو، اها راڳ جي محفل شاديءَ ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ توهان جو پيءَ ارباب نورمحمد پليجو به آيل هو. تنهن مونکي چيو ته هتان واپسي ۾ توهان ٻني ۾ به راڳ جي محفل ڪجو. مون سندس دعوت قبول ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ٻني آيس ۽ اوهان جي اوطاق ۾ نم هيٺيان، سڄي رات محفل ڪئي، انهي محفل ۾ موجود هڪ هندو تپيدار، محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ مونکي سندس جاءِ / چاوڙي تي وٺي آڻي سمهاريو. صبح جو ارباب نورمحمد ۽ انهي تپيدار کان موڪلائي مونکي ٻيڙيءَ ۾ ويهاري حيدرآباد روانو ڪيو. انهيءَ عاليشان نم هيٺان بهار جي مند ۾ راڳ جي محفل مونکي اڄ به ياد آهي. مون کيس ٻڌايو ته اهو نم اڃا تائي قائم دائم آهي ۽ سرسبز آهي، پر ڪافي پراڻو هئڻ ڪري منهنجي پٽ فرُخ جي چوڻ تي، جيڪو ايگريڪلچر گريجوئيٽ آهي، ڪجهه ٽار وڍي ڪافي هلڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي جا صفا سڪل ڇوڏا لاهي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري اڃان به سائو ستابو لڳو پيو آهي. نمورين پچڻ تي، اڃا تائين ماڻهو مڻن جي مقدار ۾ نمورين جو ٻوريون ڀري، پيڙهائي ان مان تيل ڪڍي ڪم آڻيندا آهن. پاڻ ٻڌايائين ته مهتاب محبوب هڪ دفعو انڊيا آئي ته مون وٽ اچي رهي هئي. ماسٽر چندر اسان کي ٻنپهرن جي عاليشان ماني کارائي ساڻس ڪافي دير تائين ڪچهري ڪري پوءِ کانئس موڪلائي، دادا گوبند جي گهر موٽي آياسين.
    آئون جنهن علائقي ۾ رهان ٿو انهي کي لاڙ چوندا آهن، انهيءَ جي به هڪ پنهنجي تاريخ تهذيب ۽ ثقافت آهي آئون چاهيان ٿو ته توهان کي هن علائقي جي سياحت جو ٻڌايان. لاڙ جي هن سڄي خطي جي سياحت ۽ تجارت جي اهميت اسانکي قديم زماني کان تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿي. جنهن جو احوال ڪجهه هن ريت آهي. ته قديم زماني ۾ خشڪي رستا تمام گهٽ ۽ غير محفوظ هوندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ سڄي دنيا ۾ آمدرفت جو مکيه ذريعو پاڻي جا رستا هئا، جيڪي سمنڊن، ندين ۽ درياهن تي مشتمل هئا. آمدرفت جا درياهي ۽ سامونڊي رستا موجوده دؤر ۾ به سڄي دنيا ۾ واپار ۽ سياحت جو مکيه ذريعو آهن. يورپ ۾ اڄ به وڏي پيماني تي سياحت ۽ واپار ندين ذريعي ٿئي، پر پاڻ وٽ هاڻ تجارت ۽ سياحت لاءِ درياهن ذريعي آمدرفت ۽ سير ۽ سفر مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. سواءِ حج جي، اسان وٽ سامونڊي سفر به گهٽجي ويو آهي. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ڪراچي بندر کان ممبئي لاءِ سامونڊي جهاز، پهريون ڀيرو، برٽش انڊيا نيويگيشن محڪمي وارن هلائڻ شروع ڪيو. جنهن جي عرشي جو ڀاڙو پنج رُپيا هوندو هو. ان کان پوءِ حاجي قاسم اسٽيمرس ڪمپنيءِ في ڪس ڀاڙو، فقط اڍائي رپيا ورتو ۽ هر مسافر کي هڪڙو ريشمي رومال به ڏيندا هئا. هتي جهاز رانيءَ جي احوال لکڻ جو مقصد آهي ته سنڌي جي لاڙ واري خطي جي ڏکڻ طرف واري سموري سرحد، سامونڊي ڪنارو آهي جيڪو ساڍا ٽي سئو ميلن تي مشمتل آهي. انهيءَ سامونڊي ڪناري تي هزارين سالن کان ڪيئي ننڍا وڏا بندر قائم هئا، جن وسيلي سنڌ جي ٻي دنيا سان تجارت ۽ سياحت هلندڙ هئي. عرب توڙي يورپي حمله آور قومون پڻ سنڌ ۾ سامونڊي رستي کان داخل ٿيا. سنڌي جي سامونڊي ڪناري وارو سمورو علائقو ۽ سنڌو نديءَ جو حيدرآباد تائين وارو حصو، سنڌي جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ شامل آهي. لاڙ واري ڀاڱي ۾ ماضيءَ ۾ هيٺيان بندر موجود هئا. 1. گزري بندر 2.گهوڙا ٻاري بندر 3. ڪيٽي بندر 4. ديبل بندر 5 لاهري بندر 6. شاھ بندر 7 اورنگا بندر 8 کڙڪو بندر 9 علي بندر 10 ٺٽو بندر، هندستان ،بلوچستان ۽ عربستان جا هيٺيان بندر سنڌ کي تمام ويجها هئا، هندستان جا 1 مانڊوي بندر ڪڇ ۾، 2 لکپت بندر، ڪڇ ۾، 3 پور بندر ڪاٺياواڙ ۾ هئا. بلوچستان جو 1 سون مياڻي بندر، 2 جيواڻي بندر، 3 گوادر بندر هو اومان جو، 1 پسني بندر ۽ 2 مسقط بندر هو.
    مولانا سيد سليمان ندوي، سنڌ جي عربن سان لاڳاپن بابت سندس لکيل ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته عرب سوداگرن، سنڌ مان هزارين سالن کان وٺي واپار پئي ڪيو. سڪندر اعظم جي بَري ٻيڙي جي اميرالبحر، نيريسڪس، بحري سفر بابت سندس ڪتاب ۾ ٺٽي شهر کي ”هينا نگر“ ڪري لکيو آهي. اهڙو اظهار وليم ونسيٽ پوءِ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. هڪڙي انڊين ٽي وي چينل تان مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪلام ساوڻ ميگهواڙ جي آواز ۾ ٻڌم، ساوڻ ميگهواڙ سان گڏ، اٽلي جي زبان ۾ اٽلي جي هڪ مشهور ڳائڻي جو گانو به ڳائيل ٻڌم، جيڪو جئيپور جي شاهي محل ۾ فلمائيل آهي بين الاقوامي شهرت ماڻي چڪو آهي.!
    پاڪستان جي سٺ سيڪڙو دولت لاڙ جي خطي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪياماڙي بندر بن قاسم بندر ۽ دُنيا جا ٻيو نمبر ڪوئلي جا وڏا ذخيرا جيڪي سونڊن ۽ ننگرپارڪر ۾ آهن. تيل ۽ گئس جا به وڏا ذخيرا لاڙ ۾ آهن. پر انهيءَ سموري دولت تي پنجاب قابض آهي. لاڙ جي ماڻهن جي حالت اها آهي. ته بقول شاھ ڀٽائي :
    ”سسئي ۽ سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾!“
    جڳ مشهور سياح، محمد ابن بطوطه پنهنجي سنڌ جي سفر جي پڇاڙيءَ ۾ اچي لاهري بندر ڏٺو، تنهن بابت بيان ڪري ٿو ته هي تمام خوبصورت شهر آهي. هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي اڏيل آهي. سنڌو دريا پڻ هن شهر جي پاسي وٽان لنگهندو، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اصل ۾ هي شهر هڪڙو تمام وڏو بندرگاھ آهي. جتي يمن ۽ فارس جا سوداگر تمام گهڻا تجارتي ٻيڙا هاڪاري اچن ٿا. تنهن ڪري هي شهر تمام شاهوڪار ۽ خوش حال آهي. هتي محصول تمام گهڻو ورتو ويندو آهي. علاء الملڪ مونکي ٻڌايو ته هن بندرگاھ جو فقط محصول به سٺ لک دينار آهي. جنهن مان مونکي انهيءَ جو ويهون حصو ملندو آهي. (ابن بطوطه جو سفر نامون ص 14)
    سنڌ جو لاڙ وارو علائقو، جيڪو هينئر ٺٽي، سجاول، ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ ڪراچي ضلعن تي مشتمل آهي. پر اڳوڻون پ پ پ سينيٽر، قربان شاھ چئي ٿو ته اسانجو مير پور خاص وارو ضلعو به لاڙ ۾ شامل آهي. سنڌ جي هن لاڙ واري علائقي ۾ سنڌ جا تمام ناميارا حاڪم، بزرگ ۽ عالم پيدا ٿيا. انهن ۾ ڄام نظام الدين سمون، سڀني کان وڌيڪ ڪامياب، انصاف ۽ امن قائم ڪندڙ ۽ ديندار حاڪم ٿي گذريو اهي. تنهن لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر، نياز همايوني، شعر لکيو ته:
    سنڌڙي ڪنهن ارغون جي ناهي،
    سنڌڙي ڄام نظام جي آهي،
    غاصب توکي ڪو حق ڪونهي،
    سنڌڙي سنڌ جي عوام جي آهي.
    ٻيو حاڪم دودو سومرو شهيد هو. درياء خان دولھه ڄام نظام الدين جي لشڪر جو سالار ، ڄام فيروز سان وڙهندڙ ارغون فوج سان جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو. تنهن کان سواءِ شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، شهيد شاھ عنايت الله صوفي ميران پور / جهوڪ وارو، مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، محمد زمان لنواريءَ وارو، پير پٺو، سيد جميل شاھ، سخي ڏاتار، شاھ يقيق، محمد علي جناح، مولانا حاجي احمد ملاح ۽ ٻيا به ڪيترائي عالم ۽ اڪابر هن لاڙ واري خطي ۾ پيدا ٿيا. سنڌ جا آڳاٽا گاديءَ وارا شهر، جهڙوڪ ٺٽو، محمد طور، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي، نيرون ڪوٽ به لاڙ واري خطي ۾ ئي موجود هئا. پرڏيهي سياح به وڏي تعداد ۾ لاڙ واري علائقي ۾ ئي ايندا هئا. سنڌي ٻولي ۾ لکيل اوائلي سفرناما به گهڻي تعداد ۾ لاڙ جي رهاڪن لکيا. مثلاََ سيد ميران محمد شاھ، سندس انگلينڊ ۽ اسپين جي سير ۽ سفرجو احوال، سائين جي ايم سيد سندس لکيل خطن ۾ بيان ڪيو آهي جيڪي ”رهاڻ“ جي سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل آهن. سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو لکيل سفرنامو ”آمريڪا جو سير ۽ سفر“ جي نالي سان شايع ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جا سير ۽ سفر متعلق لکيل خط، ”سڄڻن جي سار“ عنوان سان ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر الانا اهي خط انگلينڊ جي سفر دؤران لکيا هئا، ڊاڪٽر عبدالجبار جو سندس چين واري سفر بابت لکيل سفرنامون ”مائو جي ملڪ ۾“ جي سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سندس آتم ڪهاڻي ۾ بمبئي جو احوال سفرنامي وانگر لکيو آهي. پرواني ڀٽيءَ جا سندس سينيگال جي سفر بابت لکيل خط ”روزانه عبرت“ اخبار ۾ شايع ٿيا. الهبچائي سمي جو لکيل سفرنامون لاڙ جو سير ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. تنهن کان سواءِ سير ۽ سفر متعلق منهنجا لکيل15 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه پريس ۾ ڇپائي هيٺ آهن. سفرناما گهڻو ڪري اهي ماڻهو لکندا آهين جيڪي اڪثر ڪري هن جهان کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ معروضي حالتن جو اصل علم پرائڻ خاطر سير سفر ڪندا آهن. ۽ معلوم ڪرڻ جي جستجو ۾ مشغول رهندا آهن، ته دنيا جي هن گولي تي موجود ملڪن ۾ انسان ذات جي زندگي ڪيئن ٿي گذري، ماڻهن جو ڪار وهنوار ڪهڙو آهي، انهن ملڪن جي ماڻهن جون مختلف مقصدن جي ڏس ۾ ثقافتي سرگرميون، ريتون، رسمون رواج ڪهڙا آهن ۽ انساني زندگيءَ ۽ سماج متعلق سندن سوچون، فڪرات ۽ عقيدا ڪهڙا آهن.
    قديم زماني جا سياڻا ماڻهو، بندرگاھن تي وڃي، پرڏيهي سوداگرن، سياحن ۽ سياڻن سيلاني ماڻهن کان، سندن سفر سودي، سير ۽ سياحت بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌندا هئا. ۽ پنهنجي وطن واسين کي انهن ڳالهين کان واقف ڪندا هئا هن زماني ۾ سير سفر جتي هڪ روح ريجهائيندڙ وندر آهي ته اتي علم پرائڻ جو به تمام وڏو وسيلو آهي هن دؤر ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ته هر ڪا شئي موجود آهي ۽ دنيا جي هر هڪ ڪُنڊ ڪُڙڇ جا احوال هڪيا ملن ٿا. ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن سان گڏ، فلمن، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي فيس بڪ ۽ ٻين بي شمار چينلن ۽ ويب سائيٽن ذريعي سڄي دنيا جي قومن جون سموريون ڪارگذاريون اکين سان روبرو پيون پسجن. قديم دؤر ۾ ڄاڻ سڃاڻ ۽ خبرچار رسائڻ وارا موجوده جديد ذريعا ته هئا ئي ڪونه! تنهن زماني ۾ پرڏيهن ۽ پرديسي ماڻهن جا احوال حاصل ڪرڻ لاءِ بيحد ڊگها، اڙانگا ۽ گهڻا سفر ڪرڻا پوندا هئا. اهي اڙانگا سفرڪي ڪي بهادر ۽ بانڪا ماڻهو، چست ۽ چالاڪ ماڻهو، بردبار ۽ باهمت ماڻهو، اتم عزم ۽ مثبت مقصد جي حصول خاطر، سخت، جفاڪش، اورچ مهم جو، ۽ مهندا مڙس ڪشالا ڪڍي دنيا جي گولي جا چڪر لڳائي علم ۽ آگھيءَ جا انمول خزانا ۽ دُنوي دولت جا پڻ انبار آڻيندا هئا. سائنس جي ترقي سان موجوده دور ۾ گذر توڙي سفر جا تمام گهڻا وسيلا مُيسر آهن. اسانجن سرنديءَ وارن خوشحال ماڻهن کي گهرجي ته رڇن، ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهين تي خرچ ٿيندڙ پيسا دنيا جي سير سفر ڪرڻ ۾ خرچ ڪري، ڌرتي جي هن گرھ تي ڇا پيو ٿئي، وهي ۽ واپري، پنهنجي اولاد کي ترقي يافته ملڪن ۾ تعليم ڏياريو ۽ پنهنجي خاندان سان قوم ۽ وطن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪريو. دنيا ۾ انهن قومن ئي ترقي ڪئي آهي، جيڪي تعليم ۽ تجارت ۾ اڳتي آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جو محسن ۽ عظيم، عالم،مخدوم ابوالحسن، جنهن موجوده سنڌي ٻولي، جي اولين آيوٽا يعني الف بي تيار ڪئي، انهيءَ رسم الخط جنهن سنڌي ٻولي جي موجوده مروج رسم الخط جي تشڪيل لاءِ گهربل حقيقي بنياد مهيا ڪيو. اهو ئي مهان عالم، ٺٽي يعني لاڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي جي سياڻپ، سورهيائي ۽ جدوجهد جي نرالي علامت، ڪلاچي جو معذور، مورڙو ملاح، حقيقت ۾ ڪرشمارتي ڏاهپ جو حامل ۽ سنڌ جي حيرت انگيز شجاعت جو قابل فخر اڻموٽ سپوٽ ۽ سنڌي ديوَمالا جو اُملھه ماڻڪ هو. ادب جي عالمي تاريخ موافق، سنڌي ادب جو بيشتر ۽ بي بها خزانو، سنڌي لوڪ موافق، سنڌي ادب تي مشتمل آهي. لوڪ ادب جي زندگي جو محور لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ داستان هوندا آهن. جن ۾ قوم جي مڙني طبقن جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگي جي سمورن پهلوئن جي حقيقي ڪردار نگاري موجود هوندي آهي. سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي، سنڌ جي لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن ۾ لوڪ موسيقي جي صورت ۾ پڻ ڀلي ڀت معروضي طور موروثي ڀائيواري آهي. ڪيترن ئي لوڪ داستانن جو معروضي تعلق لاڙ واري ثقافتي طور زرخيز علائقي سان واڳيل آهي. جهڙوڪ؛ نوري، ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون، مير باگو، سونيتي ۽ مورڙي ميربحر وارن جا داستان، جاگرافي، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان لاڙ جي ماضي جا معروضي مزار آهن.
    شريف الادريسي به هڪڙو وڏو عالم سياح هو، تنهن سندس لکيل ڪتاب “نُزهة المشتاق“ ۾ ڄاڻايو آهي ته منصوره هڪ وڏو ۽ ڏاڍو آباد شهر آهي. هت شاهوڪار واپاري رهن ٿا. دولت ۽ چوپايو مال تمام گهڻو آهي زمينون سرسبز ۽ باغ ميويدار آهن. ماڻهن جا گهر پڪا ۽ ڪچا، ٻنهي قسمن جا آهن ۽ شهر غريبن جو تڪليفون دور ڪندڙ آهي، هتي جي رهاڪن لاءِ شهر ۽ پسگردائي ۾ وڻندڙ ۽ فرحت بخش جايون آهن، جت اهي تفريح لاءِ ويندا آهن. آرام، سڪون ۽ تفريح لاءِ ڪيترائي ڏينهن مقرر آهن. هتي چاندي ۽ ٽامي جا سڪا رائج آهن. هتي جو درهم، چاندي واري معياري درهم کان پنجوڻي قيمت جو آهي. هتي واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهن جو وڏو تعداد رهي ٿو، بازارون با رونق ۽ کاڌي پيتي جي سامان سان ڀريون پيون آهن. هتي مڇي ته جام ٿئي، پر گوشت به سستو آهي. باقي ميوات ڪجهه هت ٿئي ڪجهه ٻاهران اچي.
    سنڌ ۾ انگريز سياحن جي اچڻ ڪري، سنڌ جي تاريخ جي درٻاري طرز تحرير ڦِري، عقلي ۽ علمي بنياد تي لکجڻ لڳي، جنهن ۾ ليکڪن، انگريزن جي سامراجي مفادن کان سواءِ باقي ٻين سمورين ڳالهين کي حقيقت پسند ٿي لکيو. مغلن جي دؤر حڪومت کان وٺي، ڪي سياحت لاءِ ۽ ڪي وري جاسوسيءَ واسطي، سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ انگريز ۽ ٻيا يورپي ماڻهو ايندا رهيا. انهن سنڌ بابت بيشمار ڪتاب لکيا. انهن ڪتابن مان يورپي لوڪ به گهڻو ڪري سنڌ جي سامونڊي ڪناري کان، يعني لاڙ واري علائقي وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. سن 1699ع دؤران سنڌ ۾ آيل هڪڙي انگريز سياح، اليگزينڊر هئملٽن، سندس سفرنامي ۾ ٺٽي شهر بابت لکيو آهي ته ٺٽو شهر دينيات، لسانيات، سياسيات ۽ تعليم جي درس ۽ تدريس جي سلسلي ۾ خاص شهرت رکي ٿو. هت چار سئو وڏا تعليمي ادارا آهن. جت شاگردن کي مٿئين علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. انگريز جاسوس فوجي، هينري پاٽنجر سن 1809ع ۾ سنڌ ۾ آيو، تنهن سندس سنڌ ۽ بلوچستان واري سفرنامي ۾ لکيو آهي ته جڏهن نادر شاھ دهليءَ کان سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ آيو تڏهن ٺٽي شهر ۾ لونگين ۽ گربين اُڻڻ وارن ڪورين جا چاليھه هزار آڏاڻا هئا. صرافن، ناڻي جي مٽا سٽا ڪرڻ وارن، اناج جي واپارين ۽ ٻيا مختلف ڪاروبار ڪرڻ وارن جي دڪانن جو تعداد سٺ هزار هو. تنهن کان سواءِ ٻين مختلف هنرن جا ڪاريگر پڻ وڏي تعداد ۾ موجود هئا، تن جو انگ ويھه هزار ٻڌايو ويو آهي. رچرڊ فرانسز برٽن، سندس ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ لکيو آهي ته سنڌي بابت ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته انگريزن جي هندستان ۾ اچڻ وقت هندستان جي ڪنهن به ٻي مقامي ٻولي ۾ ايترو ادب موجود ڪونه هو،، جيترو سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود هو.
    لاڙ جي خوبصورت ۽ مٿاڇري ۽ شاهوڪار شهرن کي ڏسڻ لاءِ هڪ طرف سوين پرديسي سيلاني ايندا هئا ته ٻئي طرف بندرن تي قائم هئڻ سبب انهن شهرن کي ڪيترن ئي حريص سلطانن ۽ سردارن ڦري نيست و نابود ڪري ڇڏيو . مثلاً ديبل بندر واري شهر کي عربن ۽ ٺٽي شهر کي ارغونن، ترخانن ۽ پورچوگيزن تاراج ڪيو. پورچوگيز لاهري بندر کان ٿيندا. 1566ع ۾ ٺٽي آيا ۽ شهر ۾ تمام گهڻي خونريزي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ موٽي وڃڻ وقت شهر کي باھ پڻ ڏنائون. ڪن مغربي محققن لکيو آهي ته پورچوگيزن ٺٽي شهر جي ڦرلٽ مان ايترو ته گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو، جو ايترو گهڻو مال غنيمت کين ڪنهن به ٻي هنڌ ڪيل ڦرلٽ ۾ هٿ ڪونه ڪيو هو.
    اڄ به لاڙ جا چار ماڳ: ڀنڀور، مڪلي، بادشاهي مسجد ۽ ڪينجهر سنڌ جي اهم ۽ عظيم تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي مرڪزن ۾ شامل آهن. انهن سمورن تاريخي ۽ تفريحي ماڳن تي اونهاري جي مند دؤران چند مهينن اندر لک کن سياح ته ضرور ايندا هوندا. جيتوڻيڪ سياحت کاتي طرفان اتي ڪو جوڳو بندوبست ٿيل ڪونهي. پر جيڪڏهن اتي ڪوھ مري تي ٿيل بندوبست جيترو هجي ته شايد سياح هتي ڪيئي لکن جي تعداد ۾ اچي سهڙن. اهڙو گهربل بندوبست خانگي شعبي کي شامل ڪرڻ سان بلاشڪ نهايت خوش اسلوبيءَ سان ٿي سگهي ٿو.
    لاڙ جي سامونڊي بندرن ۽ شهرن ۾ سوداگرن سان گڏ ڪيترن ئي عرب، ترڪ، پورچوگيز، انگريز ۽ ٻين يورپي قومن جا سياڻا سيلاني توڙي عالم ۽ عارف افراد پڻ ايندا هيا. ۽ لاڙ سميت سنڌ جو سير ۽ سفر ڪري، سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب، رسالا ۽ مقالا لکي شايع ڪيا. انهيءَ سموري علمي خزاني جو هتي مفصل بيان نٿو ڪري سگهجي. هن کان اڳ ابن بطوطه جا ڪجهه تاثرات پيش ڪيا اٿم، جنهن سنڌ جي شهر ”برهمڻ آباد“ کي ”بهنوا“ لاهري بندر کي ”لوهراني“ ۽ سيوهڻ کي ”سيوستان“ ڪري لکيو آهي. ديبل بندر ۽ منهوڙي جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس. پاڻ لکي ٿو ته اروڙ کان هيٺ سنڌو دريا کي مهراڻ سڏبو آهي. سنڌو درياء وهندو، پوڇڙ ۾ ٻن شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. انهن مان هڪڙي شاخ لاهري بندر جي ويجهو ۽ ٻي شاخ ڪجهه قدر پورب کان هٽي، ڪڇ واري علائقي مان وهندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هو لکي ٿو ته سنڌ ۽ هند جا ماڻهو ڊگها وار انهي ڪري رکندا آهن ته جيئن مغز کي گرمي نه لڳي.
    سن 346ع هجري ۾ عرب سياح، علي بن حسين جو ادبي نالو ”مسودي“ طور مشهور ٿيو. هو تمام وڏو سياح ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. پر افسوس! جو سندس فقط ٻن ڪتابن التنبيھه والاشراق ۽ ٻيو مروج الذهب کان سواءِ باقي ٻين سمورن ڪتابن جي نالن جي به ڪا خبر ناهي! مٿي ڄاڻايل ٻن ڪتابن جو فرينچ ٻولي ۾ ترجمو ٿيو. تنهن کان پوءِ انهن ڪتابن جو انگريزي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيو ۽ ڪتاب التنبيهه و الا شراق“ سن 1894ع ۾ لنڊن ۾ شايع ٿيو. مسودي انهي ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند کي ٻه جُدا مُلڪ ڄاڻائي ٿو ۽ سنڌي ٻولي بابت لکيو آهي ته اها ٻولي هندي ٻولي کان مختلف زبان آهي. سنڌ تي سڪندر جي حملي بابت لکي ٿو ته سنڌ مان واپس وڃڻ وقت سڪندر سنڌ جا ڪجهه عالم اديب ۽ سياڻا ماڻهو به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. مسودي سنڌ جي حدن بابت لکي ٿو ته سنڌ ۽ ملتان هڪ ملڪ هو ۽ ان وقت قنڌار جو حاڪم به سنڌي راجائن جي خاندان مان ئي هو. هو کنڀات کي به سنڌ جي اثر هيٺ ڏيکاري ٿو. سنڌ جي کرڙي واري جنگ، جيڪا ڌارئين حمله آور شاھ شجاع ۽ سنڌين جي وچ ۾ لڳي. انهي جنگ بابت جنهن شاعر سر ڪيڏارو تخليق ڪيو. سو هئو خليفو نبي بخش قاسم . سندس مرقد بدين ضلعي ۾ موجود آهي. سندس رسالو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهي. کيس ڪيڏاري جو قادرالڪلام شاعر سڏڻ ۾ ڪوبه وڌاءَ ڪونهي. موجوده دؤر ۾ بدين جي جاکوڙي ڪردار جو حامل محمد سومار شيخ به لاڙ جي محققن ۽ مؤلفن ۾ شامل آهي.
    شاديءَ جي ويهن مهينن کان پوءِ مونکي آڪٽوبر 1978ع ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو رخسار حسين رکيم پر پوءِ اهو نالو نورمحمد ٿي ويو، جنهن جو احوال پهرئين جلد ۾ ڪري آيو آهيان پوءِ ڊاڪٽر پارس ڄائي، پوءِ فرخ ۽ پوءِ پرھ، محبوب ۽ سِپي ڄاوا. ستين ڪلاس تائين منهنجا ٻار اسان جي ڳوٺ، ٻني ۾ پڙهيا، پوءِ ڇوڪريون سينٽ ميري اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيون. ۽ انهي اسڪول جي هاسٽل ۾ رهيون. ڇوڪرا نورمحمد ۽ فرخ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيا. محبوب سينٽ بونا وينچر اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو ۽ رهيو پنهنجي حيدرآباد واري گهر ۾. نور محمد پيٽارو مان انٽرميڊيئٽ ڪري، پوءِ بي بي اي ۽ ايم بي اي زيبسٽ ڪراچي مان ڪئي ۽ 2006ع ۾ انگلينڊ ويو. هن وار وِڪ يونيورسٽي مان ايم ايس سي جي ڊگري ورتي. تنهن سبب کيس انگلينڊ ۾ سروس ملي وئي. تڏهن کان وٺي هو اُتي ئي رهي ٿو ۽ کيس ۽ سندس گهر واريءَ کي برٽش سٽيزن شپ به ملي وئي آهي. کين ٻه ٻار به ڄاوا آهن. مِنا ۽ آئون گذريل سال هتان لنڊن وياسين، پوءِ اتان نورمحمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه ۽ سندن ٻه ٻار، عبدالحئي جونئير ۽ زينب لنڊن کان اسپين باءِ روڊ وياسين. ڇو ته نورمحمد وٽ برٽش گورنمينٽ طرفان ڏنل ڊرائونگ لائيسنس آهي. تنهن ڪري هو سڄي يورپ ۾ ڊرائيونگ ڪري سگهي ٿو. اسپين ۾ اسان ملاگا، غرناطه، قرطبه ۽ سيول شهرن جو سير ڪري پوءِ اتان کان پورچوگال وياسين . اسپين ۽ پورچاگال ۾ ويهارو کن ڏينهن گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ واپس لنڊن آياسين. ٻيو دفعو آئون ۽ منيٰ ڪراچي کان سڌا ويانا وياسين ۽ نور محمد وارا لنڊن کان سڌا ويانا اچي اسان سان مليا. اتان گاڏي ڪري پوءِ اسان يورپ جا ست ملڪ باءِ روڊ گهميا. ويانا کان روانا ٿي اسان پهرين هنگري جي گاديءَ واري شهر، بڊاپيسٽ وياسين. جت پنهنجي فيملي فرينڊس، ڊورڪا وارن سان گڏجي بڊاپيسٽ شهر گهميو. تنهن کان پوءِ اسان چيڪ ريپبلڪ جي شهر پراگ وياسين، پوءِ سلوويڪيا، پوءِ جرمني، سوئزرلينڊ، اٽلي ۽ آسٽريا گهمي تقريباً چئين هفتن کان پوءِ واپس پاڪستان آياسين. نورمحمد جي فيملي لنڊن ۾ رهڻ سبب هاڻ نه رڳو اسان هر سال لنڊن وڃون، پر سِپي، پرھ ۽ محبوب وارا به جڏهن لنڊن وڃن، ته اتي نورمحمد جي گهر وڃي رهن. نورمحمد جڏهن اڃا يارهن سالن جو ٻار هو، تڏهن به مون ۽ منا سان گڏ. سعودي عرب، انگلينڊ، فرانس، بيلجيم، هالينڊ، لگزمبرگ، جرمني، مناڪو، سئيزرلينڊ ۽ اٽلي گهمي آيو هو. منهنجي وڏي ڌيءِ پارس سنڌو ايم بي بي ايس ۽ هائوس جاب ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه سال سعودي عرب ۾ وڃي ميڊيڪل آفيسر طور سروس ڪئي، هوءَ هاڻ سندس گهر واري ڊاڪٽر مالڪ سان گڏ آغا خان هاسپيٽل ۾ سروس ڪري پئي، کين ٽي ٻار آهن. هڪڙي ڌيءُ، رانيا ۽ ٻه پٽ، عبدالصمد ۽ روحل آهن. منهنجو ٻيو پٽ، فرخ حئي، پيٽاري ۾ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام اچي داخل ٿيو، جتان بي ايس سي آنرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ شرط کيس الفلاح بينڪ، ڪراچي ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي نوڪري ملي ۽ نوڪري دؤران ايم بي اي به ڪيائين. پاڻ هاڻ الحبيب بئنڪ ۾ جاب ڪري پيو، سندس گهر واري عائشه ٽالپور، ڪراچي ۾ هڪ گرلس ڪاليج ۾ ليڪچرر آهي. کين هڪ پٽ ماڻڪ موتي نالي سان آهي.


