ڪتاب جو نالو: جيون تنهنجي نانءِ
مصنف: وفا اسلم شيخ
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 661 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 148 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين ۽ ناوليٽ جو مجموعو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس پنج ڪھاڻيون ۽ ھڪ ناوليٽ ”چاھت جي مسافت“ شامل آھن. احسان دانش لکي ٿو:
”وفا جي هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن ۾ موجود سمورين ڪهاڻين توڙي ناوليٽ جو موضوع ”پيار“ آهي ان ڪري پيار ڪرڻ وارا سندس هن پهرين ڪتاب کي پيار جي تحفي طور ضرور قبول ڪندا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مهاڳ: پيار جيون لاءِ اتساھ
  • ٻه ٽي لفظ پيار جا
  • انتظار
  • هٿ ريکائون
  • نيڻ نشي ۾
  • حسرتون ۽ خواب
  • جيون تنهنجي نانءِ
  • جي جيءَ کي جيئارين
  • ناوليٽ: چاهت جي مسافت
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر ڪتاب نمبر(22)

    حق ۽ واسطا ڊاڪٽر محبت © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر 2006ع


    ڪتاب جو نالو: جيون تنهنجي نانءِ
    ليکڪ: وفااسلم شيخ
    پهريون ڇاپو: جنوري 2006ع
    ڪمپوزنگ: احمد علي، انڊس ڪمپيوٽر ڪمپوزرس لاڙڪاڻو.
    ٽائيٽل لي آئوٽ: ڊاڪٽر احسان دانش ۽ رضوان گل
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر.

    قيمت : 50 روپيا

    Jeewan Tuhinje Naan’e
    (Short Stories)
    By: Waffa Aslam Shaikh
    1st Edition: January 2006 A.D
    Published by: Dr.Muhabbat Academy,Kamber
    E-mail: drmuhabbat_academy@yahoo.com


    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي جنرل سيڪريٽري رياضت ٻرڙي، بتول پريس حيدرآباد مان ڇپائي محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو ويو.

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    امڙ
    جي نانءِ
    جنهن جي هستي
    مون لاءِ هميشه
    زندگيءَ جي نٽھڻ اس ۾
    ڇپر ڇانو مثل رهي آهي.


    وفا اسلم شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيون تنھنجي نانءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين ۽ ناوليٽ جو مجموعو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس پنج ڪھاڻيون ۽ ھڪ ناوليٽ ”چاھت جي مسافت“ شامل آھن. احسان دانش لکي ٿو:
    ”وفا جي هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن ۾ موجود سمورين ڪهاڻين توڙي ناوليٽ جو موضوع ”پيار“ آهي ان ڪري پيار ڪرڻ وارا سندس هن پهرين ڪتاب کي پيار جي تحفي طور ضرور قبول ڪندا. وفا جي ڪهاڻين ۾ رومانوي رنگ شايد ان ڪري به آهي جو هو خود پنهنجي سيني ۾ هڪ محبت ڪرڻ واري دل رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر طرف پيار جو چوٻول هجي. وفا اميد ۽ نا اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪيترن ئي ڪردارن کي پنهنجي اردگرد ڏسي ٿو ۽ انهن سمورن احساسن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ڪري ٿو جيڪي محبت جي معراج تي پهچڻ توڙي ناڪامي ۽ دل جي ٽٽڻ کان پوءِ جنم وٺندا آهن.“
    ھي ڪتاب 2006ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون وفا اسلم شيخ صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ڪاڏي ڪاهيان ڪَرهو، چوڏس چٽاڻو،
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھ ڪو.
    (شاھ لطيف)

    پيار دنيا جو اهو واحد موضوع آهي، پيارا سڄڻو! جنهن بابت ڪنهن به ريت بنا لفظن جي ڪنهن مخصوص چونڊ جي، ”دل“ سان ڳالھائي سگهجي ٿو. ڀلي ته اسان کي پيار تي ڳالھائڻ يا ان کي سمجهائڻ ڏکيو محسوس ٿيندو هجي ۽ اهو خيال ايندو هجي ته اسان پيار بابت ڪيئن پنهنجا خيال پيش ڪيون (يا ڪيئن پنهنجي پيار جو اظهار ڪيون.)، پر جڏهن پيار تي ڳالھائبو آهي ته اسان کي اڪثر ڪري ڪنهن به طرح اهو احساس نه هوندو آهي ته ڪو اسان دنيا جي ان حسين ۽ وشال پيار تي ڳالهائي رهيا آهيون، جنهن تي ڳالھائڻ کان نٽائي گهٻرائي رهيا هياسون. اسان ڏٺو آهي ته جنهن ماڻهونءَ ڪنهن شخص سان پيار ناهي ڪيو، ان پوءِ به، ڪنهن نه ڪنهن شخص سان پيار ڪيو آهي. توڻي جو کيس ان جو ڪو احساس نه به هجي. پيار ماڻهوءَ جي فطرت ، سڀاءُ، مزاج، ڪيمسٽريءَ، مطلب ته هر جز ۾ شامل آهي. پيار ماڻهونءَ جو روح آهي، جنهن کان سواءِ هو جيئرو رهي نه ٿو سگهي. پيار جي ڪٿ ڪنهن به ڪٿ کان گهڻي گهڻي وڌيڪ آهي، ايتري وڌيڪ جيئن ڪائنات جي ڪٿ لاحد آهي.اسان پيار جي انت تائين تڏهن ئي رَسي سگهندا سين، جڏهن ڪائنات جي انت تائين پهچندا سين. پيار نه صرف ٻاهرينءَ ڪائنات جي سونهن آهي، پر ماڻهونءَ جي اندرينءَ وسيع دنيا جي به سندرتا آهي.

    تون چانڊوڪي چيٽ جي، منهنجو من چڪور،
    اچي ڪڏهن اور، مون سان ڳالهيون ڳجھ جون.
    (شيخ اياز)

    اسان جي مٺڙي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نوجوان ۽ اتساھ رکندڙ ليکڪ وفا اسلم شيخ جي ڪجھ چونڊ ڪهاڻين ۽ هڪ ناوليٽ تي مشتمل هيءُ ننڍو مجموعو ”جيون تنهنجي نانءِ“ به ان شاهڪار ۽ شاندار موضوع پيار جا ڪجھ انداز ۽ ڏيک اسان آڏو آڻي ٿو ۽ وفا جي پيار سان پيار کي اظهاري ٿو. اسان کي ڪو به حق نه ٿو پهچي، ته اسان کيس پيار جي ان اظهار کان روڪيون.
    اسان وفا اسلم شيخ کي سندس هن پهرين ڪتاب ”جيون تنهنجي نانءِ“ تي واڌايون ڏيون ٿا، ان اميد سان ته هو آئيندہ به پنهنجي پهرين روايت کي نڀائيندي، پيار بابت ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ لکندو رهندو.