    5

    اسان فرخ کي ايگريڪلچر جي تعليم انهي ڪري ڏياري ته جيئن هو زراعت جي تعليم حاصل ڪري پنهنجي زمينداري سنڀالي پر پاڻ اڃا تائين بينڪ سروس پيو ڪري منهنجو ننڍو پٽ محبوب سي بي ايم ڪراچي مان ايم بي اي ڪرڻ بعد اسڪاٽلينڊ جي سينٽ اينڊريو يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. جتان ايم ايس ڪرڻ بعد ڪجهه وقت الفيصل بينڪ ڪراچي ۾اي وي پي طور جاب ڪيو ۽ هاڻ الحبيب بينڪ ڪراچي ۾ آر وي پي طور ڪم پيو ڪري. سندس گهر واري سحرش ڊوگر زيبسٽ مان گولڊ ميڊلسٽ طور ايم بي اي ڪئي. هوءَ هن وقت جي ايس ڪي ڪمپني ۾ ملازم اهي. منهنجي ٻيو نمبر ڌي پرھ سنڌو آءِ بي اي ڪراچي مان ايم بي اي ڪئي ۽ ٻه ٽي سال پي ايس او. ڪلفٽن ڪراچي ۾ اسٽيشن مينيجر ٿي رهي. سندس گهر وارو طارق ڪوريجو، سٽي بيئنڪ ڪراچي ۾ملازم آهي. اهو هاڻ ڪافي سالن کان ڊبلن شهر جي سٽي بينڪ ۾ ڊائريڪٽر آهي ۽ فيملي سميت اتي رهيل آهي. تنهن ڪري پرھ پي ايس او واري نوڪري تان ستعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ڊبلن يونيورسٽي مان ايم ايس جي ڊگري وٺي، هفتو کن جاب پڻ ڪيو پر اهو ڇڏي ڏنو، کين ٻه پٽ اويس ۽ حسان ۽ هڪ نياڻي آمنه آهي. ٽيئي ٻار اتي پڙهي رهيا آهن. طارق ڪوريجو جي فيملي کي آئرلينڊ جي شهريت به ملي وئي آهي. اسان جو آخري ٻار نياڻي سپي سنڌو پليجو آهي. سپي شروع ۾ سينٽ ميريز اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهي پوءِ سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻن سميت ڪراچي آئي ۽ سٽي اسڪول درخشان ڪلفٽن ۾ داخل ٿي اتان اي ليول يعني انٽرميڊيٽ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سي بي ايم ڪراچي مان بي بي اي ۽ ايم بي اي ڪيو ۽ ڪجهه وقت البرج بينڪ ۾ جاب ڪيو. تنهن دؤران سندس شادي ٿي. سندس گهر وارو سيد ثاقب علي، عارف حبيب گروپ آف انڊسٽريز ۾ ڊائريڪٽر آهي. سندن هڪ نياڻي، مناهل ۽ هڪ پٽ مصطفيٰ آهي. جيڪا هاڻ نرسري اسڪول ۾ پڙهڻ لڳي آهي. سپي ٻار پيدا ٿيڻ کانپوءَ نوڪري ڇڏي ڏني. سپيءَ وارا هاڻ اسان جي گهر ويجهو ڪلفٽن ۾ سندن پنهنجي گهر ۾ رهندا آهن. اهڙي طرح سان اسان جا سڀئي ٻار هن وقت اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ پنهنجي پنهنجي شريڪ حيات سان گڏ، خوش گذاري رهيا آهن. دُعا آهي ته خدا ڪري ته جت به هجن ات خوش هجن! جڏهن ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي تڏهن مون کين چيو ته بابا! توهان جي شريڪ حيات سان گڏ زندگي خود توهان کي ئي گذارڻي آهي. سو ڪوشش ڪري پنهنجي مرضي سان سوچي ۽ سمجهي شاديون ڪريو. تڏهن ڪن سندن مرضيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪن چيو ته بابا! توهان ئي اسان کي شادي ڪرايو. جڏهن اهو پڙهندو آهيان ته تمام آزاد خيال ماڻهو به پنهنجي ٻارن کي پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ نه ڏيندا آهن. جنهن جو پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو مثال محمد علي جناح آهي، جنهن پنهنجي ڌي سان پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ ڪري، سڄي زندگي ڪونه ڳالهايو. اهڙو ٻيو مثال هندستان ۾ وزيراعظم جواهر لعل نهرو آهي. سندس ڀيڻ وجئه لڪشمي پنهنجي پسند سان ڪلڪتي شهر ۾ هڪ مسلمان سيد حسن سان شادي ڪئي، پر اها شادي ختم ڪرائي ڇڏي. ڏسو سر محمد يامين خان جو ڪتاب ”نامه اعمال“ صفحا 189 ۽ 228.
    اندر گانڌيءَ به هڪ مسلمان سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. پر اها شادي به موهن داس گانڌي جي مخالفت سبب ڪانه ٿي سگهي، ڏسو خوشونت سنگهه جي آتم ڪٿا.
    جڏهن اندرا گانڌي ۽ سندس مڙس فيروز جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي تڏهن اندرا گانڌي پڻس نهرو جي پرائيويٽ سيڪريٽري، مٿئي سان شادي ڪرڻ چاهي پر مٿئي کي، هندستان ٽائيمس جي مالڪ برلا چيو، ته جيڪڏهن تون اندرا سان شادي ڪندين ته نهرو توکي سڄي هندستان ۾ سُک جو ساھ کڻڻ ڪونه ڏيندو. تڏهن مٿئي اندرا سان شادي ڪانه ڪئي. اهڙو اظهار مشهور هندستاني صحافي ڪلديپ نائر، پنهنجي ڪتاب”ايڪ زندگي ڪافي نهين“ جي صفحي 304 ۽ 305 تي لکيو آهي. موهن داس گانڌي نهرو جي ڀيڻ ۽ ڌي کي سندن پسند جي شادي ڪرڻ ڪانه ڏني وئي. انهيءَ ئي گانڌي جي زندگي بابت لنڊن ۾ هڪڙو ڪتاب ”ٿرل آف دي چيسٽ“ نالي سان ڇپيو، جيڪو جيڊ ايڊمس لکيو. انهي ڪتاب ۾ ليکڪ گانڌي جي اگهاڙين عورتن سان اگهاڙو ٿي گڏجي سمهڻ واري مشغلي تي روشني وجهندي کيس مستانو ڪوٺيو آهي. گانڌي جي غير معمولي ۽ نرالي جنسياتي زندگي ڪا ماڻهن کان لڪل يا ڳجهي ڪانه هئي. گانڌي سيڪس متعلق سدائين کُلي طرح ڳالهائيندو رهندو هو ۽ پنهنجي پوئلڳن کي چڙ ڏيارڻ جهڙيون هدايتون جاري ڪندو هو. پاڻ اگهاڙين عورتن سان گڏ اگهاڙو ٿي سمهڻ وسيلي چڪاس ڪندو هو ته پنهنجي شهوت تي سندس ڪيترو ڪنٽرول آهي. جيڊ ايڊمس اڳتي لکي ٿو ته گانڌي جي سيڪريٽري جي ڀيڻ سوشيلا، جيڪا سندس ذاتي معالج به هئي، اها ننڍپڻ کان وٺي سندس خدمتگار رهي ۽ ساڻس گڏجي اگهاڙي ٿي ونهنجندي ۽ سمهندي به هئي. جڏهن گانڌي تي سوشيلا سان جنسي تعلقات هئڻ بابت تنقيد ٿيڻ لڳي. سوشيلا جي عمر جڏهن 33 سال ٿي تڏهن گانڌي ٽيهتر سالن جو هو ۽ هاڻ سوشيِلا جي جڳهه تي هڪ نوخيز ڇوڪري منو کي چونڊيو ويو، جيڪا گانڌي جي ڀائيٽي جي به ڀائيٽي هئي. آزادي کان اڳ جڏهن بنگال ۾ فساد ٿيا هئا تڏهن بنگال جي دؤري دوران گانڌي منو سان گڏ اگهاڙو ٿي سمهندو هو ۽ منوء کي چوندو هو ته ٿي سگهي ٿو ته پاڻ ٻئي مسلمانن هٿان ماريا وڃون. تنهن ڪري اچ ته پاڻ پاڪيزگي جي آزمائش ڪريون ۽ پاڻ کي معلوم هجي ته پاڻ خالص ترين قرباني پيش ڪري رهيا آهيون. يعني پاڻ ٻئي اگهاڙا ٿي سمهون. منوءَ کان سواءِ گانڌي جي ڀائيٽي جي اولاد مان هڪ فرد، ڪانو گانڌيءَ، سندس ارڙهن سالن جي زال اڀا 1947ع ڌاري اچي گانڌي سان گڏي، ته جيئن گانڌي ٻنهي ڄڻين سان يعني منو ۽ اڀا سان گڏ اگهاڙو ٿي سُمهي گانڌي جي مرڻ وقت به اهي ٻئي عورتون ساڻس گڏ هيون. گانڌي نهرو جي ڀيڻ، وجئه لڪشمي ۽ ڌي اندرا کي مسلمانن سان شادي ڪرڻ ڪانه ڏني. پر پاڻ سوشيلا، منو ۽ اڀا سان مٿيان ڪارناما پي ڪيا! آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گانڌي جا مجسما لڳل هئا، پر اتي جي ماڻهن ۽ حڪومتن، اهي سڀ مجسما هڪ هڪ ڪري لاهي اڇلائي ڇڏيا. تازو ئي گهانا يونيورسٽي جي پروفيسرن جي اعتراض ڪرڻ تي، يونيورسٽيءَ جي ٻاهرئين چوڪ تي نصب ٿيل گانڌي جو مجسمو لاهي اڇلائي ڇڏيو ۽ انهي ڀيڻي تي سندن قومي سورمي جو مجسمو نصب ڪيو ويو آهي. اسان جي ضلعي ٺٽي ۾ پهريائين صرف هڪ شوگر مل هئي جيڪا ٺٽي شهر ۽ سنڌو درياء تي تعمير ٿيل وٽ هئي اها شوگر مل ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب ٺٽي ضلعي جي ترقي لاءِ قائم ڪرائي هئي ته جيئن ٺٽي ضلعي ۾ ڪمند پوکجي ۽ هت جي عوام کي به آبادي جي سٺي رقم ملي، پر بدعنوان سياستدانن انهيءَ مل جي اهڙي ته ٻيڙي ٻوڙي جو اها مل هيمشه لاءِ بند ٿي وئي. مل جي مشينري به مذڪوره بدعنوان ڪامورن ۽ سندن جوڙيوال بدعنوان سياستدانن گڏجي چوري ڪري وڪڻي ڇڏي. ٺٽي شوگر مل ٺهڻ سان گڏ آفيسرن لاءِ عاليشان بنگلا ته ٺهيا جن ۾ ايڏو ته سٺو فرنيچر وڌو ويو، جهڙو ڪر اهي بنگلا ڪنهن ملڪ جي سربراھ جا محل هجن. ٺٽه شوگر مل ۾ حقيقي طور ضرورت فقط ٽي سئو کن ملازمن جي هئي پر ان مل ۾ تقريباً ٽي هزار ملازم ڀرتي ڪيا ويا. تنهن کان سواءِ کايار ۽ ڦورو سياستدانن ۽ بدمعاش ڪامورن کي ايڏو ته گهڻو قرض ڏنو ويو، جيڪو اهي ڪڏهن به واپس ڪري نه سگهيا. اهڙي طرح ڏيوالي سبب مل هميشه لاءِ بند ٿي وئي! عجيب ستم ظريفي اها ته مل طرفان ڏنل قرض وارو چيپٽر ئي ڪلوز ٿي ويو! مل جي انهن قرضين جا جيڪڏهن نالا لکجن ته گهڻن جي پت وائکي ٿي ويندي ٺٽه شوگر مل جي هڪڙي جنرل مينيجر اتان ايترا ته پيسا ڪمايا جو مٽياري شوگر مل ۾ وڃي پنهنجو حصو قائم ڪيائين. ٺٽه شوگر مل جي آخري چيئرمين سان سازباز ڪري سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ غوث علي شاھ به هن مل کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي سنڌ ۾ شايد هي واحد شگر مل آهي، جيڪا هميشه لاءِ بند ٿي وئي! جهوڪ واري شاھ مراد شوگر مل ٺهڻ کان اڳ، اسان به پنهنجو ڪمند ٺٽه شوگر مل کي ڏيندا هئاسين. اهو زمانو ضياء جي مارشل لا وارو هو. ملٽري ٺٽي سجاول ۽ بٺوري ۾ به رهندي هئي. منهنجو ننڍو ڀاءُ، مير نصير ان وقت ٻني يونين ڪائونسل جو چيئرمين هوندو هو. انهي ڪري آرمي آفيسرن سان گسان پنڌان ملاقات ٿي ويندي هئي. تڏهن ٺٽي شوگر ملز جا جنرل مينيجر کان وٺي ڪين مينيجر ۽ فنائنس مينجر تائين سمورا وڏا آفيسر پنجابي هوندا هئا. تن جي مل اندر ٺٺ ۽ معتبري ملٽري آفيسرن ۽ ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر کان به مٿي هوندي هئي. البته انهن ڪامورن ڪنهن به زميندار جو هڪ پيسو به نه روڪيو يا کاڌو. جڏهن ته هينئر گهڻو ڪري اڪثر شوگر ملن وارا ماڻهن کي سندن ڪمند جو پيسو به ڪونه ٿا ڏين. پوءِ ٺٽي ضلعي ۾ جهوڪ وٽ ٻي شاھ مراد شوگر ملز ٺهڻ ڪري ٺٽو شوگر ملز ۽ ان جي ڪامورن جي فرعونيت مان اسان جي جان ڇٽي پئي. جهوڪ واري ملز جا مالڪ ڪراچي جا ڪاٺياواڙي ميمڻ واپاري آهن. اهي ڪمند جي رقم باقاعدگيءَ سان ادا ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪنهن به زميندا جو هڪ پيسو به نه رهائيندا آهن. اوڻيھه سؤ اسي عيسوي ۾ حڪومت ڪمند جو اگهه واڌيو، ته دل چيو ته ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جو چڪر لڳائي اچجي سو ڪمند جي مند پوري ٿيڻ تي، ملن سان حساب ڪتاب چُڪتو ڪري، پاسپورٽ ٺهرائي، آئون ۽ عبدالعليم ميمڻ ٽڪيٽ وٺي بينڪاڪ سينگاپور ۽ ملائيشيا جي ٽوئر تي جون 1981ع ۾ ڪراچيءَ کان روانا ٿي وياسين. انهيءَ دؤر ۾ مٿين ٽنهي ملڪن لاءِ ويزا گهربل ڪانه هئي. ڊالر جي قميت پاڪستاني اٺ روپيا هئي، تنهن جي اڄ 2018ع جي مارچ مهيني ۾ قيمت 113 پاڪستاني رپيا آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ سستائي هئي ۽ امن امان ۽ سڪون هوندو هو. اسان ٿائي ايئر لائين جي ٽڪيٽ خريد ڪئي جنهن موجب مٿين ٽنهي ملڪن جو اوٽ موٽ ڀاڙو صرف چار هزار رپيا هو. اڄ اهو ڀاڙو آئون سمجهان ٿو ته اسي هزار کن رپيا هوندو. مون ڪراچي ايئر پورٽ ۽ سي پورٽ تي چار سال کن اميگريشن آفيسر طور نوڪري ڪئي. تنهن دؤران آئون ڏيساور گهمڻ ڪونه ويو هوس. منهنجو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو هي پهريون موقعو هو. اسان رات جو ٿائي ايئر لائنز ۾ ڪراچي کان بينڪاڪ روانا ٿياسين ۽ چئين ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ ٿائلينڊ جي گادي واري شهر بينڪاڪ وڃي پهتاسين. مون سون جي مُند هئڻ ڪري هتي به برسات پئجي رهي هئي ۽ بينڪاڪ جي هوائي اڏي وارو سڄو رن وي پاڻي ٿيو پيو هو.
    نيويارڪ ۾ ٽريڊ سينٽر جي جاڙين عمارتن تي ٿيل حملو. دنيا ۾ آمريڪا جي چوڌراهٽ کي وڏو ڌچڪو هو. هن واقعي ۾ سينٽر جون ٻئي جاڙيون عمارتون باھ ۾ سڙي رک ٿي ويون ۽ ٽن هزارن کان به گهڻا ماڻهون مئا. نيو يارڪ سان گڏ آمريڪا جي مکيه فوجي مرڪز، پينٽاگان تي به هڪ جهاز ڪريو ۽ ات به سوين ماڻهو مئا هئا. جڏهن جپان، ٻي عالمي جنگ دؤران آمريڪا جي سامونڊي فوج جي مرڪز پرل هاربر تي حملو ڪيو هو. تڏهن ايترا شهري ڪونه مئا هئا. نيويارڪ واري ٽريڊ سينٽر تي حملي ٿيڻ کان پوءِ دنيا جي سڀني هوائي اڏن تي، سيڪيورٽي جا تمام سخت اپاءَ ورتا ويا آهن. انهن يارهن سيپٽمبر 2001ع ۾ ٿيل واقعي کان پوءِ دنيا اندر عجيب غريب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. مثال طور آمريڪا جي هوائي اڏن تي هندستان جي وزير دفاع کي چيڪنگ دؤران، صرف سندس ڪڇو ڪونه لاٿو ويو، باقي بدن تي پيل سڀئي ڪپڙا لاٿا ويا. هندستان جي فلم انڊسٽري جي ڪنگ خان شاھ رخ کي لاس اينجلس ايئر پورٽ تي ڏھ ڪلاڪ ويهاريو ويو. هاڻ ته دنيا جي مک ايئرپورٽس تي اهڙيون ڪيمرائيون هنيون ويون آهن، جن جي اڳيان گذرندي چيڪنگ ڪندڙ عملي کي بلڪل اگهاڙو نظر ايندو آهي. خاص ڪري مسلمانن ۽ ڏاڙهي، وارن کي ته ڪافي ڌيان سان چيڪ ڪندا آهن. مسلمانن کي يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ ۽ آمريڪا ۾ غير مسلمانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي سختيءَ سان چيڪ ڪندا آهن. اڄ ڪلهه دنيا ۾ مسلمانن کي بنياد پرست سڏيو وڃي ٿو. ٻٽو لفظ ”بنياد پرست“ اڳي آمريڪا ۾ چرچ جي خلاف بغاوت ڪندڙ عيسائين لاءِ استعمال ٿيندو هو. اڳي آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ ”بنيادپرست“ لفظ جي معنيٰ اهو ماڻهو جيڪو مذهب جي بنيادي حڪمن تي عمل ڪري، لکيل هئي. انهيءَ ڊڪشنري جي هاڻوڪي ايڊيشن ۾ بنياد پرست لفظ جي معنيٰ لکيل آهي ته اهو شخص جيڪو مذهب جي بنيادي حڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪري، جئين مسلمان، مسلمانن کي بدنام ڪرڻ لاءِ لفظن جون معنائون به بدلائي ڇڏيون آهن. ذاڪر نائيڪ سندس ڪتاب ”دين دليل ڪي ساٿ“ جي صفحي 35 تي لکيو ته ”نائين اليون جي واقعي کان پوءِ مسلمانن لاءِ هندستان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهو تاثر آهي ته سڀ مسلمان دهشتگرد آهن. پر جيڪر غيرجانبداري سان ڏسجي ته مسلمان دهشتگرد نه پر اهي خود دهشتگردي جو شڪار آهن. نائين اليون جي واقعي بعد انڊيا يورپ ۽ آمريڪا ۾ صرف پنج هزار کن ماڻهو مئا هوندا، پر مسلمانن جا ته ملڪن جا ملڪ تباھ ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ پاڪستان، افغانستان، يمن، عراق، لبنان، لبيا ۽ شام شامل آهن. آمريڪا سندس يورپي ۽ هندستاني جوڙيوال جي حملن ۾ دنيا اندر گهٽ ۾ گهٽ ويهه پنجويهه لک مسلمان ماريا ويا آهن. سال 2002ع ۾ اٽارني جنرل آف انڊيا جي بيان مطابق ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2002ع ۾ دهشتگردي جا چار هزار واقعا ٿيا، جن ۾ سترهن سئو ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو ويو.
    سن 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان اسي هزارن کان به وڌيڪ مسلمانن کي ماريو ويو آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اتي سيڪيورٽي يا چيڪنگ نالي ماتر هوندي هئي.
    اسان جو جهاز ايئرپورٽ تي لٿو، ته مسافر جهاز مان لهڻ لڳا. جهاز ۾ مسافر ڪي گهڻا ڪونه هئا. اسان جهاز مان لهي بس ۾ چڙهي اچي ايئرپورٽ بلڊنگ وٽ پهتاسين. اميگريشن وارن پندرهن ڏينهن لاءِ ٿائلينڊ گهمڻ جي ٽوئرسٽ ويزا جو ٺپو هڻي،کڻي پاسپورٽ اسان جي حوالي ڪيا.
    اميگريشن وارن ڪرنسي مٽائڻ لاءِ ڀري ڏيڻ لاءِ هڪ فارم ڏنو ۽ اسان وٽ جيڪا ڪرنسي هئي اها به مٽائي ڏنائون. فارم ڀري ڏيڻ کانپوءِ ايئرپورٽ بلڊنگ مان ٻاهر نڪتاسين ته اسان وٽ ڪيئي ٽيڪسي ڊرائيور پهچي ويا ۽ هرڪو چئي ته توهان مون سان هلو. اسان هڪ ٽيڪسي ۾ چڙهي هوٽل ڏانهن هلڻ لڳاسين. هڪ سياح کي عموماً ٻيو ملڪ انهيءَ ڪري به وڻي ٿو ته اتي نئون ماحول، نوان ماڻهو ۽ نئين طرز زندگي، زندگي جا نوان رنگ، نئون ڪلچر، مطلب ته ٻئي ملڪ ۾ تقريباً هر شئي نئين هوندي آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ مارشل لا جي صورت ۾ جنرل ضياءَ جي آمريت مڙهيل هئي. جنهن ۾ هر شئي کي جنون جي حد تائين مذهبي رنگ ڏئي پيش ڪيو پئي ويو. ماڻهن کي اسٽيڊيم اندر هزارن جي تعداد ۾ گڏ ڪري انهن جي اڳيان سرڪار مخالف ماڻهن کي ڪوڙا هڻندا هئا. اهو انهيءَ لاءِ ته جيئن ملڪ ۾ فوجي حاڪمن جي دهشت پکڙجي ۽ عوام ظلم جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ فوج حڪومت لڳاتار ڪندي رهي. جنرل ضياء جي مارشل لا وارو دؤر اندر توڙي ٻاهر پاڪستان جي بدنامي وارو دور هو. جيتوڻيڪ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جنرل ايوب واري مارشل لا دؤران ڌارين ۽ خصوصاً پنجابي فوجين ۾ ورهايون ويون هيون. جنرل ضياء جي دؤر ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ زور وٺڻ ڪري سنڌ جي ڳوٺن مٿان هوائي بمباري ڪئي ويندي هئي. جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيندا رهيا. ۽ هزارين سياسي ڪارڪن ۽ سندن اڳواڻ جيلن ۾ بند رهيا. سنڌ جي ٻهراڙي جي سمورن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ به فوج لڳاتار گشت ڪندي عوام ۾ دهشت پکيڙيندي رهندي هئي. اهڙي گُهٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول مان نڪري، جڏهن بئنڪاڪ جهڙي رومانٽڪ ماحول واري شهر ۾ پهتاسين ته ڏاڍي حيرت ٿي ۽ مزو آيو. جڏهن ويٽنام واري جنگ ۾ آمريڪا به پنهنجي فوج موڪلي سڌي ريت شامل ٿي ويو، تڏهن سندس فوج کي موڪل دؤران آمريڪا وڃي آرام ۽ تفريح ڪرڻ تقريباً ناممڪن هو، تنهن ڪري آمريڪا جي فوج جي آرام ۽ تفريح لاءِ ٿائلينڊ ۽ فلپائين کي ڄڻ ته هڪ چڪلي وانگر تيار ڪيو ويو. جتي آمريڪي فوجي موڪلن دؤران عيش عشرت ۾ مگن هوندا هئا. هنن ملڪن جي وڏن شهر ۽ سندن سامونڊي ڪنارن تي ڪيتريون ئي فائيو اسٽار هوٽلون نائيٽ ڪلب، مساج پارلر، لائيو شوز ۽ عياشي لاِءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه بندوبست ڪيو ويو هو. ته جيئن هتي ايندڙ فوجي خوب مزا ماڻين ۽ تازا توانا ٿي، پوءِ واپس جنگ ويٽنام جي ميدان تي پهچن. ان وقت اقوام متحده هڪ رپورٽ جاري ڪئي ته ٿائلينڊ ۾ ٻارهن سالن کان به ننڍيون ڇوڪريون هڪ لک کان به وڌيڪ انگ ۾ عصمت فروشي جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن. ات انهي ڌنڌي ۾ عورتن سان گڏ مرد به لکن جي تعداد ۾ پنهنجي جنس بدلائي عورتون ٿي ويون ۽ عصمت فروشي کي روزگار طور اختيار ڪيائون. ڪنهن زماني ۾ سنگاپور ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا پاڪستان کان به وڌيڪ غريب ملڪ هئا، پر هاڻ پاڪستان جتي خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي ۾ دنيا جي غريب ترين ملڪ نائيجيريا کان به وڌيڪ غربت واري زندگي گذاريندڙ انسان آهن. اقوام متحده 2016-2017ع جي رپورٽ ۾ عورتن جي ڀاڱي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي واري عورت ۾ چاليهه سيڪڙو کاڌي جي کوٽ آهي، جڏهن ته نائيجيريا جي عورتن ۾ غذائي کوٽ ارڙهن سيڪڙو آهي. انهي ڪري انهن عورتن جي ٻارن ۾ جسماني ۽ ذهني اوسر تمام گهٽ آهي. افغانستان جي عورت رت جي کوٽ جو شڪار چاليھه سيڪڙو آهي. شام ۾ موجوده جنگي حالت ۾ به شامي عورت چوويھه سيڪڙو رت جي کوٽ جو شڪار آهي.
    يونيسيف جي سروي مطابق سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ نَوَ سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي پندرهن سالن کان به گهٽ عمر ۾ ڪرائي وڃي ٿي. سنڌ جي ٺٽي ۽ سجاول جي عورت غربت جي لڪير کان اٺھٺ سيڪڙو هيٺ ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي عورت غربت جي لڪير کان چوراسي سيڪڙو هيٺ زندگي گذاري ٿي سنڌ جي عورت جي اها حالت صرف کاڌي جي ۽ رت جي کوٽ تائين محدود ڪانهي، پر هوءَ هر طرح ڊنل، هيسيل ۽ پُٺتي پيل آهي. چوندا آهن ته جيڪڏهن قوم، جو مرد پڙهيو ته صرف هڪ فرد پڙهيو، پر جيڪڏهن هڪ عورت پڙهي ڄڻ ته سڄو گهر پڙهيو.!
    سنڌ نه ڏٺا سُکَ، اڀري سج لهي ويا!
    اسان جي ٽيڪسي هلندي اچي اسانجي رهائش واري هوٽل وٽ بيٺي، جتي اسين لٿاسين. ٽيڪسي ڊرائيور اسانجي بيگ لاهي هيٺ رکي ته اُت بيٺل هوٽل ملازم اها بيگ کڻي اسان سان گڏ اچي رسيپشن ڪائونٽر وٽ رکي. رسيپشن ڊيوٽي تي ويٺل سمورو عملو عورتن تي مشتمل هو. ٿوري لک پڙھ بعد هوٽل جي ملازم اسانجو سامان کڻي اچي اسانکي پنهنجي ڪمري تي پهچايو. ڪمرو ڪافي وڏو ۽ سٺو سجايل هو. باٿ روم به ڪافي وڏو هو. ڪمري ۾ رکيل ٽيلي ويزن چالو ڪري ڏٺوسين ته چينل ٿائي ۽ چيني ٻولي ۾ پئي هليا. بي بي سي ۽ سي اين اين وارا نگريزي چينل به چالو هئا. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کانپوءِ غسل ڪري ڪپڙا بدلائي شهر جي سير لاءِ هيٺ لھي رسيپشن ڪائونٽر تي آياسين جتي هيئنر هڪ ڏاڍي سهڻي ڇوڪري ويٺي هئي. ٻاهر وڃڻ مهل تنهن کي ڪمري جي چاٻي ڏنيم ۽ منجهس گهُوري نهاريو. ته پاڻ ڪنڌ کي لوڏي، کلي مونکان چاٻي ورتي. اسين کيس ڏسندا ڏسندا هوٽل مان نڪري ٻاهر آياسين. هي شهر بئنڪاڪ، ٿائلينڊ جي گادي جو هنڌ آهي. ٿائلينڊ جي ڪرنسي جو نالو باٿ آهي. ٿائلينڊ جي سرحد هندي وڏي سمنڊ، سينگاپور، ميانمار، ڪمپوچيا ۽ لائوس سان ملي ٿي. هتي جي قومي ٻولي ٿائي آهي. پر هت انگريزي ۽ چيني ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون. بئنڪاڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان سواءِ ٿائلينڊ ملڪ جي ٻين مکيه شهرن ۾ به بين الاقوامي هوائي اڏا تعمير ٿيل آهن. بئنڪاڪ وانگر انهن شهر ۾ به سير تفريح ۽ وندر واسطي توڙي عيش عشرت واسطي هر قسم جو بندوبست ڪيل هوندو آهي. جت سڄي دنيا جا ماڻهو گهمڻ لاءِ سڌو انهن شهرن ڏانهن وڃن، جتي هني مون ملهائڻ ۽ پنهنجون موڪلون اُت ئي گذاري پنهنجي پنهنجي ملڪ موٽيو وڃن.
    بئنڪاڪ کان سئو ميل پري ”پتايا“ ۾ سامونڊي ڪناري تي به سياحن کي گهربل هر شئي جو عاليشان بندوبست ٿيل آهي. جڏهن اسان ٿائلينڊ ويا هئاسين تڏهن اُت وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ ٺهيل ڪونه هو. پر ان وقت جيئن توهان اسلام آباد هوائي اڏي تي لهي شٽل ذريعي سڌو ڪوھ مري جي بوربن پي سي هوٽل هليا وڃو. تيئن بئنڪاڪ ايئرپورٽ کان سڌو پتايا وڃڻ لاءِ توهان کي هر ويهن منٽن ۾ ڪوچ سروس ملندي. هن سڄي ملڪ ۾ ٽوئرسٽن لاءِ ڪافي سهولتون موجود آهن. بئنڪاڪ شهر ۾ ته ڪيئي تفريحي مرڪز موجود آهن. جهڙوڪ نائيٽ ڪلب، مساج پارلر، اوپن ايئر ٿيٽر ۽ ريسٽارنٽ، ڪلاسيڪل ڊانس ڪلب ۽ نيڪڊ ڊانس ڪلب جام آهن. تنهن کان سواءِ تاريخي مندر، اميرالڊ بُڌا ٽيمپل کي ڏسڻ لاءِ هر روز سياح هزارن جي تعدادا ۾ اچن ٿا. هتي جي هڪڙي منفرد بازار ندي ڪناري تي بيٺل ٻيڙين منجهه قائم ڪئي وئي آهي. انهي کي ”فلوٽنگ مارڪيٽ“ سڏيندا آهن. ماڻهو انهن ٻيڙين تي چڙهي وڃي شاپنگ ڪندا آهن. غير ملڪي سياح هن بازار ۾ به توهان کي تمام گهڻي تعداد ۾ ملندا. مون دنيا جي مشهور شهرن مڪائو، موناڪو ۽ لاس ويگاس جي نائيٽ لائيف ڪئي دفعا گهمي ڏٺي آهي. پر هن بئنڪاڪ شهر واري نائيٽ لائيف به انهن شهر جي نائيٽ لائف کان ڪنهن به طرح سان گهٽ ڪانهي. جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل ٽيئي شهر دنيا جي امير ترين ملڪن، يعني چين، مونٽي ڪارلو ۽ آمريڪا جا شهر آهن. بئنڪاڪ ۾ سياحن جو تمام گهڻي تعداد ۾ اچڻ جو وڏو سبب ٿائلينڊ گهمڻ لاءِ ويزا وٺڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اوڏانهن ويزا کان سواءِ ئي وڃي سگهجي ٿو. ٻيو سبب هي آهي ته يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ ٿائيلنڊ تمام سستو ملڪ آهي. اسين فلوٽنگ مارڪيٽ گهمڻ وياسين. هت سياحن کي ٻيڙين ۾ چاڙهي گهمائين. اها ترندڙ بازار وڃي گهمياسين، جنهن جي ٻنهي طرفن کان دڪان ئي دڪان هئا. ڪيترين ئي ٻيڙين ۾ عورتون گل، ميوو ۽ ٻيو سامان وڪڻي رهيون هيون. هت ٻيڙين ۾ به جپان، چين، يورپ ۽ آمريڪا جا سياح وڏي تعداد ۾ موجود هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ پاڪستاني ۽ هندستاني به هئا جيڪي پريان ئي پڌرا هئا. اهڙي قسم جو پاڻيءَ ۾ سير توهان کي اٽلي جي شهر وينس ۾، ترڪي جي شهر استنبول ۾ هالينڊ جي شهر ايمسٽرڊيم ۾ هر وقت ملندو. وينس ۽ استنبول ۾ صرف سمنڊ ۾ سير ۽ ايمسٽرڊيم ۾ نديءَ ۾ سير، پر هت بئنڪاڪ ۾ گهمڻ سان گڏ خريداري به ڪندا وڃو. وينس ۾ ٻيڙي جي سير لاءَ توهان کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهڻو پوندي، سو به تمام گهڻو مهانگو. آئون، منيٰ، نورمحمد، وينس ۾ هوندا آهيون ته انهيءَ سير لاءِ ٻين گهمندڙ ماڻهن کي صورت حال پٽاندر ڀائيوار بنائيندا آهيون ته ڀاڙو اڌو اڌين سستو ٿي ويندو آهي. گذريل سال واري اپريل ۾ به وينس ۾ گنڊولا نالي ٻيڙي ۾ سير ڪيوسين. نورمحمد به اسان سان گڏ هو. هن ڀيري اسان هڪ تُرڪ جوڙي کي ڀائيوار بنايو ۽ اڌ ڀاڙو، ساڍا چار هزار رپيا ڏنا، نه ته اڪيلي سر پورو ڀاڙو نَوَ هزار رپيا ڏيڻا پون ها. ٻيڙياتي کي اسان جي ڀائيواري واري ڳالهه ڪانه وڻي ! بئنڪاڪ ۾ هر شئي سٺي سستي مُيسر آهي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ٿائلينڊ تمام گهڻي معاشي ترقي ڪئي ، پر پوءِ ايڏو ته معاشي مشڪلاتن ۾ اچي ويو، جو هاڻ وڃي ڪجهه پاڻ سنڀاليو اٿس. ٿائيلينڊ ملڪ ۾ به حقيقي اقتدار تي ملڪي فوج جو قبضو آهي. ملڪ جا ماڻهو پنهنجي بادشاهه سان پيار ڪندا آهن. بادشاھ ۽ راڻي جي سالگرهه واري ڏينهن ملڪ ۾ عام موڪل هوندي آهي. اسان ڪلاڪ کن ترندڙ بازار ۾ چڪر لڳائي، پوءِ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ وڃي ويٺاسين ته هڪ حسين ڇوڪري به اسان جي ٽيبل تي اچي ويٺي ۽ چيائين ته مونکي به شراب پياريو ۽ پاڻ ئي اُت گرهاڪن کي شراب ڏيندڙ ويٽر ڇوڪريءَ کي چيائين ته مون لاءِ به هڪ پيگ آڻ. تڏهن ويٽر ڇوڪري مونکان پڇيو ته هن ڇوڪريءَ کي به شراب آڻي ڏيان ڇا؟ مون کيس چيو ته ها، آڻي ڏينئنس. اسان مزي مزي سان آهستي آهستي پئي پيتو، پر هوءَ ڇوڪري پيگ تي پيگ چاڙهي رهي هئي. پوءِ آئون جڏهن هت به ٽي ڏينهن رهيس، تڏهن خبر پئي ته اها به هوٽل وارن جي اٽڪل هئي. منهنجي طرفان ڇوڪريءَ کي پياريل شراب جي بل مان اڌ رقم مفت پيئندڙ ڇوڪري کي ملندو ۽ باقي اڌ ويٽر ڇوڪري کڻندي. ٻيو ته مفت پيئندڙ ڇوڪري کي ملندڙ شراب ڪونه هوندو آهي ۽ شراب جي رنگ جهڙو سادو مشروب هوندو آهي. انهن ڇوڪرين اسان کي چيو ته توهان اسان کي پنهنجي هوٽل تي وٺي هلو ۽ توهان جي مرضي ته ات اسان کي ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ يا سڄي رات رهايو. انگريزن جي دؤر ۾ پوءِ 1977ع تائين ڪراچي ۾ اهڙا ڪافي نائيٽ ڪلب هوندا هئا، جن ۾ روماشبانا ۽ لُڊو نائيٽ ڪلب جا نالا ياد آهن. بئنڪاڪ ۾ اهڙيون ڇوڪريون توهان کي سٺي نائيٽ ڪلب يا پب ۾ ضرور ملنديون. اسن ڪجهه وقت اُت هڪ ٻه ڊرنڪ وٺي پنهنجي رهائشي هوٽل تي آياسين ۽ ڏٺم ته ڪائونٽر واري حسين ڇوڪري اڃا تائين ڊيوٽي تي هئي. مون ساڻس هيلو هاءِ ڪيو ۽ ٻاهر هلي ڊنر ڪرڻ لاءِ چيو، ته پاڻ مشڪي چيائين ته آئون ڏهين بجي تائين ڊيوٽي تي آهيان. ڊيوٽي پوري ڪري، توهان کي فون ڪري پوءِ توهان جي ڪمري تي اچان ٿي. مون سمجهيو ته پاڪستان وانگر هت به پهريائين خط، پوءِ خطن ۾ شعر ۽ پوءِ فيس بڪ يا ٽوئيٽر تي يا فون تي حال احوال پوءِ به کٽي قسمت! آسرو گهٽ! ڪڏهن ڪڏهن ته گاريون ته ڪڏهن وري ادا ۽ ابا جهڙا لفظ به ٻڌڻا ٿا پون. پر انهي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن مهينا ۽ سال لڳيو وڃن. پر هت ته ” مين هون ريڊي تيار پٽالو، ايڪ مس ڪال سي“ سو آئون ڪمري ۾ گهڙڻ شرط فون جو انتظار ڪرڻ لڳس ۽ ڪپڙا به ڪونه مٽايم. هڪ ڇوٽو پيگ ٺاهي ويهي آهستي آهستي پيئڻ لڳس. انهيءَ ڏينهن ليڊي ڊائنا ۽ پرنس چارلس جي لنڊن ۾ شادي پئي ٿي. پهريائين شادي جو سڄو منظر ڊائريڪٽ لنڊن جي ويسٽ منسٽر ايبي نالي عيسائي مذهب جي عبادت گهر مان پئي ڏيکاريائون، پوءِ دنيا جي تقريباً سڀني ملڪن ۾ هر هر انهيءَ شادي جون جهلڪوين پئي ڏيکاريائون. انهيءَ شادي واري وقت دؤران برطانيه جي فوج بيونس آئرس تي حملو ڪري ٻيهر قبضي وارو موضوع به مکيه موضوع هو، مون به ڪمري ۾ موجود ٽيلي ويزن تي ليڊي ڊائنا جي شادي تقريب جون جهلڪيون ڏٺيون. ليڊي ڊائنا مونکي عورت گهٽ مرد وڌيڪ لڳندي هئي، تنهن ڪري مونکي هن جي چهري ۾ حسين عورت واري نزاڪت نفاست ۽ سونهن نظر ڪانه ايندي هئي، هر انسان جي پسند جدا جدا نه هجي ها ته ڪر سڄي دنيا جي مردن کي هڪ ئي عورت وڻي ها. هر انسان وٽ سونهن بابت پنهنجي مخصوص ۽ ذاتي ڪسوٽي هوندي آهي. فون جي گهنٽي وڳي ۽ رسيور مان ساڳوڻو آواز ٻڌي، مون چيو ته ڪمري تي ڀلي اچو. ٻن منٽن اندر ڪمري جي گهنٽي وڳي ۽ پاڻ ڪمري اندر اچي ڪرسي تي ويٺي. مون نالو پڇس، پاڻ چيئين ته منهنجو نالو ڪيسرا سئنگ قسم آهي. هن هوٽل ۾ ملازم آهيان. شهر کان ٿورو ٻاهر، ويجهو ئي هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندي آهيان. هاڻي به سڌو اوڏانهن وينديس. پاڻ قد ۾ ڊگهي، سنهي، ڪڻڪ رنگي، پرڪشش ۽ وڻندڙ چهري جي مالڪ هئي. مون کانئس پپڇيو ته اڄ رات هت مون وٽ رهندئين يا گهر ويندئين؟ پاڻ چيائين ته اهو تنهنجي مرضي تي آهي. پاڻ آمريڪا ۽ ٻه ٽي ٻيا ملڪ گهمي ڦري آئي هئي. مون کيس چيو ته هاڻ وضاحت سان ٻڌاءِ. چئين ته جي هت ٻه ڪلاڪ هونديس، ته چار سئو باٿ وٺنديس ۽ جي سڄي رات هونديس، ته ست سئو باٿ وٺنديس. مون کيس چيو ته آئون هت پنج راتيون آهيان، پنجن ئي راتين جو ڳالهاءِ. پاڻ چيائين ته ڏينهن جو هن هوٽل ۾ ڊيوٽي ڪندي آهيان، سو ڏينهن جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، باقي راتيون توهان سان گڏ گذاري سگهان ٿي ۽ پڻ آچر جي ڏينهن گهران چڪر لڳائي پوءِ سڄو ڏينهن توهان سان گڏ گذاري سگهان ٿي. پنجن راتين جا ساڍا ٽي هزار باٿ ٿيا، پر معاملو اڍائي هزار باٿ ۾ طئي ٿي ويو، ته پاڻ ڪرسيءَ تان اٿي اچي سندس بوٽ لاهي، پلنگ تي ليٽي پئي. مون کيس چيو ته توهان لاءِ پيگ ٺاهيان؟ ته پاڻ چئين ته صبر ڪريو ۽ پاڻ سندس ٿيلهو کڻي باٿ روم ۾ وئي ۽ هاٽ شاور وٺي ڪپڙا بدلائي اچي ڪرسي تي ويٺي ته مون پيگ ٺاهي کڻي سندس اڳيان رکيو. جيئن جيئن نشا ويا چڙهندا ته هي شاھ سائين جو شعر خود به خود ذهن تي تي آيو. ”مڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو“ . اهو وائيءَ جو ٿلھه کيس ٻڌايو، ته وڌيڪ شعرن جي فرمائش ڪيائين. مون کانئس پڇيو ته ڊانس اچئي، پاڻ چيائين ٿوري، مون چيو ته ڏيکار، ته پاڻ اٿي نچڻ لڳي. سندس نسواني سحر ۾ مدهوش ٿيندي. هندستاني فلمي اداڪارن وانگر کيس ڀاڪرن ۾ڀري کڻي ڀيڙو ڪيم، تڏهن احساس ٿيم ته هيءَ ته سنهڙي آهي پر فلمي هيرو ڪن ڪن ٿلهين هيروئن کي ڀاڪرن ۾ جهلي ڪئين کڻندا هوندا ۽ انهن کي کڻي ڊانسون ڪندا هوندا. بلوچستان جي اڳوڻي وزير اعليٰ رئيساڻي وانگر ته ”ڈگری اصلی ہو یا نقلی مگر ڈگری تو ڈگری ہوتی ہے“ سو پيار سچو يا ڪوڙو، اصلي يا نقلي پر پيار ته پيار هوندو آهي. اسان سڄي رات جنسي هٻڇ جو شوق پورو ڪندا رهياسين. هڪڙي ماڻهو شادي ڪئي ته هر ڪو پيو پڇيس ته يار! ڏي خبر، ڪيئن مزو آيو يا نه؟ تڏهن نيٺ تنگ ٿي چيائين ته يار! مزو ته آهي، پر هي هڪڙي ماڻهو جو ڪم ڪونهي! ڪيول ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب، سنڌ ڪهاڻي جي صفحي 73 تي لکي ٿو ته هندستان جي رياست ڪيرالا ۾ هندن جي ڪن ذاتين ۾ اڄ به هڪ رسم موجود آهي، جنهن مطابق ڪنوار جو ڪنوارپ وارو پردو ڦاٽڻ سان رت وهڻ کي تشدد تصور ڪيو وڃي ٿو. تنهن ڪري اها رتو ڇاڻ اهي سندن پيشوائن کان ڪرائيندا آهن. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سندن پيشوا سهاڳ راتين جا سڀ مزا وٺي پوءِ ڪنوار مڙس جي حوالي ڪندا آهن. ڀاڳن وارا ماڻهو هوندا اهي، جن لاءِ هر رات سهاڳ جي رات هوندي آهي ۽ وري انهي لاءِ کين پيمينٽ به ٿئي! انڊيا جي اڙيسا رياست ۾ منڊا قبيلي جا ماڻهو سندن نياڻين جون شاديون ڪتن سان ڪرائيندا آهن!