    رياضت ٻرڙو
    15 ڊسمبر 2005، قنبر


    مهاڳ: پيار جيون لاءِ اتساھ

    ادب جي مختف شعبن مان ڪهاڻي هڪ منفرد صنف سخن آهي. جنهن ۾ هڪ ليکڪ سماجي حقيقتن کان وٺي پنهنجي اندر جي دنيا جا انيڪ رنگ ۽ روپ نروار ڪندو آهي. هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار حقيقت ۾ اهو نبض شناس هوندو آهي جيڪو سماج جي بگڙجندڙ روپن توڙي حالتن کي نه صرف سمجهندو آهي پر هن وٽ انهن جو حل به هوندو آهي. پنهنجي دوربين نگاھ سان اهو ڪجھ به ڏسي وٺندو آهي جنهن کي عام طور نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار روين جي جنگ کان وٺي رشتن جي ڪچي تند ۾ ٻڌل نازڪ احساسن تائين زنگيءَ جي سموري چرپر کي دل جي دفتر ۾ محفوظ ڪندو آهي.
    جديد سنڌي ڪهاڻي جمال ابڙي کان وٺي موجودھ دور تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي. ان دوران ڪهاڻيءَ جي ان قافلي ۾ ڪيئي پانڌيئرا شامل ٿيا آهن انهن مان ڪن ته سفر جي سختي ڏسي ستت ئي پير پٺتي ڪيا ۽ ڪي وري وڏيون وڏيون وکون کڻي قافلي جي سرواڻن جي صف ۾ اچي بيٺا. سنڌي ڪهاڻي جو اهو قافلو روان دوان آهي. ان قافلي ۾ اڄ به ڪي مسافر ٿڪل آهن ته ڪي وري چستيءَ سان قدم وڌائي دنيا جي ساهتي ڪاروان سان ملي پنهنجي هستيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ آتا آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان ڊگهي قافلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار وفا اسلم به ابتدائي وکون کڻي شامل ٿيو آهي. اڃان هن سفر جو آغاز ڪيو آهي. هن جي منزل اڃان ڪو ڌنڌلو خواب آهي جنهن جي ساڀيان تڏهن ٿيندي جڏهن هو مستقل مزاج فنڪار وانگر پنهنجي مشق جاري رکندو.
    ڇھھ سال کن اڳ جڏهن وفا اسلم پهريون ڀيرو سچل ادبي مرڪز تي ملڻ آيو هو ۽ ساڻس تعارف ٿيو ته منهنجي ڪن تي جونءَ ئي نه چري هئي ڇو ته ان کان اڳ مون سندس نالو نه ٻڌو هو پر جڏهن هن ٻڌايو ته سندس ڪجھ ڪهاڻيون سنڌي ڊائجسٽن ۾ شايع ٿيون آهن ته اهو اشتياق وڌيو ته کائنس ڪائي ڪهاڻي ٻڌجي. اهي سياري جا ڏينهن هيا. ستت ئي مرڪز جي آفيس ۾ دستوري گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ وفا پنهنجي ڪهاڻي ”پيار جو ڀرم“ پيش ڪئي. ڪهاڻي ڪافي طويل هئي ۽ داستان واري انداز ۾ لکيل هئي. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي اها هڪ رومانوي ڪهاڻي هئي. ان کان پوءِ وفا هڪ ٻي پٺيان مسلسل ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهيو تان جو گرمين جي هڪ ڏينهن ناوليٽ کڻي اچي پهتو.
    هي وفا اسلم جو پهريون ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي. مون کي پتو ناهي ته وفا هن وقت تائين ڪل ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون آهن پر هن مجموعي ۾ 5 ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ”چاهت جي مسافت“ شامل آهن. ڪنهن به ليکڪ لاءِ پهريون ڪتاب پهرين پيار وانگر هوندو آهي. وفا جي هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن ۾ موجود سمورين ڪهاڻين توڙي ناوليٽ جو موضوع ”پيار“ آهي ان ڪري پيار ڪرڻ وارا سندس هن پهرين ڪتاب کي پيار جي تحفي طور ضرور قبول ڪندا.
    مون وفا اسلم جون هن وقت تائين جيڪي به ڪهاڻيون ٻڌيون يا پڙهيون آهن انهن مان اڪثر ”محبت“ واري موضوع تي لکيل آهن. هونءَ به سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن موضوع تي لکيو ويو آهي اهو ”محبت“ آهي. هونءَ به محبت هڪ اهڙو آفاقي احساس آهي جنهن کي ڪو حساس دل ئي سمجهي سگهي ٿو. وفا جي ڪهاڻين ۾ اهو رومانوي رنگ شايد ان ڪري به آهي جو هو خود پنهنجي سيني ۾ هڪ محبت ڪرڻ واري دل رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر طرف پيار جو چوٻول هجي. وفا اميد ۽ نا اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪيترن ئي ڪردارن کي پنهنجي اردگرد ڏسي ٿو ۽ انهن سمورن احساسن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ڪري ٿو جيڪي محبت جي معراج تي پهچڻ توڙي ناڪامي ۽ دل جي ٽٽڻ کان پوءِ جنم وٺندا آهن.
    وفا وٽ ڪهاڻي لکڻ لاءِ پنهنجو هڪ الڳ ڍنگ آهي. خاص طور هن جي ڪهاڻين جي سادگي عام پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿي. هن جي ڪهاڻين جي ٻولي گفتگو واري انداز جي آهي ان ۾ ڪو وڏو فلسفو ۽ گهرائي نه آهي. ائين ٿو لڳي ته ڪردار بازارن، رستن، ڪاليجن ۽ گهرن ۾ جيڪو ڳالھائي رهيا آهن انهن کي پني تي اتاري ڪهاڻي بڻايو ويو آهي. جيتوڻيڪ وفا جي ڪهاڻين ۾ منظرنگاري جي کوٽ نظر اچي ٿي پر موضوعاتي لحاظ کان اهي ڪهاڻيون توجھ ڇڪائيندڙ آهن. وفا جون هن مجموعي ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون توڙي ناوليٽ شهري ماحول ۾ لکيل آهن. هونءَ به عام طور تي هن جي ڪهاڻين جو ماحول شهري رهيو آهي ۽ شهري معاملن ۽ مسئلن کا چڱيءَ پر واقف آهي ۽ انهن مسئلن کي هو سٺي نموني بيان ڪرڻ جو هنر به رکي ٿو.
    وفا جو هن مجموعي ۾ شامل ناوليٽ سندس پهرين ڪوشش آهي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ناول جنهن اوچي پد تي نظر اچي ٿو، ورهاڱي کا پوءِ سنڌي ادب جي تاريخ ان جي عظمتن جي گواهي ڏيڻ کان قاصر آهي. ڇو ته بعد ۾ نه صرف ڳاڻاٽي جي لحاظ کان ناولن جو انگ گهٽ نظر اچي ٿو پر معيار جي لحاظ کان به ڪي ٻه چار ناول ئي ليکي ۾ آڻي سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نگاريءَ جي گهٽجڻ جي سببن تي هتي ڪجھ لکڻ مناسب ناهي البته معياري ناول نگاري جي گهٽتائي سنڌي ادب ۾ هڪ خال جو باعث ضرور بڻجي ٿي. ناوليٽ جيئن ته ناول جي ڪجھ ننڍي صورت آهي تنهنڪري ان جو به ساڳيو حال نظر اچي ٿو. ائين به ڪونهي ته ڪو اسان وٽ ڪي سٺا ناوليٽ لکيا ئي نه ويا آهن. ماڻڪ، آغا سليم، امر جليل ۽ ڪجھ ٻين ليکڪن تمام بهترين ناول ۽ ناوليٽ لکيا آهن پر افسوس اهو آهي ته اهو تسلسل برقرار رهي نه سگهيو آهي. وفا اسلم جيئن ته ناوليٽ لکڻ جي حوالي سان هيءَ پهرين وک کنئين آهي تنهن ڪري سندس تخليق کي علمي معيارن ناوليٽ جي ڪلي گهرجن مطابق نه ڏسبو. هن ناوليٽ کي فقط موضوعاتي حوالي سان ڏسڻ گهرجي. ناوليٽ جي ٻولي، منظر نگاري ۽ ٻيا لوازمات ڪهڙيءَ طرح پورا ڪيا ويا آهن. ناوليٽ جي پلاٽ سان نڀاءُ ۽ ڪردارن جي ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ليکڪ ڪيتري حد تائين سوڀارو ٿيو آهي تنهن لاءِ ناوليٽ جو مطالعو ضروري آهي. هڪ ذهين پڙهندڙ سٺو نقاد به هوندو آهي ۽ وفا جون هي سموريون ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ اوهان پڙهندڙن لاءِ ئي آهن. مون کي پڪ آهي ته اوهان پيار جي نانءُ ڪيل هن ڪتاب جو سندس سمورين خوبين ۽ خامين سميت دل کولي آڌر ڀاءُ ڪندا.