    6

    صبح جو ننڊ مان دير سان اٿيس ۽ ٽيبل تي هڪ چٽ پيل ڏٺم، تنهن ۾ لکيل هو ته توهان ٻاهر گهمڻ وڃو ته ٺهيو، نه ته لنچ تي مونکي هڪ ڪلاڪ موڪل آهي. انهيءَ دؤران آئون ڪمري تي اچي سگهان ٿي. صبح جو اسان ناشتو ڪري شهر جي مک جڳهين جي ٽوئر تي روانا ٿي وياسين، جنهن ۾ اسن پهريائين شهر جو مُک مندر ايمرالڊ بُڌاڏسڻ وياسين. بئنڪاڪ شهر ۾ ٻڌ مت وارن جو اهو وڏي ۾ وڏو مندر آهي.
    ايمرالد بُڌا، يعني زمرد، قيمتي پٿر مان ٺهيل گوتم ٻڏ جو مجسمو، تنهن کي ٿائي يعني ٿائلينڊ جي ماڻهن جي ٻولي ۾ ”ڦرا ڪائيئو مورا ڪوٽ“ ۽ ”ڦرا فوڌا مهامني رتنا پتيميڪون“ به چوندا آهن، تنهن مجسمي کي ٿائلينڊ جي بادشاهت جي بچاءَ جو وسيلو يا حفاظتي تدبير تصور ڪيو وڃي ٿو. هن مجسمي گوتم ٻڌ کي جوڳ پچائڻ لاءِ پلٿي ماري يعني هڪ ٽنگ ٻيءَ ٽنگ تي رکي ويٺل گهڙيل هي مجسمو 26 انچ ڊگهو اوچو ۽ اوڻيهه انچ ويڪرو آهي. جنهن مندر ۾ هي مجسمو رکيل آهي. تنهن مندر جو نالو ”زمرد مان ٺهيل گوتم ٻڌ جي مجسمي وارو مندر“ رکيو ويو آهي. اهو مندر بئنڪاڪ جي شهر ۾ موجود بادشاهي محل جي ڀرسان ئي اڏيل آهي. تاريخي ماخذن مان معلوم ٿئي ٿو ته اتر ٿائلينڊ ۾ موجود ”لانا“ بادشاهت ۾ هي مجسمو سن 1434ع ۾ منظر عام تي آيو. هي مجسمو لڀجڻ جي باري ۾ هڪ احوال موجب چيانگ راءِ علائقي جي بانس واري ٻيلي ۾ موجود سنياسي فقيرن جي مڙهي/آشرم ۾ کنوڻ ڪرڻ سان اهو مجسمو ڏسڻ ۾ آيو. جنهن تي اسٽوڪو پلستر جو تھه چڙهيل هو. اهو مجسمو اتان کڻي اچي هڪڙي راهب جي گهر ۾ رکيو ويو. تنهن راهب ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڏٺو ته انهيءَ مجسمي جي نڪ تان اسٽوڪو پلستر لهي وڃڻ سبب نڪ چمڪندڙ سائي رنگ جي پٿر زمرد جو ٺهيل آهي. مجسمو سازي جي ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته هن مجسمي جو بڻ بنياد لانا واري رياست/حڪومت سان وابسته آهي. لانا رياست جي بادشاھ سام فينگ ڪائن هي مجسمو پنهنجي گاديءَ واري شهر چيانگ ماءِ ۾ آڻڻ ٿي گهريو. پر مجسمو کڻي ايندڙ هاٿي لڳاتار ٽي ڀيرا چيانگ ماءَ شهر جي بدران هڪ ٻئي شهر ليمپينگ شهر وڃي پهتو. تنهن ڪري انهيءَ کي قدرتي فيصلو مڃيندي مجسمي کي ليمپنگ شهر ۾ هڪ مندر جوڙائي ان ۾ ئي سانده 32 سالن تائين رکيو ويو. پوءِ سن 1468ع ۾ لانا جي بادشاھ، تلوڪا اهو مجسمو کڻائي اچي چيانگ ماء شهر جي هڪ وڏي ٻوڌي مندر جي هڪ جاري ۾ رکايو. جيڪو اتي سن 1552ع تائين رکيو هو. انهي سال 1552ع ۾ اهو زمرد جو ٺهيل مجسمو اتان کڄي لان زينگ رياست جي گادي واري شهر لئانه پريبنگ آيو. انهي کان ڪجهه سال اڳ لان زينگ رياست جي ولي عهد، شهزادي، سڌارٿ کي لانا جو بادشاھ کي نرينو اولاد ڪونه هو ۽ سڌا ٿيرٿ سندس ڏوهٽو هو. تنهن ڪري لانا جي اميرن کيس بادشاهي ڏني. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس پي قوٿيسرٿ وفات ڪئي ته هو واپس پنهنجي وطن آيو ۽ اهو گوتم ٻڌ وارو زمرد جو مجسمو به کڻائي آيو. سن 1564ع ۾ بادشاھ سڌا ٿيرٿ، برما وارن جي حملن کان بچڻ واسطي پنهنجي راڄڌاني ويئن ٽئين شهر کي بنايو ۽ زمرد جو مجسمو به اتي آندو ويو. اهو مجسمو ايندڙ 214 سالن تائين انهي ئي شهر ۾ رکيل هو. سن 1779ع ۾ ٿائيلينڊ جي سالار، چائو ڦِرايا چڪري، چڙهائي ڪري ويئين تيئن شهر تي قبضو ڪيو ۽ ٻئي اسباب سان گڏ زمرد جو ٺهيل گوتم ٻڌ وارو مجسمو به پنهنجي ملڪ آندو ۽ ملڪ جي نئين گادي واري شهر ٿون بُورِي ۾ هڪڙي مندر ۾ سجايو. تنهن کان پوءِ سالار چائو ڦريا چڪري، حڪومت تي قبضو ڪري پنهنجي شاهي گهراڻي چڪري طرفان حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو هن پاڻ مقرر ڪيو هو ۽ هو پاڻ کي ”بادشاھ رام پهريون“ سڏائڻ لڳو. تنهن کان پوءِ هُن، مينام چائو ڦرا ندي جي پراڙ، موجوده بيئنڪاڪ شهر واري ڀيڻيءَ تي پنهنجي نئين راجڌاني قائم ڪئي. اتي هن عاليشان محل جوڙايو ۽ ان سان گڏ هي مندر به جوڙايو. جنهن ۾ زمرد جو ٺهيل گوتم ٻڌ وارو مجسمو به رکيل آهي. هي مندر 1784ع ۾ تيار ٿيو ۽ ان ۾ زمرد جو ٺهيل گوتم ٻڌ وارو مجسمو 22 مارچ 1784ع ۾ وڏي شان ۽ مان سان آڻي آويزان ڪيو ويو.
    گوتم ٻڌ جي زمرد پٿر مان گهڙيل هن مورتي واري ديومالائي ڪهاڻي جو ذڪر ٽن قديم ڪتابن، جهڙوڪ: 1. Jinakalamali
    2. Amarakata Buddha Rupanidana ۽ خصوصاً 3. Ratanabimbavamsa ۾ ملي ٿو. ڪتاب نمبر 3 گوتم ٻڌ جي زمرد مان گهڙيل هن بت بابت لکيل تاريخ جو ڪتاب آهي. اهو ڪتاب، برهماراج پنا نالي هڪ ٻڌ پندرهين صدي عيسوي ۾ لکيو هو، جنهن ۾ معروضي حقيقتن سان ڪافي مفروضا ملائي هن مجسمي بابت ڏند ڪٿا تيار ڪئي وئي آهي. انهي موجب هي مجسمون هڪڙي ٻڌ درويش 43 ق. م ڌاري ڀارت جي شهر پٽاليپترا معني موجوده شهر پٽنا ۾ رهندي گهڙيو هو. انهي جو نالو، ”نگسينا“ هو. گوتم ٻڌ کي نرواڻ حاصل ٿيڻ کان پنج سئو سال پوءِ، درويش، گنسينا کي جڏهن هندو مذهب جي ديومالا موجب وشنو ڀڳوان ۽ اندا ديوي جي مدد ميسر ٿي، تڏهن سندس بيان موجب سندس گروءَ جي اڳڪٿي موافق هن گوتم جي اها سهڻي مورتي گهڙي. انهي مورتي سبب، پنجن ملڪن، 1 لنڪا دويپا يعني سريلنڪا 2 راملڪا 3 دواراوتي 4 چيانگ مائي ۽ 5 لان چانگ يعني لائوس ۾ ٻڌ مذهب جي اهميت ۽ افاديت ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. ڏند ڪٿا موجب پٽاليپترا شهر ۾ ٽي سئو سالن تائين رکڻ کان پوءِ اتي پيدا ٿيل گهرو ويڙهه جي نذر ٿيڻ کان بچائڻ واسطي هي زمرد جي ٺهيل مورتي، سريلنڪا ۾ آڻي محفوظ ڪئي وئي، جتان کيس برما جي بادشاھ انورُٿ، برما ۾ ٻڌ ڌرم کي هٿي ڏيڻ واسطي گوتم ٻڌ جي تعليمات جا ڪتاب ۽ اها مورتي برما آڻڻ لاءِ سريلنڪا ڏانهن پنهنجو سفارتي وفد موڪليو. برمي بادشاھ جي گُهرَ قبول ڪندي، وفد کي سموريون گهربل شيون ڏنيون ويون. تن ۾ زمرد پٿر مان گهڙيل گوتم ٻڌ جو اهو سهڻو مجسمو به شامل هو. اتفاق سان سخت طوفان لڳڻ سبب واٽ وڃائي واپس ورندڙ برمي وفد وارو جهاز ، برما کان به پري وڃي، ڪمبوڊيا جي ڪناري ڀيڙو ٿيو. وري جڏهن ٿائيلينڊ وارن اينگڪور واٽ سن 1432ع ۾ قبضو ڪيو، تڏهن هنن اهو زمرد جو ٺهيل مجسمو اول ايوڌيا شهر ۾ پوءِ ڪيمفائينگ شهر ۾ آخر چيانگ رائي شهر آندو ويو، جتي شهر جي حڪمران اهو مجسمو لڪائي ڇڏيو، تان جو اهو وري سن 1434ع ۾ لڌو ويو. گوتم ٻڌ جو اهو مجسمو سائي رنگ جي هڪ سهڻي قيمتي پٿر مان گهڙيل آهي. پر ڪي ماهر انهي پٿر کي زمرد نه پر يشب يا يشم پٿر ڄاڻائين ٿا، ته ڪي وري انهيءَ کي سنگ ريشم يا سنگ مردار ٻڌائين ٿا. جڏهن ته انهي مجسمي جي پٿر جو رنگ سائو يا سبز هئڻ ڪري، گهڻا محقق انهي کي زمرد پٿر بيان ڪن ٿا ۽ عام طور تي انهي بت کي زمرد مان ٺهيل بت سڏيندا آهن. تنهن کان سواءِ انهي بت جي پٿر جي ڪا سائينسي تپاس ۽ تحقيق ٿيل ڪانهي ته اهو پٿر ڪهڙو آهي. گوتم ٻڌ جو هي زمرد پٿر مان گهڙيل بت 48 سينٽي ميٽر برابر 19 انچ ويڪرو ۽ 66 سينٽي ميٽر، برابر 26 انچ ڊگهو يعني اوچو آهي. هن مورتي ۾ گوتم ٻڌ کي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس ساڄي ٽنگ کاٻي ٽنگ جي مٿان رکيل ڏسجي ٿي. هن مورتي جي گهاڙيٽي مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اها مورتي چيانگ مائي يا چيانگ سائي جي ڪاريگر سنگ تراشن مان ڪنهن نه ڪنهن هڪ شاھ ڪاريگر سنگ تراش جي دل جان سان ٿيل محنت جو عجيب شاهڪار آهي ۽ پندرهين عيسوي صدي کان وڌيڪ آڳاٽي گهڙيل ڪانه ٿي ڀائنجي. جڏهن ته مجسمي ۾ گوتم ٻڌ جي نهايت گهري سوچ ويچار واري انداز بابت ويچار ڪرڻ سان محسوس ٿو ٿئي ته اهو هندستان يا سريلنڪا ۾ گهڙيل آهي. زمرد مان گهڙيل هن مورتي کي سون سان ٺهيل ٽن مختلف نمونن جي لباسن ۽ هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل ڪيترن ئي سونن زيورن سان ملبوس ڪيو ۽ سينگاريو ويندو آهي. انهن لباسن مان ٻه لباس بادشاھ رام پهرئين جوڙايا هئا. انهن مان هڪڙو لباس اونهاري جي مند لاءِ ۽ ٻيو ساوڻ جي مند لاءِ مخصوص ٿيل آهي. ٽيون لباس بادشاھ، رام ٽئين جوڙايو هو، جيڪو سياري جي مند ۾ پهرايو ويندو آهي. هن مورتي کي لباس پهرائڻ ۽ زيورن سان سينگارڻ واري رسم، ٿائي لينڊ جو بادشاھ يا سندس بدران شاھي خاندان جو ڪو ٻيو اهم فرد سرانجام ڏيندو آهي. اها رسم قمري سال جي چوٿين اٺين ۽ ٻارهين مهيني جي پندرهين تاريخ تي هڪ شاندار تقريب جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. ٿائيلينڊ ۾ قديم دؤر کان ڪل ٽي مندون رواج ۾ هيون. تنهن ڪري ايمرالڊ بڌا کي به هر مند ۾ مخصوص لباس پهرايو ويندو آهي. گرم يعني اونهاري جي مند لاءِ مقرر لباس ۾ هڪ تاج نما چوٽيارو ٽوپ، سينه يا ڇاتي پوش، ڪلهو بند يا ڪمربند بند پٽو، بازو بند، چوڙا، چوڙيون، هار ۽ ٻيا شاهي سينگار جا اسم شامل آهن. اهي سڀ شيون سون جون ٺهيل آهن. جن تي هيرا جواهر جڙيل آهن ۽ مٿن مينا ڪاري به ٿيل آهي. ساوڻ جي مند لاءِ مخصوص لباس ۾ هڪ سونو ٽوپ جنهن تي نيلم قيمتي پٿر جا هيرا جڙِيل آهن، هڪ سونو بوڇڻ نما پٽو جيڪو هڪ ڪلهي تي رکيل هوندو آهي. ٿڌي يعني سياري جي مند لاءِ مخصوص لباس ۾ هيرن سان جڙيل چُهنبيارو سونو تاج ۽ سون جي تارن سان ٺهيل ۽ هيرن سان مڙهيل ڏُند واري شال آهي جيڪا مورتي کي پهريل ساوڻ رت واري لباس مٿان اوڍائي وڃي ٿي. جيڪي لباس ۽ آرائش واريون شيون ۽ زيور وغيره، مورتي کي پهريل نه هوندا آهن.اهي بادشاهي محل جي هڪ پويلئين ۾ قائم، شاهي نوادرات واري عجائب گهر ۾ آويزان ڪري عوام جي نمائش لاءِ رکيل آهن. آڳاٽي دؤر ۾ بينڪاڪ شهر کي ڪالرا ۽ ..... جي موزي مرضن کان بچائڻ واسطي زمرد مان ٺهيل گوتم جي انهي مورتي کي مندر مان ٻاهر ڪڍي سڄي شهر جي سڀني گهٽين مان گشت ڪرايو ويندو هو پر بادشاھ رام چوٿين انهي مورتي جو گشت بند ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته گهٽين ۾ گشت دؤران مورتي کي نقصان رسڻ جو انديشو آهي ۽ ٻيو هي ته سموريون بيماريون، بيمارين جي جيوڙن مان پيدا ٿين ٿيون. بد روح يا ڪا به شيطاني قوت ڪابه بيماري پيدا نه ٿي ڪري سگهي، ۽ نه ئي وري گوتم ٻڌ جي ڪاوڙ يا ناراضپي ڪري ڪا بيماري پيدا ٿئي ٿي. بادشاھ رام پهريئين ايمرالڊ بڌا کي سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ دفعو گرمي واري مند جي شروعات ۾ ۽ ٻيو دفعو ساوڻ جي مندي ۾ لباس پهرائڻ واري مذهبي رسم چالو ڪئي ۽ بادشاھ رام ٽئي سال ۾ ٽيو ڀيرو سياري جي مند شروع ٿيڻ وقت انهي مورتي کي اڃا به مختلف قسم جو لباس پهرائڻ جي رسم چالو ڪئي. لباس بدلائڻ واري رسم ۾ بادشاھ پهرين انهي چبوتري تي چڙهي ويندو آهي جنهن ته تي گوتم جي اها مورتي رکيل آهي ۽ هو مورتي کي ڪپڙي سان چڱي طرح اگهي مٽي مر لاهي صاف ڪندو آهي ۽ مورتي کي پاتل سونو تاج لاهيندو آهي پوڄا شروع ڪندو آهي. انهي دؤران سندس معاون شخص مورتي جو لباس بدلائڻ وارو عمل ڪندو آهي. تنهن کان پوءِ بادشاھ هن رسم واري تقريب ۾ شريڪ عوام تي پاڪ پاڻي جي ڇٽڪار ڪندو آهي. اڳي پاڪ پاڻي جا ڇنڊا فقط شاھي خاندان جي افراد ۽ اميرن کي هنيا ويندا هئا. زمرد واري گوتم ٻڌ جي مورتيءَ واري مندر ۾ چڪري گهراڻي جي قيام وارو ڏينهن قومي تهوار طور ٻين جڳهين سميت ايمرالڊ ٻڌا ٽيمپل ۾ هڪ شاندار تقريب جي صورت ۾ ملهايو ويندو آهي، جنهن دؤران بادشاھ، راڻي، شاھي خاندان جا افراد وزير اعظم دفاع واري کاتي جي وزير سميت سمورا ڪامورا ۽ ٻين کاتن جا مک ملازمين هن مندر ۾ منعقد تقريب ۾ شامل ٿي گهربل پوڄا ڪندا آهن.
    ايمرالڊ بُڌا ڏسي پوءِ اسان وڃي هتي جي مک بازار ۾ خريداري ڪئي، جنهن ۾ ٿائيلينڊ جا روايتي ثقافتي سامان ۽ گهر وارن لاءِ ٿائيلينڊ جو سلڪ خريد ڪيو، جيڪو ڏاڍو مهانگو هو. اهو سلڪ سڄي دنيا ۾ ڏاڍو مشهور آهي. سنڌ جي شهر نصرپور، ٿر ۽ بدين ضلعن ۾ مرد توڙي عورتون هٿ سان هلندڙ آڏاڻن تي کيس ۽ کٽ تي وڇائڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس ۽ رڍن جي اُن مان کرڙيون ۽ سياري ۾ اوڍڻ لاءِ شالون ٺاهيندا آهن. سڄي سنڌ ۾ عورتون هٿ سان رليون به ٺاهينديون آهن. اهي سڀئي هٿ جون ٺهيل شيون مهانگيون وڪامجن ٿيون. اسان وٽ ٻني ۽ جنهاڻ ۾ سومرا شادي لاءِ ڪنوار جو جيڪو چولو ذريءَ سان ڀرائيندا آهن، اڄڪلهه اهو چولو به لک روپين کان مٿي کائي ويندو آهي. ڪنهن زماني ۾ شاديءَ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ڪاريگر موچي جُتو ۽ جُتي ٺاهي ڏيندا هئا. اهي به ڏاڍا مهانگا هوندا هئا. اٽلي ۾ چمڙي جو سامان ڏاڍو مهانگو، پر سٺو هوندو آهي. هندستان ۾ بنارسي ڪپڙو به ڏاڍو سُٺو آهي، جنهن ۾ بنارسي ساڙهي جو ته جواب ڪونهي. منيٰ ۽ آئون جڏهن انڊيا وياسين ته منيٰ دهلي جي ڪلاٿ مارڪيٽ مان، وڏي شوق سان بنارسي ڪپڙا خريد ڪيا. افغانستان ۾ ٺهندڙ غاليچا به سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. اسان هتان سڌا پنهنجي هوٽل تي آياسين. سڄي ڏينهن جي هل هلان ڪري ٿڪي پيا هئاسين، آئون اچڻ شرط سمهي پيس ۽ ڪافي دير سان اٿيس، ان مهل ڪيسرا سئنگ جاد به ڊيوٽي پوري ڪري اچي وئي ۽ رات هت ترسي پئي. ٻئي ڏيهاڙي آرتوار هو. تنهن ڪري صبح سوير اسان سڌا پتايا وڃڻ واري شٽل ڪيبن ۾ چڙهي پتايا روانا ٿي وياسين. شٽل سروس ون وي هئي اسان واري شٽل ڪيبن ۾ اٽيچڊ باٿ روم به هو. اسان بيئنڪاڪ کان پتايا، سهڻن وڻن ٽڻن سان سينگاريل شاھراھ تان وڃي رهيا هئاسين. بس اندر سڀ جا سڀ ٽوئرسٽ غير ملڪي، سي ڪي ته پنهنجي ملڪ مان ئي جوڙا جوڙا ٿي آيا هئا. ته ڪي وري هت پنهنجي لاءِ جوڙيوال هٿ ڪري آيا هئا اڪثر ٽوئرسٽ جوڙا بس اندر هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري چمي رهيا هئا، ته ڪي وري فلمون ڀري رهيا هئا. ته ڪي جوڙا پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هڪ اڪيلو سياح هو. اهو وري ڪتاب پڙهي رهيو هو، جيڪو شايد يورپيئن هو. ڇو ته يورپين ماڻهن کي پڙهڻ جو اڃا به ڏاڍو شوق آهي. اقوام متحده جي هڪ رپورٽ مطابق، هڪ اسرائيلي شهري هڪ سال ۾ چاليھه ڪتاب پڙهي ٿو، يورپين ماڻهو هڪ سال ۾ پنجٽيھه ڪتاب پڙهي ٿو ۽ مسلمان ملڪن جو شهري هڪ سال ۾ صرف هڪ ڪتاب پڙهي ٿو. انهيءَ رپورٽ ۾ اڳتي لکيل آهي ته يورپ جو هڪ ماڻهو هڪ سال ۾ ٻه سئو ڪلاڪ پڙهي ٿو ۽ ڪنهن مسلمان ملڪ جو شهري سڄي سال ۾ صرف ڇھه منٽ پڙهي ٿو. مسلمانن جي پاڪ ڪتاب قرآن شريف جو پهريون ئي لفظ آهي ”اِقراءِ“ معنيٰ پڙهه، پر پاڻ مسلمان پنهنجي پاڪ ڪتاب جي انهي حڪم کان ڪيترو نه پري ٿي ويا آهيون. ٿوري دير ۾ ڏٺم ته ڪيسرا منهنجي ڪلهي تي سمهي پئي ته ڄڻ منهنجي من اندر گلاب ٽڙي پيا، چون ٿا ته مرد اهڙو پاور فل ڪڏهن به ڪونه هوندو آهي، جهڙو هو ڪنهن عورت جي ڀاڪرن ۾ هوندو آهي. ننڊ مان جاڳي ته اسان رستي تي موجود ريسٽارنٽ تان کائڻ لاءِ ڪجهه سامان پيڪ ڪرايو هو. سو کولي کائڻ لڳاسين، جنهن ۾ ٿائي مصالحن ۾ ٺهيل ڪڪڙ جا ننڍا ننڍا ٽڪرا سلاد ۽ ڊبل روٽي هئي، ٻه سيون اپ جا ٽن به هئا. مونکي ڪڪڙ تمام گهٽ وڻي، سو مون صرف سلاد ۽ ڊبل روٽي کاڌي، اڄڪلهه دنيا ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو تمام گهڻو استعمال آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ به ڪڪڙ جي گوشت جا پنج دڪان آهن. قرباني واري عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳيان ۽ پويان، ڪراچي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻاڪري گوشت جو ڪلو ساڍا اٺ سئو رپيا ۽ ڪڪڙ جي گوشت جو ڪلو ٻه سئو رپيا ملي. اسان ننڍا هوندا هئاسين تڏهن ڪڪڙ جو استعمال تمام گهٽ هوندوهو. ڪڪڙ تڏهن کائبو هو جڏهن ماڻهو بيمار ٿئي، يا ڪڪڙ بيمار ٿئي. پر هاڻ ته پاڪستان جي کاڌي ۾، منهنجو اندازو آهي ته ٻوڙ طور سٺ سيڪڙو ڪڪڙ جي گوشت جو استعمال ٿيندو هوندو. بئنڪاڪ ۽ پتايا وچ ۾ بس کي ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا هوندا. اڄ سنڊي آهي، تنهن ڪري رش به آهي. شٽل اسانجي هوٽل جي ويجهو ئي، پنهنجي جڳهه تي بيٺي، ته مسافر ٽيڪسي ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا. جيئن ته اسان جي هوٽل ويجهو هئي ۽ اسان وٽ تمام مختصر سامان هو، تنهن ڪري اسان پنڌ ئي پنڌ هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هوٽل جي بُڪنگ اسان بينڪاڪ مان ئي فون تي ڪرائي ڇڏي هئي. مون پنهنجو نالو ٻڌايو ته مونکان پاسپورٽ وٺي، ضروري داخلا کانپوءِ مونکي واپس ڏنائون. اسان کي معذرت سان چيائون ته توهان لائونج ۾ ٿورو ويٽ ڪيو. اسان توهان کي جلد ڪمرو صاف ڪري ٿا ڏيون. سبب اهو ٻُڌايائون ته اڄ سنڊي ڪري رش آهي ۽ چيڪ آئوٽ ٽائيم ٻارهن آهي. هينئر ٻارهن پيا ٿين.
    جيئن جيئن سياح ڪمرا خالي پيا ڪن. تيئن تيئن اسان اهي ڪمرا صاف ۽ ٺيڪ ڪري ايندڙ سياحن جي حوالي ڪندا وڃون. اسان کي جئين ڪمرو ڏنائون ته اسان ڪمري ۾ تمام ٿورو وقت آرام ڪري، ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪري وياسين. دنيا جي وڏن شهرن ۾ جيئن ته جڳهه ٿوري هوندي آهي. تنهن ڪري اُت هوٽل بلڊنگس ننڍيون هونديون آهن. پر شهر کان پري، بيچز ۽ هل اسٽيشن تي جيئن ته جڳهه ڪافي هوندي آهي. تنهن ڪري اُت هوٽلون تمام ڪشاديون هونديون آهن، انهن اندر ڪمرا، هال ۽ باغيچا به وڏا هوندا آهن. پتايا بيچ تي به ڪيئي وڏيون هوٽلون ۽ ڪيسينو وغيره ٺهيل آهن. انهن اندر سياحن جي وندر جو هر سامان ميسر هوندو آهي. پتايا ته دنيا جي مشهور بيچز ۾ ڳڻي وڃي ٿي ۽ ٿائيلينڊ ته ويٽنام جنگ بعد مسلسل سياحن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. ٻيو ته اڄڪلهه يورپ ۽ آمريڪا جي ويزا نه ملڻ ڪري ۽ هي ملڪ سستي هئڻ ڪري سڄي دنيا جا سياح ۽ خاص ڪري پاڪستاني سياح ته وڃن ئي ٿائلينڊ، سنگاپور، ملائيشيا، دبئي ۽ ترڪي. پر ترڪي ۽ دبئي هاڻ ڪافي مهانگا ٿي ويا آهن. تنهن ڪري سياح وڏي تعداد ۾ اڄڪلهه انهن ملڪن ڏانهن وڃن، جت هوٽلون، کاڌو، عياشي، بدمعاشي تمام سستي آهي. جڏهن چاليھه سال اڳ آئون پهريون دفعو بئنڪاڪ ويو هوس، تڏهن هي ملڪ هر ڳالهه ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ سستو هو. پتايا ۾ سمنڊ اندر موٽرسائيڪل نما گاڏيون ۽ مٿي آسمان ۾ اڏامڻ لاءِ لغڙ ميسر آهن. جن ۾ ماڻهو چڙهي سمنڊ مٿان اڏامن ۽ سمنڊ اندر ئي هيٺ پاڻي ۾ لهن پيا. اسان به اتي هڪڙي بينچ تي وڃي ويٺاسين ۽ آسمان ۾ اڏامندڙن ۽ موٽر سائيڪل نما سوارين تي پاڻي اندر هلندڙ ماڻهن کي ويهي ڏسڻ لڳاسين. ٿائي ڪُشتيءَ جو رواج سڄي ٿائيلينڊ ۾ عام آهي. مردن کان سواءِ ٿائيلنڊ ۾ عورتن جي ڪُشتي راند به مقبول عام آهي. انهي راند کي ملڪي توڙي غير ملڪي شوق سان ڏسندا آهن. اسان هتان فري ٿي پوءِ هت ئي موجود هڪ ٿيٽر ۾ ڊانس شو ڏسڻ وياسين. جنهن ۾ انگريزي گانن تي تمام لاجواب ڊانس ٿئي. هن ٿيٽر ۾ ٿائي لوڪ ناچ ۽ گانا به ڏيکارين. هن فن جي نمائش ڪندڙ فنڪارائون تمام حسين ۽ جميل هونديون آهن، جن سان گڏ هر ماڻهو پنهنجو فوٽو ڪڍرائي ساڻن مذاق ڪن ڪي ماڻهو ته کين ڪمرن تي به وٺي وڃن. هي عورت نما فنڪارائون سڀ جا سڀ کدڙا هوندا آهن. پر محسوس ڪونه ٿيندو آهي. اسان هن پروگرام کان پوءِ بيچ تي اچي هڪ ٿائي هوٽل تي ماني کاڌي. مون فش فرائي وٿ رائيس جو آرڊر ڏنو ڪيسرا سنيڪ هيڊ يعني نانگن جي سسين جو ڪنهن آئٽم لاءِ چيو. منهنجي زندگي ۾ هي پهريون ڀيرو هو، جو مونسان گڏ ڪنهن دوست اهڙي کاڌي جو آرڊر ڏنو هجي. يورپ يا فار ايسٽ ۽ هاڻ انڊيا ۾ به پورڪ يعني سوئر جو گوشت هر هنڌ ملندو آهي. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سڄي هندستان ۾ ريل گاڏي اندر به بريڪ فاسٽ توڙي لنچ ۽ ڊنر ۾ سوئر جو گوشت لازمي طور ڏنو ويندو هو. جيڪڏهن مسلمان سوئر جو گوشت ڪونه کائيندو هو، تڏهن به کيس انهيءَ جا پيسا ڀرڻا ئي پوندا هئا، ڇو ته مسافر ڪو به هڪ ٻوڙ گهرائي نٿي سگهيا. ريلوي جي قانون موجب مسافر کي مڪمل بريڪ فاسٽ، لنچ يا ڊنر جو آرڊر ڏيڻو پوندو هو ۽ ان جو مڪمل بل ادا ڪرڻو پوندو هو. اڄ به پاڪستان جي ريل گاڏي منجهه ائين ئي آهي، پر سوئر جو گوشت شامل ڪونهي. انگريز دؤر ۾ ريلوي بورڊ جي ڪيترن ئي مسلمان ميمبرن انهي رويي خلاف اعتراض ڪيو پر انگريز سرڪار مڃيو ڪونه! انگريز دؤر حڪومت ۾ سرڪاري ۽ وڏن ماڻهن جي دعوت ختم ٿيڻ کان پوءِ ”لانگ لو اوَرِ ڪُئين“ موڪلائڻ مهل ضرور چئبو هو، ته خبر پوي ته اسان انگريزن جا غلام آهيون. مون به نانگن جون سسيون کائڻ وقت ڪيسرا ڏانهن نهاريو به ڪونه، متان سندس لبڙن کي چمڻ چوسڻ مهل ڪراهت ٿئي، تنهن ڪري ماني کائڻ مهل، آئون صرف بيچ ڏانهن نهاري رهيو هوس. جت ڪيئي حسين جميل مختلف ملڪن جا جوڙا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي، نوجواني جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا هئا. ڪي ته تقريباً ڪپڙن کان آجا ٿي سمنڊ اندر اهڙي نموني سان حرڪتون ڪري رهيا هئا، ڄڻ ته اهي پاڻيءَ اندر ڪا واردات ڪندا هجن. هڪ دفعو ڪيوُ گارڊن لنڊن جي هڪ ڪنڊ ۾ وڻن جي جهڳٽن اندر ڇوري ۽ ڇوريءَ کي صفا هڪٻئي جي مٿان چڙهندي ۽ لهندي به ڏٺم، جيڪي ٻئي اگهاڙا اگهاڙا هئا. پر هيءَ سمنڊ جو ڪنارو هو، جت سوين ٻيا به ماڻهو ناڪافي لباس ۾ هئا. مختصر لباس پائي بيچز يا نائيٽ ڪلبس ۾ وڃڻ ته اڄڪلهه دنيا ۾ هڪ فيشن آهي. اسپين ۾ ته ماڻهو مختصر ڪپڙا پائين باقي ڪڇي کان سواءِ ٻئي سڄي بدن تي جنهن ۾ ڪن، نڪ، ڳلون هٿن ۾ عجيب قسم جا زيور پائين. مون ڪيسرا ۾ ڏٺو، ته هو به بيچ تي ڇورن ۽ ڇورين جا اهي منظر ڏسي رهي هئي، شيمپيئن جا ڍڪ ڀريندي مون ڏٺو ته هن جي روشن ۽ چمڪدار اکين سان گڏ، هن جي انگ انگ ۾ محبت جي باھ ٻري هئي ۽ هن جون محبت ڀريون اکيون ڄڻ ته باھ کي اجهائڻ لاءِ مونکي گهوري رهيون هيون. اسان انهيءَ باھ کي اجهائڻ لاءِ پنهنجي ڪمري تي پهچي، روح رچينديون ڪندي ڪندي نيٺ سمهي پياسين.
    ڪيسرا کي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ صبح نوين بجي هوٽل تي پهچڻو هو، تنهن ڪري صبح سوير اسان شٽل ۾ بيئنڪاڪ لاءِ ٻه سيٽون بڪ ڪرايون. اها شٽل پتايا کان مسافر کڻي بيئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لاهيندي آهي ۽ اتان ٻيا مسافر کڻي اچي پتايا پهچائيندي آهي. اها پتايا واري هوٽل جي شٽل هئي، جيڪا پوري سوا ڇهين بجي صبح جو هوٽل وٽان رواني ٿي، منجهس گهڻو ڪري سڀ چائنيز ۽ يورپيئن مسافر هئا. جاپاني سياح سڀ جوان هئا، پر يورپيئن گهڻو ڪري سڀ پوڙها هئا، يورپ جا ماڻهو، جواني ۾ خوب ڪمائيندا آهن ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ رڳو پيا گهمندا آهن. يورپيئن پوڙها جوڙا گهڻو ڪري زال مڙس هوندا آهن. منجهن ايڪڙ ٻيڪڙ پوڙهيون مايون اڪيليون به هونديون آهن. اهي ٽوئر دؤران ڇڙهن جوان ڇوڪرن سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهنديون آهن. اڪثر انهن جو ڪم ٿي ويندو آهي. پر پوءِ اهو جوان ڇوڪرو سڄي ٽوئر ۾ سڀني جي اک ۾ هوندو آهي. ٻيا جوڙا لڪي لڪي مٿانئس پي کلندا آهن. اهڙن نوجوان ڇوڪرن جي اڪثريت نيگروز جي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي نيگرو جوان انهن پوڙهين کي ڦُري چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. آئون پنهنجي سڄي زندگي ۾ هڪ ٻن ٽوئرن کان سواءِ گهڻو ڪري سڄي فيملي سان گڏ هوندو آهيان. نه ته گهڻو ڪري آئون ۽ منيٰ ئي هوندا آهيون. اسان جي شٽل پتايا کان بيئنڪاڪ جي موٽر وي تي هلي ته صبح جي وقت ۾ هر منظر ڏاڍو لاجواب لڳي رهيو هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان تمام سرسبز آبادي هئي ۽، رستي جي ڪنارن تي عاليشان گهآٽن گلن سان ڇانئيل وڻن جون قطارون هيون. اهي وڻ جهڙو ڪر اسان سان گڏ ڊوڙي رهيا هئا. رستي جي ڀرسان ڪٿ ڪٿ ننڍيون ننڍيون نديون پئي وهيون، ته ڪٿ ڪٿ شفاف پاڻي سان ٽمٽار ڍنڍون موجود هيون. جن جي پاڻي ۾ وڻندڙ پکي تري رهيا هئا ته ان سان گڏ انهن ڍنڍن مٿان هوا ۾ به سوين سهڻا پکي اڏامي رهيا هئا. اسان انهن حسين منظرن کي ڏسندا لطف وٺندا رهياسين. هن شٽل ۾ گهڻي تعداد ۾ مسافر ستل هئا، پر جيئن ريل گاڏي، بس توڙي هوائي جهاز ۾ سفر دؤران مونکي ننڊ بلڪل ڪانه اچي، تنهن ڪري آئون حَسين ماڻهن جي وچ ۾ ۽ ٻاهرئين حسين منظرن مان لطف وٺندي ڏاڍي سڪون سان وڃي رهيو هوس. اڄڪلهه دنيا اندر ٽوئرسٽ بسون به ڪنهن ننڍي جهاز کان گهٽ ڪونه آهن. پاڻ وٽ ڏھ ٻارنهن سال اڳ پوليس فائونڊيشن وارن حيدرآباد کان ڪراچي بس سروس شروع ڪئي، انهن جي بسن ۾ سفر دؤران مسافرن کي چپس، جوس ۽ ڪولڊ ڊرنڪ مفت ۾ ڏيندا هئا. انهن بسن ۾ ڊرائيورکان سواءِ ٻيو سڄو اسٽاف ننڍين نيٽين حسين عورتن تي مشتمل هوندو هو. اهي بسون هاڻ نظر ڪونه ٿيون اچن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن هاڻ سياحن لاءِ ڊبل اسٽوري بسون گرمين ۾ مٿان ڇت بغير هونديون آهن، ۽ سياح به مٿي وڃي ويهن ۽ کليل ڇت کي وڌيڪ پسند ڪن. هڪ دفعو جرمني ۾ رائن ندي ۾ هڪ بوٽ ۾ سير پئي ڪيوسين انهي بوٽ جي ڇت شيشي سان ڍڪيل هئي، ان وقت برسات پئي وسي. اسان انهي منظر کي ڏاڍو انجواءِ ڪيو. منيٰ کي ته اهو منظر ڪڏهن وسريو ئي ڪونهي!
    هن سال يعني اٺ آگسٽ 2017ع ۾ جرمني وياسين تڏهن به پاڻ چيائين ته پاڻ وري به شيشي واري ڇت واري بوٽ ۾ چڙهي سير ڪريون، پر مون کيس چيو ته سوئٽزرلينڊ ۽ اٽلي ۾ پنهنجي گهمڻ جا هن کان به وڌيڪ سٺا پروگرام اڳ ۾ ارينج ٿيل آهن، ٻيو ته پاڻ هينئر جرمني جي ٻئي ڀاڱي ۾ سفر ڪنداسين. هن ڀيري اسان جڏهن جرمني جي بليڪ فاريسٽ مان پنهنجي ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين، ته فيس بڪ تي اسان کي گهمندو ڏسي، امداد حسيني اسان لاءِ هي شعر چيو:
    دنيا سوڙهي ٿي ويئي، دل جو انت نه ڇيھه،
    يار پليجا پاڻ کي ڏيھه لڳي پرڏيھه.
    امداد حسيني جو ڳوٺ ٽکڙ، اسان جي ڳوٺ ٻني کان وايا ملاڪاتيار، ڪو سورهن ميل کن مس ٿيندو. سندس مٽ مائٽ ٻني کان هڪ ميل کن مفاصلي تي ڳوٺ راهوٺ ۾ رهن جڏهن ڪنهن زماني ۾ راهوٺ سندس اچڻ ٿيندو هو ته پاڻ اسان وٽ ٻني به ضرور ايندو هو. اسانجو انهي وقت کان واسطو آهي، جيڪو اڄ تائين برقرار آهي. منهنجي ٻن ڪتابن جي مهورت واري تقريبن مان هڪ ۾ پاڻ چيف گيسٽ هو، ته ٻي تقريب جي صدارت ڪئي. پاڻ ڪافي وقت حيدرآباد ۾ رهيو، پر هاڻ پاڻ ۽ سندس گهر واري ادي سحر امداد اچي ڪراچي وسائي آهي ۽ اسان به ڪراچي ۾ رهون، تنهن ڪري قسمت سانگي ات به ملاقات ٿي ويندي آهي. پاڻ جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ملازم هو ۽ اعجاز منگي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو، تڏهن پاڻ مونکي چيائين ته تون پنهنجا ٻه ڪتاب ڏي ته آئون ادبي بورڊ مان ڇپايان، پر مون کيس ڪتاب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مون پنهنجو ڪوبه ڪتاب، سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ڪلچرل ڊپارٽمينٽ يا ڪنهن به ٻئي سرڪاري اداري مان ڪونه ڇپايو آهي. انهن ادارن تي مونکان وڌيڪ ٻين ليکڪ دوستن جو حق آهي. جيڪي پاڻ مرادو ڪتاب ڇپائڻ جي قابل نه آهن.
    اسان هي حسين نظارا ڏسندا بئنڪاڪ پئي وياسين آئون سوچيان ٿو ته انسان پنهنجي سُک لاءِ ڪيترن ئي ٻين انسان جو سُک ڦٽائي ٿو! انسان ذات جي سموري تاريخ انهن ظلمن جي دکدائڪ داستانن سان ڀري پئي آهي. يورپ جي هڪڙي بِنهه ننڍڙي ملڪ مقدونيا جو حاڪم، سڪندر مقدونيا مان نڪري ڪاهون ڪندو مسلسل ملڪ فتح ڪندو اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيو، انهيءَ سموري جنگ ۽ جدل ۾ هن ڪيترن ئي لکن انسان جو سُک ڦٽايو ۽ ناحق قتل ڪيا. تنهن سبب هو سڪندر اعظم سڏائڻ ۽ پڏائڻ لڳو. هندستان جي شھنشاھ، اشوڪ، ڪلانگا وٽ ٿيل فقط هڪڙيِ جنگ ۾ هڪ لک ماڻهو ماريا. جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ”گلمپسز آف ورلڊ هسٽري“ ۾ لکيو ته انهي جنگ کان پوءِ اشوڪ ٻي ڪابه جنگ ڪانه ڪئي ۽ هندو مذهب ترڪ ڪري ٻڌ مذهب اختيار ڪيو ۽ پاڻ ٻڌ ڀڪشو ٿي ويو. چين ۾ مائوزي تنگ ڪروڙ ماڻهو مارايا. اسٽالن به روس ۾ لکين ماڻهن کي مارايو. اٽليءَ ۾ مسوليني به چار لک ماڻهو قتل ڪرايا، هٽلر ٻي عالمي جنگ ۾ لکين ماڻهن کي مارايو. موجوده دؤر ۾ آمريڪا سڄي دنيا اندر سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ايران ۽ عراق ۾ پابنديون هنيون ته ڪيترا ٻار دوائون نه هئڻ ڪري مئا، انڊونيشيا ۾ سوهارتو پنج لک ماڻهو ماريا، پر هٽلر ۽ اسٽالن جيترا ماڻهو آمريڪا به ڪونه ماريا هوندا! آئرش آرمي وارن سئو سالن ۾ سڄي انگلينڊ اندر سوين بم ڌماڪا ڪيا، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مئا، سڄي دنيا جي تاريخ انهن خوني بادشاھن ۽ حاڪمن جي حملن ۽ قتل و غارت جي دکدائڪ واقعن سان ڀري پئي آهي.
    اسان جي شٽل بيٺي ته صرف اسان ٻه مسافر هتي لٿاسين ۽ ٽيڪسي ۾ چڙهي پنهنجي رهائش واري هوٽل آياسين. مون پنهنجي رزرويشن ڏيکاري، ڪمري جي چاٻي وٺي ڪمري تي آيس، فون جو پلگ ڪڍي سمهي رهيس ۽ وڃي شام ڌاري اک کلي ته ٽيلي ويزن کولي انگريزي چينل ڏسڻ لڳس ۽ فون ڪري روم سروس وارن کي چانھه لاءِ چيم، ته ڪيسرا جو فون آيو ۽ پاڻ چيئين ته اڄ آئون ڪلاڪ ڊيوٽي کان اڳ ايندس ۽ توکي منهنجو ڳوٺ گهمائڻ وٺي هلندس، جيڪو هتان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. پوءِ واپس بيئنڪاڪ شهر اينداسين، مون چيو ته ٺيڪ! پاڻ ڊيوٽي ختم ڪري آئي ۽ اسين هڪ بس ۾ چڙهي سندس ڳوٺ وياسين. ڳوٺ ۾ سڀ گهر ٿائي اسٽائيل جا هئا، هوءَ مونکي سندس گهر وٺي آئي، جتي هن مونکي سندس ماءُ ۽ سندس منگيتر سان ملايو. انهن کي انگريزي جو هڪ لفظ به ڪونه ٿي آيو، پر منهنجي ڏاڍي قرب ساڻ آجيان ڪيائون. ڪيسرا جو منگيتر کانئس به ننڍو هو. ڪيسرا منهنجو تعارف ڪرائيندي کين ٻڌايو ته هي مهمان پاڪستاني آهي ۽ هت گهمڻ آيو آهي. اهو ٻڌي هو ڏاڍا خوش ٿيا. آئون هنن لاءِ هڪ ڪيڪ سوکڙي طور وٺي آيو هوس، اهو کين ڏنم ته پاڻ ٺري پيا. سندس ماءُ ٿائي ٻولي ۾ مونسان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. ڪيسرا ٻڌايو ته امان چئي ٿي ته ڪيسرا اڃا ننڍي هئي، ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. پوءِ مون کيس ماءُ جي پيار سان گڏ پيءُ جو پيار به ڏنو. مون کيس چيو ته پنهنجي ماءُ کان پڇ، ته آئون ڪيسرا کي پاڪستان وٺي وڃان؟ انهي تي ڪيسرا کلي کڻي ماٺ ڪئي. هنن مونکي انناس جو جوس پياريو ۽ هڪ ننڍي گفٽ به ڏني. تنهن پڄاڻان اسان هنن کان موڪلائي واپس بيئنڪاڪ آياسين. هوٽل تي پهچي، ڪسرا کان پڇيم ته هن کان اڳ به تون پنهنجي ڪنهن غير ملڪي دوست کي پنهنجي گهر وٺي وئي هئين يا نه؟ پاڻ ڪجهه دير چپ رهڻ کان پوءِ وراڻيائين ته ڪافي سال اڳ هڪ آمريڪن دوست کي به گهر وٺي آئي هيس. ٻئي ڏينهن آئون صبح سوير تيار ٿي بس ۾ چڙهي روز گارڊن گهمڻ ويس، جيڪو بينڪاڪ کان 32 ڪلوميٽر پري هو. هي هڪ لاجواب تفريح گاھ هو. جت گاف ڪورس ٿائي ناچ ٿائي باڪسنگ ڏاڍي وڻندر وندر ۽ ورونهن آهي. هتي مردن واري باڪسنگ کان سواءِ عورتن واري باڪسنگ جا پڻ نهايت لطف اندوز مقابلا ٿيندا آهن. هتي ڪڪڙن جي ويڙھ پڻ ٿيندي آهي. سياحن جي رهائش جو به عاليشان بندوبست ٿيل آهي. آئون ٽڪيٽ وٺي، ٿائي عورتن جي باڪسنگ واري هڪ ننڍي اسٽيڊيم ۾ وڃي ويٺس، هي اسٽيڊيم راند ڏسڻ وارن سان تقريباً سڄو ڀريل هو. اهڙي قسم جي سياحتي مقام تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مقامي ماڻهو هوندو آهي. عورتن جي ڪشتي جو مقابلو شروع ٿيو، ته ڏسندڙن کي ڏاڍو مزو آيو. ننڍين نيٽين ۽ حسين جميل رانديگر ڇوڪرين، نهايت مختصر لباس ۾ هشاش بشاش ٿي جڏهن ڪشتي شروع ڪئي ته ماڻهن ڪُشتي ۾ گهٽ پر رانديگرياڻين جي جسمن جي جاگرافي ۾ گهڻي دلچسپي ورتي. راند جي هر رائونڊ جي شروعات سيٽي وڄائي پئي ڪيائون. هت رات جي ڪشتي لاءِ به روشني جو زبردست بندوبست ٿيل هو. ڪشتي کان پوءِ اتي ٿائي ناچ جو پروگرام شروع ٿيو. اهو به هڪ لاجواب پروگرام هو. ناچ جي آخري آئٽم ۾ ناچو ڇوڪرين اسٽيج تان هلي اچي، ناچ ڏسندڙن مان ڪنهن هڪ کي هار ٿي پاتو ته انهي شخص پنهنجي سيٽ تان اُٿي اچي اسٽيج تي انهي رقاصه سان گڏ ڊانس ٿي ڪئي. انهيءَ ڊانس تي سڀني تماشبينن اٿي بيهي ٿي تاڙيون وڄايون. هت ٻه ٽي ڪلاڪ گذاري پوءِ روزگارڊن جي صاف سٿرين لانن تي چڪر لڳائي اچي هڪ ٿائي ريسٽورنيٽ ۾ لنچ ڪئي هت هوٽل ۾ به ڏاڍي رش هئي. ماني کائي آئون بس اسٽاپ تي آيس، ات بس ۾ چڙهڻ لاءِ مسافرن جون وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون هيون، پر هر مسافر سڪون سان آهستي آهستي چڙهندو ويو. ائين آئون به هڪ بس ۾ چڙهي اچي بينڪاڪ پهتس. اڄ منهنجي بينڪاڪ ۾ آخري رات هئي، ٻئي ڏينهن سينگاپور وڃڻو هوس. تنهن ڪري ڪيسرا سان تقريباً سڄي رات روح رچنديون ڪندي گذاري. واقعي ٿائي حسينه اندر ۾ مکڻ وانگر وگهرندي آهي ٻاهر گلاب وانگر ٽڙندي آهي. آئون پنهنجي پروفيشنل محبوبه کي ستل ئي ڇڏي، ٽيڪسيءَ ۾ بينڪاڪ ايئرپورٽ پهتس، جتان ٿائي ايئر لائين جي فلائيٽ ۾ سنگاپور روانو ٿي ويس. هڪ ڪلاڪ چاليهه منٽن جي فلائيٽ دؤران موسم ٺيڪ ڪانه هئي. مسافرن کي هر هر ٿي سيڪيورٽي بيلٽ ٻڌرايائون فلائيٽ ۾ اسان کي انگريزي کاڌو ڏنائون. سنگاپور جو هي چانگي ايئرپورٽ انهي سال ئي ٺهي تيار ٿيو هو ۽ آئون جڏهن هي سٽون سن 2018ع جي مارچ مهيني ۾ لکي رهيو آهيان، تڏهن به چانگي ايئرپورٽ کي سڄي دنيا جي هوائي اڏن ۾ پهريون نمبر هوائي اڏو قرار ڏنو ويو آهي. هن ايئرپورٽ منشيات جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪتن ۽ ٻين طريقن سان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته جيئن ڪنهن به طريقي سان سنگاپور ۾ منشيات داخل نه ٿي سگهي. ڪسٽم ۽ اميگريشن وارن کان واندو ٿي، دنيا جي هن حسين شهر ۾ ٽيڪسي وسيلي پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن راهي ٿيس.