    ڊاڪٽر احسان دانش
    13 ڊسمبر 2005ع


    ٻه ٽي لفظ پيار جا

    مان جڏهن ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي ڏسان ٿو ته مون کي ياد اچي ٿو ته مون لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. مان شعور جي حدن ۾ داخل ٿيس ته مون کي احساس ٿيو ته مان لکي سگهان ٿو. مون پنهنجي اندر ۾ تخليق جو ساگر ڇلندي محسوس ڪيو هو. مون کي لڳندو هيو ته مان جو ڪجھ ڏسان ٿو ۽ هن سماج ۾ جيڪا چرپر محسوس ڪيان ٿو ان کي قلمبند ڪري سگهان ٿو.
    تخليق هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو مطالعي، مشاهدن ۽ تجربي جو گهرجائو آهي. مون به انهن ٽنهي شين جي ٻل تي پنهنجو تخليقي سفر جاري رکيو آهي....پر جيئن ڪنهن ٻج جي اسرڻ لاءِ سٺي زمين درڪار هوندي اهي تيئن مون کي به هميشه کان ڪنهن اهڙي ئي زمين جي گهرج هئي جتي منهنجي تخليقي ٻج جي اوسر ٿي سگهي. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو مون لاءِ اهڙي زمين ثابت ٿيو. بلڪه مان مرڪز کي پنهنجي لاءِ ادبي ڇانورو ٿو تصور ڪيان. مرڪز تي اچڻ کان پوءِ نه صرف منهنجي تخليقي سفر جو صحيح معنٰي ۾ آغاز ٿيو آهي پر اتان مونکي جيڪو مان مليو آهي تنهن کي مان پنهنجي لاءِ انمول سرمايو ٿو سمجهان.
    مون پنهنجي جذبن جي اظهار جو ذريعو هميشه ڪهاڻيءَ کي ئي بڻايو آهي. جيتوڻيڪ ڪجھ عرصو مون شاعري به ڪئي پر بعد ۾ سوچيو بهتر آ ته ٻه گدرا هٿ ۾ نه کڻجن. گهڻو ڪري مون پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سماج جي ڪک مان کنيا آهن. اوهان کي منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا ۽ پنهنجي آسپاس گهمندي ڦرندي محسوس ٿيندا. منهنجي اڪثر ڪهاڻين جي فضا رومانوي آهي ڇو ته مان پاڻ محبتي مزاج رکندڙ ماڻهون آهيان. منهنجي نظر ۾ محبت سچ آهي ۽ سچ ئي محبت آ. اوهان کي منهنجي ڪهاڻين ۾ محبت ۽ موت هڪ الڳ روپ ۾ نظر ايندا. عام رواجي محبت وانگر مونکي عام رواجي موت به متاثر نه ڪندو آهي.
    پنهنجي ڪهاڻين جي هن پهرئين مجموعي ۾ مون اهي ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن جن جو موضوع ”محبت“ آهي. ساڳي طرح هن ڪتاب ۾ شامل منهنجي پهرين ناوليٽ جو مرڪز ۽ محور پڻ پيار آهي. منهنجي خيال ۾ محبت هن ڪائنات جو سڀ کان حسين جذبو آهي. تنهن ڪري ئي مون ان احساس کي پنهنجي لفظن جي سونهن بڻايو آهي. منهنجي پيار ڪهاڻين ۾ اڪثر انهن چاهتن جو ذڪر آهي جن جي نصيب ۾ وصل لکيل ناهي.
    لکڻ منهنجي جياپي جو جواز آهي. لکڻ کانسواءِ شايد آءُ زندھ نه ٿو رهي سگهان. مان لکان ٿو اڻ اظهاريل جذبن کي اظهار جو دڳ ڏيڻ لاءِ. مان لکان ٿو پنهنجي اندر جي دنيا کي پرسڪون بڻائڻ لاءِ. لکڻ ئي منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد آهي. ڪتابي شڪل ۾ آيل منهنجيون هي ڪهاڻيون منهنجي پهرين ڪوشش آهي. جيڪا اوهان جي سامهون آهي. مان هر گز اها دعوٰي نه ٿو ڪيان ته هن ڪتاب ۾ لکيل هر ڪهاڻي پنهنجي فني فڪري حوالن سان ڀرپور ۽ مڪمل آهي. يقينن ائين نه هوندو . ضرور ڪي خاميون ۽ ڪوتاهيون رهجي ويو هونديون جن جي مان اميد ٿو ڪيان ته اوهان فراخ دل پڙهندڙ منهنجي پهرين ڪوشش ڄاڻندي ضرور نظر انداز ڪندا.
    آخر ۾ آءُ دل جي گهراين سان پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر احسان دانش جو شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب لاءِ وڏي پيار سان مهاڳ لکيو. مان ٿورائتو آهيان پنهنجي دلگهرين دوستن محمد هاشم هامي ۽ رضوان گل جو جن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل لاءِ پيار ڀريا لفظ لکيا. هميشه منهنجو مان مٿاهون ڪيو آهي منهنجي محترم سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو، جنهنجا وڙ وسارڻ جوڳا نه آهن.

    وفا اسلم شيخ
    تولاڻي گهٽي،
    نزد گرلس مغل هاءِ اسڪول،
    لاڙڪاڻو.
    03337575584


    انتظار

    شام آئي لڙي ويا پاڇا
    ڌوڙ ئي ڌوڙ ٿي ويا رستا
    رات جي آخري حدن تائين
    ڌنڌ ۾ چمڪندا ويا تارا

    چنڊ ڇا لاءِ آ ايترو خوش
    جو اڱڻ تي ائين پيو چمڪي
    هر انڌيري سان اٽڪندو ٿو رهي
    رات جي رڻ ۾ پيو ڀٽڪي

    چونڪ کا چونڪ ۽ گهٽيِءَ کا گهٽيءَ
    انتظارن جا سلسلا آهن
    تنهنجي گهر تائين منهنجي گهر کان وٺي
    ڪيڏا بي رحم فاصلا آهن

    وار منهن تي کليا پيا آهن
    چنڊ تي اک کتي پئي آهي
    ياد تنهنجي اڱڻ ۾ بيٺي آ
    ساري ڌرتي ستي پئي آهي

    تنهنجي يادن جا پيلا پيلا پَنَ
    هر طرف پکڙيا پيا آهن
    چئني پاسن کان دل جي وسنديءَ تي
    درد جا در کليا پيا آهن.

    (امداد حسيني ”امداد آهي رول“ 1976ع تان ورتل)