    7

    مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ايڏيون اوچيون ۽ سٺيون بلڊنگون هن سينگاپور شهر ۾ ڏٺيون، جيڪي مونکي جديد طرز تعمير جو شاهڪار لڳي رهيون هيون. انهن عاليشان اوچين عمارتن کي نهايت ئي سهڻي نموني سينگاريو ويو هو. هن کان اڳ مون صرف پنهنجو ملڪ پاڪستان ۽ ٿائيلنڊ ڏٺو هو. پر انهي وقت يعني 1980ع ۾ به هت يعني سينگاپور ۾ هر شئي ڏاڍي ماڊرن ٺهيل هئي، جنهن ۾ جڳهيون، رستا، هوٽلون، نائٽ ڪلب، ڪارون، بسون ۽ ماڻهن جي طرز زندگي به شامل آهي. هن کان اڳ مون ٽريفڪ جو اهڙو جديد نظام به زندگي ۾ ڪونه ڏٺو هو. جنهن ۾ مرد توڙي عورتون ڏاڍي سٺي نموني سان ملڪ جي انهي سڄي نظام کي ڪنٽرول ڪري رهيا هئا. هوٽل تي پهچي ڏٺم ته اها هوٽل هڪ پراڻي طرز جي بنگلو ٿي لڳي. سنگاپور جو سڄو ملڪ، صرف 639 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، ملڪ به اهو ته شهر به اهو ته ملڪ جي گادي جو هنڌ به اهو ساڳيو سنگاپور شهر ئي آهي، جنهن کي سامراجي ملڪن، آمريڪا ۽ سندس ساٿاري ملڪن سندن سياسي ۽ معاشي مفادن جي حصول خاطر هڪ رياست بنائي اتي سندن پوئلڳ سياسي ۽ معاشي نظام قائم ڪيو آهي. سنگاپور جي سِڪي جو نالو، ”سنگاپور جو ڊالر“ آهي. هت سئو سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. آئون سمجهان ٿو ته هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي زراعت ڪانهي! پر پنهنجي فري پورٽ ۽ سٺي انڊسٽري ڪري، دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. آئون هوٽل پهچي، هوٽل جي فارملٽيز کان واندو ٿي، ٿورو آرام ڪري، پوءِ شهر گهمڻ ويس. سنگاپور چائنيز، سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ هندستاني ماڻهن تي مشتمل هڪ ملڪ آهي.هتي سنڌي به ڪجهه تعداد ۾ رهن ٿا. انهن جي هت تمام وڏي بزنيس آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي هندو پاڪستان ۽ هندستان کان پوءِ وڏي تعداد ۾ هت آباد آهن، پر هندستان وانگر هت به سنڌي هاڻي نالي جا سنڌي وڃي رهيا آهن، ڇو ته هو هاڻ هت سنڌي ٻولي ڳالهائيندا ئي ڪونه آهن!
    آئون ٽيڪسي ڪري هتي جي هڪڙي وڏي نائيٽ ڪلب ويس. هي ڪلب ڏاڍو مهانگو هو هت مختلف قسمن جا ڊانس پروگرام ڏيکاريائون. هڪ فلور تي جوڙا جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا، جن ۾ وڏو تعداد نوجوان جوڙن جو هو، مون آئيس ڪريم گهرائي کاڌو. هي ڪلب ڏاڍو منظم ۽ پروقار هو، پر اتي بينڪاڪ واري چاشني، رونق ۽ عرياني بلڪل ڪانه هئي. آئون اتان اٿي پوءِ عرب اسٽريٽ ۾ آيس، جت جام انڊيئن هوٽلون هيون. مون هت ڪيرالا وارن هندستانين جي هوٽل تي ماني کاڌي، جن تازن ساون پنن مان ٺهيل ٿانون ۾ ماني ڏني. منهنجو زندگي ۾ اهڙن پنن وارن ٿانون ۾ ماني کائڻ جو پهريون تجربو هو. ماني ڏاڍي لذيذ هئي، سنيگاپور جون ڪارون. هوٽلون، ڪلب، شاپنگ سينٽر، خاص ڪري باغيچا ۽ پارڪ ڪنهن به يورپ جي ملڪ کان گهٽ ڪونه هئا. هتي جا ماڻهو به تمام امير/ شاهوڪار آهن. سنگاپور ملڪ جي معيشت ۾ شپنگ، پيٽروليم، ڪنسٽرڪشن ۽ ٽوئرزم جو وڏو حصو آهي. سنگاپور جو باشندو، يورپ ملڪن جي ماڻهن کان به وڌيڪ خوشحال زندگي گذاري ٿو. سنگاپور ۽ دبئي گهمڻ لاءِ ٽي ڏينهن ڪافي آهن. هڪ سال ۾ سنگاپور گهمڻ لاءِ سراسري طرح هڪ ڪروڙ ماڻهو/سياح اچن. سنگاپور جا ماڻهو سياحت کي اڃا به وڌيڪ زور وٺائڻ لاءِ چائنا ٽائون واري علائقي کي تمام وڏي پيماني تي سهڻي نموني وڌائي رهيا آهن. آئون رات جو اچي پنهنجي هوٽل ۾ رهيس. اها هوٽل، هوٽل نه پر هڪ بنگلو لڳي رهي هئي ۽ شهر کان ٿورو پر ڀري هئي، سڄو ڏينهن گهمڻ ڪري، رات جو ننڊ اچڻ ۾ ڪا دير ڪانه ٿيندي هئي، جئين ته سڄي دنيا ۾ هوٽلن ۾ گهڻو ڪري ناشتو مفت ۾ ڪرائيندا آهن. سو آئون به پنهنجي ڪمري مان اٿي اچي ڊائننگ روم ۾ ويٺس، جتي کائڻ لاءِ هر شئي موجود هوندي آهي، سو جائزو وٺي، پليٽ ۾ گهرج آهر کاڌو کڻي اچي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کائڻ لڳس. ڊائننگ هال ۾ ان وقت ويهارو کن ماڻهو هئا، جن ۾ يورپئين، انڊين ۽ هڪڙو جاپاني جوڙو به هو. سڄي دنيا جي وٿ بريڪ فاسٽ هوٽلن جو ناشتو گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي. ڪوشش ڪبي آهي ته ناشتو ٺاهي کائجي، جو ٻنپهرن ۾ صرف برگر مان ڪم ٽپائجي، ته جيئن گهڻو گهمي ڦري سگهجي. ٻنپهرن جو گهڻو کائڻ سان بدن ڳرو ٿي پوي ٿو. ناشتو ڪري، ٻاهر اچي ٽيڪسي ڪري هتي دنيا جو مشهور پکين جو پارڪ ڏسڻ ويس. هي دنيا اندر پنهنجي قسم جو هڪ نرالو پارڪ آهي. جتي سڄي دنيا مان ڳولي ڳولي ست هزار کن پکي گڏ ڪيا ويا آهن. جن کي پنهنجي ملڪ وانگر گرم ٿڌي ماحول ۾ رکيو ويو اهي. هي پکين جو پارڪ ايڏو ته وڏو آهي جو انهي اندر ٽرام به هلندي آهي. توهان ٽرام ۾ چڙهندا لهندا پارڪ ۾ گهمندا ڦرندا رهو. جي بک لڳي ته پارڪ اندر ئي لاجواب هوٽلون به آهن، جن تي چانھه ماني کائڻ جي سهولت موجود آهي. ٽرام ۾ ويهڻ دؤران توهان کي هن پارڪ جي باري ۾ لائوڊ تي سڄي معلومات ٻڌائيندا هلندا. آئون تقريباً چئين بجي ٽيڪسي ۾ پنهنجي رهائش واري هوٽل تي موٽي آيس. سينگاپور جي جي ڊي پي سڄي دنيا جي ملڪن جي فهرست ۾ ڇٽيھه نمبر آهي ۽ اها 55635 آمريڪي ڊالر آهي. انهي امير ملڪن واري لسٽ ۾ خود آمريڪا جو نمبر چوڏهون آهي. تنهن جي جي ڊي پي 54380 آمريڪي ڊالر آهي. يعني سينگاپور آمريڪا کان به هڪ نمبر اڳيان آهي. انهي لسٽ ۾ پهريون نمبر موناڪو، ٻيو نمبر لگزمبرگ ٽيون نمبر ناروي، چوٿون نمبر قطر، پنجون نمبر مڪائو، ڇهون نمبر برونڊي، ستون نمبر سوئزرلينڊ، اٺون نمبر ڊينمارڪ، نائون نمبر آسٽريليا، ڏهون نمبر سوئيڊن يارهون نمبر چينل آئيلينڊس آهي.. ماڻهن جي قوت خريد واري ملڪن جي لسٽ ۾ سڄي دنيا اندر سنگاپور ڇهون نمبر آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي معيشت واري لسٽ ۾ سينگاپور ڇٽيهون نمبر ملڪ آهي. ڇٽيهين نمبر تي ٻن ملڪن جا نالا آهن. هڪ سنگاپور ۽ ٻيو اسرائيل. سنگاپور جي آدمشماري 55 لک آهي. دنيا ۾ ٻه سئو کن ملڪ آهن. سنگاپور دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هت تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن. دنيا ۾ فائيو اسٽار هوٽلن جي سڀني ڪمپنين جون هوٽلون سنگاپور ۾ آهن. سنگاپور ۾ موجود سڀني هوٽلن جا ڪمرا ٽيهه هزار آهن. هن هيڏي ننڍي ملڪ ۾ ڪيئن نه سڄي دنيا جي دولت خود به خود ڊوڙي ٿي اچي. غير ملڪين جي سياحت ڪري اهڙي دنيا جي لسٽ world in fingures ۾ پاڪستان جو نالو به هوندو آهي. پر اهو ڪجهه اهڙي ريت هوندو آهي، جهڙوڪ دنيا ۾ گهڻي آدمشماري وارن ملڪن جي لسٽ ۾ نمبر 1 چين 2 هندستان 3 آمريڪا 4 انڊونيشيا 5 برازيل 6 پاڪستان ۽ وري دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فوج جي لسٽ ۾ نمبر 1 چين 2 آمريڪا 3 انڊيا 4 اترڪوريا 5 روس 6 پاڪستان يا وري دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻن پناهگيرن واري لسٽ ۾ پهريون نمبر ترڪي جو ته ٻيو نمبر پاڪستان جو! ۽ وري دنيا اندر هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر سعودي عرب، 2 هندستان، 3 آسٽريليا، 4 مصر، 5 گڏيل عرب امارات 6 عراق، 7 چين، 8 ويٽنام، 9 يونان، 10 پاڪستان. عوام جي خوشحالي ۾ ترقي واري ڪنهن به لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو ئي ڪونهي. سنگاپور سوين سالن کان مسلمان ملڪ هو، پر انگريزن پهريون دفعو سن 1819ع ۾ سنگاپور جي سلطان حسين شاھ سان برٽش ايسٽ انڊيا ٽريڊنگ ڪمپني جي صورت ۾ هڪ معاهدو ڪري، سينگاپور کي سندن واپاري مقصد لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. اڄ به سنگاپور ۾ هزارين مسلمان شهر جي عرب اسٽريٽ، مسقط اسٽريٽ، بغداد اسٽريٽ ۽ قنڌار اسٽريٽ تي آباد آهن. سنگاپور ۾ وڏيون ۽ شاندار مسجدون اڳوڻي دؤر جون توڙي موجوده دؤر جون به ٺهيل آهن. عرب اسٽريٽ آرتوار تي بند هوندي آهي. هن اسٽريٽ ۾ توهانکي پرفيومز ڏاڍا سٺا ملندا. هت تمام پراڻا اسڪول ۽ ڪاليج مسلم ڇوڪرين لاءِ به ٺهيل آهن جيڪي 1913ع کان قائم آهن. اهي اسڪول ۽ ڪاليج اڄ به سنگاپور جي بهترين تعليمي ادارن ۾ شامل آهن. اڄڪلهه پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ يورپ گهٽ، پر سنگاپور زياده ٿا وڃن، خاص ڪري جيري/جگر ۽ بڪين/گردن جي علاج لاءِ آئون ٻي ڏهاڙي هتي جي مشهور پڪنڪ پوائينٽ سينٽوسا جزيرو گهمڻ ويس. جت مسلمانن جي دؤر حڪومت ۾، سلطان حسين جو محل هوندو هو. پوءِ انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ هت انگريزن جي فوج جو مرڪز هو. انهن ات هڪ قلعو به ٺهرايو هو. پر هاڻ هي جزيرو سنگاپور ۾ سياحت جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. جيئن آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ ڊزني لينڊ آهي. تيئن سنگاپور ۾ وري هن جزيري جي صورتحال ڊزني لينڊ جهڙي آهي. هت به سياحن لاءِ هر سهولت ميسر آهي. هت ڪيبل ڪارون لاجواب سامونڊي ڪنارو، جت هزارين سياح پيا ترن ۽ رانديون ڪن. هت جديد قسم جا عجائب گهر موجود آهي. جت عجائبات جي هر شئي موجود آهي. ٻارن جي تفريح لاءِ به جديد قسم جا واٽر پارڪ ۽ ميوزيڪل گارڊن قائم ڪيا ويا آهن. سنگاپور ۾ رهائش لاءِ ڪيئي هوٽلون آهن کاڌي پيتي لاءِ به ويسٽرن ۽ لوڪل ڪيفيز ۽ ريسٽورينٽ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سمنڊ ۾ گهمڻ ۽ گهمائڻ لاءِ جديد قسم جون ٻيڙيون ۽ لانچون به آهن ته سمنڊ ۾ ترندڙ سائيڪلون ۽ موٽر سائڪلون به هر وقت موجود آهن. سلسلو بيچ تي ماڻهن لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ کليل هوندو آهي. يعني هي سمنڊ جو ڪنارو جهڙو ڪر هوندو ئي رات جو گهمڻ لاءِ آهي. هت لائيٽ جو به ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو بندوبست ٿيل آهي. هت يورپيئن سياحن جي وڏي رش آهي ۽ توهان کي گرل فرينڊ ملڻ جا به تمام گهڻا چانسز هوندا آهن. پر هت مهانگائي به تمام گهڻي آهي. ٻيڙين جي سير، کاڌي پيتي ۽ رهائش وارين هوٽلن جا اگهه ڏاڍا ڳرا آهن. آئون اتان رات جو دير سان موٽيس ۽ هوٽل ۾ اچي سُتس. صبح جو سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن ويس. ان وقت هلڪي برسات پئي پئي. رستن تي به ٿورو ٿورو پاڻي بيٺل هو، وڻن جي پنن تي به هلڪو پاڻي نظر پئي آيو. برسات سبب، سنگاپور جون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگون ڏاڍيون صاف سٿريون ۽ چمڪي رهيون هيون. رش بلڪل ڪانه هئي. ڊرائيور بنا ڳالهائڻ جي گاڏي هلائي رهيو هو. آئون به چپ چاپ هنن منظرن مان لطف اندوز ٿي رهيو هوس. ٽيڪسي ريلوي اسٽيشن وٽ اچي بيٺي، ته آئون لهي پنهنجو سامان کڻي اچي پهرين اميگريشن ڪائونٽر تي پهتس، ته سواءِ پڇ پڇان جي پندرهن ڏينهن جي ويزا هڻي ڏني ۽ ڪسٽم وارن جي وڏن وڏن ڪتن سامان کي سونگهي چيڪ ڪيو. اتان فارغ ٿي مون ريل جي گارڊ کي پنهنجي ٽيڪيٽ ڏيکاري، جنهن اسانجي بوگي نمبر ٻڌايو. آئون بوگي ڳولي پنهنجي سيٽ نمبر تي وڃي ويٺس. بوگي اڌ خالي هئي، پر مسافر اڃا اچي رهيا هئا. ٿوري دير ۾ اسانجي ريل گاڏي ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور ڏانهن رواني ٿي. ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا جي ملڪ، سريلنڪا، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور ۾ ايڏي ته ساوڪ آهي، جو اُن جهڙي ساوڪ مغربي يورپ جي به ڪن ڪن ملڪن ۾ ڪانه ٿئي. ريل گاڏي سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍيندڙ شهر، جوهر بهرو مان لنگهي ملائيشيا جي سرسبز وادين ڏانهن وڌڻ لڳي. ملائيشيا جي هن شهر، جوهر بهرو تي سن 1511ع ۾ پورچوگيزن قبضو ڪيو. سن 1641ع ۾ پورچوگيزن سان جنگ ڪري نيدرلينڊس جي ڊچن هن شهر تي قبضو ڪيو. ڊچن جو شهر تي قبضو تيسين جاري رهيو، جيسين وڃي انگريزن ڊچن سان هڪ سمجهوتي تحت جوهربهرو شهر تي پنهنجو قبضو ڪيو. انگريز دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ قبضي خوري واسطي ملڪن/ حاڪمن سان منافقي تي مبني معاهدا ڪندا هئا ۽ بادشاهن / راجائن کي نالي ماتر وظيفا / پينشن به ڏيندا هئا ۽ کين تخت تي به ويهاريندا رهندا هئا. جئين هنن تقريباً سڄي هندستان تي دهلي سميت پنهنجو قبضو ڪري ورتو هو، پر سن 1857ع تائين نالي ماتر بادشاه ڪري بهادر شاھ ظفر کي به دهلي جي تخت تي لال قلعي ۾ ويهاريو ويٺا هئا. اهڙِي طرح سنڌ ۾ به ڪراچي هٿ ڪري ميرن کي صرف حيدرآباد تائين بادشاهي ڪرڻ ڏنائون ۽ پوءِ نيٺ ميرن کي نام نهاد جنگ وسيلي تخت تان لاهي، قيد ڪري هزاري باغ ڪلڪتي ۾ ۽ مغل بادشاھ بهادر شاھ ظفر کي برما ۾ مرڻ تائين قيد ۾ رکيائون. بهادر شاھ ظفر، بادشاھ سان گڏ اردو ۽ فارسي زبان جو وڏو شاعر هو سندس هيٺيون شعر ته هندستان ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو.
    اتنا ہے بدنصیب ظفر، کہ دفن کے لئے،
    دو گز زمیں بھی نہ ملی کوئے یار میں۔
    انگريزن جوهر بهرو جي حاڪم، سلطان علي سان به هڪڙو ٺڳي وارو ٺاھ ڪري نيٺ سڄي جوهر بهرو تي پنهنجو ناجائز قبضو ڪيو ۽ ڄمايو. اسان ملائيشيا جي سرسبز ۽ حسين وادين مان ريل گاڏيءَ جي ڇهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ وڃي ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين، جيڪا ريلوي اسٽيشن جو هڪ جديد تعميراتي شاهڪار هئي. اسان ٽيڪسي ڪري هوٽل، شيراز ڏانهن روانا ٿي وياسين. ٽي ڪروڙ آدمشماري وارو هي ننڍو ملڪ ملائيشيا به دنيا جي امير ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جو مک سبب سندس سڄي دنيا سان واپار ۽ قدرتي دولت ٽوئرزم آهي. دنيا ۾ پهريون نمبر آمدني ٽوئرزم مان ٿئي ٿي. انهيءَ لسٽ ۾ ملائيشيا ٻارهين نمبر تي آهي. پهريون نمبر فرانس، ٻيو آمريڪا، ٽيون اسپين، 4 چين، 5 اٽلي، 6 ترڪي، 7 جرمني، 8 انگلينڊ، 9 روس، 10 ميڪسيڪو، 11 هانگ ڪانگ ۽ ٻارهون ملائيشيا آهي. اها لسٽ هڪ سئو ملڪن جي آهي. انهيءَ لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ڪونهي. دنيا ۾ تمام گهڻين اوچين عمارتن ۾ ڪوالالمپور شهر ۾ ٺهيل ٽريڊ سينٽر جا ٻه جاڙا ٽاور، تمام گهڻي اوچائيءَ سبب سڄي دنيا۾ مشهور آهن. دنيا جي وڏي ايڪانامي وارن ملڪن جي لسٽ ۾ ملائيشيا پنجٽيھون نمبر آهي، جڏهن ته سنگاپور ۽ اسرائيل جو ڇٽيهون نمبر آهي. دنيا ۾ گهڻو روانگي واپار ڪندڙ ملڪن واري لسٽ ۾ به ملائيشيا ايڪٽيهون نمبر گهڻو روانگي واپر ڪندڙ ملڪ آهي ۽ سرپلس جي ڊِي پي وارن ملڪن واري لسٽ ۾ اٺاويهون نمبر آهي. گهڻي صنعتي پيداوار حاصل ڪندڙ ملڪن واري لسٽ ۾ ملائيشيا ٽيهون نمبر آهي. تنهن کان سواءِ گهڻن ۽ وڏن ٻيلن وارن ملڪن جي لسٽ ۾ به ملائيشيا اٺاويهون نمبر آهي. ملائيشيا جي سڪي جو نالو ”رِنگِٽ“ آهي ۽ سندس جي ڊي پي يعني سالياني پيداوار، ٽي سو اٺٽيهه ارب آمريڪي ڊالر آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ ويهه ڪروڙ آدمشماري واري ملڪ، پاڪستان جي سالياني قومي پيداوار ٻه سئو ٽي ارب آمريڪي ڊالر آهن. اسان هوٽل تي پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاري، ضروري داخلا ڪرائي اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. اسان جي ريل گاڏي سنگاپور مان صبح نوين وڳي نڪتي هئي ۽ ٻن پهرن جو ٽين وڳي اچي آئون ڪوالالمپور شهر ۾ قائم شيراز هوٽل جي ڪمري تي پهتس. ٿورو آرام ڪري پوءِ، شهر جو چڪر لڳائڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيس. ڪوالالمپور شهر کي هاڻ دنيا ۾ ڪي ايل جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهڙِي طرح جيئن آمريڪا جي شهر لاس اينجلس کي عام طرح ايل اي چون. شهر جو هڪ اهم علائقو چائينا ٽائون، برٽش ڪالوني واري دؤر جي مک بازار، مرڊيڪا اسڪوائر گهمڻ وياسين. ڪنهن زماني ۾ ڪوالالمپور تمام ننڍو شهر هو، جيئن ڪراچي، جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ مان وڌندو، اڄ ڪروڙن جي آدمشماري وارو شهر ٿي پيو آهي. چائينا ٽائون واري علائقي ۾ ڪيئي شاپنگ مال، سپر مارڪيٽ، ۽ چائنيز اسٽائيل جون بيشمار هوٽلون هيون. هي علائقو شهر جي مک علائقن ۾ شامل آهي. اسان هت ملائيشيا جي ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ شيون خريد ڪيون ۽ هڪ لاجواب پارڪ جينٽنگ ۾ سير ڪيو. تنهن پڄاڻان ماني کائي دير سان واپس هوٽل تي آياسين. رات آرام ڪري، صبح سوير هائي لينڊ شهر گهمڻ لاءِ بس ۾ چڙهي وياسي. اهو شهر ڪوالالمپور شهر کان ايڪونجاهه ڪلوميٽر پري آهي. اسان ملائيشيا جي حسين سبز وادين مان هلندا وڃون. ملائيشيا ۾ ملاڪا. ڪيمرو. هائيلينڊ گهمڻ لاءِ ڏاڍيون سٺيون تفريح گاهون آهن. هتي تمام گهڻا سياح گهمڻ ايندا آهن. ملائيشيا جي زمين جو ستر سيڪڙو سرسبز ٻيلن جي حسين سائي چادر سان ڍڪيل آهي. ملائيشيا ۾ ڪيئي نديون ۽ آبشار وهندڙ آهن. هتي جا ٻيلا دنيا جي قديم ترين ٻيلن ۾ شمار ٿين ٿا ۽ انهن ٻيلن سبب هي سڄو ملڪ، هڪ حسين باغ ٿو نظر اچي!
    اسين به انهن حسين سرسبز وادين مان ٿيندا اچي جينٽنگ هاءِ لينڊ ۾ پهتاسين. هي هاءِ لينڊ بنيادي طرح ڪيسينوز جي سبب مشهور آهي. جت ڪيترائي ڪيسينوز چوويھه ڪلاڪ کليل آهن. اهڙن ڪيسينوز ۾ داخلا جي عمر ايڪويهه سال آهي. هن شهر ۾ سياحن جي تفريح لاءِ ٻيون به ڪافي تفريح گاهون موجود آهن. هت انگلش، فرينچ، چائنيز ۽ ملائيشين کاڌا هر وقت تيار موجود آهن. هت توهان کي گهمڻ لاءِ گهوڙا، ڪيبل ڪارون، گاف ڪورس، گرم پاڻي جا مصنوئي تلاءِ ٽينس ڪورٽ ۽ راندين جا اسٽيڊيم، بهترين ٿيٽر، جديد قسم جا وڏا ننڍا سئنيما گهر ۽ ڪيترن ئي قسمن جا باغ باغيچا، مندر، مسجدون ۽ ٻڌ ٽيمپل به نظر ايندا. اسان ٽڪيٽ وٺي هڪ ڪيسينو ۾ وياسين ۽ رسيپشن ڪائونٽر تي پيسا ڏئي هت راند کيڏڻ وارا ڪجهه سڪا خريد ڪيا ۽ ات ڪجهه رانديون به ڪيون. مون اهڙا ڪيسينوز پوءِ لاس اينجلس، مڪائو ۽ مناڪو ۾ به ڏٺا، جيڪي هنن کان وڏا هئا ۽ تمام جديد طرز تعمير جا شاهڪار هئا. هت ٺهيل ڪيسينوز جي ٻاهران به وڏيون تفريح گاهون موجود آهن، جيڪي به ڏسڻ وٽان آهن. اسان هت گهمي ڦري واپس ڪوالالمپور روانا ٿياسين. ملائيشيا، وزير اعظم مهاتير محمد جي دؤر حڪومت ۾ وڏي ترقي ڪئي. رات جو شهر ۾ چڪر لڳائي، اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل تي آرام ڪيوسين. صبح سوير هوائي اڏي تي پهچي، هوائي جهاز ۾ ڪراچي روانا ٿي وياسين ۽ اتي رات جو پهتاسين. رات ڪراچي ۾ ترسي، صبح سوير ڳوٺ ٻنون روانا ٿي وياسين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد ۾ خان محمد پنهور گڏيو ۽ پنهنجي گهر ڄامشوري وٺي ويو. پاڻ چيائين ته اسان ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي آهي. آئون چاهيان ٿو ته تون به اسان سان گڏ ڪم ڪر. هفتي کن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت طرفان ڄامشوري ۾ ادبي ڪانفرنس رکيل آهي. آئون ڳوٺ سڌار سنگت جو صدر آهيان، تون ان جو سينئر نائب صدر ٿي. ڊاڪٽر محمدي جونيئر نائب صدر ٿيندو ۽ ڊاڪٽر ڪولاچي ان جو جنرل سيڪريٽري آهي. مون کيس چيو ته اڄ آئون واپس ڳوٺ ٿو وڃان، توهان جي ڄامشوري واري ڪانفرنس ۾ اچي شريڪ ٿيندس ۽ وڌيڪ حال احوال ات ڪنداسين. پاڻ اسان کي ماني کارايائين، اڳي سنڌ حڪومت ۾ ڳوٺ سڌار کاتو هوندو هو. پوءِ جڏهن کان ون يونٽ ٺهيو، ته انهي کاتي جو نالو بدلائي ديهي ترقي رکيو ويو. پاڪستان ۾ جنرل ايوب جي لڳايل پهرين مارشل لا ۾ انهي کاتي جو نالو وري به بدلائي ”رورل ڊيولپمينٽ پروگرام“ رکيو ويو. پر مونکي ياد ڪونهي ته انهي کاتي ٻهراڙي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ڪرايو. اهڙا صرف نالي ماتر کاتا قائم هوندا هئا. جن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪوبه ڪم ڪونه ڪرايو. ون يونٽ کان اڳ ننڍن صوبن جا پيسا جيڪي صوبائي حڪومتن وٽ هوندا هئا، اهي پنهنجن صوبن ۾ ئي خرچ ٿيندا هئا. حقيقت ۾ ون يونٽ ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو ته جئين سڀني صوبن کي گڏي هڪ صوبو ٺاهجي ۽ پوءِ سڀني صوبن جا پئسا صرف پنجاب تي خرچ ڪجن ۽ ايوبي دؤر ۾ ته پاڪستان جي سڀني صوبن جا پيسا صرف اسلام آباد اڏڻ ۾ خرچ ٿيا. پگهارن کان سواءِ، صوبن جا سڀ پئسا مرڪزي حڪومت کائي ويندي هئي. مون ڪٿ پڙهيو هو ته سائين جي ايم سيد به پنهنجي دؤر ۾ ڳوٺ سڌار تنظيم قائم ڪئي هئي. مقرر ڏينهن تي آئون حيدرآباد آيس. خان محمد پنهور ۽ آئون منهنجي گاڏي ۾ سڄو ڏينهن، ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هلندا رهياسين. شام جو سائين ڏنو ملاح، ڄامشوري ۾ ڪانفرنس ٿي. انهي ڪانفرسن ۾ روزانه جنگ جو مينيجنگ ايڊيٽر مير جاويد الرحمٰن ۽ ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد، غلام محمد، قاضي عابد، دادي ليلا، خان محمد پنهور، مون ۽ ٻين به ٻارنهن کن مقررن تقريرون ڪيون. ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ مون مير جاويد الرحمٰن کي منهنجي گاڏي ۾ چاڙهي آڻي ايريگيشن کاتي جي ريسٽ هائوس ڄامشوري ۾ پهچايو. اسان ٻه ئي ٻه ات ويٺا هئاسين. پاڻ سڀني ماڻهن جي ڪيل تقريرن تي تبصرو ڪيو، جيڪي سڀ سنڌي ۾ ڪيل هيون، پر پاڻ سڀ تقريون سمجهيون هيون ۽ انهن تي تبصرو ڪيو. مون سمجهيو ته پاڻ سنڌي ۾ ڪيل تقريرون ڪونه سمجهيون هونديون، پر ائين ڪونه هو اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ٻيا همراه به آيا ته اسان گڏجي ماني کاڌي. ماني کان پوءِ ميٽنگ ۾ مونکي سيئنر نائب صدر مقرر ڪيو ويو ۽ مون تي ئي فرمائش رکي وئي ته هاڻ ٻي ڪانفرنس ٻنون ۾ توهان ڪرايو. مون اهڙو واعدو ڪيو. خان محمد هن ڪانفرنس لاءِ ٿيل خرچ جو چندو مونکان پنج هزار رپيا به گهريو، جيڪو مون کيس ڏنو ميٽنگ کان پوءِ آئون ڳوٺ ۽ ٻيا مهمان پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا. ڪجهه وقت آئون ڳوٺ سڌار سنگت جي سرگرمين ۾ ڏاڍو مشغول رهيس، انهيءَ دؤران ڳوٺ سڌار سنگت جون ٻه ٽي ميٽنگون به حيدرآباد ۾ ٿيون، ۽ اسان انهي سلسلي ۾ ڪافي ماڻهن ۾ ان وقت جو مرڪزي وزير، الله بخش سومرو، قاضي عبدالمجيد عابد، جيڪو پوءِ صوبائي وزير ٿيو هو ۽ غلام رباني آگرو ۽ ڪمشنر حيدرآباد شامل هئا. اهڙي طرح ڏينهون ڏينهن ڳوٺ سڌار سنگت جون سرگرميون ويون وڌنديون. منهنجي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺن جا ماڻهو به مونسان ملڻ ايندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان به پنهنجن ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جون برانچون قائم ٿا ڪريون. انهن مان ڪن دوستن ڳوٺ سڌار سنگت جون شاخون قائم به ڪيون. انهي سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس پليجاڻي جي پليجن جي چوڻ تي ڳوٺ علو پليجو ۾ منعقد ڪئي، جنهن جو افتتاح مون ڪيو. صدارت قاضي عبدالمجيد عابد ڪئي ۽ مهمان خاص ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو چيئرمين هو. انهي زماني ۾ پليجن جو اهو ڳوٺ حيدرآباد ضلعي ۾ هو پر هاڻ اهو مٽياري ضلعي ۾ آهي. بابا سائين انهي ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو ٻني کي وٺي آيو ۽ کيس هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر اهو ڇوڪرو چئين مهينن کان پوءِ بيمار ٿي پيو ۽ واپس سندس ڳوٺ هليو ويو ۽ پوءِ وري ٻني ڪونه آيو. هن ڳوٺ ۾ چاچا ڪرام الله، وڏيرو پيرل، محمد جمن ۽ خدا بخش پليجو اٿي ويٺي وارا هوندا هئا. انهن پليجن مان پوءِ هڪ ڇوڪرو عبدالله پليجو پڙهي واپڊا ۾ انجنيئر به ٿيو. ڪيترائي سال انهيءَ ڳوٺ جو محمد انور پليجو مون وٽ ڊرائيور ۽ محمد هاشم پليجو مون وٽ گارڊ ٿي رهيو. هينئر به انور ۽ عبدالله سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي ۽ هاشم ۽ وڏيري پيرل سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ ڪانفرنس جو سڄو بندوبست خدا بخش پليجي ڪيو هو. اسان جو طريقه ڪار هوندو هو ته صبح سوير ڪانفرنس واري ڳوٺ ۾ هيلٿ ڪيمپ هڻندا هئاسين. جنهن ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر بيمار ڳوٺاڻن کي تپاسي دوائون ڏيندا هئا. انهي ڪري سنگت جي سيمينار سان گڏ ڳوٺ وارن جي ٿوري طبي خدمت به ڪئي ويندي هئي. ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر شامل هئا. جهڙوڪ ڊاڪٽر ڪولاچي، ڊاڪٽر الله ورايو ڊآڪٽر انور عالماڻي ۽ ٻيا به ڪافي ڊاڪٽر هوندا هئا اسان مختلف دوا ساز ڪمپنين کان دوائون وٺي اهڙي ريت ڳوٺاڻن ۾ ورهائيندا هئاسين. تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا شهرن جي آفيسن ۽ اسپتالن ۾ ذاتي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ سندن گهربل مدد ڪندا هئاسين. ڳوٺ علو پليجو ۾ به پهرين مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ تپاس ڪرائي دوائون ورتيون ۽ ڪانفرنس ۾ پڻ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس بابت تمام سٺو بندو بست ڪرڻ تي اسان ڳوٺاڻن جو شڪريو ادا ڪرڻ بعد واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن ورڻ وارا هئاسين ته اوچتي زبردست برسات چالو ٿي وئي. ڪي مهمان انهي مينهن ۾ ئي روانا ٿي ويا، ته ڪي وري اتي ويهي برسات بند ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. جيئن ئي برسات بند ٿي ته اسان به ڳوٺاڻن کان موڪلائي واپس روانا ٿي وياسين. ٻئي ڏيهاڙي آئون ۽ منهنجو ڀاءُ غلام رسول، سائين جي ايم سيد سان ملاقات لاءِ صبح جو ٻني کان سن روانا ٿياسين. مون حيدرآباد مان ڊان اخبار ۽ بمبئي بيڪري جا ڪيڪ سائين جي ايم سيد لاءِ ورتا. ٻني کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان سن انهي وقت روڊن تي گاڏيون تمام گهٽ هئڻ ڪري رش ڪانه هوندي هئي ۽ ماڻهو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي تمام سولو ۽ جلد پهچي ويندو هو. سندم والد محترم جو دستور هوندو هو ته هو هر مهيني هڪ ڀيرو سائين جي ايم سيد سان اڪثر وڃي ملندو هو. پوءِ سائين سن ۾ هجي، حيدرآباد ۾ هجي يا ڪراچي ۾ هجي. والد صاحب جي وفات بعد آئون به اڪثر ڪري سن، حيدرآباد يا وري ڪراچي ۾ سائين سان مکا ميلو ڪندو هوس ۽ سائين پاڻ به جڏهن ضلعي ٺٽي يا ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ايندو هو ته رات اچي منهنجي ڳوٺ ٻني ۾ ئي ترسندو هو ۽ صبح سوير پاڻ پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويندو هو. سندس خدمت لاءِ ماستر خميسو پليجو سدائين ساڻس گڏ هوندو هو. سائين جو ٻني ۾ رات رهڻ ڪري، انهي رات ٻني ۾ ميلو مچي ويندو هو. دستور هوندو هو ته سائين سن کان ٻاهر هوندو هو ته جيئي سنڌ جي سڄي قيادت ساڻس گڏ هوندي هئي. اسان سن کيس اطلاع موڪليو ته پاڻ اسان کي اندر گهرايائين ساڻس شام تائين ڪچهري ٿي جنهن ۾ سياسي ۽ ادبي سرگرمين ۽ ڪتابن متعلق حال احوال ٿيا. پاڻ اسان کي هندستان ۾ ڇپيل سندس ڪتاب جي هڪ ڪاپي ڏنائين ۽ چيائين ته اڃان سڀ ڪاپيون ڪونه مليون آهن. پاڻ اسان کي سندس لائبرري ڏيکاريائين جنهن ۾ هزارين ڪتابن سان گڏ فائيلن جو به وڏو ذخيرو موجود هو. اهو جنرل ضياءَ واري مارشل لا جو دؤر هو ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاهي اچي چڪي هئي، سائين ٻڌايو ته آئون لاڙڪاڻي ۾ بيگم نصرت ڀٽو سان شهيد ڀٽي جي عذرخواهي ڪري آيو آهيان. مون کان پڇيائين ته تون ٻن ٽن مهينن کان پوءِ آيو آهين، خير ته هو؟ مون کيس ٻڌايو ته آئون ٻاهر گهمڻ ويو هوس. پوءِ پاڻ به سندس يورپ جي سفر جو احوال ٻڌايائين. سائين جي ايم سيد جي دسترخوان تي ماني هميشه ڏاڍي سٺي هوندي هئي، جيڪا ٻنپهرن جو اسان به ات کاڌي. جيئن ته پاڻ ڀٽي صاحب جي فاتحه تازو ڪري آيو هو تنهن ڪري پاڻ اسان کي ڀٽي صاحب جا ڪافي پراڻا احوال ٻڌيائين ته ڀٽو لنڊن مان پڙهي آيو، تڏهن مون سان اڪثر هت ملڻ ايندو هو ۽ جڏهن اسان اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺاهيو، تڏهن هو حيدر منزل تي انهي محاذ جي ميٽنگن ۾ اچي شريڪ ٿيندو هو. وري جڏهن جنرل ايوب کي ڇڏيائين، تڏهن مونکي ٻڌايائين ته آئون سياسي پارٽي ٿو ٺاهيان، ته مون کيس چيو، ته تنهنجي پيءَ شاھ نواز ڀٽي جي ٺاهيل پارٽي جو نالو پيپلزپارٽي هو، سو تون تنهنجي پارٽي جو نالو ”پيپلزپارٽي“ رک. پوءِ جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ٿيو ته مون کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏنائين ۽ آئون جڏهن وٽس اسلام آباد ويس ته مونکي چيائين ته توهان انڊيا وڃو ۽ اندر گانڌي کي چئو ته انڊيا ۾ جيڪي اسان جا جنگي قيدي آهن، تن کي آزاد ڪر. پوءِ جڏهن ڀٽو سندس سڄي سياسي قيادت وٺي دهليءَ ٿي ويو، تڏهن به مونکي چيائين ته تون اسان سان هن وفد ۾ گڏجي هل، پر مون انڪار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن آئون ويندس ته اڪيلو ئي ويندس. نه ڪي هن هيڏي ساري وفد ۾ ويندس، سائين اسان کي ٻڌايو ته ڀٽي جي وفات کان پوءِ مون کيس معاف ڪري ڇڏيو. مون کيس ڳوٺ سڌار سنگت جي باري ۾ به ٻڌايو. پر پاڻ ڪوبه جواب ڪونه ڏنائين. انهيءَ وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر شيخ اياز هو. پاڻ انهي جو به ڪافي ذڪر ڪيائين. آخر ۾ چيائين ته اسان شيخ اياز جا به دعاگو آهيون. پاڻ سندس نون ڪتابن جي باري ۾ ٻڌايائين ته هت منهنجا ڪتاب پبلشر شايع ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، اميد ته هي ڪتاب به انڊيا ۾ شايع ڪرائيندس. پاڻ مونکي مخاطب ٿي ٻڌايائين ته ٺٽي ضلعي ۾ ٻه ٽي فاتحئن تي اچڻو آهي. حڪومت کي اجازت لاءِ لکيو آهي، جيئن اجازت ملندي ته ٺٽي ايندس ۽ ٻني اچي تو وٽ رات رهندس. پوءِ اتان صبح جو واپس ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد کان ٿيندو سن ويندس. جڏهن اجازت ليٽر ملندو ته توکي اڳواٽ اطلاع ڪندس. اسان سائين کان موڪلايو ته پاڻ مونکي يارمحمد شاھ لاءِ خط ڏنائين ۽ چيائين ته هي خط کيس حيدرآباد ۾ پهچائبو. اسان سائينءَ کان موڪلائي سن کان حيدرآباد آياسين ۽ خط پهچائڻ لاءِ يارمحمد شاھ پاڻ گڏيو. پاڻ اسان کي رات رهڻ جي صلاح هنيائين ۽ ماني جو پڇيو، پر اسان وڃڻ جي اجازت گهري. يارمحمد شاھ به سڄي زندگي سائينءَ سان گڏ رهيو. پاڻ ڪڏهن به سياست يا بزم صوفيا سنڌ جو عهديدار نه رهيو، نه ڪو ڪڏهن سياست ۾ حصو ورتو، پر سڄي زندگي سائين جي ايم سيد سان گڏ هوندو هو. سندس ڀاءُ اسان جي سب ڊويزن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو ۽ سندس پٽ پائلٽ هو، جيڪو حيدر منزل ڪراچي ۾ رهندو هو. کيس گرائونڊ فلور تي هڪ ڪمرو مليل هو. يارمحمد شاھ بذات خود هڪ وڙائتو انسان هو. سائين جڏهن ٻني ايندو هو، ته اڪثر پاڻ سائين سان گڏ ايندو هو. اسان يار محمد شاھ کان موڪلائي سهڻي پريس جي آفيس ۾ طارق اشرف وٽ آياسين. هت پهرين صرف سندس پريس آفيس هوندي هئي ۽ سندس گهر ناهين جي پڙ وٽ هوندو هو، پر هاڻ آفيس مٿان گهر ٺاهرائي پاڻ ان ۾ شفٽ ٿي ويو هو. مون طارق اشرف جي پريس مان پنهنجا تقريباً پنج ڇهه ڪتاب ڇپرايا هئا. سو هينئر به انهيءَ سلسلي ۾ ملڻ ويس. پاڻ مونکي چيائين ته مٿئين پورشن ۾ فاضل راهو ۽ بشير مورياڻي ويٺا آهن. توهان به هلي انهن سان ڪچهري ڪريو، آئون به اچان ٿو، سندس ملازم اسان کي انهن وٽ پهچايو. مرحوم فاصل راهو صاحب سان ته اسان جو پراڻو واسطو هو، جيڪو اڄ به سندس اولاد سان هلندڙ آهي، پر بشير مورياڻي سان شايد هي پهرين ملاقات هئي، شهيد فاضل صاحب ڏاڍي سِڪ سان مليو ۽ اسان جي علائقي جي سياست ۽ زراعت بابت مونکان احوال پُڇيائين. منهنجو ڳوٺ ٻنون ۽ فاضل راهو جو ڳوٺ ترائي هڪ ٻئي کان ڪي ايترا پري ڪونه آهن. فاضل مرحوم ۾ هڪڙي ڏاڍي عجيب خوبي هوندي هئي، جو هڪ دفعو ملڻ سان ماڻهو کي پنهنجو دوست ٺاهي ڇڏيندو هو. پوءِ سڄي زندگي کيس وسارڻ يا نظر انداز ڪرڻ سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو! سندس رويو هر هڪ ماڻهو سان ڏاڍو پنهنجائپ ڀريو هوندو هو. سندس ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو انداز به صفا عوامي ۽ دل وڻندڙ هوندو هو. طارق اشرف آيو، ته سڀني گڏجي ماني کاڌي. تنهن کان پوءِ طارق اشرف وي سي آر ۾ هڪڙي انڊين آرٽ فلم لڳائي. هو مون وانگر خاص ڪري انڊين آرٽ فلمن جو ڏاڍو شوقين هو. ڪافي دير ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري اسان فلم ڪانه ڏٺي ۽ سڄي سنگت کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي وياسين ۽ رات جو دير سان ڳوٺ پهتاسين. ٻئي ڏيهاڙي منهنجي وڏي پٽ نورمحمد جي سالگره هئي. ان لاءِ سامان اسان حيدرآباد مان وٺي آيا هئاسين. شام جو پنجين بجي پنهنجي گهر ۾ سالگره جي تقريب ٿي جنهن ۾ سڀني فيملي ميمبرن شرڪت ڪئي. نورمحمد، عرف بوبي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ سڀني کي کارايو. اتي سڀني ميوزڪ به ٻڌي. بابا سائين ننڍي هوندي کان ئي هر سال منهنجي سالگره ملهائيندو هو، پهرين ڳوٺ ۾ پوءِ حيدرآباد ۾ هاڻي اسان به گهڻو ڪري ڏوهٽن ۽ پوٽن جي سالگره ملهائيندا آهيون. تازو هينئر سال 2018ع ۾ ڏوهٽي، اويس جي سالگره ٻني ۾ ملهائيسين. جنهن ۾ صوبائي وزير محترمه ريحانه لغاري به شريڪ ٿي. آئون هفتو کن گهر رهي پوءِ حيدرآباد ويس ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جي ميٽنگ ۾ به شريڪ ٿيس، اتي فيصلو ٿيو ته پهرين هڪ سيمينار ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي ۾ ڪيو ويندو، تنهن پڃاڻان هڪ تمام وڏي ڪانفرنس ٻني ۾ ڪئي ويندي. ٽنڊي ڪولاچي ۾ ڪانفرنس لاءِ ذميواري ڊاڪٽر ڪولاچي کي سونپي وئي ۽ ٻنون ڪانفرنس لاءِ مونکي مقرر ڪيو ويو. ٻني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ لاءِ اسان حيدرآبا ڊويزن جي ڪمشنر، علي محمد شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن پنهنجي ڊائري ڏسي اسان کي اٺاويهئين تاريخ ڏني. ڪانفرنس ٿيڻ ۾ اڃا ڏهاڪو کَن ڏينهن وچ ۾ هئا، پر اسان ڪارڊ ڇپائي پاڻ سان ٻني کڻي آياسين. ٻئي ڏينهن اسان ڳوٺ ۾ ڪانفرنس بابت ميٽنگ ڪري سڀني دوستن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ورهائي ڏنو. پروگرام ائين ٺهيو ته صبح جو ٻني اسپتال ۾ هيلٿ ڪيمپ لڳائجي، جنهن ۾ حيدرآباد جا سٺا سٺا ڊاڪٽر اچي مريض تپاسين ۽ کين مفت ۾ دوائون به ڏين. پرائمري اسڪول ۾ پڻ هڪ سُٺو پروگرام رکيو وڃي، جنهن ۾ شآگرد تقريرون ڪن، ڪوئيز ڪامپيٽيشن به رکجي ۽ نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏجن. شام جو پنجين بجي ڳوٺ سڌار سنگت جي ڪانفرنس رکي وڃي، جنهن لاءِ سڀني واسطيدار فردن کي دعوت ڏجي. پروگرام هيئن بيٺو ته صبح جي پروگرام لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي کي دعوت ڏجي ۽ هيلٿ ڪيئمپ لاءِ ڊاڪٽر آڻڻ جي ذميواري خان محمد پنهور کي ڏجي. ڪانفرسن جي چيف گيسٽ لاءِ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين چاچا قادر ڏني شاھ شيرازي سان ملاقات ڪجي. پروگرام موجب ٻئي ڏينهن مون وڃي متعلقه ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر کي ٻني ۾ ڪمشنر جي اچڻ جي خبر هئي، سو پاڻ چيائين ته آئون ڪانفرنس کان ٻه ڏينهن اڳ ٻني ايندس ۽ پاڻ ڪانفرنس جي انتظامن جي باري ۾ هڪ ميٽنگ ڪنداسين. اسان چاچا قادر ڏني شيرازي سان به ملياسين، تنهن بنا گهرڻ جي اسان کي ڪانفرنس لاءِ ڏھ هزار رپيا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي فند مان چندو به ڏنو. مون ڊي سي شاهد نذير کان هلال احمر فند مان هيلٿ ڪيمپ لاءِ چندو گهريو، پر انهي فند ۾ ڪافي پيسا هئڻ جي باوجود چندو ڪونه ڏنو، ٺٽي کان واپسي تي سجاول ۾ اسان مولوي عبدالله ميمڻ کي به دعوت ڏني، جيڪو اُن وقت مجلس شورا جو ميمبر ۽ ٽائون ڪميٽي سجاول جو چيئرمين ۽ ضلع عشر ڪميٽي جو چيئرمين به هو. مولوي عبدالله ڏاڍو زنده دل انسان هو. بابا سائين سان به سندس سٺو واسطو هو. پرائمري اسڪول ٻنون جي استادن ڏاڍي محنت ڪري شاگردن کي تقريري مقابلي ۽ ڄاڻ جي مقابلي لاءِ تيار ڪيو. انهي وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر شمس الدين پليجو هو ۽ ٻيا استاد جن محنت ڪري هن فنڪشن کي ڪامياب ڪيو تن ۾ ماستر علي سومرو، بشير قاضي حافظ عباسي ۽ رستم پليجي جي جا نالا قابل ذڪر آهن. اسان ٺٽي ضلعي جي جن معزز ماڻهن ۽ ڪامورن کي دعوت ڏني هئي، اهي گهڻو ڪري سڀئي آيا هئا. اسڪول ۾ تعليمي پروگرام اسپتال ۾ هيلٿ ڪيمپ ۽ شام جو ڪانفرنس پروگرام موجب 28 مئي 1983ع تي ٻني ۾ منعقد ٿيا. ٻني ۽ ان جي آسپاس گذريل اٺن ڏهن سالن دؤران اهڙي قسم جي جامع علمي تقريب، هيلٿ ڪيمپ ۽ سماجي سڌاري متعلق عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪانه ٿي هئي. مون سڀني تقريبن کي ڏاڍي غور سان ڏٺو ۽ ٻڌو. پرائمري اسڪول ۾ شاگردن عام معلومات جي ۽ تقريرن جي مقابلي ۾ عاليشان ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن کي آيل مهمانن ۽ شاگردن جي مائٽن گهڻو ساراهيو. پهرين ٻيو ۽ ٽيون نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن کي سٺا انعام ڏنا ويا. انهيءَ وقت منهنجو پٽ نورمحمد ۽ ڌيءَ پارس سنڌو به انهي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هيلٿ ڪيمپ ۾ به حيدرآباد جا ڪافي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آيا هئا ۽ ڪافي ماڻهو انهي هيلٿ ڪيمپ مان مستفيض ٿيا. ڳوٺ سڌار ڪانفرنس منهنجي ڳوٺ واري اوطاق جي اڱڻ تي بيٺل انهيءَ تاريخي نم جي وڻ هيٺان منعقد ٿي، جنهن جي هيٺان هن کان اڳ به بابا سائين جي وقت ۾ ۽ منهنجي طرفان ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي جلسا ڪانفرنسون ۽ محفلون منعقد ٿي چڪيون هيون، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاھ، مير غلام علي ٽالپور، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ سندن همعصر سياسي اڳواڻن پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، سوڀوگيانچنداڻي، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ساقي سجاولي، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، سراج ميمڻ، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن شرڪت ڪئي هئي، وري راڳ رنگ جي محفلن ۾ به هت بابا سائين جي وقت ۾ ماسٽر چندر، ماسٽر محمد ابراهيم ڪڇي، مراد فقير ۽ مائي ڀاڳي، استاد منظور علي ٻني جو استاد گلشير خاصخيلي ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار پنهنجون محفلون مچائي ويا هئا. ۽ وري منهنجي زندگيءَ دؤران هن نم جي هيٺيان عابده پروين، ديباسحر، ثريا سومرو، الهڏنو خاصخيلي ۽ ٻيا ڪيترائي راڳي پنهنجا رنگ رچائي ويندا رهيا آهن. ۽ هاڻي وري به انهي ئي نم هيٺيان 28 مئي 1983ع شام جو هڪ شاندار ڳوٺ سڌار ڪانفرنس مُنعقد ٿي، جنهن ۾ مون افتتاحي تقرير ڪئي، تنهن کان پوءِ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، علي محمد شيخ تقرير ڪئي ٻين مقررين حضرات ۾ دادي ليلا، خان محمد پنهور، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين، سيد قادرڏني شاھ شيرازي، مولوي عبدالله، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، ڊاڪٽر قمر واحد، ڊاڪٽر انور عالماڻي، قلندر شاھ لڪياري ۽ گل محمد سهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس رات جو دير سان ختم ٿي، مهمان رات جي ماني کائي روانا ٿي ويا. انهيءَ دؤر ۾ سنڌ ۾ فوجي حڪومت جي خلاف هڪڙي وڏي سياسي تحريڪ چالو ٿي، جنهن کي ”جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ“ نالو ڏنو ويو. هن تحريڪ جي شروعات ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ان ۾ شامل هيون ۽ اها سڄي ملڪ ۾ حڪومت مخالف سياسي عمل ۾ سرگرم رهي، پر اها تحريڪ اڳتي هلي چند مهينن اندر صرف سنڌ تائين محدود ٿي وئي. يا ائين چئجي ته هي تحريڪ سنڌ ۾ احتجاج هو ڀٽي جي شهادت جو، جنهن ۾ سنڌ جي عوام وڏي تعداد ۾ حصو ورتو ڪيترائي سنڌي نوجوان شهيد ٿيا ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ هزارين ماڻهن کي جيل جون سزائون ڏنيون ويون. ايم آر ڊي تحريڪ دؤران ٻني مان به گرفتاريون ٿيون هيون. پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ منهنجو پيءُ ارباب نورمحمد پليجوگرفتار ٿي جيل ويو. جنرل يحيٰ جي آمريت ۾ آئون گرفتار ٿي جيل ويس. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ مير نصير پليجو، جيڪو پيپلزپارٽي يونين ڪائونسل ٻنون جو صدر هو. گرفتار ٿي جيل ويو. انهيءَ تحريڪ دؤران مير نصير کان سواءِ غني پليجو ۽ ٻيا سياسي ڪارڪن به گرفتار ٿيا هئا. ايم آر ڊي تحريڪ کان مرعوب ٿي فوجي آمر ضيا کي مجبوراً جنرل اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻو پيو ۽ مجبوراً!! هن کي سنڌ مان ملڪ جو وزيراعظم چونڊڻو پيو، پر ان عيوض ضياء اٺين ترميم آڻي سڀ پاور پاڻ يعني پاڪستان جي صدر وٽ رکيا ۽ اهو به قانون ٺاهي ويو ته جيڏي مهل به جنرل ضياءُ چاهيندو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو. ۽ چونڊيل حڪومت کي به ختم ڪري ڇڏيندو. يعني انهي اٺين ترميم سان حڪومت ۽ پارليامينٽ جي حقيقي اهميت ئي ختم ٿي وئي. اٺين ترميم به انهي ئي اسيمبلي جي ميمبرن پاس ڪري پاڻ کي خود به خود بي اختيار ڪري ڇڏيو. اهو اٺين ترميم پاس ڪندڙ ميمبر غير جماعتي بنياد تي چونڊجي آيا هئا، ڇو ته 1985ع واري جنرل اليڪشن کان سياسي پارٽين کي پري رکيو ويو هو، جنهن ڪري جمهوريت کي وڏو نقصان رسيو. ملڪ ۾ پارٽي جي جڳهه تي فرد ۽ گروھ اڳتي آيا. ايم آر ڊي جي تحريڪ کان پوءِ سنڌ ۾ لساني بنيادن تي سنڌين ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي منجهن وڏي وڇوٽي پيدا ڪئي وئي. سنڌ جي انهيءَ وقت جي وزيراعليٰ غوث علي شاھ جي بقول ته ايم ڪيو ايم مون ٺاهي هئي. ظاهر آهي ته هن ضياء جي چوڻ تي ٺاهي هوندي. اڄ به اها وڇوٽي ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻنهي ڌرين ۾ هلندي اچي. مشرف جي دؤر ۾ اها عروج تي هئي، پاڪستان سان گڏوگڏ انهي دؤر ۾ پاڙيسري ملڪ، هندستان ۾ به ٽي وڏا واقعا ٿيا، جن هندستان کي لوڏي ڇڏيو. جنهن ۾ هندستاني فوج سکن جي مذهبي هيڊڪوارٽر گولڊن ٽيمپل تي حملو ۽ ٻيو انهي حملي کان پوءِ خود ملڪ جي وزير اعظم اندرا گانڌي جو ٻن سک گارڊن هٿان قتل ۽ ٽيو هندستان جي شهر ڀوپال ۾ آمريڪي ڪيميڪل فيڪٽري، يونئين ڪاربائيڊ مان ڪيميائي تابڪاي مادو ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ پنجن ڇهن هزارن تائين جي تعداد ۾ ماڻهن جو موت ۽ تقريباً ٻه ٽي لک ماڻهن جو انهي تابڪاري مادي ليڪ ٿيڻ ڪري، انڌو اپاهج ۽ بيمار ٿيڻ هو. سن 1977ع ڌاري هندستاني پنجاب ۾ سکن جو هڪ نئون ليڊر پيدا ٿيو، جنهن جو نالو هو سنت جرنيل سنگهه ڀنڊران والا. تنهن سکن جي مقدس جڳهه، گولڊن ٽيمپل ڪامپليڪس تي مڪمل قبضوڪرائي، اتي پنهنجو عسڪري هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو ۽ اتي بيشمار هٿيار گڏ ڪيا. ڀنڊران والا پنهنجي تقريرن ۾ سکن کي حڪم ڪندو هو ته هندن کي قتل ڪريو ۽ سک انهي جي تعميل به ڪندا هئا ۽ پنجاب ۾ جت سندن اڪثريت هئي، هنن ڪيترن ئي هندن تي حملا ڪري کين ماريو ويو. ڀنڊران والا ان وقت جي وزر اعظم جي کُلي عام تذليل ڪندو ۽ گاريون ڏيندو هو. سندس تقرير جو انداز بلڪل ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين جهڙو هوندو هو. الطاف حسين ته اڪثر ڪري شراب پي پوءِ تقرير ڪندو هو ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت ايم ڪيو ايم جي هئڻ ڪري، ڪراچيءَ ۾ ڀتا خوري مان خوب دولت ڪمائي آخر ۾ الطاف حسين ته آءِ ايس آءِ ۽ فوج جا نالا وٺي ڌمڪيون ۽ گاريون ڏيندو هو. اسلم بيگ مرڻ جي ڊپ کان الطاف کي ملڪ مان ڀڄائي ڇڏيو. اهو ته ٺهيو پر ملڪ جو اڳوڻو صدر ۽ آرمي چيف مشرف به ملڪ مان ڀڄي ويو.. اهي ٻئي سالن کان ٻاهر آهن ۽ اڃا تائين ملڪ ۾ڪونه ٿا اچن. ڀنڊران والا ملڪ مان ڪونه ڀڳو، پر سرعام اندراگانڌي ۽ هندن کي گاريون ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هو چوندو هو ته هڪ سک تي اهو فرض آهي ته هو ٻٽيهه هندو ضرور ماري. سکن جي هندو دشمن مهم ۾ ڀنڊار والا سان ٻه سابق جنرل سک ۽ ڪافي تعداد ۾ سابق فوجي سک شريڪ هئا. انهن جنرلن مان هڪ هو ميجر جنرل شاھ بيگ سنگهه ۽ ٻيو هو نريندر سنگهه. اُنهن سابق فوجي سِکن جي زور تي ڀنڊران والا آزاد سک اسٽيٽ خالصتان جي آزادي جي بظاهر جنگ وڙهي رهيو هو. اندرا گانڌي مجبور ٿي نيٺ حڪومت کان ڀنڊران والا جي هيڊڪوارٽر گولڊن ٽيمپل ۾ فوجي آپريشن جو فيصلو ڪرايو ۽ فوج 5 جون 1984ع ۾ گولڊن ٽيمپل ۾ آپريشن شروع ڪيو ۽ چئن ڏينهن اندر اتي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو. خوشونت سنگهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. ته ان آپريشن ۾ پنج هزار ماڻهو مئا، پر ڊي ڪي وارن جي ڪتاب، بڪ آف دي ٽئينٽيئٿ سينچري ۾ لکيل آهي ته انهي آپريشن ۾ نوي فوجي ۽ ست سو ٻارهن سک مئا هئا. ڪلديپ نيئر به سندس آتم ڪهاڻي ۾ به انهي واقعي تي هڪ پورو باب لکيو آهي. پر اتي مرندڙن جو تعداد ڪونه لکيو آهي. هن آپريشن دؤران ٻئي سک رٽائرڊ جنرل شاھ بيگ سنگهه ۽ جنرل نريندر سنگهه ڀولرم سنت جرنيل سنگهه ڀنڊران والا سان گڏ هئا. هن آپريشن کان تقريباً پنج مهينا پوءِ 31 آڪٽوبر 1984ع ۾ جڏهن اندرا گانڌي دهلي جي وزيراعظم هائوس ۾ ماڻهن جي کلي ڪچهري ۾ فلم ڀرائڻ ٿي چاهي ان دؤران سندس هڪڙي سک محافظ مٿس پستول سان فائر ڪيا ۽ هوءَ زمين تي ڪري پئي ته سندس ٻئي سک محافظ ستونت سنگهه مٿس اسٽين گن سان فائر ڪيا، قاتل محافظن مان هڪڙو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو. اندرا گانڌي کي مٿس حملو ٿيڻ کان اڳ، سندس محافظن واري دستي مان سکن کي ڪڍي ڇڏڻ جي صلاح ڏني وئي هئي. پر پاڻ جواب ڏئي ڇڏيائين! سندس خون ۽ موت واري خبر بي بي سي ريڊيو، آل انڊيا ريڊيو کان پنج ڪلاڪ اڳ نشر ڪئي. اندر گانڌي وفات کان پوءِ حڪمران پارٽي ڪانگريس سندس پٽ راجيو گانڌي کي وزير اعظم منتخب ڪيو، ته پرناب مکرجي ۽ ارجن سنگهه ان جي مخالفت ڪئي. آئون، منيٰ ۽ ڊاڪٽر پارس 2004ع ۾ دهليءَ ۾ منعقد ٿيندڙ سنڌي ادب جي عالمي ڪانفرنس جي دعوت تي وياسين، تڏهن اندراگانڌي ميموريئل هائوس به وڃي ڏٺوسين. اهو ميموريل هائوس اڳوڻو وزيراعظم هائوس هو، جنهن ۾اندرا گانڌي کي قتل ڪيو ويو هو. ات هنن اندرا گانڌي جي وهيل رت مٿان به شفاف شيشو لڳائي، محفوظ ڪري ڇڏيو هو. شفاف شيشي هيٺان پيل سڪل رت جا هلڪا نشان صاف پئي ڏٺا! اهو اڳوڻو وزير اعظم هائوس جيڪو هاڻ اندرا گانڌي ميموريل آهي. سو ڪو ايڏو وڏو بنگلو ڪونهي، جيڏو سنڌ جو وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ جو گورنر هائوس آهي. سکن جي گولڊن ٽيمپل تي ٿيل حملي جي ڪاوڙ، تڏهن ختم ٿي جڏهن سونيا گانڌي انهيءَ حملي جي سکن کان معافي ورتي ۽ عالمي اقتصاديات جي ماهر هڪڙي سک يعني من موهن سنگهه کي ٻه ڀيرا هندستان جو وزيراعظم بنايو. جيئن ملائيشيا جي سابق وزير اعظم مهاتير محمد ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان پنهنجن ملڪن جي معيشتن کي مضبوط بنايو، انهن وانگر من موهن سنگهه به ڀارت جي معيشت کي ڏاڍو سڌاريو، شاهوڪار ڪيو ۽ مستحڪم بنائي ڇڏيو. پر سال 1984ع ۾ هندستان ۾ جيڪي ٽي وڏا واقعا ٿيا هئا. تن کي هندستاني قوم اڃا تائين وساري ڪونه سگهي آهي. ويهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي شروع ۾ دنيا ۾ هڪڙو تمام وڏو سياسي معاشي ۽ معاشرتي واقعو رونما ٿيو جنهن دنيا مان سوشلسٽ بلاڪ جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو! ٿيو ائين جو آڪٽوبر 1917ع ۾ روس ۾ آيل سماج وادي انقلاب دنيا کي هڪ نئون سياسي معاشي ۽ معاشرتي نظام پيش ڪيو، جنهن کي مختصر مُدت ۾ دنيا جي ڪل آدمشماري جي تقريباً ٽي پتي پنهنجي ملڪي معيشت بڻايو. ڪيئنٽون کان ڪيوبا تائين دنيا جي ڳچ ملڪن صرف پنجاهه سالن جي مختصر عرصي اندر سوشلسٽ معيشت اختيار ڪئي. آڪٽوبر کان وٺي ڊسمبر 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ تائين ڪل ڇاهتر سالن دؤران ڪميونزم جي نظرئي جي پرچار ۾ غير ڪميونسٽ ملڪن ۾ لکين ماڻهو مئا هوندا! آئون سوچيندو آهيان ته انهي عرصي دؤران اهي هيترا سارا ماڻهو ڇو مئا ۽ هاڻ ڇو ڪونه ٿا مرن؟ اڳي دنيا ۾ ڪميونسٽ نظرئي جا حامي ڪروڙن ۾ هئا. ۽ هاڻ دنيا ۾ هڪ به ڪونهي! مارجي ويل ماڻهن ڪميونسٽ نظرئي ۾ ڇا ڏٺو هو، جو اهي موت کان به ڪونه ڊنا ۽ اڄ دنيا ۾ هڪ به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو ڪميونسٽ نظرئي لاءِ پاڻ کي ماري ڇڏي! ڇا هي سڀ ماڻهو چريا هئا، غلط هئا، جن انهي نظرئي تان پنهنجون حياتيون قربان ڪيون؟ سوويت يونين ۾ برزنيف جي مرڻ کان پوءِ اتي جي ڪميونسٽ پارٽي کي ڪوبه اهڙو برجستو اڳواڻ حاصل نه ٿيو، جيڪو پارٽي ۽ ملڪ کي صحيح طرح سنڀالي سگهي. برزنيف پنهنجي دؤر ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي دنيا ۾ ويٽنام ٿيڻ کان بچايو هو. پر سندس وفات کان پوءِ آندروپوف آيو، جيڪو ٻن سالن اندر گذاري ويو. تنهن کان پوءِ چرنينڪو پارٽي ۽ حڪومت جو سربراھ بنايو ويو سو پوڙهو ۽ سخت بيمار ۽ صرف تيرهن مهينا زنده رهيو. تنهن کان پوءِ پولٽ بيورو جي سڀني ميمبرن ۾ ننڍي عمر يعني 54 ورهين واري ميمبر ميخائيل گورباچوف کي پارٽي ۽ ملڪ جي اڳواڻي ملي، هن اچڻ شرط ميڊيا، نشرياتي ادارن ۽ اخبارن تان سموريون پابنديون ختم ڪري کين پارٽي ۽ سرڪار تي تنقيد ڪرڻ جي مڪمل اجازت ڏئي ڇڏي. ۽ عوام کي به ساڳي اجازت ڏنائين انهيءَ تنقيدي عمل کي پاڻ ”صاف گوئي“ سڏڻ لڳو. هن قيد سياستدانن ۽ اديبن کي جيلن مان آزاد ڪيو، جلاوطن سياستدانن ۽ اديبن کي ملڪ ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني ۽ انهن تان سموريون پابنديون به ختم ڪري ڇڏيون. صرف ايترو نه، پر گورباچوف سوويت يونين ۾ هر شهري کي ذاتي ملڪيت رکڻ ذاتي ڪاروبار ڪرڻ ۽ خانگي ڪارخانا لڳائڻ جي به اجازت ڏني. انهن پارٽي دشمن ۽ سرڪار دشمن پاليسين سبب پولٽ بيورو جي ميمبرن گورباچوف ۽ سندس ساٿين تي سخت تنقيد ڪئي. آخر فوج مجبور ٿي گورباچوف کي گرفتار ڪري گهر ۾ نظر بند ڪيو ۽ اُهي حڪم وزير دفاع، وزير داخلا ۽ ڪي جي بي جي سربراهه ڏنا، انهن سان پنج پولٽ بيورو جا ٻيا به ميمبر گڏ هئا. هزارين ماڻهو هنگامي حالتن جي خلاف روڊن تي آيا، جلوس ڪڍيا ۽ ڌرڻا هنيا. حڪومت فوج کي انهن تي سختي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر فوج انڪار ڪيو. 4 نومبر تي روس جي صدر بورس ييلسن (Boris yeltsin) ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وجهي ڇڏي ۽ ائين سڄي مشرقي يورپ مان سوويت يونين جي ٽٽڻ سان دنيا اندر پنج مسلمان ملڪ ٻيهر وجود ۾ آيا، جن تي روس وڏي عرصي کان قابض هو. اهي هيٺيان ملڪ آهن. 1 ازبڪستان، 2 ڪرغستان، 3 ترڪمانستان، 4 ڪازڪستان، 5 آزربائيجان ڪميونزم جو خاتمو آڻڻ سبب آمريڪا جي چوڻ تي گورباچوف کي امن لاءِ نوبل انعام مليو. ڪجهه سالن تائين مغرب ۾ هن کي پيسا ڏئي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا هئا. پر هاڻ اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي.گورباچوف جي زال رئيسه گورباچوف انهيءَ زماني ۾ ڏاڍي مشهور هوندي هئي ۽ هئي به ڏاڍي حسين!


    8

    منهنجي زندگي جي انهيءَ اوائلي دؤر ۾ ڪجهه ڏاڍا دلچسپ واقعا ٿيا، جيڪي اڄ به مونکي ياد آهن ۽ اڄ توهان سان به ونڊيان ٿو. آئون ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر جي نوڪري ڇڏي، اچي ڳوٺ ۾ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ لڳس ۽ ڪوشش ڪري روز ٻني تي ويندو هوس ۽ پراڻي طريقه آبادي کي تبديل ڪري نئين طريقي سان بلاڪ سسٽم موجب ماپ ڪرائي سڄي ٻني نئين ٺهرايم. انهيءَ لاءِ بلڊوزر ڪرائي تي هلايم ۽ نئون ٽريڪٽر ۽ زراعت جا گهربل جديد اوزار به خريد ڪيم. انهي زماني ۾ اها نئين ڳالهه هئي هاڻ ته زمين جي سڌاري لاءِ ٻيا به ڪيئي جديد قسم جا اوزار اچي ويا آهن. انهي وقت آئون سڄو ڏينهن ٻني تي هوندو هوس ۽ ڪيئي ماڻهو ات بلڊوزر ۽ ٽريڪٽرن جو ڪم ڏسڻ ايندا هئا. انهن ۾ ڪي منهنجا مائٽ به هوندا هئا. هڪ ڏينهن منهنجي مائٽ مونکي چيو ته ادا پاڻ کي هاڻ هڪ پنهنجي پاٿاري به وجهڻ گهرجي. فلاڻي وڏيري به پاٿاري وڌي آهي ۽ ڏاڍا ٿا ماڻهو ساڻس ملڻ اچن ڪمائي به ٿئيس پئي، مون لاءِ اها بلڪل نئين ڳالهه هئي، سو مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه ويٺي، سو مون پڇيو مانس ته اها پاٿاري ڇا آهي؟ تڏهن ان بابت مونکي تفصيل سان ٻڌائين چور چوري ڪري اچي پاڻ کي ٻڌائيندا ۽ پاڻ ڀاڳين کي نياپو ڪنداسين ته توهان جو چوري ٿيل مال اسان وٽ آهي، ڀُنگ ڏئي (ڀُنگ معنيٰ پيسا) پنهجو مال ڪاهي وڃو، پوءِ انهي رقم مان اڌ پنهنجو ۽ اڌ چور جو. جي پوليس کي خبر پئي ته انهي کي به خرچي پاڻي ڪرائيندا سين، نه ته ٺهيو ! اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون کيس چيو ته ان کان بهتر آهي ته پاڻ پنهنجون زمينون جديد طور طريقي سان آباد ڪريون ته انهي آبادي مان ته پاڻ وٽ هن ڌنڌي کان هزارين دفعا وڌيڪ دولت اچي ويندي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي چيائين ته ڀلي ائين به ڪر، پر پاٿاري وجهڻ سان تر ۾ پنهنجي عزت وڌندي. آئون سندس اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويس ۽جڏهن به مونکي اها ڳالهه ياد ايندي آهي ته پنهنجي معاشري تي افسوس ۽ حيرت ٿيندي آهي انهن ماڻهن جي سوچ تي! اها ڳالهه 1979ع جي آهي ۽ اڄ 2018ع ۾ انهي ڳالهه کي تقريباََ چاليهه سال ٿيا آهن، پر اسان جي سماجي صورتحال اڄ به اتي جو اتي آهي !
    سنڌ نه ڏٺا سُک، اڀري سج لهي ويا.
    (شيخ اياز)
    جڏهن يورپ ۽ آمريڪا ته ٺهيو پر مسلمان ملڪ، دبئي ملائيشيا ۽ ترڪي گهمي پوءِ جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ ٿا اچون ۽ سياستدانن، ججن ۽ جنرلن جا قصا ۽ بيان ٽي وي تي ٿا ڏسون ته حيران ٿيو وڃون! ٽي وي تي مون پاڻ ڏِٺو ته هڪ سياسي ڌرڻي جي ماڻهن کي هڪ جرنيل وردي ۾ پيو پيسا ڏي. ڪورٽن جا جج، اخبارن ۾ اهڙا پيا سياسي بيان ڏين جو اهڙا بيان سياستدان به ڪونه ٿا ڏين. باقي سياستدانن جون ته ڳالهيون ئي پنهنجون آهن. انهي دؤران منهنجو ننڍو ڀاءَ مير نصير پليجو، يونين ڪائوسل ٻنون جو چيئرمين هو، يونين ڪائونسل کي حڪومت پئسا ڏنا، ته ٻاويهه سئو رپيا هڪ نلڪي جي حساب سان گهرجائو ماڻهن کي پاڻي جا نلڪا هڻائي ڏيو. اسان مارڪيٽ مان مختلف دڪانن تان پڇائي سٺي ڪوالٽِي جي هڪ نلڪي جي قيمت هڪ هزار رپيا معلوم ڪئي، تنهن ڪري مليل رقم مان اسان تقريباََ هڪ سئو ويهه سٺي ڪوالٽي وارا نلڪا گهرجائو ماڻهن کي هڻائي ڏنا. يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري ٻڌايو ته نلڪا لڳرائي ڏيڻ بابت ضلعي آفيس ۾ ايم بي يعني داخلا ڪرائبي. انهي داخلا لاءِ ضلعي آفيس وياسين، ته آفيس وارن چيو ته بابا! اسان کي پنهنجي حصي جا پئسا ڏيو ته پوءِ داخلا ڪنداسين! جيترا پيسا هنن گهريا، سي جيڪر کين ڏيون ها ته پوءِ شايد ماڻهن کي پنجاهه نلڪا به ڪونه لڳرائي ڏئي سگهون ها. اسان کين سڄي حقيقت ٻڌائي ته اسان پبلڪ کي پنجاهه جي بدران هڪ سئو ويهه سٺي ڪوالٽي وارا نلڪا لڳرائي ڏنا آهن. اسان سمجهيو ته آفيس وارا ڏاڍا خوش ٿيندا ته توهان ڪيڏو نه سٺو نيڪيءَ جو ڪم ڪيو اهي. پر هو ڪونه مڙيا ۽ اسان نااميد ٿي واپس ورياسين نيٺ هڪ دوست مونکي ٻڌايو ته لعنت وجهه تون انهن آفيس وارن تي نلڪن جي ايم بي ٿيندي ئي ڪانهي. پوءِ اهو قصو ائين خود به خود ختم ٿي ويو. ٻيو دفعو حڪومت اعلان ڪيو ته جيڪو زميندار پنهنجو واٽر ڪورس پڪو ڪرائڻ چاهي، ته انهي کي حڪومت به سبسڊي طور پيسا ڏيندي. سو مون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٽي واٽر ڪورس پڪا ڪرايا، پر جيڪا سرڪاري ماپ هئي انهي کان ڪجهه ميٽر وڌيڪ ٺهرايم. اهي واٽر ڪورس اڄ به صحيح سلامت آهن. انهن ڪڙين کي ٺهندي به پندرهن سال کن ٿي ويا آهن ۽ واسطيدار سڀ ڪامورا به انهن کي تيار ٿيل حالت ۾ ڏسي واسي ويا آهن پر سندن سرڪاري رڪارڊ ۾ اهي واٽر ڪورس اڃا تائين ٺهيل ئي ڪونه آهن. مونکي ذاتي طرح خبر آهي ته اسان جي تر ۾ اهڙا ڪافي زميندار آهن. جيڪي واٽر ڪورسن ٺهرائڻ لاءِ سرڪار کان پيسا وٺي کائي ويا ۽ سرزمين تي هڪڙي سر جو به ڪم ٿيل ڪونهي انهن مان ڪي زميندار ته بيئنڪ مان چيڪ وٺي شهر مان وڃي موٽرسائيڪل يا ڪار وٺي آيا. اهي خبرون به مونکي واٽر ڪورس مينيجمينٽ واري اداري جي آفيسرن ئي ٻڌايون. اهڙو ئي ٻيو هڪ دلچسپ واقعو به توهان کي ٻڌايان ٿو. ٿيو هيئن ته اسان هميشه پنهنجي ويجهي شگر مل شاھ مراد يا ديوان شگر مل کي پنهنجو ڪماند ڏيندا هئاسين، پر هڪ دفعي ال آصف شگر ملز ڳاڙهو جي ڪين مينيجر اسان کي چيو ته توهان مل جي مالڪ سيٺ اسحاق سان ملو، هو توهان کي ڪمند جي ريٽ کان به ڪجهه وڌيڪ رقم به ڏيندو. سو اسان سيٺ سان ملڻ سندس آفيس وياسين. پاڻ گهڻ ڳالهائو ۽ ٿورو جذباتي به ٿي لڳو، پر دِل جو صاف ماڻهو هو. اسان کي ماني به کارايائين ۽ ڪمند جي سرڪاري اگهه کان ڪجهه وڌيڪ رقم جي آفر به ڪيائين ته اسان به کيس سڄي سيزن ڪمند ڏنو. آخر ۾ هنن اسان کي اسان جي ڪمند جي رقم کان سواءِ ڪافي وڏي رقم ٻي به بئنڪ ۾ موڪلي ڇڏي. اسان انهيءَ اضافي رقم جو چيڪ ٺهرائي کيس وڃي ڏنو ته پاڻ حيران ٿي ويو ۽ اسان کي چيائين ته مو نکي سڄي زندگي ۾ ياد ڪونهي ته ڪنهن زميندار اسان کي ايڏي وڏي رقم واپس ڪئي هجي. ٻي سال به انهي مل جو ڪين مينيجر اسان وٽ آيو ۽ چيو ته ڪمند اسان کي ڏيو ۽ وڌيڪ توهان سيٺين سان ڳالهايو. اسان ڪراچي وڃي سيٺ اسحاق سان ڳالهايو هن چيو ته هن سال اسانجي مل جي مينيجمينٽ منهنجي ڀاءُ دائود جي حوالي آهي. توهان هاڻ ان سان ڳالهايو، پاڻ چيائين ته هينئر لنچ ٿيڻ واري آهي هو به هتي اچي لنچ ڪندو ۽ پاڻ لنچ گڏجي ٿا ڪريون، توهان پوءِ وڃي ساڻس ڳالهايو. لنچ دؤران سيٺ اسحاق، دائود سان اسانجو تعارف ڪرايو. اسان لنچ ڪري سيٺ دائود سان گڏ سندس آفيس آياسين ۽ ساڻس هر ڳالهه چٽي پٽي ڪري واپس آياسين ۽ معاهدي موجب کين ڪمند ڏنوسين. سيزن پوري ٿي ته سيٺ پاڻ سندس زبان تان ڦري ويو ۽ حساب مطابق جيڪا رقم ٺهي ٿي اها ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته اوهان کي پنهنجي حساب مطابق رقم ملندي. اسان سيٺ اسحاق کي اها ماجرا ٻڌائي تنهن اچي کيس سمجهايو ۽ چيو ته توهان کي ياد آهي ته گذريل سال پنهنجي موڪليل اضافي رقم هنن ڪيئن نه چيڪ ٺاهي اچي واپس پنهنجي ٻوٿ تي رکي. سيٺ اهي ئي لفظ ڳالهايا جيڪي مون هت لکيا آهن. سيٺ اسحاق جي چوڻ باوجود سيٺ دائود ڪونه مڃيو ۽ سندن مرضي موجب چيڪ ٺاهي آڻي ڏنو. اسان به چيڪ بنا ڏسڻ جي کڻي ڳوٺ آياسين ۽ اُت حساب ڪيوسين ته چيڪ ۾ اها ئي رقم هئي جيڪا اسان گهري ٿي. ٿيندو هيئن هو ته جڏهن هنن وٽ پيسا ڪونه هوندا هئا ته اهي اسان کي پيسن عيوض اوتري کنڊ جا ليٽر ٺاهي ڏيندا هئا، جيڪي اسان ڪراچي ۾ ئي کنڊ جي واپارين کي ڏيندا هئاسين، جيڪي اسان کي ليٽر ۾ درج کنڊ جي مقدار برابر پيسا ڏيندا هئا. سو ٿيو ائين جو انهن اسان کي جيڪي کنڊ جا آرڊر ڏنا هئا. انهن جي سندن رڪارڊ ۾ داخلا ڪانه ڪئي وئي ۽ ائين اسان کي پنهنجي جائز رقم خود به خود ملي وئي. انهن سيٺين جون ٻه شگر ملون هڪڙو ال آصف شگر ملز ڳاڙهو ۽ ٻي باواني شگر ملز تلهار ۾ هيون، جيڪي هنن ٻن ٽن سالن ۾ وڪڻي ڇڏيون، جيڪي سندن پيءُ هنن کي ٺاهي ڏئي ويو هو.نااهل ۽ بي ايمان ماڻهو جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي. جهڙو هنن ڀائرن جو ٿيو. هنن جو چاچو سيٺ امين جنهن کان زوري باواني شگر ملز ڦري کيس فاران شگر ملز ڏنائون. اڄ سيٺ امين فيملي ۽ سندس اولاد تمام خوش آهي ۽ فاران شگر ملز سنڌ جي سُٺين ملن مان هڪ آهي. انهي جنرل ضياء واري فوجي حڪومت دؤران سنڌ ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا هڪ ايم آر ڊي تحريڪ جنهن فوجي حڪومت کي لوڏي وڌو ٻيو ملٽري طرفان ٽنڊي بهاول ۾ ڳوٺاڻن جو قتل عام، جنهن بابت ملٽري انوڪوائري ۾ انهي واقعي ۾ ملوث ميجر کي مجرم قرار ڏئي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، پر کيس سزا نه ڏيڻ سبب اهو مسئلو سالن جا سال ٽنگيو پيو هو. ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ڪري مقتولن جي خاندان جي عورتن سخت مايوس ٿي پاڻ تي گاسليٽ هاري احتجاج طور پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري ٻه عورتون سڙڻ سبب نيٺ مري ويون. پر سندن ماءَ مائي جندو مرڻ کان ته بچي وئي پر سڙڻ ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي، سندس منهن صفا سڙي ويو هو. هنن ٻنهي واقعن تي گهڻو لکيو ويو آهي. خاص ڪري ايم آر ڊي تحريڪ تي ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن. تنهن ڪري آئون هنن واقعن تي وڌيڪ ڪونه ٿو لکان.
    دنيا ۾ هن وقت ٻه سئو کان به زياده ملڪ آهن ۽ پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان روس کان ايراضيءَ ۾ ڏھ دفعا ننڍو آهي. پر پاڪستان جو نهري نظام روس کان به وڌيڪ سٺو آهي. پاڪستان مٽرن جي پيداوار ۾ دنيا ۾ ٻيو نمبر خوباني ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ چوٿون نمبر بصر ۽ کير جي پيداوار ۾ دنيا اندر پنجون نمبر کجور جي پيداوار ۾ ڇهون نمبر انبن جي پيداوار ۾ ستون نمبر، چانورن جي پيداوار ۾ اٺون نمبر ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نائون نمبر ۽ ڪينو ۽ مالٽا جي پيداوار ۾ دنيا اندر ڏهون نمبر ملڪ آهي.
    مجموعي طور زرعي پيداوار ۾ سڄي دنيا اندر پنجويهين نمبر تي صنعتي پيدوار جي لحاظ کان دنيا اندر پنجونجاهين نمبر تي آهي ڪوئلي جي پيداوار جي لحاظ کان سڄي دنيا اندر ۽ سي اين جي تي هلندڙ گاڏين ۾ دنيا اندر پهرئين نمبر تي آهي.
    گيس جي ذخيرن جي لحاظ کان پاڪستان ايشيا کنڊ ۾ ڇهين نمبر تي ۽ دنيا جي ستون نمبر ايٽمي طاقت آهي. تنهن کان سواءِ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماڻهو جائز ۽ ناجائز نموني ڪمائي هڪ سال ۾ ٽيهه ارب ڊالر پاڪستان موڪليندا آهن پر سياستدانن ۽ سول حڪمرانن جي رشوت خوري عيوض ماڻهو ۽ ملڪ مقروض آهي ۽ ڏينهون ڏينهن حالتون وڃن ٿيون وڌيڪ خراب ٿينديون، جنهن جي سڌرڻ جي پري پري تائين ڪابه اميد نظر نٿي اچي.
    منهنجو ڳوٺ ٻنون ضلعي سجاول سنڌ انهي ملڪ پاڪستان ۾ آهي چار سئو گهرن تي مشتمل اهو ڳوٺ ٻنون هوائي مفاصلي موجب، بيت الله، ڪعبي شريف کان 819 ميل پري، روضه رسول صلي الله عله وسلم کان 1795.33 ميل پري، ڪلفٽن ڪراچي کان 77 ميل پري نوري آباد کان 31.5 ميل پري، حيدرآباد کان 31 ميل پري، ٽنڊي محمد خان کان 23 ميل پري، ميرپور بٺوري کان 14.75 ميل پري، دڙي کان 10.55 ميل پري، انس سمي کان 8 ميل پري جنهاڻ کان 5.15 ميل پري، سجاول کان 25.5 ميل پري، ٺٽي بادشاهي مسجد کان 32.5 ميل پري جهرڪن کان 8 ميل پري، قادرڏنو شاھ کان 4.12 ميل پري، ڳوٺ صابر پليجي کان 2.73 ميل پري،ڳوٺ عبدالحئي پليجي کان 2.1 ميل پري، ڳوٺ عبدالله پليجي کان ڏهائي 75 ميل پري، راهوٺ کان هڪ ڏهائي 76 ميل پري ۽ لنڊن کان 3698 ميل پري آهي. انهي کانسواءِ منهنجو ڳوٺ ٻنون سنڌو دريا جي ڪپ تي هئڻ ڪري (يعني سنڌو ندي جو مکيه وهڪرو ٻني ڳوٺ کان اڌ ڪلو ميٽر پري مس هوندو) ۽ ٻيو ته ٻني ڳوٺ جي اتر طرف وٽان پڃاري ڦاٽ جيڪو سوين سالن کان وهندو سڄي لاڙ کي آباد ڪرڻ ڪري، ٽيون ته ڪيترن ئي آبپاشي وارن واهن جو ٻني وٽان نڪري آس پاس جي سڄي علائقي کي آباد ڪرڻ سبب ۽چوٿون ته پنهنجن قديم پتڻن سبب، پنجون ته پنهنجن ٻن اوليائن، شاھ پير ڏنو ۽ ٻيو موريو فقير جي ڪري، ڇهون ته پنهنجين اٺن 8 مسجدن ڪري ستون ته ڳوٺ جي ٻن عالمن جي ڪري اٺون ته اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، ڳائڻن، شرنائي نوازن، دهلارين، الغوزي نوازن، چنگ ۽ گهڙو وڄائڻ وارن ڪري، نائون ته ذري، مُڪيس ۽ هرمچي جي بيمثال ۽ نهايت نفيس ڀرتن ڪري، ڏهون ته لاجواب رلين ٺهڻ ڪري، يارهون ته پلي، مڇي، گانگٽن، ماکي، مکڻ، گيهه ۽ ماهي ڪري، ٻارهون ته تترن ۽ سياري ۾ پرديسي پکين جي اچڻ ڪري، تيرهون ته صحتمند اٺن، مينهن، ٻڪرين ۽ رڍن ڪري، چوڏهون ته درياء جي گهيڙن ڪري، جيڪي ساوڻ جي مند ۾ سيڻائين تي تري مينهن کي درياء تاري اڪاري پار ڪندا هئا. پندرهون ته کوئنر لاک، پيرون ۽ مَڪَ ڪري، سورهون ته ملاکڙي ڪوڏي ڪوڏي ۽ والي بال راند ڪري ۽ ساوڻ درياء ۾ چانڊوڪي راتين توڙي ڏينهن دوران ٻيڙيءَ تي سير ڪندي ۽ جنهن زماني ۾ ڪچي ۾ ڀلا ٻيلا موجود هئا، تڏهن وڏن وڏن وڻن جي ڇانئن ۽ ان اندر ڦاڙهن ۽ ٻين ڪيترن ئي جانورن جي موجودگي سبب هي علائقو توڙي پري جا ماڻهو درياءَ جو سير ڪرڻ لاءِ ٻني ايندا هئا ۽ اسانجي اوطاق اڳيان بيٺل سئو سالن کان به وڌيڪ پراڻي نم جي ڇانو ۾ شاندار محفلون مچائيندا هئا. انهن ۾ شيخ اياز، ماسٽر چندر، ماسٽر ابراهيم ڪڇي ۽ عابده پروين به شامل هئي. شيخ اياز ته پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ پنجن صفحن تي بابا جو ذڪر ڪيو آهي. انهي نم هيٺان سج لٿي بعد آئون دوستن سان محفل ۾ مسرور هوس، ته هڪ ماڻهو اچي مون کي چاچا قادر ڏني شاھ جو نياپو ڏنو ته توهان ٺٽي ۾ مون سان اچي ملو، چاچي قادر ڏني شاھ مرحوم جو بابا سائين ارباب نورمحمد پليجي سان دوستي جو سٺو رستو هو، هو ضلعي ڪائونسل ٺٽو جو چيئرمين هو. قادر ڏني شاھ سان ڀائرن جهڙي دوستي هئي ۽ ضلعي جي سياست ۾ پڻ هميشه گڏ رهيا. جڏهن مظفر لغاري ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي سيٽ تي اميدوار ٿي بيٺو ته چاچا قادر ڏني شاھ کيس نياپو موڪليو ته تون اسان جي طرفان چيئرمين شپ جو اميدوار ٿي بيهه، ته اسين توکي بنا مقابلي ٿا چونڊرايون، پر هن اها ڳالهه قبول ڪانه ڪئي ۽ چاچا قادر ڏني شاھ جي سامهون اليڪشن ۾ بيٺو، پر ڪِري پيو. ٻئي ڏهاڙي آئون ٺٽي ۾ شيرازي هائوس ويس ته ات هڪڙي پليجي خدمتگار ٻڌايو ته سائين ڊي سي آفيس ويو آهي ۽ توهان لاءِ نياپو ڇڏي ويو آهي، آئون وڃي ساڻس اُت مليس، پوءِ اتان اٿي اسين ضلعي ڪائونسل جي آفيس آياسين. اُتي مونکي چيمبر ۽ وٺي وڃي ٻڌائين ته آئون ٺٽي سب ڊويزن مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بيهان ٿو ۽ ٺٽي تعلقي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي منهنجي پٽ اعجاز علي شاھ کي ٿو بيهاريان. سجاول سب ڊويزن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي رئيس مامون خان ملڪاڻي پاڻ ٿو بيهي ۽ جاتي ۽ شاھ بندر واري صوبائي اسمبيلي جي سيٽ تي سندس پٽ غلام قادر کي بيهاري ٿو. سجاول ۽ بٺوري واري صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي، فقير عيسيٰ ۽ شاھ نواز لغاري وارن جو خيال آهي ته حاجي عبدالخالق سومرو بيهي. پر منهنجو خيال آهي ته انهي تڪ تان تون اليڪشن ۾ بيھه، تون صرف هڪ ڪم ڪر جو رئيس مامون خان ملڪاڻي کي راضي ڪري چئو ته تنهنجي بيهڻ لاءِ مونکي چئي، يا فون ڪري باقي هر ڳالهه کي آئون سنڀاليندس. مون کي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته چاچا قادر ڏنو شاھ مونکي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ چوندو. سو اها ڳالهه ٻڌي في الحال ته حيران ٿي ويس ۽ پنهنجي خيال ۾ گم ٿي ويس. ته پاڻ چيائين ته ڇا پيو سوچيئن؟ تڪڙ ڪانهي تون ٻن ٽن ڏينهن ۾ سوچي سمجهي پوءِ مونکي جواب ڏج، آئون هتان اٿي سڌو حمزه خان پليجي جي جڳهه تي آيس. ٻنپهرن جي ماني جو ٽائيم هو پر ماني کان اڳ اسڪاچ جي ٻاٽلي اچي وئي ته اسين انهي محفل ۾ لڳي وياسين. انهي وچ ۾ سابق صوبائي وزير محمد خان سومرو، ان وقت ٺٽي جو اسسٽنٽ ڪمشنر عارف صاحب جيڪو پوءِ سنڌ جو هوم سيڪريٽري ٿيو. رسول بخش پليجي جو وڏو ڀاءُ علي اڪبر پليجو ۽ حمزي خان جا هڪ ٻه ٻيا دوست به آيا ته محفل مچي وئي. گپ شپ ۽ ماني کائڻ کان پوءِ ٻيا سڀ دوست هليا ويا. پر آءُ ات ترسي پيس ۽ حمزي خان کي چاچا قادر ڏني شاھ واري سربستي ڳالهه ٻڌايم. انهي زماني ۾ سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ حمزي خان جا آڪٽراءِ جا ٺيڪا هئا ۽ شهيد فاضل راهو رئيس مامون خان ملڪاڻي ۽ سنڌ جي ڪافي سياسي ماڻهن سان پنهنجا ذاتي تعلقات به ٺاهي ويو هو. مون کي پاڻ چيائين ته تون سڀاڻي پنجين بجي سجاول پهچي پنهنجي سجاول واري آڪٽراءِ آفيس ۾ انتظار ڪج. انهي آفيس جو انچارج سرويچ سجاولي آهي. اتان پاڻ رئيس مامون خان ملڪاڻي جي ڳوٺ ڪڙ ملڪ هلنداسين. پاڻ ٻڌايائين ته رئيس مامون خان سندس ڳوٺ آهي. پروگرام موجب اسان ٻئي ڏينهن رئيس مامون خان ملڪاڻي جي ڳوٺ وياسين ۽ سندن اوطاق اڳيان کليل پڌر ۾ ويٺا هئاسين ته اونداهي رات ۾ ات پري کان هڪ ڊٻ تان گاڏين جي چڙهڻ جي روشني ڏسڻ ۾ پئي آئي. ان بابت مون کانئس پڇيو ته پاڻ ٻڌايائين ته اها روشني هندستان جي ڪنهن مٿانهين ڀيڻي تي ٺهيل شهر جي آهي. اها روشني ڪڏهن ڪڏهن اسان ڏسندا رهندا آهيون. اسان ات ڪافي دير ڪچهري ڪئي. رئيس مامون خان ملڪاڻي به هڪ روايتي بردبار وڏيرو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دؤران جنرل ضياء سان سجاول جي انسپيڪشن بنگلي ۾ ملاقات ڪئي هئائين، تنهن ملاقات جو احوال ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ٻڌائين. موڪلائڻ کان اڳ حمزي خان ساڻس مون بابت سربستو احوال ٻڌايو ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته اسان جي هن اڻپڙهيل لڏي ۾ هڪ پڙهيل همراه به ته آيو. حمزي خان کي چيائين ته هاڻ اوهان ڇٽا، اهو ڪم هاڻ مونتي آهي. اسان رئيس جي ڳوٺان دير سان روانا ٿياسين. اتي ايڏي ته ماڪ پئي پَئِي جو رستي تي ڪابه شئي نظر ڪانه ٿي آئي. گاڏي هلائڻ ۾ ڏاڍي ڏکائي پي ٿي. مون پنهنجي سموري زندگي ۾ايتري گهڻي ماڪ ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي. سجاول تائين حمزي خان جي گاڏي هئي. جنهن کي سندس ڊرائيور پئي هلايو. سجاول کان پوءِ حمزو خان ٺٽي هليو ويو. سجاول کان ٻني تائين پنهنجي گاڏي آئون هلائيندو آيس. سمنڊ کان جيئن جيئن پري ٿيندا وياسين. تيئن تيئن ماڪ به ويئي گهٽجندي هن کان اڳ منهنجو اٿڻ ويهڻ سڄو پڙهيل لکيل ماڻهن اديبن، شاعرن ۽ باذوق ماڻهن سان هو. پر اليڪشن دؤران سڄو وقت موقع پرست لالچي، دوکي باز ۽ بي ڀروسن ماڻهن سان واسطو رهيو. سڄي دنيا ۾ سڀ ماڻهو هڪجهڙا ڪونه آهن، پر هن دنيا ۾ ڪي اصول پرست ۽ لاجواب ماڻهو به موجود آهن، جنهن ڪري هي دنيا پئي هلي! ورڪ دؤران ڪڏهن ڪڏهن آئون ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ٻارن سان وڃي ملندو هوس ۽ سوال جواب ڪندو هوس ۽ هوشيار ٻارن کي انعام ڏيندو هوس، ته اها ڳالهه به ڪن ماڻهن کي ڪانه وڻي ۽ چوندا هئا ته ٻار پنهنجا ووٽر ٿورو آهن؟ منهنجي مقابلي ۾ اليڪشن ۾ مظفر لغاري بيٺل هو، جيڪو ويچارو تمام سادو سوڌو ماڻهو هو. سندس پيءَ رئيس جمال خان لغاري تازو تازو وفات ڪئي هئي، تنهن ڪري ماڻهن جي اڪثيريت جي هن سان همدردي هئي. مظفر لغاري انهيءَ اليڪشن کانپوءِ ڪڏهن يونين ڪائونسل جو ميمبر به ڪونه ٿي سگهيو. اسانجو قومي اسيمبلي جو اميدوار رئيس مامون خان ملڪاڻي هو، جيڪو حد کان وڌيڪ شريف انسان هو ۽ سندس مدمقابل احمد خان ميمڻ، جيڪو تمام هوشيار، حاضر جواب ۽ ڪي قدر پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو، مذڪوره خوبين هوندي به انهي اليڪشن کان پوءِ احمد خان ميمڻ پڻ ڪڏهن به يونين ڪائونسل جو ميمبر ڪونه ٿي سگهيو. اليڪشن کان اڳ توڙي پوءِ منهنجو احمد خان ميمڻ سان تمام سٺو واسطو آهي. اليڪشن جي ٽن سالن بعد جنرل ضياء هوائي حادثي ۾ مري ويو، ته ان جي جاءِ تي هڪ تعصبي مهاجر، جنرل اسلم بيگ چيف آف آرمي اسٽاف ٿيو، تنهن پهرين ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اليڪشن نه ٿئي ۽ جيڪڏهن ٿئي ته غير پارٽي بنياد تي ٿئي ته جيئن آئون صدر ٿيان. پر آرمي جي ٻين جنرلن سندس ڳالهه ڪانه مڃي. آرمي جي اها چونڊ غير جانبدار نه ڪرائي ها، جنهن ڪري ئي پيپلزپارٽي اها اليڪشن کٽي ۽ بينظير وزيراعظم جو اعزاز ماڻيو، پر اسلم بيگ سندس جان نه ڇڏي، ڇو ته جنرل کي پاڪستان جو سنڌي وزيراعظم قبول ڪونه هو. نيٺ 18 مهينن جي مختصر مدت ۾ جنرل اسلم بيگ صدر غلام اسحاق معرفت بينظير جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، پوءِ مهراڻ بئينڪ مان ڪروڙي رپيا ڦري، اڌ پاڻ کاڌئين ته اڌ بينظير جي مخالف اميدوارن کي ڏئي، اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي شڪست ڏياري، مهراڻ بيئنڪ اسڪينڊل وارو ڪيس جنرل اسلم بيگ تي اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.
    ڳالهه پي ٿي منهنجي صوبائي اسيمبلي جي بٺوري سجاول تڪ تي اليڪشن ۾ بيهڻ جي، اسان واري تڪ تان نه بيهڻ ڪري حاجي عبدالخالق سومري اليڪشن ۾ منهنجي مخالفت ڪئي. هن تڪ جي گهڻو ڪري سڀني سومرن منهنجي مخالفت ڪئي. اميدوارن جي گهڻو ڪري هر هفتي مڪلي ريسٽ هائوس تي ميٽنگ ٿيندي هئي. ريسٽ هائوس جو تمام وڏو ڪمپائونڊ وال هوندو هو. جنهن اندر ڪافي وڏو ميدان هوندو هو، پر اسان جون گاڏيون مين گيٽ کان ٻاهر بيهاريندا هئا ۽ اسان کي ڪافي پنڌ ڪري اندر وڃڻو پوندو هو. ڇو ته اها ميٽنگ فوجين وٽ هوندي هئي. اهو سياستدانن سان ناراضگي جو اظهار هوندو هو. انهي وقت ۾ اڄ وانگر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن هڪ ئي ڏينهن تي ڪونه ٿيندي هئي. قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۽ رزلٽ اٺن ڏهن ڏينهن بعد صوبائي اسميبلي جي اليڪشن ٿيندي هئي ۽ نفسياتي طرح جنهن پارٽي جو پهرين قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊبو هو. ته پوءِ انهيءَ پارٽي جي صوبائي اسيمبلي جي اميدوار جي کٽڻ جا چانسز اڃا به وڌي ويندا هئا. ٻيو ته بٺوري ۽ سجاول واري منهنجي صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي اهو تفاوت تمام گهڻو ٿي ويو، جنهن کي غور ڪري اليڪشن کٽڻ منهنجي لاءِ ناممڪن هو ۽ هي منهنجو اليڪشن جوپهريون تجربو هو. جيتوڻيڪ ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي اليڪشن ۾ آئون ڀرپور حصو وٺندو هوس ۽ مسلم هاسٽل اسٽوڊنٽ يونين جو صدر به ٿي رهيس ۽ سنڌ جي وڏين شاگرد تنظيمن جو عهديدار به ٿي رهيس. مثال طور سائين جي ايم سيد بزم صوفياء سنڌ لاءِ شاگردن ۾ پرچار لاءِ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ ٺاهي ته اپر سنڌ لاءِ سيد باقر شاھ ۽ لوئر سنڌ لاءِ مونکي مقرر ڪيائين ۽ پڻ ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو به نائب صدر هوس. ان جو صدر يوسف لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري ڄام ساقي هو. شاگرد هلچل دؤران ڪيترا ڀيرا جيل به وڃڻ ٿيو. پر هُن ۽ هِن سياست ۾ زمين ۽ آسمان جيترو تفاوت هو. سنڌ جي روايتي وڏيرڪي سياست جي طور طريقن کي سمجهڻ ۽ ماڻهن جي تقاضائن کي پرکڻ لاءِ پهريون نسخو اهو آهي، ته ڪوڙ ۽ اٽڪل بازي کي پنهنجو هٿيار بڻائجي. سو شايد آئون اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگهيس. انهي سڄي صورتحال هوندي به ڪن ڌرين جا مطالبا ۽ مونتي پريشر ويو وڌندو. انهي صورتحال کان تنگ ٿي مون اليڪشن ۽ هميشه لاءِ سياست کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ سڄو زور ٻارن جي تعليم، لکڻ پڙهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي ڏنو ۽ وقت مصروف گذاريو. انهيءَ رات آئون ٻني ۾ هوس ۽ مون سان گڏ صرف حمزو خان پليجو هو. سڄي رات مئڪشي ۾ گذري وئي. وڃڻ مهل مون کيس صلاح ڏني ته سينيٽ جي اليڪشن تون پاڻ بيهه، چيئن ته وڏيرا توسان سٺو ڪونه هليا، سو مونکي ڪئين قبول ڪندا ! مون کي چيائين ته جنرل اليڪشن ۽ سينيٽ جي اليڪشن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اڄ دير ٿي وئي آهي، آئون جلد، ٻن ٽن ڏينهن ۾ وري ٻني ايندس، پوءِ وڌيڪ صلاح ڪنداسين. ٻه ٽي ڏينهن بعد پاڻ ٻني آيو، ساڻس گڏ ٺٽي جو مشهور وڪيل لکاڏنو بهراڻي به هو. انهي رات اسان سينيٽ جي اليڪشن تي تفصيل سان ڳالهايو. لکاني بهراڻي ٻڌايو ته سينيٽ جي اليڪشن کٽڻ لاءِ موجوده صورتحال ۾ پاڻ کي ساڍن ستن ووٽن جي ضرورت آهي، پر بندوبست اٺن ووٽن لاءِ هئڻ گهرجي. حمزي خان ٻڌايو ته مونکي ٽن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن اعجاز شاھ شيرازي، غلام قادر ملڪاڻي ۽ محمد موسيٰ چانڊيو بدين مان شهيد فاضلو راهو جي ڪري يوسف چانگ جي ووٽن ۾ وڏي اميد آهي. منهنجي بزنس پارٽنر جي معرفت آئون حيدرآباد شهر مان ٻن مهاجر ميمبرن کان به ڪوشش ڪري ووٽ وٺي سگهان ٿو. پاڻ ٻڌائين ته منهنجو حيدرآباد جو وڪيل ۽ دوست مسٽر انڙ، جنهن جي گهر واري رزروڊسيٽ تي ميمبر ٿي آهي. انهي سان به ڳالهه ٻولهه ڪبي. مطلب ته هن سينيٽ واري اليڪشن ۾ صرف اٺن ماڻهن سان ڳالهائڻو هو ۽ انهي زماني ۾ پيسن تي ووٽ خريد ڪرڻ جو اڃان تصور ئي ڪونه هو. نڪو سياستدانن وٽ انهي وقت ۾ ايڏي گهڻي دولت هئي. تڏهن ڊفينس سوسائٽي ۾ بنگلو ڏهن پندرهن لکن ۾ ملندو هو. وڏي موٽر گاڏي صرف پيرپاڳاري يا ٻئي ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ سياستدان وٽ هوندي هئي. شاديون ۽ ٻيون دعوتون به تمام سادگيءَ سان ٿينديون هيون جن بابت ان زماني جي شادين جي فوٽن مان توهان کي اندازو ڪري سگهو ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙا به ميمبر چونڊجي آيا، جن وٽ انهي کان اڳ صرف هڪ پراڻي موٽر سائيڪل هوندي هئي. ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ هنن ڪارون ۽ جيپون خريد ڪيون، ۽ ائين حمزو خان تمام آسانيءَ سان سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. حمزي خان اسان جي علائقي ۾ به تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن ۾ ٻني ڳوٺ ۾ پڪيون گهٽيون پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪيون ناليون گرلس مڊل اسڪول پرائمري اسڪولن جون ٻه بلڊنگون ٻني ڳوٺ ۾ ويهن پڪن گهرن واري ڪالوني ٻني کان راهوٺ پڪو رستو، ڳوٺ احمد پليجي کان ڳوٺ عبدالحئي پليجو وايا صابر پليجو پڪو رستو، ڳوٺ عبدالله پليجي ۾ گرلس اسڪول ۽ بوائز اسڪول جون عمارتون، ڳوٺ عبدالحئي پليجو ۾ اسپتال ۽ اسڪول جون عمارتون ٺهرايائين ۽ سندس ڪوٽا مان ٻني ۽ ارد گرد جي ڪيترن ئي بي روزگار غريبن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.