    هٿ ريکائون

    روز جي معمول مطابق اڄ به نم جي وڻ هيٺان ڇانو ۾ ويهي رهيس. ان انتظار۾ ته اجهو سيما آئي جو ان جي ليڪچر ختم ٿيڻ ۾ اڃا 10 منٽ باقي هيا. ڪاليج جا شاگرد سامهون اچ وڃ ڪندي پيا نظر اچن. منهنجو من اداس لڳو پيو هيو جنهن ڪري اڌ ليڪچر ۾ اٿي آيو هيس. سيما جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هيس ته سيما به ڀر ۾ اچي ويهي رهي.
    هٿ جي اشاري سان هوشيار ڪندي چيائين، ”ڇو جناب اڄ وري اڌ ليڪچر ۾ اٿي آيئو.وري ڪير ياد اچي ويو.“
    ”توکان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي جنهن کي ياد ڪري سگهجي.رات ڏينهن تون ئي ياد هوندي آهين.”
    سري آئي غور سان ڏسندي چيائين ”پر هن وقت ته توسان گڏ آهيان. پوءِ اڌ ليڪچر مان اٿڻ جو مقصد.“
    ”سيما محبتن جا معاملا ئي عجيب هوندا آهن جن کي سمجهڻ دماغ جي وس جي ڳالھ ناهي، هڪ سوچ آهي جيڪا سدائين اداس ڪري وجهندي آهي. هزار ڪوششن جي با وجود به اها سوچ ذهن مان ڪو نه ٿي نڪري. رات جو به سوچي سوچي رڳو تنهنجي يادن ۾ گم ٿي ويندو آهيان.”
    ”ڪهڙي سوچ آ جيڪا تو کي ايڏو تڙپائي رهي آ. هيڏي مون ڏي ڏس مون کي به نه ٻڌائيندين.”
    چيو مانس “سيما مون کي الاءِ ڇو اهو ڀوءُ رهندو آهي ته مان تو کي وڃائي ويهندس. شايد تون منهنجي نصيب ۾ نه آهين.”
    “ڪير ٿو چوي ته مان تنهنجي نصيب ۾ نه آهيان ڇا تنهنجي هٿ جون ريکائون ٿيون ٻڌائين. ڇو اچي اهڙين سوچن ۾ پيو آهين، مان پنهنجو پاڻ ته توکي ارپيو آهي.”
    ”سيما مون ڪڏهن چيو ته تون منهنجي نه آهين. تو کي ڏسي مان ائين سمجهندو آهيان ته تون هڪ گل آهين ٽڙندڙ ۽ تازو گل جنهجي خوشبوءِ هميشه مون کي معطر ڪندي رهندي. پر سيما ڪير ڪنهن کي عبادت جي حد تائين چاهيندو آهي ته ان کي اهڙيون سوچون تڙپائينديون رهنديون آهن.”
    “ها مان سمجهان ٿي” چيائين “پر تنهنجي منهنجي وچ ۾ اهڙو ته عظيم رشتو آ جو ڪنهن کي ڪو اعتراض ته نه هجڻ گهرجي.”
    “پر اسان جي ماڻهن کي ڪير سمجهائي” چيو مانس “سيما تون ڏاڍي معصوم آهين توکي خبر ناهي ته اهي اسان کي ظاهري اک سان ڏسندا آهن، اسان جي اندر جو انت لهي نه سگهندا آهن.اهڙا ماڻهون تنهنجي ۽ منهنجي رشتي کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا.”
    “ ته پوءِ اهڙن ماڻهن جي پرواھ ڇوٿو ڪرين ، ڇوٿو سوچين. ڇڏي ڏي منهنجي باري ۾ سوچڻ.” سيما ڄڻ ڏکاري ٿي پئي.
    چيو مانس “سيما مون ازل کان هر جنم ۾ تنهنجي باري ۾ سوچيو آ، هاڻي تنهنجي باري ۾ سوچڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيان. منهنجي وس کان اهو ٻاهر آهي.”
    “پوءِ آخر ڇا ڪندين.” چڙي پئي.
    “مان ڀڄي پوندس، ڀري پوندس. منهنجي ڀروسي جو مندر ڀور ڀور ٿي پوندو. پر مان توکي وساري نه سگهندس.”
    ويجهو سري آئي چيائين، “ ڏس راحيل اڄ تائين ڪو پنهنجي زندگيءَ بصيرت ۽ روشنيءَ کي وساري سگهيو آهي جو مان تو کي وساري سگهندس.مان تنهنجي سوچن کي وکرڻ نه ڏيندس، مان تنهنجي خيالن کي منتشر ٿيڻ کان بچائي وٺندس.راحيل مان پنهنجي آخري هڏڪيءَ تائين تنهنجو ساٿ ڏينديس.”
    ان وقت ڪاليج جي پوائنٽ به هارن ڏنو، چيائين “هاڻي اٿو ته هلون ڪٿي پوائنٽ نه نڪري وڃي.”
    پنهنجي وياڪل من سان سيما سان گڏجي پوائنٽ تائين آيس.پوائنٽ ڀرجي وئي ته هلڻ شروع ڪيائين.پوائنٽ ايمپائر روڊ تي پهتي ته ڊرائيور کي اشارو ڪيم ته پوائنٽ بيهجي وئي.اسين ٻئي ڄڻا لٿا سين. جيستائين سيما جي منزل نه آئي تيستائين گڏ گڏ هلندا رهيا سي.
    سيما منهنجي هٿ کي زور ڏيندي چيو “ٻڌ اڄ اوچتو ڇا ٿي ويو هيئي جو مون کي پريشان ڪري ڇڏيئي.”
    “سيما اڄ زبير منهنجو هٿ ڏسي چيو هيو ته راحيل جنهن سان نينهن اڙيل اٿئي اها ڪڏهن تنهنجي ٿي نه سگهندي ۽ تو کي ته خبر آ زبير جون ڪيتريون ڳالهيون سچ ٽابت ٿيون آهن.”
    “ڪافي غلط به ويون اٿس.” سيما چيو “پر اڃا اهڙين ڳالهين تي ٿو اعتبار ڪرين! ههڙي انٽرنيٽ جي دور ۾.”
    “اعتبار ته مون کي به نه ٿو اچي پر ڇا ڪيان محبت جا معاملا ايڏا ته حساس هوندا آهن جو ننڍي کان ننڍي ڳالھ به وهم ٿي ويهاري ڇڏي.”
    کلندي چيائين “اهڙا وهم ته نه ڪر وهم جو ڪو علاج ڪونهي.” ان وقت سيما جو گهر به اچي ويو موڪلائي هلي وئي. منهنجي منزل اڃا اڳتي هئي.
    وقت جي ڌارا پنهنجي رفتار سان هلي رهي هئي پيار جي راهن تي هلندي آخر اها گهڙي به اچي وئي جو دل رت جي درياءَ ۾ لڙهي وئي. ان ڏينهن سيما جي چهري مان اٿاھ غم ۽ درد نظر آيو. ايترو گهڻو جو ڪير هن جي زخمن کي هلڪو ئي ڇهي ته اکين مان لڙڪن جو مينهن وسي پئيس. هن وٽ لفظ ڪونه هيا جو ڪڇي سگهي. آخر پنهنجي ٻنهي هٿن کي هڪ ٻئي ۾ ڀيڪوڙي چئي ڏنائين ته،
    “راحيل مان هارائي ويس.واقعي مان تنهنجي نصيب ۾ نه آهيان.منهنجي مٿان مجبورين جا ڪوٽ ڪيرايا ويا آهن. مان هزار ڪوششن جي باوجود به انهن ڪوٽن کي ڪيرائي نه ٿي سگهان. مان محبت جي ميدان ۾ ته توسان گڏگڏ هلي نه سگهيس پر يادن جي ميدان ۾ هميشه توسان گڏ هونديس. خدا حافظ راحيل! هن زندگيءَ ۾ پاڻ نه مليا سي ته ڇا ٿي پيو اڳئين جنم ۾ هميشه گڏ هوندا سي.”
    هوءَ چوندي رهي منهنجو روح فنا ڪندي رهي. پنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ هٿ ۾ ڏيئي اڳتي وڌڻ لڳي. ان وقت منهنجي حالت اهڙي ٿي پئي جيئن پکي ڍنڍ ۾ هوندي به پياسو رهجي وڃي. سڄي جان جي قووت سميٽي سڏ ڪندي چيو مانس،
    “سيما پليز هڪ منٽ ته بيھ. مان توکي پنهنجي نصيب جي بازيءَ ۾ ته هارائي ويٺو آهيان پر مون کي آخري ڀيرو پاڻ ڏانهن ڏسڻ ته ڏي ته جيئن زندگيءَ جي حقيقتن ۾ منهنجو اعتقاد پختو ٿي وڃي.”
    “سيما تون منهنجي روح ۾ آهين تون منهنجي تصور ۾ آهين، تون منهنجي تحريرن ۾ هميشه زندھ رهنديءَ. تنهنجي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ مون لاءِ سرمايو آ.سيما مان تو کي وساري نه سگهندس.”
    منهنجي وجود مان قووت ڇڏائجي وئي. گوڏن ڀر هيٺ ويهجي ويس. ڪجھ گهڙين کان پوءِ اٿيس ته سيما وڃي چڪي هئي.


    نيڻ نشي ۾

    ”يار وسيم اڄ هڪ زبردست خوشخبري آهي.“ ڪريم ڪمري ۾ ايندي چيو ۽ ويهي ريموٽ ڪنٽرول سان ٽي ويءَ جا چينل ڦيرائڻ لڳو ۽ مان اخبار پڙهي رهيو هيس، چيم،
    ”خوشخبري تون روز ٻڌائيندو آن، سو مڙندين ته اڄ به ڪو نه.”
    ”پر اڄ واقعي خوشخبري آهي.” ٽي ويءَ جو آواز گهٽ ڪري ڇڏيائين.
    ”ته پوءِ ٻڌاءِ کڻي.”
    ”يار سامهون وارو بنگلو هڪ فارورڊ فيمليءَ خريد ڪيو آهي. جنهن ۾ اسان وانگر ٽي چار ينگ ڇوڪريون به آهن، اصل وارا نيارا ٿي ويا.”
    “وڏو ڪو پلستر آهين يار، اڃا ويچارا آيا مس آهن ۽ تون نظرون کڻي کپايون اٿائين.”
    “پاڻ ته وڏو ڪو مسجد جو ڪک آهين.” ويچارا ڪڍندي چيائين.
    “ گهٽ ۾ گهٽ انهن پوڙهي ۽ پوڙهيءَ مان ته جان ڇٽي. هاڻي ته مس بنگلي ۾ رونق ٿي آ. پيو روح ريجهندو.بوريت ته ختم ٿي.”
    ڪريم کي سدائين ان بنگلي جي پهرئين فيمليءَ مان شڪايت هوندي هئي، جيڪا زال مڙس ۽ سندن جوان پٽ تي مشتمل هئي. اسان جي ڪمري مان کلندڙ ٻن درين مان انهن جي بنگلي جو اڱڻ، لان ۽ ڪمرن جون دريون نظر اينديون هيون، جيڪي سدائين بند هونديون هيون. بس رڳو اڱڻ ۾ يا لان ۾ ڪنهن مهل پوڙهو، پوڙهي ۽ نوجوان نظر ايندو هيو نه ته رڳو ويراني هوندي هئي پر بنگلو ڏاڍو خوبصورت هيو، حالانڪه ڪريم جو بنگلو به سٺو هيو پر رهندو اڪيلو هو.سندس فيملي اسلام آباد ۾ هيس ۽ والد ڪنهن وڏي عهدي تي فائز هيس. ڪريم هتي صرف پڙهائيءَ جي ڪري رهيل هيو ۽ ڪريم جي گهڻي اسرار تي مان هاسٽل تان شفٽ ٿي گذريل هڪ سال کان سندس بنگلي تي گڏ رهندو هيس.تڏهن کان سامهون واري بنگلي جي سدائين پيو شڪايت ڪندو هو پر اڄ سندس شڪايت ۽ بوريت ختم ٿي چڪي هئي سو دريون ۽ دروازا کولي ڇڏيائين ۽ چيائين،
    “يار مان لان جي صفائي ٿو ڪيان تون ڪمري جي ڪري ڇڏجانءِ.” چئي لان ۾ هليو ويو ۽ مان ڪمري جي صفائي ڪري درين جا پڙدا ۽ دريون صاف ڪيون.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ انهن پنهنجي نئين بنگلي جي خوشيِءَ ۾ دعوت جو احتمام ڪيو جنهن ۾ سڀني پاڙيسرن سان گڏ اسان کي به مدعو ڪيو ويو. پارٽي ڏاڍي شاندار قسم جي هئي جنهن ۾ ڪريم جي ڄاڻ سڃاڻ وارا ڪافي ماڻهون هئا. منهنجي ڪن ٿورن سان عليڪ سليڪ هئي انهن سان گپ شپ ۾ لڳي ويس ته هڪ صاحب اچي مليو ۽ چيائين،
    “پٽ ڪيئن لڳي اسان جي پارٽي.”
    “تمام سٺي بلڪه شانائتي.” مون سندس شڪريو ادا ڪندي چيو تڏهن ڪريم به اچي ويو ۽ چيائين،
    “احمد صاحب هي منهنجو دوست وسيم، منهنجو ڪلاس فيلو آهي ۽ ڪهاڻيڪار پڻ.” ۽ وري مون کي چيائين،
    “وسيم هي احمد صاحب آهي جنهن جو ذڪر مان توسان پهريون ئي ڪري چڪو آهيان.”
    تڏهن مون ٻيهر احمد صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ته احمد صاحب چيو ته،
    “يار ڪهاڻين پڙهڻ جو مون کي ڏاڍو شوق آهي سو ڪڏهن پنهنجون ڪهاڻيون پڙهايو نه.”
    “ها ها ڇو نه اها به ڪا ڳالھ آهي هونءَ به اسان منجهند 3.00 وڳي کان پوِءِ بنگلي تي هوندا آهيون سو توهان کي جڏهن به ٽائيم ملي ته ايندا ڪيو. ان بهاني ڪچهري به ٿيندي رهندي.” وري ڪريم وچ ۾ ڳالهائيندي چيو،
    “احمد صاحب مان چانھ ڏاڍي سٺي ٺاهيندو آهيان سو چانھ ته ضرور پيئڻ اچجو.”
    احمد صاحب چيو، “يار مان ته پيئندس پر گهر ڀاتين لاءِ به توکان ٺهرائيندس .”
    تڏهن سڀئي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا سين ۽ احمد صاحب اڳتي وڌي ويو. رات دير سان پارٽيءَ تان موٽيا سين ان ڪري جلدي سمهڻ جي ڪئي سين پر ننڊ اڃا ڪو نه آئي هئي جو ڪريم ٻڌايو،
    “يار احمد صاحب جي وچين ڌيءَ جيڏي خوبصورت آ تيڏي بدچلن آ.”
    “ڇو اهو تون ڪيئن ٿو چئين ۽ ٻي ڳالھ ته توکي خبر پئي ڪٿان.”
    چيائين، “پارٽيءَ ۾ هڪ دوست ٻڌايو جيڪو پهريان کان ئي هنن کي سڃاڻدو آهي.”
    “خير ڪنهن کي ائين نه چوڻ گهرجي.”
    اٿي ويهي رهيو ۽ حيرت سان چيائين، “يار هوءَ ڪلب اٽينڊ ڪندي آ، پرنس ڪلب.”
    “ته پوءِ ڇا ٿي پيو پاڻ ته چيو هيئي ته وڏي فارورڊ قسم جي فيملي آهي سو انهن لاءِ ته اهو ڪو مسئلو ئي ناهي.”
    “فارورڊ قسم جي فيملي آ، هون.” منهن خراب ڪري چيائين ۽ اونڌو ٿي سمهي پيو.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مان به پرنس ڪلب جوائن ڪيو صرف ان ڇوڪريءَ جي ڪري، ڇو جو مان ڪافي چڪر ان کي دريءَ مان لان ۾ ته ڪڏهن سندس ڪمري جي دريءَ وٽ بيهندي ڏسي چڪو هيس ۽ سندس حسن جي اڳيان دل هاري ويٺو هيس.
    اڄ منهجو پهريون ڏينهن هيو ڪلب ۾. هتي رات ڏينهن کان به وڌيڪ روشن هئي. چوطرف خوشگوار ۽ لطيف خوشبوءِ ٻڏل، قيمتي لباسن ۾ ملبوس جسم موجود هئا.ڪنهن مهل هلڪي ته ڪنهن مهل تيز ميوزڪ هلي رهي هئي جنهن تي ڪافي مرد ۽ عورتون هڪٻئي جي چيلھ ۾ هٿ وجهي ڊانس ڪري رهيا هيا ته ڪي وري ويهي ڳالهين جو مزو ماڻي رهيا هئا ته ڪي وري هڪٻئي کي پيئڻ ۽ پيئارڻ ۾ مست هئا. مان به هڪ پاسي خالي پيل ٽيبل جي چوڌاري رکيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس جنهن تي خالي برانڊي جي بوتل رکيل هئي. منهنجون نگاهون هن کي ڳولهي رهيون هيون. ڪلب ڪافي وڏو ۽ ڪشادو هيو. سڄو مردن ۽ عورتن سان ڀريو پيو هيو. ان هجوم ۾ مون کي نظر ڪونه آئي. خبر تڏهن پئي ته هڪ دوشيزه منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي اچي ويٺي.مان حيران ٿي ويس.
    “هيءَ ته اها ئي آهي.”
    ڏاڍي حسين لڳي رهي هئي.تيز بلو رنگ جا ڪپڙا پاتل هيس، ڳچيءَ ۾خوبصورت قسم جي مالها پيل هيس جنهن سندس حسن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هيس. مان حيرانگيءَ مان هن کي ڏسي رهيو هيس ته هن ئي ڳالهايو،