    9

    هاڻ پاڻ اچون ٿا سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي تي جيڪو پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ لاءِ هڪ دائمي مسئلو ٿي پيو آهي. انهي جو سبب پنجاب ۾ ڊيمن تربيلا ڊيم، منگلا ڊيم، ٽي بئراج ۽ ٽي وڏا لنڪ ڪئنال ٺاهڻ ڪري سنڌ اندر پاڻي جي هميشه کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. پاڪستان ٺاهڻ وقت، ون يونٽ ٺاهڻ وقت ۽ پاڻي جي ٺاھ وقت سنڌ سان وڏا وڏا واعدا ڪيا ويا، پر اهي واعدا ڪڏهن به پاريا ڪونه ويا. مرڪز ۾ گهڻو ڪري حڪومت پنجابي حڪمرانن جي ئي رهي آهي. تنهن ڪري انهن هميشه پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ پنجاب جي بجيٽ سان گڏ مرڪزي بجيٽ جو به هميشه نوي سيڪڙو پنجاب جي ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿئي. جيڪڏهن ڪو سنڌي ميمبر سنڌ جي مسئلن اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪري ته اٽلو حڪومت انهي ميمبر جا ترقياتي فنڊ به بند ڪريو ڇڏي. ڀٽي کان سواءِ بينظير ۽ محمد خان جوڻيجي مرڪز ۾ پنجابين جي اڪثريت ڪري تمام اٽڪل سان حڪومت ڪئي. جوڻيجي ته جنرل ضياء جي مارشل لاءِ واري دؤر ۾ حڪومت ڪئي، سو ڪهڙي خود اعتمادي سان حڪومت هلائي سگهيو هوندو، باقي بينظير جي مرڪز ۾ جڏهن به حڪومت ٺهي. ته کيس ڪڏهن سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ته ڪڏهن پنجابين مٿس الزام هنيو ته هندستاني سکن جا جيڪي پاڪستاني حڪومت سان ڳجها تعلقات آهن. تن جو راز هندستاني حڪومت کي بينظير ٻڌايو. پر هاڻ ته نواز شريف کلم کلا پيو چئي ته هندستان منجهه بمبئي حملن ۾ پاڪستان جا ئي ٽرينڊ گوريلا ملوث هئا، جن ات وڃي حملو ڪيو.
    پنجابين کان سواءِ پاڪستان جا ٽي مهاجر وزيراعظم ٿيا. لياقت علي خان، آءِ آءِ چندريگر ۽ جنرل پرويز مشرف جنهن مارشل لا لڳائڻ شرط پاڻ کي ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو سڏايو، جيڪو ملڪ جو وزيراعظم ئي هوندو آهي. انهي کان سواءِ ملڪ جو پهريون گورنر جنرل محمد علي جناح به مهاجر ئي هو. سندس فيملي گجراتي هئي، سندس ڳوٺ موهن داس گانڌي جي ڳوٺ کان ٽيويهه ميل پري هو. ماڻهو چون ٿا ته جناح سنڌ ۾ ڄائو هو، مغل باشاهه اڪبر به سنڌ ۾ ڄائو ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو سنڌ ۾ ڄاوا ته اهي سنڌي ٿورئي ٿي پيا! ۽ ائين سنڌ جا ڪيترا ئي ماڻهو جرمني، اٽلي يا انگلينڊ ۾ ڄاوا ته هو جرمن انگريز يا اٽاليئن ٿورو ئي ٿي پيا! آمريڪا ۾ ته شيدي پنج ڇهه سئو سال اڳ زوريءَ آندا ويا ۽ انهن جون ڏھ پندرهن يا ويهه پيڙهيون آمريڪا ۾ جايون انهن صدين کان ڪڏهن آفريڪا ڏٺو ئي ڪونهي، پر اڄ به آمريڪي کين چون ”آفريڪن آمريڪن“
    ڳالهه پئي ٿي پاڪستان ۾ مهاجر حڪمرانن جي پاڪستان جا ٽي صدر مهاجر ٿيا. هڪ اسڪندر مرزا، ٻيو جنرل مشرف ۽ ٽيون ممنون حسين صدر ۽ هينئرڪو علوي به مهاجر آهي. صدر ۽ وزير اعظم جي عهدن کان به وڌيڪ پاور وارن عهدن تي يعني چيف آرمي اسٽاف جي عهدن تي به ٻه مهاجر، جنرل اسلم بيگ ۽ ٻيو جنرل مشرف فائز هئا. يعني ستر سالن جي عرصي ۾ پاڪستان جو هڪ نه پر ٻه گورنر جنرل ٻه صدر ٽي وزيراعظم ۽ ٻه چيف آف آرمي اسٽاف مهاجر هئا. هي ته مهاجرن جي آدم شماري کان کين حڪمراني ڪرڻ لاءِ تمام وڏو حصو مليو آهي. ڳالهه پي ٿي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي. سنڌين جي چار ڪروڙ آدمشماري جو مڪمل طرح سان گذران صرف ۽ صرف زراعت تي آهي. زراعت جي سئو سيڪڙو پيداوار جو وسيلو صرف پاڻي تي آهي. هر پنجين ڇهين سال پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ته ان جو اثر به سنڌ تي ئي ٿئي ٿو ۽ جي ملڪ ۾ پاڻي ضرورت کان زياده ٿئي ٿو، ته ان جو اثر به ٻوڏ جي صورت ۾ سنڌ تي ئي ٿئي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ گڏيل هندستان جا حاڪم انگريز هئا، جيڪي ڌاريان هئا ۽ سڀ هندستاني هنن لاءِ هڪ قوم، هئي، تنهن ڪري انهن ڪنهن به صوبي سان نا انصافي ڪرڻ ڪانه ٿي ڏني. گڏيل هندستان ۾ پنجاب صوبي سنڌو ندي تي بيراج ٻڌڻ لاءِ مرڪز کي ڪيترائي دفعا لکيو پر کين چيو ويو ته پنجاب جي پنجن درياهن يعني جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج تي پنجاب جو حق آهي ۽ سنڌو ندي تي صرف سنڌ جو حق آهي. پنجاب جي گهڻي ضد تي ممبئي سرڪار مرڪز کان سن 1919ع ۾ انڊيا ايڪٽ پاس ڪرايو، جنهن ۾ لکيو ويو ته صوبن جي رضامندي کان سواءِ درياهن تي ڪوبه بيراج نه ٺاهيو ويندو. پاڻي بابت حڪومت ڪميشن ٺاهي، جنهن فيصلو ڏنو ته سنڌ اندر ٻن بيراجن، سکر بيراج ۽ گڊو بيراج کي اوليت جي بنياد تي ٺاهيو وڃي.
    پاڪستان ٺهيو ته سنڌ اندر ڪوٽڙي بيراج ٺهڻ شروع ٿيو ۽ پنجاب ۾ تونسه بيراج ٺهڻ لڳو.
    ورهاڱي سبب پنجاب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ته هندستان ۾ شامل اوڀر پنجاب پاڻي بابت ٽن ندين ستلج، بياس ۽ راوي تي پنهنجو حق ڄاڻايو. پاڻي بابت صوبن جي حق کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جي صوبائي حثيت ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو ويو. ويسٽ پاڪستان اسيمبلي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو بل وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو، ته ملڪ ۾ مارشل لا هڻي، اسيمبليون ٽوڙي ون يونٽ کي برقرار رکيو ويو. هندستان ۽ پاڪستان جي پاڻي واري معاملي بابت ڳالهين لاءِ قائم ڪيل ڪميشن ۾ ڪنهن به سنڌي کي شامل نه ڪيو ويو. ائين سڀ فيصلا پنجاب جي حق ۾ ڪيا ويا. ان کان سواءِ چشما لنڪ ڪينال، جنهن جو وهڪرو 22 هزار ڪيوسڪ آهي ۽ تونسه پنج لنڪ ڪينال جنهن جو وهڪرو ٻارهن هزار ڪيوسڪ اهي. وري جنرل مشرف جي دؤر مارشل لا ۾ سنڌو ندي مان هڪڙو وڌيڪ ۽ مڪمل پڪو گريٽر ٿل ڪينال مرڪز جي خرچ سان ٺاهيو ويو، جنهن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش آهي ڏھ هزار ڪيوسڪ يعني اهي ڪل ٿيا چوئيتاليهه هزار ڪيوسڪ پاڻي. جڏهن اهي سڀ ڪينال پنجاب ٺاهيا پئي ته پهرين چئون ته اهي صرف فلڊ ڪينال آهي. پر هاڻي اهي ٻار هوئي پيا وهن. ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي. هينئر وري گڊو براج مان ڪڇي ڪئنال ڪڍيو ويو آهي. هن ڪينال تي آباد ٿيڻ واريون سڀ زمينون فوجين کي ڏنيون ويون آهن. انهي سموري پاڻي جي کوٽ جو اثر زياده ۾ زياده ڪوٽڙي بيراج تي ئي ٿئي ٿو. جيئن سنڌ پاڻي جي پوڇڙ ۾ آهي. تيئن وري سنڌ اندر ڪوٽڙي بيراج بلڪل آخر ۾ آهي ۽ سنڌ اندر سڀني کان گهڻي پاڻي جي کوٽ هميشه ڪوٽڙي بيراج واري ايراضي ۾ ٿئي ٿي ۽ ٻوڏ دؤارن گهڻي پاڻي ڪري سنڌو ندي جا بچاءَ بند به گهڻو ڪري ڪوٽڙي کان هيٺ ئي ڀڄندا آهن. صرف سجاول ضلعي ۾ موجود سنڌو ندي جا بچاءَ بند پڻ پنج دفعا ٽٽي چڪا آهن. پهريون گهارو 30 آگسٽ 1924ع ۾ يونين ڪائونسل ٻنون جي ڳوٺ لائق ڏنو پليجو وٽ، ٻني ڳوٺ کان 3 ميل اوڀر طرف پري پيو هو. انهي هنڌ گهاري سبب ٺهيل ڪن واري ايراضي هن وقت لائق ڏني پليجي جو ڳوٺاڻو علي محمد پليجو آباد ڪري ٿو. ٻيو گهارو آگسٽ 1956ع ۾ مولچند. شاهبندر بچاءَ بند جي 145 ميل مولوي __ گگي جي ڳوٺ وٽ موجوده يونين ڪائونسل بچل گگو جي حد ۾ پيو هو. ٽيو ڀيرو سن 1973ع ۾ ڳوٺ قادر ڏنو لڳ چوهڙ جمالي، ڪوڪا بند ۾ ٻه گهارا پيا هئا. چوٿو گهارو. 17 آگسٽ 1988ع ۾ يونين ڪائونسل رانٽا تعلقو سجاول جي سورجاڻي وٽ بچاءَ بند ۾ پيو هو. انهي ساڳئي ڏينهن جنرل ضياءَ هوائي جهاز جي حادثي ۾ مري ويو.
    پنجون گهارو 25 ۽ 26 آگسٽ جي وچ واري رات اسور مهل 2010ع ۾ سجاول تعلقي جي ڳوٺ ڪوٽ عالمون وٽ پيو. مٿي ڄاڻايل سڀ گهارا صرف هڪ ضلعي سجاول ۾ پيا ۽ پاڻي جي سڀني کان وڌيڪ کوٽ به هميشه سجاول ضلعي اندر ئي هوندي آهي. پنجاب پنهنجي عددي اڪثريت ۽ فوج ۾ هڪ هٽي ڪري پاڪستان جي ٻين سڀني صوبن سان پنهنجي من ماني سان هلي ٿو. جيئن ته ٻين صوبن ۾ ايڏي دولت ڪانهي پر سنڌ ۾ ٻه وڏا بحري بندر هڪ ڪراچي ڪياماڙي بندر ۽ ٻيو بن قاسم بحري بندر آهي. ٻن ضلعن ٿر ۽ ڄام شورو کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ فصل ٿين ٿا. ٿر ۾ ڪوئلو ۽ ڄام شوري ضلعي جي زمين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾هئڻ ڪري تمام وڏي اهميت رکي ٿي. ڪراچي حيدرآباد نوري آباد ۾ تمام وڏي انڊسٽري هئڻ ڪري ۽ سڄي سنڌ ۾ شگر ملن، ڪاٽن فيڪٽرين، آئيل ملز ۽ رائس ملن هئڻ ڪري سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رستن جو وڏو نيٽ ورڪ ۽ سنڌو دريا مٿان پلين جو هڪ ڄار هئڻ ڪري باقي صوبن لاءِ سنڌ ڄڻ ته دبئي ٿي پئي آهي. پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ ايترا ماڻهو آباد ڪونه آهن جيترا ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ ۾ آباد آهن. سن 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ ٻاهٺ سيڪڙو سنڌي، ارڙهن سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ سوا پنج سيڪڙو پنجابي ڳالهائيندڙ ٻه سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ ماڻهو آباد آهن. اردو ڳالهائيندڙن جو آدمشماري ۾ تعداد ارڙهن سيڪڙو آهي، پر هو نوڪرين توڙي سنڌ جي دولت جي هر شئي جو پورو اڌ ٿا گهرن. اها به حقيقت آهي ته ڪراچي ۾ نوي سيڪڙو پرائيويٽ ڪمپنين جي نوڪرين تي پاڻ قابض آهن، ڪراچي ۾ مرڪزي، صوبائي توڙي لوڪل گورنمينٽ جي نوڪرين جي پنجاسي کان نوي سيڪڙو تي اهي اردو ڳالهائيندڙ مهاجر قابض آهن. جيڪي مختلف قومن جا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ رهن ٿا ته انهن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي. اهو اختلاف جو پهلو بلوچستان اندر بلوچن ۽ پٺاڻن توڙي پنجابين ۽ سرائڪين وچ ۾ آهي. پنجاب ۾ پنجابي ۽ سرائڪي وچ ۾ آهي، خيبر پختون خواه اندر پختونن، هندڪو ۽ هزاروي وارن ۾ آهي، پر ات تعليم جو تناسب ايڏو هيٺ مٿي ڪونهي جيترو سنڌ ۾ آهي. اردو ڳالهائيندڙ مهاجر گهڻو ڪري شهرن ۾ ٿا رهن ۽ سنڌي گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ ٿا رهن. پر هاڻ البت سنڌين جو لکيل پڙهيل ملازم ماڻهو شهرن ۾ آباد پيو ٿئي. ٻهراڙي ۾ بي روزگاري سبب پڙهيل سنڌي نوجوان روزگار خاطر شهرن ڏانهن وڃي رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ويهن ٽيهن سالن ۾ سنڌين جي شهرن ۾ آدمشماري اڌو اڌ ٿي ويندي هڪڙو ته سنڌي ٻين قومن کان ٻار وڌيڪ ٿا پيدا ڪن. سنڌ ۾ رهندڙ سڀني غير سنڌين جي سنڌين جي باري ۾ هڪ ئي ساڳي راءِ آهي. شيخ مجيب الرحمٰن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سياسي ناانصافين جي باري ۾ مختصر طور لکيو آهي سندس آتم ڪٿا اڻپوري لکيل آهي. ۽ اها جنرل ايوب جي مارشل لا کان اڳ جي لکيل آهي، پر پڙهڻ وٽان آهي. پاڻ لکي ٿو ته مسلمان يا مسلم ليگ بنگال ۾ ڪو جلسو ڪندا هئا، ته هندو ڪانگريسي شهر ۾ هڙتال ڪري ڇڏيندا هئا. ڇو ته شهرن ۾ دڪان گهڻو ڪري هندن جا هوندا هئا، (ص 80 اردو ايڊيشن) ٻئي هنڌ لکي ٿو ته اسان مسلمان هندن کي پنهنجن گهرن ۾ وٺي ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪو اسانجو هم ڪلاس هندو ڇوڪرو ڀلپ ۾ اسان کي سندن گهر وٺي ويندو هو ته اسان جي وڃڻ بعد اهي هندو پنهنجو سڄو گهر ۽ گهر ۾ رکيل هر شئي کي ڌوئي سندن عقيدي موجب پاڪ ڪندا هئا. پاڻ لکي ٿو ته سن 1946ع واري اليڪشن سمورن مسلم اڪثريتي صوبن ۾ فقط بنگال ۾ ئي مسلم ليگ کٽيو ۽ ات مسلم ليگ جي حڪومت ٺهي. حسين شهيد سهروردي بنگال جو وزيراعليٰ ٿيو. پنجاب ۾ غير مسلم ليگ مخلوط حڪومت جو وزير اعليٰ خضر حيات ٽوانه ٿيو. سنڌ ۾ غير مسلم ليگ مخلوط حڪومت ٺهي جتي الله بخش سومرو وزيراعليٰ ٿيو. صوبي سرحد هاڻوڪي ڪي پي ڪي ۾ ڪانگريس اڪثريت سان کٽيو ۽ ات ڊاڪٽر خان صاحب ڪانگريس حڪومت ٺاهي. انهي کانپوءِ مسلم ليگ پنهنجي صوبائي ۽ مرڪزي ڪائونسلن جو اجلاس دهليءَ ۾ منعقد ڪيو. اسين ات ريل گاڏي ۾ وياسين. اسان سان اردو ڳالهائڻ وارو ماڻهو ڪونه هو. جيڪو جت ريل گاڏي بيهي ته ات اردو ۾ ڳالهائي، پوءِ اسان مس مس هڪڙو اهڙو ماڻهو هٿ ڪيو جيڪو ريل گاڏي بيهڻ دؤران اردو ۾ ڪجهه ڳالهائيندو هجي. پاڻ اهو ڪونه لکيو اٿس ته پاڪستان ٺهڻ ۾ وڏي ۾ وڏي قرباني بنگال ڏني، پر آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان جي ٺهڻ ۾ گهڻي ۾ گهڻي رتو ڇاڻ بنگال ۽ بهار ۾ ٿي. پاڻ لکي ٿو ته پاڪستان ٺهيو ته هاڻ بنگال جي جڳهه تي ڦري ايسٽ پاڪستان ٿيو. يعني بنگال جو نالو ئي ختم ٿي ويو. اسان بنگال ۾ سئو سيڪڙو بنگالي ٻولي ڳالهائيندڙن کي چيائون ته هاڻ توهان کي قومي ٻولي بنگالي نه پر اردو آهي. پاڻ لکي ٿو ته ڄڻ اسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي!
    ”ڏکي توءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهڙا!“
    سو سائين جڏهن پنجابين ون يونٽ ٺاهيو، ته بنگالين اُن جي حمايت ڪئي ۽ سنڌين جي اهڙي ڏکئي وقت ۾ بنگالين مدد ڪانه ڪئي. گهڻو پوءِ شيخ مجيب الرحمٰن بنگلاديش جو وزير اعليٰ ٿيو ۽ سندس ڌيءَ شيخ حسينه واجد ملڪ جي ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿي آهي. سندس آتم ڪٿا جي صفحي 173 تي لکي ٿو ته جڏهن آئون ڍاڪا کان لاهور پهتس ته مون وٽ صرف ٻه رپيا هئا ۽ مونکي ڏاڍي بک لڳي هئي، پر مون ماني ڪانه کاڌي ۽ ٻه رپيا بچايا.
    پاڪستان جو موجوده چيف جسٽس جيڪو پنجابي آهي، تنهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ باقاعده ڪيس هلايو ۽ چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ان جو ڪنٽرول سنڌين وٽ هوندو وڌيڪ چيائين ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي پوءِ انهي جي آئيني گيرنٽي ڏني ويندي. جنهن تي سندس بينچ جي هڪ جج، جسٽس فيصل عرب ڀري ڪورٽ ۾ چيو ته ڀاشا ڊيم تي پنجاب، سنڌ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواھ صوبن جي رضا مندي آهي ته پهريائين اهو ڀاشا ڊيم ٺاهيو. پوءِ ٻيون ڳالهيون ڪريو. ڀاشا ڊيم جو نواز شريف مشرف ۽ آصف زرداري يعني ٽنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي دؤر حڪومت ۾ سنگ بنياد رکيو هو. ڀاشا ڊيم جي سنگ بنياد رکڻ واري پهرين تقريب کي ويهارو کن سال ٿي ويا آهن، پر پنجاب اهو ڀاشا ڊيم ٺاهڻ ڪونه ٿو ڏي. سو ڪونه ٺهندو، جيتوڻيڪ منگلا ڊيم جي گنجائش اڳوڻي کان ٻيڻي ڪئي وئي آهي. پر منگلا ڊيم جي پاڻي کي پنجاب کان سواءِ ٻئي ڪنهن به صوبي کي آبپاشي جي مقصد لاءِ هڪ ڦڙو به ڏنو ڪونه ويندو. جيتوڻيڪ ٻين صوبن مان نڪرندڙ ڪوئلو، گيس، پيٽرول ۽ پورٽن کي پنهنجي ارھ زوري سان پنجاب ئي استعمال ڪري رهيو آهي. پوءِ ڪو ان جي خلاف رڙيون ڪري ٿو ته سالن تائين انهي شخص کي بي دريافتو گم ڪريو ڇڏين جڏهن ته ان جي واپسي تي به نه داد نه فرياد! ته توهان هيترا سال ڪيترن ماڻهن کي ڪيس هلائڻ کان سواءِ ڇو ڪنهن قانوني چاره جوئي کان سواءِ نظر بند ڪري رکيو.
    ٻيو گريٽر ٿل ڪيئنال چشمه جهلم لنڪ ڪينال ٺاهي سڄي پنجاب کي پاڻي پهچائي ڇڏيو اٿن. هاڻ پنجاب گهڻو ڪري سڄو آباد آهي. مٿيان ٻئي پروجيڪٽ مرڪزي حڪومت جي بجيٽ مان ٺهيا هينئر به سي پيڪ مرڪزي حڪومت ۽ پنجاب جي حڪومت جي تقريباً سموري بجيٽ صرف هڪ ئي صوبي پنجاب تي خرچ ٿي رهي آهي سنڌ ۽ بلوچستان مان هر روز ماڻهو کنڀي گم ڪيا پيا وڃن. انهن مان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ واپس ٿا اچن، نه ته گهڻو ڪري سنڌ توڙي بلوچستان کي سندن چچريل لاش ئي واپس ٿا ملن. وري هاڻوڪو چيف جسٽس، جيڪومشرف جي مارشل لا لڳڻ وقت قسم کڻي جج ٿيو، هو تنهن فرمايو ته ڪالا باغ کي آئيني تحفظ ڏنو ويندو. ته جيئن سنڌ ۽ خيبر پختونخواه صوبي جو استحصال نه ٿئي. تنهن تي ڪورٽ ۾ اعتزاز احسن چيف جسٽس کي جواب ڏنو ته سائين توهانجي آئين کي ئي آئيني تحفظ حاصل ڪونهي، هر ڏهين سالا ٿي مارشل لا لڳي ۽ آمر ضياء هميشه چوندو هو ته آئين ته چند ڪاغذن جو مجموعو آهي ۽ ٻيو ڪجه به ڪونهي. آئون جڏهن چاهيان ته انهي کي ڦاڙي اڇلائي ڇڏيان. سو توهان ڪهڙي آئين جي ٿا ڳالهه ڪريو.؟ جڏهن چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ڪرسي تي هوندا آهن تڏهن سندن ٻولي ئي ٻي هوندي آهي، پر جڏهن رٽائر ٿي وري به پاور ۾ اچڻ جي شوق ۾ سياسي پارٽي ٺاهيندا آهن. ته ان وقت سندن پارٽي ۾ سندن گهر ڀاتي به شامل ڪونه هوندا آهن. انهي جو مثال سابق چيف آف اسٽاف اسليم بيگ جي پارٽي، اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ملڪي صدر جنرل مشرف جي پارٽي، اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان افتخار چوڌري جي پارٽي، ايٽمي سائنسدان قدير خان جي پارٽي. ماڻهن کي خبر به ڪانهي ته هنن جي پارٽي جو نالو ڪهڙو آهي، پر جڏهن اهي ڪرسين تي هوندا آهن تڏهن ڪهڙي نه فرعونيت سان حڪم هلائيندا آهن.
    ذڪر پي ٿيو ته شيخ مجيب الرحمان پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪهڙا نه حيرت انگيز انڪشاف ڪيا آهن. اهڙي طرح سان مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين به پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڏاڍا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. پاڻ ڪجهه وقت ملڪ جو وزير اعظم به ٿيو، پر پاڻ ملڪ ۾ اليڪشن جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ” سچ تو يي هي“ جي صفحي 324 تي لکي ٿو ته 2008ع واري اليڪشن ۾ ڳڻپ کان گهڻو اڳ ان وقت جي صدر جنرل مشرف فون ڪري چيو ته توهان انهن سيٽن تي اعتراض نه ڪجو، مون کيس چيو ته اڃا ته ووٽن جي ڳڻپ به شروع ڪانه ٿي آهي. توهان ان کان اڳ ۾ اليڪشن جو نتيجو ڪيئن ٿا ٻڌايو؟ اليڪشن جي رزلٽ اچڻ بعد مون هڪ موقعي تي جنرل مشرف کان اڳواٽ رزلٽ جي ڪهاڻي پڇي ته پاڻ آئين بائين شائين ڪرڻ لڳو. اهڙو انڪشاف ڪيترن ئي ٻين ليکڪن پنهنجي آتم ڪٿائن ۾ ڪيو آهي. خود بينظير ڀٽو به پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته فوج جنهن کي به گادي تي ويهارڻ چاهيندي آهي، انهي کي ويهاريو ويندو آهي. هي اليڪشنون صرف ڏيکاءِ هوندو آهي. چوڌري شجاعت، محمد خان جوڻيجو ۽ جنرل ضياء جي فوج ۾ اختلافن جي باري ۾ سندس آتم ڪٿا جي صفحي 92، 93، 94 ۽ 95 تي ڇرڪائيندڙ ڳالهيون لکيون آهن. هڪ ته محمد خان جوڻيجي وزير اعظم ٿيڻ شرط قومي اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ دوران جنرل ضياء کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا اعلان ڪيو ته جمهوريت ۽ مارشل لا گڏو گڏ ڪونه هلندا ۽ آئون 31 ڊسمبر 1985ع تي مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان ٿو ڪيان. ٻيو اهو حڪم جاري ڪرڻ ته فوجي جنرل به هاڻ اٺ سئو سي سي ڪارون استعمال ڪندا ٽيو ته جنرل ضياء جي خاص ماڻهو سيڪريٽري اطلاعات جنرل الرحمان، وزير خارجه، صاحبزاده يعقوب علي خان ۽ وزير خزانه محبوب الحق کي وزارتن مان ڪڍڻ، ڊائريڪٽر انٽيلجنس، ميجر جنرل آغا نيڪ محمد کي نوڪري مان ڪڍڻ، چوٿون ته بينظير ڀٽو کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ. پنجون ته جنرل ضياء جي مرضي جي خلاف، افغانستان بابت جنيوا ۾ معاهدو ڪرڻ. انهي بابت لکي ٿو ته جنرل ضياء اسان سڀني کي ايوان صدر ۾ گهرائي ڪاوڙ مان اهڙي ڌمڪي ڏني، جو پاڻ خود صوفي تي بيلنس نه رکي سگهيو ۽ صوفي تان پٽ تي ڪري پيو. ڇهون ته جنرل ضياء چين جي دؤري تي ٿي ويو، ته پاڻ سان ٻه سرڪاري ڦوٽو گرافر وٺي ٿي ويو ۽ ڪجهه قالين به کڻي وڃڻ ٿي گهريو، انهيءَ تي محمد خان جوڻيجي، وزير اعظم طور حڪم جاري ڪيو ته جنرل ضياء دؤري دؤران هڪ فوٽو گرافر وٺي وڃي قالينن جو تعداد به گهٽائي اڌ ڪري ڇڏيو. تنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي ضياء چوڌري شجاعت کي چيو ته وزيراعظم ڄاڻي واڻي مون کي بي عزت پيو ڪري، انهي کان به وڌيڪ مزيدار هيءَ ڳالهه ته ايوان ۾ صدر ۾ هڪ مالهي، جيڪو ٽيهن سالن کان اتي باغ ۾ ڪم ڪندو هو، جنرل ضياء انهي مالهي جي نوڪري ۾ ايڪسٽينشن لاءِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي ليٽر لکيو ته ان جي جواب ۾ جوڻيجي لکيو ته ”نو“ آئون هڪ ڏينهن ايوان صدر ويس ته جنرل ضياء مونکي سخت ڪاوڙ ۾ چيو ته توهانجو وزيراعظم به عجيب ماڻهو آهي. ڇا آئون هاڻي پنهنجي مرضي سان ايوان صدر ۾ هڪ مالهي به رکي نٿو سگهان” صفحي 92 تي لکي ٿو ته ڏھ اپريل 1988ع تي راولپنڊي جي اسلح ڊپو ۾ زبردست ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هزار کن ماڻهو مري ويا ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا. اهو اسلح خانو ”اوجڙي ڪيمپ“ جي نالي سان مشهور هو انهي واقعي ۾ وفاقي وزير پيداوار ۽ سندس وڏو پٽ زاهد خاقان عباسي هڪ ميزائيل لڳڻ ڪري موت جو شڪار ٿيا. چوڌري شجاعت هن واقعي بابت 3 رايا ٿو ڏي. هڪ اهو ته هي واقعو انڊيا ۽ روس ڪرايو، ٻيو اهو ته هي واقعو خود به خود ٿيو ٽيو ته آمريڪا طرفان پاڪستان کي ڏنل اسٽنگر ميزائيل جي پاڪستان طرفان غير قانوني وڪري کي لڪائڻ لاءِ اسان جي ايجنسن اهو دردناڪ واقعو ڪرايو. وزير اعظم محمد خان جوڻيجي انهي واقعي جي انڪوائري لاءِ ڪابينا جي هڪ انڪوائري ڪاميٽي ٺاهي، پر جيسين اها ڪاميٽي انڪوائري رپورٽ پيش ڪري، انهي کان اڳ جنرل ضياء آئين جي شق نمبر 58/2-B کي پهريون ڀيرو استعمال ڪندي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي وفاقي حڪومت سڀ صوبائي حڪومتون ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبليون ۽ سينيٽ ٽوڙي ڇڏيون.
    انهي ڏس ۾ منهنجو ذاتي رايو آهي ته جيڪڏهن محمد خان جوڻيجي کي سندس حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو کٽڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها. بهرحال محمد خان جوڻيجي به جنرل جي ورديءَ ۾ هوندي، جنهن مان ۽ شان سان حڪومت هلائي، انهي جو به ڪو مثال ڪونهي! جوڻيجو هن کان اڳ ڪنهن پارٽي جو سربراھ ڪونه هو ۽ نه ڪڏهن هن پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي. سڄي عمر پيرپاڳاري سان گڏ رهيو. پر آخر ۾ هن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياء جنهن ڀٽي جهڙي عظيم ماڻهو کي پنهنجي ڪينگرو ڪورٽن ذريعي قتل ڪرائي ڇڏيو، انهي جنرل سان جهڙي نموني مهاڏو اٽڪائي حڪومت ڪئي، تنهن جو ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. سڀاڻي 31 جنوري آهي آئون انهي تاريخ تي سن 1945ع ۾ اباڻي ڳوٺ ٻني ۾ ڄائو هوس. انهي تاريخ موجب منهنجو برج دلو اڪئاريئس منهنجي برج بابت ڪتابن ۾ ڪجهه هن طرح لکيل آهي ته اهو پنهنجي دؤر کان اڳتي سوچيندڙ ماڻهن جو برج آهي، عنصر هوا، علامت پاڻي کڻڻ وارو دلو آهي. برج دلو سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ اصليت ۽ انفراديت ۾ گهٽ هڪ نسل اڳتي هوندي آهي. تنهن ڪري هنن ماڻهن کي سمجهڻ ٿورو ڏکيو هوندو آهي. هن برج وارا ماڻهو حال بجاءَ مستقبل ۾ گهڻو هوندا آهن ۽ دور انديش هوندا اهن ۽ هر شئي جو تجزيو سائينسي انداز ۾ ڪندا آهن. هي آزاد ۽ غير روايتي هوندا آهن. دلو برج وارا ماڻهو انسان دوست مثاليت پسند، عقل، دليل ۽ سبب جا قائل هوندا آهن. هي آزاد رهڻ ۽ آزادي سان سوچڻ جا قائل هوندا آهن. هنن تي پابنديون نٿيون مڙهي سگهجن. هو يار ويس قسم جا ماڻهو هوندا آهن. سندن بنيادي سوچ انسان دوست سيڪيولر ۽ لبرل هوندي آهي. هي ماڻهو وسيع النظر ۽ وسيع ذهن جا مالڪ هوندا آهن. هنن جي زندگي اوچتو ٿيندڙ واقعن سان ڀريل هوندي آهي ۽ هنن سان ڪنهن به وقت ڪو به واقعو ٿي سگهي ٿو ۽ ايترو اوچتو جو هنن سان گڏ رهندڙ ۽ لاڳاپيل ماڻهو به حيران ٿي وڃن! هي ماڻهو وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ ئي ٻين ماڻهن تي ڀروسو ڪندا آهن. سندن ياداشت ڪمزور هوندي آهي. يورنيس سيارو خلا ۽ اليڪٽرانڪس تي حڪمران آهي. برج حوت جو دور حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پهرين شروع ٿيو ۽ 1959ع ۾ ختم ٿيو. سن 1940ع کان برج دلو جو دور شروع ٿيو. هن دؤر شروع ٿيڻ سان خلا ۾ تحقيق ۽ اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿي رهندي. برج دلو جو هي دور تقريباََ اڍائي هزار سال جاري رهندو. هن دؤر ۾ انسان خلائي تحقيق، خلائي ٽيڪنالاجي، اليڪٽرانڪس ۽ ڪميونيڪيشن ۾بيپناھ ترقي ڪندو. هن دؤر ۾ اوچتو وڏا وڏا واقعا به رونما ٿيندا. ڇو ته يورنيس گرھ اوچتو تبديليون ۽ غير متوقع واقعن کي جنم ڏيندڙ گرھ آهي. برج دلو بنيادي طور تي انسان دوست برج آهي تنهن ڪري اڳتي هلي انسانن ۾ سهپ ۽ انسانيت جو عنصر به وڌندو، برج جوزا جو حڪمران گرھ عطارد ذهن تي حڪمران آهي. برج دلو وارن ماڻهن جي منفي خاصيتن ۾ جذبات ۽ احساسن جو گهٽ هجڻ، صرف دماغ کان ڪم وٺڻ آهي. هي ماڻهو جذباتي لحاظ کان ٿڌا هوندا آهن. ڇو ته هن جو دماغ دل تي مڪمل طور حاوي هوندو آهي. تنهن ڪري هنن ماڻهن ۾ جذباتي ۽ احساساتي گرم جوشي جي کوٽ هوندي آهي. محبت جي معاملي ۾ جذباتي ۽ احساساتي گرم جوشي جو هجڻ ضروري آهي. اهو ان ڪري ٿيندو آهي.جو سندن حڪمران گرھ، يورينس صرف دماغ يا ذهن جو حڪمران آهي. تنهن ڪري دلو برج وارا ماڻهو جذبن ۽ احساسن جي لحاظ کان ٿڌا هوندا آهن. برج دلو جو دؤر جيئن شروع ٿيو، ته اهي ڳالهيون جيڪي جذبات ۽ احساسات سان تعلق رکن ٿيون، دماغ ۽ ذهن جي هن دؤر جي شروع ٿيڻ سان، گهٽ اهميت اختيار ڪري ويون، شاعري انسان جي جذبن ۽ احساسن جي زبان آهي، اها انسان جي اندر مان لفظن جي صورت ۾ ڦُٽي نڪري ٿي ۽ اها جڏهن انسان جي ڪنن تي پوي ٿي تڏهن انسان جي جذبن ۽ احساسن جي تسڪين ٿئي ٿي. شاعري ڪا غير حقيقي صنف نه آهي. اها هڪ روحاني ۽ غير مادي حقيقت آهي، ٽيڪنالاجي جذبن ۽ احساسن کي ڌڪ هنيو! بقول شاعر:
    ہے زندگی کا موت مشینوں کی حیات
    اهو ئي سبب آهي، ته دماغ جي حاوي ٿيڻ ۽ احساسن ۽ جذبن جي ٻوسٽ ڪري دماغ ۽ دل جون بيماريون وڌيو آهن. برج دلو وارا ماڻهو پراڻين شين جي جڳهه تي نيون شيون آڻڻ چاهيندا آهن. پراڻي نظام جي خلاف جديد ترين نظام، پوءِ اهو سائينسي، اقتصادي، سماجي يا سياسي هجي، آڻڻ جا قائل هوندا آهن. برج دلو وارا ماڻهو خود سر ۽ باغي ذهن جا مالڪ هوندا آهن، پراڻن ۽ فرسوده نظامن جي خلاف باغي نظريا ۽ رويا رکندڙ هوندا آهن. هنن ماڻهن کي پنهنجي رويي احساسن ۽ جذبن ۾ گرمجوشي پيدا ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. برج دلو وارن ماڻهن جا بهترين دوست جوزا ۽ ميزان برجن وارا ماڻهو هوندا آهن. سندن بهترين شريڪ حيات پڻ ميزان ۽ جوزا برجن واريون عورتون ٿينديون آهن. سندن بهتر دوست ۽ شريڪ حيات حوت، جدي، حمل ۽ قوس برجن وارا مرد عورتون ٿينديون آهن. دلو برج وارن ماڻهن جا غير يقيني دوست عقرب، اسد ۽ ثور برجن وارا ماڻهو هوندا آهن. برج دلو وار اماڻهو برج سرطان، اسد ۽ سنبله جي جنس مخالف ۾ مقناطيسي ڪشش محسوس ڪند اآهن ۽ انهن سان شادي به بهتر رهندي اٿن. برج دلو واريون اهم شخصيتون فرانسز بيڪن، چارلس ڊارون، ٿامس ايڊيسن، گليلو، ابراهم لنڪن، رونالڊ ريگن، لارڊ بائرن، پروفيسر عبدالسلام، هٽلر، فيض احمد فيض، اداڪاره پريٽي زنٽا، اداڪاره ارميلا جو به اسٽار آهي. جهڙي طرح سان آئون ٻين ڪافي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن تي يقين ڪونه ڪريان تيئن آئون هٿ جي لڪيرن سان ماڻهو جي ڀاڳ ۽ نڀاڳ واري تصور کي به نه مڃان، ڪيترا غريب مسڪين ماڻهو جن جي هٿن تي به اهڙيون ئي ريکائون ۽ لڪيرون هونديون. جهڙيون لڪيرون وارن بفيٽ، بل گيٽس، ڪارپولوس، مڪيش امباڻي، عظيم پريم جي، محمد منشا ۽ ملڪ رياض جي هٿن ۾ هونديون پر:
    دل کے بھلانے کے لئے غالب خیال اچھا ہے۔