    “مان امبر آهيان، سڃاڻي ويا هوندئو.”
    “جي ها سڃاتم ته سهي پر نالي جي اڄ خبر پئي آ.”
    “پر مون کي اوهان جي نالي جي خبر آ. وسيم آهي نه اوهان جو نالو.”
    “ها واقعي. ان جو مطلب ته اوهان ٻيو ڪجھ به گهڻو ڄاڻندا هوندئو.”
    “نه صرف نالو ئي ڄاڻان ٿي پر هاڻي گهڻو ڪجھ ڄاڻي وٺبو ڇو جو توهان به ڪلب جوائن ڪيو آ، ان ڪري پنهنجي دوستي ته هلندي رهندي.” ۽ مون ڪنڌ سان مسڪرائيندي ها ڪئي. تڏهن چيائين،
    “اهڙي خوشگوار ماحول ۾ ماڻهوءَ کي ته اڪيلو قطعي نه ويهڻ گهرجي.”
    “ڇا ڪجي ڪوئي ساٿي جو ناهي.” مون سندس نيڻن ۾ نهاريندي چيو.
    چيائين، “چئبو مون کي غير ٿا سمجهو.”
    ۽ پوءِ مون کي رقص جي درخواست ڪيائين جا مون سندس حسن جي نشي ۾ سرشار ٿي قبول ڪئي.جڏهن هرڻيءَ جهڙي چيلھ ۾ هٿ وجهي هلڪي ميوزڪ تي ڊانس شروع ڪئي ته سڄي جسم جا وار اڀا ٿي ويا. مون مخمور لهجي ۾ چيو،
    “اوهان ڊانس ڏاڍي سٺي ٿا ڪيو.”
    “مهرباني مگر اوهان به ته ڪنهن کان گهٽ نه آهيو.”
    “پر شايد اوهان کي خبر نه آهي ته هي فقط اوهان جي ئي حسين قرب جي ڪرامت آهي.”
    “واقعي! مان ته اوهان جو هر لفظ سچ سمجهي رهي آهيان.” مشڪندي چيائين.
    “مان اوهان جي حسين مخمور نيڻن جو قسم کڻي ٿو چوان ته مان به سچ ٿو چوان.” تڏهن اکيون اکين سان مليون ۽ پوءِ اکين ئي هڪٻئي کي جواب ڏنو.
    منهنجو روز ڪلب اچڻ ۽ مس امبر سان ملڻ، دوستيءَ مان ڦري پيار جو رشتو بڻجي پيو. منهنجو نينهن ته هن سان اڳ ۾ ئي لڳل هيو پر هاڻي ان جون پاڙون پختيون ٿي پيون. روز هڪٻئي سان نه ملون ته چين ئي نه اچي ايتري حد تائين جو هڪٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ لڳا سين. احمد صاحب ته مون کي ڏاڍو مان ڏيندو هيو ۽ اڪثر اسان جي بنگلي تي اچي خوب ڪچهريون ڪندو هيو.
    ڪجھ ڏينهن اڳ امبر جي ئي گهر ادب جي موضوع تي بحث ٿيو جنهن ۾ امبر به حصو ورتو. احمد صاحب ته ٿورو ڳالهائي هليو ويو جو سندس هڪ مهمان اچي ويو. جڏهن ته امبر منهنجي هر نظرئي هر خيال کي باطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب به وئي مگر مون نه مڃيو. منهنجا دلائل مون کي پنهنجي جاءِ تي وزني پئي محسوس ٿيا مان ائبسٽريڪٽ آرٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه ۽ هوءَ هن کي وڏو درجو ڏيڻ لاءِ تيار. مان سمجهايومانس،
    “جيڪڏهن چند ڦڏيون سڏيون بي معنيٰ لڪيرون ڪڍي ۽ انهن لاءِ ڪو دلڪش عنوان تجويز ڪيو وڃي ته ان جو مطلب هر گز اهو ناهي ته تصوير ڪنهن خوبيءَ جي حامل ٿي وئي. جيڪڏهن مٽڪي کي اونڌو بيهاري عنوان لکو “محبت ” ته ان مان ڪهڙو هڙ حاصل.”
    تڏهن امبر چيو، “ تجريدي آرٽ بيشڪ خوبصورت غلافن چاڙهڻ جي خلاف آهي پر هڪ آرٽسٽ ڪو به خيال، ڪا به ڳالھ ، ڪو به جذبو ۽ ڪا به تخليق بغير ڪنهن وڌاءَ جي پيش ڪري ٿو. ڇا اها ان جي ديانتداري نه آهي.”
    “مگر مس امبر نظم ۽ ضبط ته ضروري جزا آهن پردھ پوشي به ته اهم آهي.”
    “اها پردھ پوشي ڪهڙي ڪم جي جو جذبن کي لڪائي فقط جسم جا خدوخال ظاهر ڪري، باقي اندر جو ڪو حال احوال ئي نه ڏي.”
    “پوءِ ان کان ته ايڪسري ڀلي.” مون طنز ڪئي.
    “نه مڃڻ کي ته نو ڪوٽ آهن.” چيائين “ توسان ته هونءَ ئي نه پڄي سگهندس ان ڪري هاڻي هلو ته سي سائيڊ هلون چانھ اتي ئي ٿا پيئون.” پوءِ بحث کي ختم ڪري سي سائيڊ هليا ويا سي.
    هڪ ڏينهن اوچتو سندس شاديءَ جو هل اٿيو، امبر مون ڏانهن ڀڃندي آئي ۽ چيائين،
    “هل ته سماج جي خلاف بغاوت ڪري ڪورٽ ميرج ڪريون.”
    مان حيران ٿي ويس ته هي ڇا چئي رهي آهي، هن لاءِ ته ڄڻ ڪو مسئلو نه هجي.هئي جو ايڏي فارورڊ. پر پوءِ به ڳالھ ته اسان ٻنهي جي فائدي جي هئي. پر مان زبردستيءَ جو ڪائل نه هيس، سمجهايومانس،
    “نه امبر نه اسان صرف پنهنجي انا جي خاطر، پنهنجي پيار جي خاطر پنهنجي والدين کان بغاوت ڪريون. ڇا اهو اسان کي زيب ڏئي ٿو.”
    حالانڪه ان وقت منهنجي دل به روئي رهي هئي.پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيو هيس پر احمد صاحب جو ورتاءُ، عزت ۽ شفقت هر هر اکين آڏو پئي اچي ان لاءِ پنهنجي پيار کي قربان ڪندي امبر کان اقرار ورتم،
    “ ته پنهنجي والدين جي قدرن جي شناس رکي، انهن جي چوڻ تي هلي ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار رهندينءَ.”
    امبر حيرت، افسوس ۽ بيقينيءَ جي انداز ۾ منهنجو ليڪچر ٻڌي رهي هئي ۽ مسلسل منهنجي اکين ۾ گهوري رهي هئي. جڏهن سندس زبان چري ته دل چيري وڌائين،
    “وسيم مون کي خبر آ ته تون فرشتو آهين ۽ جيڪو ماحول تو اپنايو آ اهو به صرف منهنجي ڪري ته پوءِ مان ڪيئن ٻئي سان ٿي وفادار رهان. نه مون کان ائين نه پڄندو مان گهڻي اڳتي وڌي چڪي آهيان. اهي نصيحتون پنهنجو پاڻ وٽ رک، مان ڪا ڳالھ نه ٻدنديس. تو کي منهنجو ساٿ ڏيڻو ئي پوندو. ان لاءِ کڻي ڇا به ٿي پوي.ورنه منهنجي ضد جي خبر اٿئي.تو کي ڪجھ ڪيان نه ڪيان پر پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندس.” چئي هلي وئي.
    مان بت بڻجي بيٺو رهيس، منهنجون سڀ ڳالهيون بيڪار ويون، سڄي رات تڙپڻ لڳس.ذهن الجهي پيو هو.هن جي ضد جي به خبر هئي ته انڪار تي ضرور ڪجھ ڪري وجهندي. آخر هن جي ضد ۽ پيار اڳيان دل هاري ويٺس ۽ فيصلو ڪيم ته جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو. ٻئي ڏينهن جڏهن اسان مليا سين ته ٻنهي جي چهرن تي مسڪراهٽ هئي ۽ اسان جا قدم ڪورٽ ڏانهن وڌڻ لڳا.


    حسرتون ۽ خواب

    ”سهيل تون افسانا ڇو نه ٿو لکين.“ سائرا چيو.
    ”افسانه ۽ مان.!“
    ”ها ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالھ آ.”
    ”ڪٿي تون ان لاءِ ته نه ٿي چوين جو تون پاڻ افسانه نگار آهين.“ غور سان هن ڏانهن ڏسي چيم.
    ”سائرا تو ۾ ۽ مون ۾ فرق اهو آهي ته تون ته آهين افسانه نگار جڏهن ته اڃان مان بڻجندس.پر مان چاهيان ٿو ته منهنجون تحريرون معاشري جي عام مسئلن ۽ حقيقتن تي مبني هجن ۽ وري تنهنجو ته موضوع محبت آ.”
    “ ته ڇا محبت جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي.” سائرا تيز لهجي ۾ چيو.
    “ آهي پر مون کي تجربو نه آهي.”
    “حيرت آ اسد جهڙي رومانٽڪ شاعر جو دوست آهين ۽ وري محبت کان نا آشنا، منهنجو خيال هيو ته ڪجھ ته ان جو اثر ٿيو هوندئي.”
    اسد، مان ۽ سائرا هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهندا هيا سي.کلي پيم چيم،
    “ ضروري ته ناهي ته شاعر سان گڏ شاعر ٿجي ۽ مجنونءَ سان گڏ مجنون ٿجي.”
    سائرا کلي پئي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ تيز اس ۾ ٿڌڙي هير لڳي هجي، خزان ۾ ڄڻ بهار آئي هجي. ڪافي وقت کانپوءِ سائرا کي جو ايڏو مسڪرائيندي ڏٺم ته پهريون دفعو احساس ٿيو ته کلندي ڪيڏي ته خوبصورت لڳي رهي آهي. بس ان لمهي ئي ان جي مسڪرائيندڙ اکين ۽ ٻهڪيل چهري ۾ محبت جو راز پائي ويس.
    “ڇا ٿيو، ڪاڏي گم ٿي وئين.” سائرا چيو ته مان هوشيار ٿي پيس خيالن مان واپس ٿي پڇيم،
    “چڱو اهو ٻڌاءِ ته مون کي تون افسانه نگار ڇو ٿي بڻائڻ چاهين.”
    “ان ڪري ته تو سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيان محبت جي موضوع تي، تو کي خبر آ ته منهنجو پسنديده موضوع آ ۽ محبت تي لکڻ وارا منهنجا آئيڊيل آهن.” سائرا سنجيدگيءَ سان چيو.
    “ پر اهو ضروري ته ناهي ته محبت تي لکڻ وارو شخص محبت به ڪندو هجي.” مون اعتراض ڪيو.
    “ ها ضروري ته ناهي پر ............” چپ ٿي وئي.
    “چڱو اهو ٻڌاءِ توکي ڪنهن سان محبت ٿي آ.” ڌڙڪندڙ دل سان پڇيم.
    “ ها ” مون تي ته ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو. مون کي سائرا کان ان جواب جي توقع ئي نه هئي.
    “ ڪنهن سان ؟” پاڻ کي قابو ڪندي چيم. ڪجھ گهڙيون خاموش رهي چيائين،
    “ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آ ته جنهن سان اسان محبت ڪندا آهيون، اهو اسان جو ويجهو دوست هوندو آهي پر اسان ان سان اظهار ڪري نه سگهندا آهيون. اسان ڪيڏا به وڏا شاعر ۽ افسانانگار بڻجي وڃون پر اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ موڙ اهڙو به ايندو آ جو اسان جا سڀ لفظ گم ٿي ويندا آهن ۽ ڪجھ چوڻ جي ڪوشش ۾ بيوس ٿي ويندا آهيون. سمجھ ته منهنجي به اها ئي ڪيفيت آ. ڪنهن مناسب موقعي تي ٻڌائي ڇڏيندي سانءِ. پر تون اهو ٻڌاءِ ته افسانا لکندين يا نه.” سائرا ڳالھ جو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو.
    “ ڪوشش ڪندس، پر توکي ڪيئن خبر پوندي ته جيڪا ڪهاڻي مون لکي آ، سچي آ يا ڪوڙي.”
    “ مان توکي چيو هيو نه ته جن کي محبت ٿيندي آ اهي ماڻهون محبت جو احساس پائي وٺندا آهن. توکي به ڪنهن لاءِ محبت پيدا ٿي ته مان پاڻهي محسوس ڪري وٺنديس.”
    “ چڱو سائين اوهان جي خاطر ائين به ڪندا سي پر هاڻي اجازت گهرجي، ڪجھ ضروري ڪم به آ.”
    “ چڱو الله حافظ.” مسڪرائي ڏنائين ۽ ميز ڏانهن وڌي وئي جتي سندس اڌورو افسانو پيو هيو.
    هاڻي مان هر وقت هن جي خيالن ۾ گم رهڻ لڳس، رڳو هن جا سپنا ڏسڻ لڳس ته سائرا ئي ته مونکي پيار جو احساس بخشيو آ، پر هن کي اهو احساس ڪنهن بخشيو. ڇا مان ئي؟. پر دل ڪنهن هڪ فيصلي تي بيهي نه سگهندي هئي ۽ روزانو خيال ايندا ويندا رهندا هئا.
    مون ڪوشش ڪري افسانو لکيو جيڪو ڪجھ ئي مهينن ۾ شايع ٿي ويو تڏهن دل چيو ته سائرا سان ملڻ گهرجي پر ملڻ کان اڳ ئي ان جي فون اچي وئي.
    “ مبارڪ هجئي سهيل. تو منهنجو مان رکيو آ خبر اٿئي توکي به ايتري خوشي نه ٿي هوندي جيتري مون کي ٿي آ. بس اڄ جو اڄ گهر اچ ته مان تنهجي افساني تي تبصرو به ڪيان ۽ تنهنجي سوال جو جواب به ڏيان.” چئي ڪري فون رکي ڇڏيائين.
    مان عجيب ڪشمش جو شڪار ٿي ويس سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڇا چوندي. ڪنهن جو نالو کڻندي. سخت بيچين ٿي پيس ۽ ان بيچينيءَ جي عالم ۾ ئي سندس سامهون ٿيس.مسڪرائي چيائين،
    “سهيل! ڏس منهنجو اندازو صحيح نڪتو ته توکي واقعي ڪنهن سان محبت آڇو جو تو پنهنجا جذبات دل خولي بيان ڪيا آهن. مان سمجهان ٿي ته اها وڏي خوش قسمت آ جنهن کي تو چاهيو آ.” ٿورو لمحو ترسي چيائين،
    “ اها ڪير آ ڀلا.”
    مان ان وقت پنهنجون نظرون چورائڻ لڳس ۽ دل ئي دل ۾ فيصلو ڪرڻ لڳس ته ڇا چئي ڏيانس ته اها تون آ ته اوچتو خالا جو آواز آيو،
    “ سائرا فون اٿئي.”
    سائرا معذرت ڪري اٿي وئي. تيستائين محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ مهلت مون کي پنهنجي حق ۾ بهتر ٽابت ٿي. ڪجھ ئي دير ۾ سائرا اچي وئي سندس لبن تي دلڪش مسڪراٽ ۽ اکين ۾ چمڪ هيس. ان وقت مون کي ڄڻ جنت جي پاڪيزه ۽ معصوم حور جو گمان ٿيو.ما پنهجي ڪيفيت تي قابو پائيندي پڇيومانس،
    “ چڱو پهريون تو ٻڌاءِ ته ڪير آ. جيڪو تنهنجي افسانن ۾ محبت بڻجي چمڪندو رهيو آ.” تڏهن مسڪرائيندي ۽ اطمينان سان چيائين،
    “ اسد ”
    مون کي پنهنجي پيرن هيٺان زمين نڪرندي محسوس ٿي. ٽهڪن جي واديءَ ۾ آهون، سسڪيون سڏڪا گونجڻ لڳا.دل اندر رت جي لڪير ٺهي پئي. سائرا چوندي رهي،
    “ خبر اٿئي اسد ئي مون کي پيار جو احساس بخشيو آ، منهنجي ڪري ئي ان شاعري شروع ڪئي ۽ مان ان جي لڪيل شاعريءَ ۾ محبت ڏسي افسانا لکڻ شروع ڪيا. ائين ئي اسان جي محبت جو اظهار ٿيندو رهيو آ. خبر اٿئي ته ان جو تازو شاعريءَ جو مجموعو آيو آهي. جنهن جو عنوان آ ”محبت دل جي خوشبو آ.”
    سائرا جو آواز سندس مسرت جو اعلان ڪري رهيو هو. اڄ ڏاڍي خوش لڳي رهي هئي، چيائين،
    “ اڙي! تو ته ٻڌايو ئي نه ته ڪير آ. سڀ ڪجھ ته مان ٻڌائي ويهي رهيس.”
    تڏهن مون زبردستي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.هڪ آھ دل مان نڪري لبن جي سرحدن تي دم ٽوڙي وئي. سائرا جا چيل لفظ ورجايم،
    “ سائرا ڪڏهن ڪڏهن اسان جنهن کي چاهيندا آهيون اهو ڀلي ڪيڏو به اسان جي قريب هجي. پوءِ کڻي شاعر هجي يا افسانانگار پر ان سان اظهار ڪرڻ لاءِ الفاظ گم ٿي ويندا آهن ۽ اسان بيوس رهجي ويندا آهيون ۽ اها بيوسي زندگي ڀر به رهندي آ.” تڏهن ڳالھ جو رخ ڦيرائيندي چيائين،
    “ ڀلا تون افسانا لکڻ ڇڏي ته نه ڏيندي نه!”
    “ نه اهو احساس مون کي تو بخشيو آ، مان ڇڏي نه سگهندس.”
    مان وڌيڪ بيهي نه سگهيم. آخري ڀيرو سائرا جي دلڪش چهري تي نظر وجهي چيو مانس،
    “ سائرا مان هلان ٿو هڪ افسانو اڌورو ڇڏي آيو آهيان.”
    “ڇا نالو رکيو اٿئي ان جو.” ڌاڍي اشتياق سان پڇيائين.
    “ اڻپوري محبت. ”