    10

    ٻارن هن سال منهنجي سالگرھ جو پروگرام انٽرڪانٽينينٽل جي چاندني روم ۾ ملهائڻ جو پروگرم ٺاهيو. ان وقت منهنجو وڏو پٽ نورمحمد ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هو، جيڪو سياري واري وئڪيشن ڪري ڳوٺ هو. ۽ منهنجي وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر پارس جيڪا ان وقت سينٽ ميري اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندي هئي سا به ڳوٺ آيل هئي، باقي ٻار ٻني ۾ ئي پڙهندا هئا. سپي صرف هڪ سال جي ڄايل هئي ۽ پرھ ٽن سالن جي هئي، جيڪي اڃان اسڪول ۾ ڪونه پڙهنديون هيون. هي 1988ع سال جي ڳالهه آهي. يعني اڄ کان ٽيهه سال اڳ. ان جي معنيٰ ته مونکي اڃان به پنهنجي ٽيهن سالن جي زندگي جو احوال لکڻو آهي. جيڪو آئون سمجهان ٿو ته هڪ ٻه جلد ٻيا به ٿي ويندا. هي منهنجي آتم ڪٿا جو چوٿون ڪتاب آهي. جيڪر سڀ جلد ملائجن ته
    اسان پنڌ پرين ڏي 176صفحا، سنڌي شاگرد سياست 172صفحا (هي منهنجي پڙهائي دوران منهنجي زندگي جو انهي دور جو احوال آهي.) ڪيڏي نه مختصر زندگي 191 صفحا، ۽ هي ڪتاب هڪ ٻي زندگي جي تمنا جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي 176 صفحا، ٽوٽل 715 صفحا.
    يعني باقي ٽيهن سالن جي زندگي جو احوال جيڪو صرف ٽي سئو صفحا ٿين ته اهي ڪل ٿيا هڪ هزار صفحا يعني صرف منهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب هڪ هزار صفحا ٿي ويو. انهي کانسواءِ پندرهن ڪتاب سفرنامن جا ۽ جيڪي به ٽي هزار کن صفحا ٿيندا ۽ ٻيا هيسيتائين ڇپيل ست ڪتاب ڏهاڪو کن ۽ ٻيا لکيل پر اڻ ڇپيل ڪتاب جيڪر سڀني کي جوڙ ڪجي ته آئون سمجهان ٿو ته منهنجا لکيل ۽ اڻ لکيل ڪتابن جا ست هزار کن صفحا ٿي ويندا. مونکي خوشي آهي ته سنڌي زبان ۽ ادب جي مون به پهچ آهر ڪجهه خدمت ڪئي ۽ ائين يوسف جي خريدارن جي لسٽ ۾ مڙئي شامل ٿي وياسين.
    جي هر پڙهيل لکيل سنڌي پنهنجي وت آهر ڪجهه نه ڪجهه لکي پڙهي ته سنڌي قوم ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. جيڪو ڪم هڪ انسان ڪري سگهي ٿو سو هر انسان ڪري سگهي ٿو. جيڪر ماڻهو صرف هڪ صفحو روزاني لکي ته به سڄي سال ۾ ٽي سئو پنجهٺ صفحا لکي سگهي ٿو. هڪ صفحي لکڻ ۾ صرف ٽي يا چار منٽ لڳن ٿا ۽ آئون سمجهان ٿو ته هاسٽلن ۾ پڙهندڙ ٻار ۽ استاد هاسٽلن ۾ فضول ڪچهرين ۾ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو هوٽلن ۽ اوطاقن تي ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪلبن ۽ سپر مارڪيٽن ۾ ڪيترو نه فضول وقت ضايع ٿا ڪن. آئون زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڪلب جو ميمبر ڪونه رهيو آهيان.
    1958ع کانپوءِ جنهن سال آئون حيدرآباد پڙهڻ ويس ٻني جي هوٽلن تي ڪونه ويو آهيان ۽ هينئر به منهنجي گهر ٻني ۾ ٻه ٽيليوزن لڳل آهن پر هفتي ۾ ڪو اڌ ڪلاڪ مس ٽي وي ڏسندا هونداسين ۽ ائين وري سال ۾ وري ڪي ٻه ٽي فلمون ڏسندا هونداسين اهي به گهڻو ڪري عامر خان جون، پر مونکي ترڪي جا ٽي وي ڊراما ڏاڍا وڻندا آهن جيڪي آئون وڏي شوق سان ڏسان جن ۾ ” قوسم سلطان“، ”ميرا سلطان“ ۽ هينئر ارت گل وڏي شوق سان پيو ڏسان اهي ڊراما نه پر هڪ حقيقي ۽ وڻندڙ هڪ دؤر جي تاريخ جو تسلسل هوندا آهن. اهي ڊراما ته هڪ ٻئي کان وڌيڪ سٺا ۽ حقيقي لڳندا آهن. خاص ڪري ارت گل ڊرامي جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي. ۽ آئون بي بي سي ريڊيو به گهڻو ڪري هر روز ٻڌندو آهيان پر افغان جنگ، عراق، لبيا ۽ شام تي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪرسچن ملڪن جي حملن بعد اتان نشر ٿيندڙ ان متعلق پروگرامن ڏاڍي چڙ لڳندي آهي. ته ڪيئن نه مسلمان جي شاهوڪار ۽ تاريخي ملڪن کي هي عيسائي ملڪ تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. حضرت محمدﷺ جن کان ڪنهن پڇيو ته سائين توهان دمشق ڏٺو آهي ته پاڻ انهي کي جنت سان ڀيٽيندي فرمايائون ته آئون زندگي ۾ جنت صرف هڪ دفعو ڏسڻ چاهيان ٿو، يعني چوڏهن سئو سال اڳ به دمشق ايڏو ته سهڻو ۽ حسين شهر هو جو جنهن کي آمريڪا ۽ يورپ جي عيسائي ملڪن ۽ يهودي ملڪ اسرائيل کنڊر بنائي ڇڏيو آهي. هاڻ ته ايران به چئي ٿو ته ايران ۾ برساتون نه پوڻ جو وڏو سبب اسرائيل آهي. جيڪو ايراني ڪڪرن کي خشڪ ڪري رهيو آهي. جيئن ايران ۾ برساتون نه پون ۽ ڏڪار ٿئي ان جا اسان وٽ پڪا ثبوت آهن. هاڻي غير مسلمان ملڪ ته ٺهيو پر مسلمان ملڪ به اڻ سڌي طرح اسرائيل جي حمايت ٿا ڪن. جنهن ۾ سعودي عرب دبئي ۽ بحرين اسرائيل اهي حملا جيڪي هو فلسطين تي ڪري ٿو. تنهن هر حملي ۾ سوين فلسطيني عورتون ٻار ۽ مرد شهيد ٿيو وڃن. تنهن بابت اهي ملڪ چون ٿا ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي. سعودي عربستان جو ته دنيا اندر جيڪو ڪردار آهي. سو مسلمان ملڪن لاءِ باعث شرم جهڙو آهي. حضرت محمدﷺ جي وقت کان عربستان جو نالو حجاز مقدس هو سو نالو ملڪ تان لاهي پنهنجي ڏاڏي سعود جو نالو رکي سعودي عربستان عرب ڪري ڇڏيائون سڄي دنيا اندر ڪنهن به ملڪ جو نالو ڪنهن ماڻهو جي نالي پٺيان رکيل ڪونهي سواءِ سعودي عربستان جي.
    اسان سڀئي فيملي وارا ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي هوٽل فاران ۾ رهياسين ان وقت اسان جو ڪراچي ۾ گهر ڪونه هو. پر ڪراچي اسان لاءِ نئون به ڪونه هو. اسان گهر وارا ڪراچي تمام گهڻو ايندا ويندا هئاسين. اسان جا ڪجهه مائٽ ڪراچي ۾ رهندا هئا. ۽ مون پڻ ڪيترو وقت ڪراچي ايئرپورٽ تي نوڪري ڪئي تنهن ڪري اسان گهمڻ لاءِ گهڻو ڪري ڪراچي ويندا هئاسين، ۽ پڻ آئون جڏهن ملڪ کان ٻاهر گهمڻ ويندو هوس ته وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ويزا پاسپورٽ ڪرنسي ۽ ٽڪيٽ لاءِ ڪراچي ۾ اچي رهندا هئاسين. سال ۾ هڪ دفعو اسان سڄي فيملي پاڪستان جي شهرن اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، ڪوھ مري، ڀورپن، پشاور، ايبٽ آباد جوبه چڪر هڻندا هئاسين ۽ مون هميشه ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر فيملي سان ئي گهمڻ کي ترجيح ڏني آهي.
    اسان هوٽل فاران تي ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هوٽل جي بيڪري تان ئي ڪيڪ وٺي اچي چاندني روم ۾ ”هيپي برٿ ڊي“ چئي ڪيڪ ڪاٽيو. اسان رات جي ماني به هت کاڌي ۽ رات جو دير سان پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين.
    ٻي ڏيهاڙي شام لياقت ميموريل لائبرري ۾ ماهوار سهڻي جي شيخ اياز نمبر جو مهورت هو. انهي دؤر جا منهنجا سڀ ڪتاب طارق اشرف جي سهڻي پريس ۾ ڇپبا هئا. ان ڪري ان سان ڪافي ويجهڙائپ هئي اڪثر حيدرآباد اچبو هو ته ماني به سندس گهر پهريائين ناهين جي پڙ پوءِ صدر ۾ سندس پريس جي مٿان گهر ماني کائبي هئي، پاڻ ماني به ڏاڍي سٺي کارائيندو هو. پر ڪتاب ڇپڻ ۾ ڏينهن به ڪافي لاهي ڇڏيندو هو. پراها به حقيقت آهي ته جيڪر پاڻ مونکي سفرناما لکڻ تي ايڏو نه همٿائي ها ته شايد آئون ٻه ٽي ڪتابن کان وڌيڪ ڇپائي نه سگهان ها، سندس اديب هئڻ ۽ سهڻي مئگزين جو ايڊيٽر هئڻ ۽ سندس پنهنجي پريس هئڻ ڪري ماڻهو تي هڪ سائيڪلاجيڪل اثر پيو ٿئي ته هن ماڻهو جي ڪري منهنجو ڪتاب ضرور ڇپبو سو ان ناتي ڪري مونکي پاڻ سندس رسالي جي مهورت لاءِ خاص تاڪيد ڪيائين ته توهان ڪراچي سهڻي رسالي جي مهورتي تقريب ۾ ضرور اچجو پر ادي مومل کي به ضرور وٺي اچجو پر هينئر هت اسان ڪافي هئا سين. اسان هوٽل تان تيار ٿي پهريائين طارق روڊ وياسين ان دور ۾ ڪراچي گهمڻ لاءِ طارق روڊ، هل پارڪ، منوڙو، ڪلفٽن جو سامونڊي ڪنارو ۽ هاڪس بي کي پيراڊائز پوائنٽ جنهن کي اڳ اک ڦاتو به چوندا هئا ۽ قائد اعظم جو مقبرو. ڪراچي کان ٻاهر جا جيڪي به ماڻهو ڪراچي ايندا هئا سي ڪوشش ڪري اهي جڳهيون ضرور ڏسندا هئا. ڪراچي ان وقت به يعني اڄ کان ٽيهه سال اڳ ايڏو وڏو ڪونه هو جيڏو. اڄ آهي ڪراچي جي آدمشماري ان وقت ستر لک کن ٿيندي. ڇو ته 1981ع واري آدمشماري ۾ اها ستر لک کي مس پهتي هوندي.
    وڏن شهرن جون بازارون ان وقت ۽ اڄ به دير سان کلن سو اسان يارهن بجي ڌاري طارق روڊ تي وياسين ان وقت ڪراچي ۾ هندن جي مٺائي جا ٻه وڏا دڪان سڄي ڪراچي ۾ مشهور هوندا هئا. هڪ ڪلفٽن تي سوني جي نالي سان ٻيو طارق روڊ تي سن شائين جي نالي سان ۽ پڻ طارق روڊ تي هندن جي هڪ هوٽل به ڏاڍي مشهور هئي ۽ اڄ به آهي. هاڻ ته هنن جي سامهون ٻي هوٽل به هيٺ مٿي نئين شروع ڪئي آهي. ان دؤر ۾ سٺي ۾ سٺيون هوٽلون جنهن ۾ چائنيز، ٿائي ۽ پاڪستاني هوٽلون، سٺي ۾ سٺا دڪان ۽ سپر مارڪيٽون، ڪتابن جا دڪان، صرف طارق روڊ تي هونداهئا. پر اڄ اهي سڀ ٻين جڳهن تي شفٽ ٿي ويا آهن.
    اسان سن شائين تان مٺائي خريد ڪري اچي هڪ چائنيز هوٽل ۾ ماني کاڌي ان دؤر ۾ ڪراچي جي سٺي ۾ سٺي هوٽل جو نالو هو نان ڪنگ Nan King هي هوٽل ٻنپهرن جو ٻارهن بجي کلندي هئي ۽ ساڍي ٽين بجي بند ٿي ويندي هئي. هڪ دفعو آئون ٻين دوستن سان گڏ ماني کائي رهيو هوس ته مون هندستان جو ان وقت جو مشهور فلمي هيرو شترو گهن سنها به ات لنچ ڪندي ڏٺو.ساڻس گڏ ان وقت جي مشهور فلمي هيروئن ساريڪا به گڏ هُئي ان دؤران شتروگهن سنها ۽ فيروزخان جو پاڻ ۾ جهيڙو هلي رهيو هو ۽ شتروگهن سنها جي غنڊن هن جي گهر تي به وڃي فائرنگ ڪئي هئي. پاڻ هاڻ ڪافي وقت کان فلمن مان آئوٽ ٿي ويو آهي پنجن ستن سالن کان هن جي ڌي سوناڪشي سنها فلمي دنيا ۾ آئي ۽ اڄ ڪلهه فلمن جي ٽاپ هيروئن ۾ شامل آهي. هن کي پهرين دفعو فلمن ۾ سلمان خان فلم دبنگ ۾ هيروئن طور متعارف ڪرايو هيو. هاڻ هوءَ ٽاپ جي هيروئن پريانڪا چوپڙا، پنڊڪون، ڪرينا ڪپور، انوشڪا شرما سان برابري ۾ اچي رهي آهي.
    اسان ماني کائي پوءِ ڪتابن جي دڪان تان ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا ۽ ٻارن به هلڪي ڦلڪي خريداري ڪئي تنهن پڄاڻِي اسان پنهنجي رهائش جي هوٽل تي اچي تيار ٿي پوءِ اسان لياقت لائبرري روانا ٿياسين جت طارق جي رسالي سهڻي جي شيخ اياز نمبر جو مهورت هو. هن مهورتي تقريب ۾ شيخ اياز، طارق اشرف، سراج ميمڻ ۽ ٻين ڪافي اديبن شرڪت ڪئي. ۽ ماڻهو به ڪافي تعداد ۾ شريڪ ٿيا هئا اسان به هن تقريب جي پڄاڻي کان پوءِ بندو خان جي هوٽل تي اچي ماني کاڌي ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ به ڪراچي شهر ۾ هي هوٽل باربي ڪيو جي کاڌن جي ڪري ڏاڍي مشهور هئي. ماڻهو مرينا بار ۽ ٻين نائٽ ڪلبن مان ڪچهريون ڪري پوءِ هتي اچي ماني کائيندا هئا. مون ڪيئي دفعا هت سنڌي اردو اديب، ائڪٽر ۽ شوبز جا ماڻهو ڏٺا. جنهن ۾ طارق عزيز نيلام گهر وارو ۽ مشهور اردو شاعر فيض احمد فيض ۽ معين اختر مون ڪيترا دفعا هت ڏٺا، پر اڄ اُت انهي هوٽل جو نالو نشان ئي ڪونهي ۽ انهي ڪيٽيگري جي ماڻهن جو هاڻ رخ سمنڊ ڪناري دو درياء تي قائم هوٽلن ڏانهن ٿي ويو آهي. پر شايد هاڻ اهي هوٽلون به اتان ختم ٿي ويون آهن. اسان ماني کائي اچي پنهنجي هوٽل تي آرامي ٿياسين.
    ٻئي ڏهاڙي اسان ٻارن کي وٺي کين منوڙي جو ٻيٽ ۽ سمنڊ گهمائڻ وياسين. مون 1978ع ڌاري هت سي پورٽ تي ڪجهه وقت اميگريشن آفيسر طور ڊيوٽي ڪئي، پر بابا سائين جي وفات ٿيڻ شرط نوڪري تان استيعفيٰ ڏئي اچي ڳوٺ پنهنجي ٻني جي سنڀال ڪيم، اسان پنهنجي گاڏي سي پورٽ وٽ بيهاري لانچ ۾ چڙهي منوڙي ڏانهن روانا ٿياسين. اسان سان گڏ ٻيا به مسافر هئا. جڏهن پهرين دفعو انسان گهوڙي جي پٺيءَ تي ويٺو ته دنيا ان لاءِ تمام ننڍي ٿي پئي . سالن جا سفر مهينن ۾ ۽ مهينن جا سفر ڏينهن ۾ تبديل ٿي ويا. ۽ سڪندر بادشاھ يونان جي هڪ صوبي مقدونيا کان سڄي دنيا فتح ڪندي نيٺ آخر ۾ سنڌ مان ئي ٿيندو واپس پنهنجي ملڪ يونان ويو. ۽ اهڙي طرح جڏهن انسان پهريون ڀيرو ٻيڙي ٺاهي ته پاڻ خشڪي سان گڏ دريائن ۽ سمنڊن کي پار ڪندو هڪ دنيا کان ٻي دنيا تائين. هڪ بر اعظم کان ٻي بر اعظم تائين ۽ هڪ کنڊ کان ٻي کنڊ تائين پهچي ويو. جڏهن سڄي دنيا پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙيائين ته خبر پيس ته دنيا گول آهي ۽ سج جي چوگرد ڦري ٿي. ۽ تڏهين ئي ڏينهن ۽ رات ٿين ٿا ۽ سيارو ۽ اونهارو ٿئي ٿو. منهنجو پنهنجو رايو آهي ته انسان جي گهوڙي جي پٺي تي چڙهي سڄي دنيا نه ڏسي ها ۽ ٻيڙي ۾ چڙهي درياء ۽ سمنڊ نه جهاڳي ها ته شايد هي اڄوڪو عروج به ماڻي نه سگهي ها ۽ هاڻ ته نيٺ چنڊ به سندس پيرن هيٺيان اچي ويو.
    اسان جي ٻيڙي ايڏي وڏي ڪانهي، جنهن ڪري سمنڊ جي لهرن ۾ لڏي لمي اڳيان وڃي رهي آهي. منوڙي ڪياماڙي وچ ۾ هلندڙ ٻيڙين کي ناکئا ڏاڍو سينگاريندا ۽ سنواريندا آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌي هوندا آهن. 1988ع کان اڄ يعني 2018ع تائين يعني ٽيهه سال اڳ ۽ پوءِ جي ڪابه خبر ڪانهي. ٽيهه چاليهه سال اڳ ڪلفٽن سمنڊ تي اٺن ۽ گهوڙن وارا گهڻو ڪري سڀ سنڌي هوندا هئا. پوءِ گهوڙن وارا سنڌين جي جڳهه تي سڀ پٺاڻ ٿي ويا ۽ پوءِ ڪافي وقت اٺن وارا سنڌي هئا پر هاڻ اٺن گهوڙن جي جڳهه تي هت هٿ سان ٺهيل کليل وڏن ٽائرن واري رڪشائن ورتي آهي. جيڪي پٺاڻ آرڊر تي ٺهرائين ۽ پٺاڻ اهي گاڏيون هلائن ۽ ماڻهو به وڏي شوق سان فيميلن سان انهن تي سمنڊ ڪناري اسپيڊ سان هلن ۽ خوب مزا ماڻين ۽ هاڻ هت اٺن ۽ گهوڙن جو نالو نشان به ڪونهي. پر ڪڏهن ڪڏهن شاهوڪار ماڻهن جا ٻار پنهنجا پنهنجا گهوڙا هت آڻي پوءِ بيچ تي ڇوڪرا ڇوڪريون انهن تي چڙهن ۽ تمام تيز انهن گهوڙن کي ڊوڙائين. اهي ماڻهن جي رش کان ڪافي پري هوندا آهن.
    اسان جي ٻيڙي هلي اچي منوڙي جي ٻيٽ تي بيٺي ته اسان لهي زمين تي هلڻ لڳاسين. ات اڳ ڪلفٽن وانگر سمنڊ ڪناري سامان جهڙا سامان رکيل هوندا هئا.چند هوٽلون به هونديون هيون، پر هاڻ جي ڪابه خبر ناهي.
    منوڙي ۽ ڪراچي کي انگريزن سنڌ جي فتح کان اڳ سواءِ ڪنهن به مزاحمت جي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو هو. هت ٺهيل پراڻو قلعو ۽ لائٽ هائوس ڊاهي پاڻ هت نئون لائٽ هائوس ۽ چرچ نالي سنيٽ اينٿوني ٺهرايائون جيڪو اڄ به موجود آهي. منوڙو هن وقت مڪمل فوجي علائقو آهي. اسان ٻه ٽي ڪلاڪ هت گهمي واپس ورياسين.
    ڪراچيءَ جو ذڪر ڪجي ته مورڙي موکي ۽ متارن جو به ذڪر نه ڪجي ته اها بي واجبي ٿيندي. ڇو ته شاھ ڀٽائي به مورڙي ۽ موکي متارن جو زڪر پنهنجي شعرن ۾ ڪيو آهي. موکي متارا ۽ مورڙو سنڌ جا اهڙا ته تاريخي لوڪ داستان آهن جن تي سچ پچ ته هڪ لاجواب فلم ٺهڻ گهرجي جيئن هندستان ۾ موهن جي دڙو فلم ٺهي. مورڙو علامت آهي بهادري ۽ سورهيائپ جي. جنهن مَنڊو هوندي به ڪيئن پنهنجي ڀائرن جو انتقام ورتو ۽ سوڀارو ٿيو ۽ وري موکي متارن جو داستان به ڏاڍو وڻندڙ ۽ دلچسپ آهي. موکي نالي هڪ عورت پنهنجي ڳوٺ ۾ مسافر خانو هلائيندي هئي. اُت ڪيئن مسافر رات گذاري صبح پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا ۽ موکي جو مسافر خانو سٺي شراب ڪري به ملڪان ملڪ مشهور هو. هت پري پري جا ماڻهو موکي جي سٺي شراب مان به مزو وٺندا هئا. موکي جي انهي شراب جي چسڪي لاءِ ڏورانهين ڏيهه مان به ڪيئي مسافر ايندا رهندا هئا. جن ۾ متارا به شامل هئا. هڪ دفعو متارن کي موکي شراب ڏنو ته هنن کي ان مان ڏاڍو مزو آيو ۽ نشي صفا مست ڪري ڇڏيا. موکيءَ ڏٺو ته انهي مٽ جي تري ۾ نانگ جا ڪنڊا پيا هئا. جنهن مٽ مان هن متارن کي شراب ڏنو هو. متارن شراب جي نشي ۾ مست ٿي موکي کان ان شراب جي خاص مزي جو راز پڇيو موکي به ڊپ مان هنن کي سربستو احوال ٻڌايو ته مون هن مٽ اندر آخر ۾ نانگ جا ڪنڊا به ڏٺا آهن شايد توهان کي ان نانگ جي زهر ڪري اضافي نشو يا مزو آيو هجي چون ٿا ته اها ڳالهه ٻڌي متارا جيئن زمين تي ڪريا وري نه اٿيا. ۽ اتي ئي مري ويا. ان تي شاھ سائين هي شعر چيو ته:
    موکي چوکي نه ٿئي اصل اوچي ذات
    وٽيون ڏيئي وات متارا تنهين ماريا
    اسان جنهن وقت ڪراچي ۾ هئاسين اهو دؤر محترمه بينظير جو دؤر حڪومت هو. پر چيف آف اسٽاف جيڪو پڪو مهاجر هو. تنهن کي نه وڻي ۽ پنهنجي ملازم صدر غلام اسحاق کي آرڊر ڪيو ته هن کي نوڪري مان برخواست ڪر ان دؤر ۾ مخالف لابي ۾ اها ڳالهه هئي ته بينظير ملڪ لاءِ سڪيورٽي رسڪ آهي، تنهن ڪري توهان کي هن ملڪ ۾ جي حب الوطني ڏيکارڻي آهي ته هن نسخي تي توهان کي عمل ڪرڻو پوندو يعني:
    ٻار آرمي اسڪول ۾ پڙهايو.
    چانور ڪرنل باسپاتي کائو.
    پکا صرف جنرل جا لڳايو.
    دليه فوجي کائو.
    اڪائونٽ عسڪري بئنڪ ۾ کوليو.
    رهائش ڊفينس اختيار ڪريو.
    اڄ اسان کي واپس ڳوٺ وڃڻو هو، پر منا کي ڪجهه سامان جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ ،بندر روڊ تان وٺڻو هو. تنهنڪري پهرئين بندر روڊ روانا ٿياسين. انهي زماني ۾ ڪراچي جي روڊن تي ايتري رش ڪانه هئي. جيتري اڄ آهي. اسان بندر روڊ تي وڃي رهيا هئاسين ته پري کان ”غلام حسين خالق ڏنو هال ۽ لئبرري“ جي بلڊنگ نظر آئي، هي پراڻي طرز تعمير جي هڪ عاليشان بلڊنگ آهي. جنهن اڳيان پام ناريل جا وڏا وڏا وڻ پري کان نظر اچي رهيا آهن. هن بلڊنگ کي سڄي هندستان ۾ ان وقت وڏي شهرت ملي جڏهن 26 سيپٽمبر 1921ع تي مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي ۽ ٻين تي هن بلڊنگ ۾ بغاوت جو مقدمو هليو. جيڪو 26 سيپٽمبر 1921ع ۾ شروع ٿيو ۽ 26 آڪٽوبر 1921ع ۾ هلي ختم ٿيو، ۽ مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي کي سزا ملي. هال کي چؤطرف فوج ۽ پوليس گهيري رکيو هو. بندر روڊ تي مشين گن نصب ڪئي وئي هئي. يارهن لڳي پنجن منٽن تي ڪورٽ آڻڻ وقت هنن جي بند گاڏي اڳيان فوج ۽ پوليس جون ڪيئي گاڏيون هيون. جج ايم ايم تلاتي مولانا محمد علي جوهر کان سندس نالو پڇيو ته پاڻ چيائين ته اهو ڪيس پيپرن ۾ لکيل آهي. تنهن ڪري نالي ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. جج هن کان وڌيڪ سوال ڪونه ڪيو . سرڪاري وڪيل انگريز ٽي بي النسٽن هو ۽ سندس مدد لاءِ ٻه هندو وڪيل پارس رام ۽ تولا رام موجود هئا. مولانا محمد علي شوڪت علي نه ڪيس ۾ جرح خود ڪئي. نه ڪو پنهنجي دفعا لاءِ وڪيل ڪئو هونِ. هي ڪيس خلافت تحريڪ جي حق ۾ ڪراچي ۾ جلوس جلسو ۽ نعرا هڻڻ متعلق هو. هي جلسو 8-9-10 جولائي تي ٿيو. جج ايندو هو ته ڪجهه ماڻهو جج جي احترام ۾ اٿي بيهندا هئا. جيڪي سياسي ماڻهو هوندا هئا اهي ڪونه اٿي بيهندا هئا. انهن کي آرڊر ڪيو ويو ته جج جي اچڻ مهل جي اٿي نه بيهندا ته توهان کي ڪورٽ مان ڪڍي ڇڏيو ويندو. جڏهن هندستان ۾ خلافت تحريڪ عروج تي هئي ته ان دؤران عرب ۽ ٻين ڪيترن مسلمان ملڪن ۾ خلافت تحريڪ جي خلاف وڏيون تحريڪون هليون ته اسان هاڻ ترڪن جا غلام ٿي نٿا رهي سگهون.نيٺ ترڪيءَ جي انقلابي ليڊر ڪمال پاشا ملڪ ۾ انقلاب آڻي سڄي ملڪ تي قابض ٿي ويو. ته هن خلافت کي هيمشه هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ائين اها تحريڪ سڄي دنيا ۾ ختم ٿي وئي.
    انسان هزارين سالن کان پنهنجي سک لاءِ ڪيترن نه انسانن جو سک ٿو ڦٽائي جنهن جاتاريخ ۾ هزارين مثال آهن. ۽ ائين انگريزن به سڄي دنيا ۾ ڪيترن آزاد رياستن تي قبضو ڪري ڪن ملڪن ۾ ته هنن اصلي ماڻهن کي سڄي ملڪ ۾ ڳولي ڳولي ماريو، ۽ اڄ به انهن قومن جو دنيا ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انسانن کان سواءِ وجود ئي ڪونهي. جيئن يورپين آمريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ڪيو.
    دنيا ۾ منگولن سڄي دنيا اندر وڏا ظلم ڪيا پر ٿورو وقت ۽ هو جت قابض ٿي ويا ات ئي پنهنجو مذهب مٽائي اتي جو مذهب اختيار ڪيو. جئين عراق ۾ هو مسلمان ٿي ويا. روس ۾ هو ڪرستان ٿي ويا ۽ چين ۾ هو ٻُڌ ٿي پنهنجي اصليت هميشه هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي.
    پر يورپين جت ويا اتي ٻي نالي سان حاڪم ٿي ويا. جئين آمريڪا ۾ هو هاڻ آمريڪن ، آسٽريليا ۾ هو آسٽريلن نيوزيلينڊ ۾ هو نيوزيلنڊن آهن ته اصل ۾ يوريپين جيڪي سڄي دنيا ۾ ظلم کي قائم دائم رکيو اچن. مذهب جي لحاظ کان سڀني ملڪن جو مذهب آهي يعني عيسائيت.


    ليکڪ جا ڪتاب

    آتم ڪٿائون
    1. سنڌي شاگرد سياست ڀاڱو پهريون
    2. اسان پنڌ پرين ڏي ڀاڱو ٻيون
    3. ڪيڏي نه مختصر زندگي ڀاڱو ٽيون
    4. هڪ ٻي زندگي جي تمنا ڀاڱو چوٿون

    سفر ناما
    1. ڏوريم ڏيساوير سفر نامو
    2. هو جي وڻ ولات جا سفر نامو
    3. ڪجل ڀنل نيڻ سفر نامو
    4. اتر لڳا آءُ پرين سفر نامو
    5. ديس پرديس سفر نامو
    6. بندر مون ڏور ٿيا سفر نامو
    7. ٽوئر ٽو آمريڪا سفر نامو
    8. ٻنون ٽو ٽوڪيو سفر نامو
    9. پريان سندي پار ڏي سفر نامو
    10. ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون سفر نامو
    11. دنيا جا مشهور شهر سفر نامو
    12. ڪنواريون ۽ ڪنول سفر نامو
    13. لنڊن جا ڏينهن اسڪالينڊ جون راتيون سفر نامو
    14. اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ سفر نامو
    15. هنگري ٽو جرمني وايا پراگ سفر نامو

    تاريخ تحقيق
    1. عجائنات عالم
    2. واقعات عالم
    3. شخصيات عالم ڇپائي هيٺ
    4. Sindh for fifteen Years The Ruled
    5. تن سپون سوجهي ڪڍيون
    6. هي وري نه ورندو وڻجارو

    اڻ ڇپيل ڪتاب
    1. خاڪا (مختلف شخصيتون)
    2. سفر نامو (استنبول)
    3. مونتي لکيل مضمون
    4. آتم ڪٿا (حصو پنجون)
    5. سوئيٽزر، لينڊ اٽلي، آسٽريا سفر نامو
    6. خط


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336088
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598234
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