    جيون تنهنجي نانءِ

    اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ رش لڳي پئي هئي.صبح جو ٽائيم هيو. مريضن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. وارڊ جا تقريبن سڀئي بيڊ مريضن سان سٿيا پيا هيا.جيڪي خالي هيا انهن ۾ نون ايندڙ مريضن کي داخل ڪيو پئي ويو. هڪ مريض عورت ڪنڊ ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. اوچتو ڪو ان جو سور وڌي ويو. جنهن ڪري تڙپي رهي هئي. اسان پنجن ڊاڪٽرن مان ان طرف ڪنهن جو خيال ئي نه ويو يا وري ڪنهن جو خيال ويو به ته نظرانداز ڪري ڇڏيائون. ڇو جو سرڪاري اسپتالن ۾ اڪثر ڪري بغير سفارش وارن مريضن سان اهڙو ورتاءَ رکيو ويندو آهي.اوچتو ان تڙپندڙ عورت وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري پهچي وئي ۽ ان جي چهري تي پريشاني ڇانئجي وئي. بغير ڪنهن دير جي مون وٽ پهتي. شايد ان ڪري جو انهن جي سامهون واري ڪمري ۾ مان هڪ مريض کي تپاسي رهيو هيس.
    “ ڊاڪٽر صاحب پليز منهنجي اميءَ کي ڏسو.پليز ڊاڪٽر هوءَ تڙپي رهي آهي.” منهنجي ٻانهن کي لوڏيندي چيائين.
    مان بغير ڪجھ چوڻ جي جلدي مڙيس ۽ ان سان گڏ ان جي ماءُ وٽ پهتس جيڪا واقعي تڙپي رهي هئي. جلديءَ ۾ ان کي روم ۾ پهچائي آڪسيجن لڳرائي ۽ پينڪلر انجيڪشن هڻايون مانس. پنهنجي حصي جي دوائن مان ڊرپ لڳرائي پوءِ سندس ڌيءَ کي چيو مانس،
    “ انشاءَالله ڪجھ وقت ۾ آرام اچي ويندس.”
    تڏهن ويچاريءَ کي ڪجھ سڪون مليو ۽ مهرباني چيائين. ڄڻ ان لفظ سان شڪريو ادا ڪيائين. تقريبن ٻه ڏينهن انهن کي اسپتال ۾ لڳي ويا. ان وچ ۾ سندس نالي کان به واقف ٿيس ۽ سندس ماءُ دلشاد بيگم جي بيماريءَ جي وجه به معلوم ٿي. جيڪا سندس مڙس جي ٻي شادي هئي. اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ وقت ثوبيه کي چيم،
    “ هاڻي هيءَ ڪافي بهتر آ ۽ هي دوائون به ان کي ڏيندا رهو. باقي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪيو ته هن کي ڪنهن به قسم جو ٽينشن نه ملي.”

    “ بس ڊاڪٽر صاحب ٻي ته اهڙي ڪا به ڳالھ نه آهي پر بابا جي شادي ۽ وري هفتن جا هفتا گهر نه اچڻ اميءَ کي جهوري وڌو آهي.”
    “ پر شاديءَ جو ڪو سبب هيو ڇا.”
    مان ذاتي سوال تي لهي آيس پر منهنجو مقصد صرف اهو هيو ته ڪنهن طرح سان انهن جي همدردي ڪجي ۽ مون ضروري سمجهيو ته جيئن اهي مطمئن ٿي وڃن ڇو جو مريض کي سيٽسفاءِ ڪرڻ ڊاڪٽر جو اخلاقي فرض آهي. ثوبيه ٻڌايو.
    “ مان پنهنجي والدين جي اڪيلي ڌيءَ آهيان ۽ مون کان پوءِ يعني هن وقت 20 سالن تائين بابا کي ٻي ڪا اولاد ڪونه ٿي. ان وچ ۾ بابا اميءَ جا ڪافي علاج ڪرايا. مٽن مائٽن جي صلاح سان پيرن فقيرن تي به ويا سي پر وريو ڪجھ به ڪو نه.”
    “ اوھ رب سائين بهتر ڪندو. بهرحال هاڻي توهان کي وڌ ۾ وڌ حوصلي ۽ همت کان ڪم وٺڻو پوندو . ڇو ته حوصلو انسان کي زندگي بخشي ٿو.” ان کان وڌيڪ مون پڇڻ مناسب نه سمجهيو.
    “ اوهان جي وڏي مهرباني ڊاڪٽر صاحب.”
    “ منهنجو نالو داڪٽر عارف آهي. صبح جو 9 کا 4 وڳي تائين ڊيوٽي آهي. ڪنهن به قسم جي پريشاني هجي ته هڪدم اچي سگهو ٿا.”
    “ پر جي ڊاڪٽر صاحب ايمرجنسي ٿي پوي ۽ .............” اڳتي چئي نه سگهي.
    “ هي منهنجو ڪارڊ آهي ان تي منهنجا موبائل نمبر لکيل آهن .” ڪارڊ وٺندي هڪ دفعو ٻيهر شڪريو ادا ڪيائين پوءِ هلي ويون. مان تيستائين کين ڏسندو رهيم جيستائين وارڊ جي گيٽ پار ڪري ويون.

    اهڙا ڪيئي ڪيس آيا ويا پر منهنجي دل بيقرار نه ٿي. پر هن دفعي ته دل کي الائي ڪهڙي ڪيفيت اچي ورايو جو ثوبيه جو خيال دل مان نڪري ئي نه پيو. ثوبيه هئي ئي ايڏي حسين. هوءَ ويچاري آئي ته پنهجي پريشانيءَ ۾ هئي. جڏهن سندس پريشاني ختم ٿي ته دل منهنجي پريشان ڪري وئي. مون هفتو ڏيڍ ان ڪيفيت ۾ گذاريو پر ثوبيه جي ياد ويتر وئي دل ۾ آخيرو ڪندي ٻه ڏينهن مس گذريا ته ثوبيه جي فون آئي.
    “ السلام عليڪم! مان ثوبيه پئي ڳالهايان.ڊاڪٽر صاحب توهان سڃاتو.” هن جو آواز ٻڌندي ئي منهنجي ڪنن ۾ ڪنهن سنگيت جو ترنم ڇڙي پيو. مون هڪدم چيو.
    “ جي بلڪل سڃاتو. توهان ٻڌايو خيريت ته آهي.”
    “ ڊاڪٽر صاحب ٻيو ته خير آ پر اميءَ جو B.P شام جي ٽائيم تي وڌي ٿو وڃي ۽ هن وقت به وڌيل آهي. سو جيڪڏهن توهان وٽ ٽائيم ............ ” چپ ٿي وئي.
    “مان هن وقت فارغ آهيان توهان پريشان نه ٿيو. توهان ٿوري ايڊريس سمجهايو مان جلديءَ ۾ اچان ٿو. ” هن ايڊريس سمجهائي ڇڏي. مون ان وقت ئي سندس نمبر فيڊ ڪري ڇڏيم. پوءِ تيار ٿي ثوبيه جي گهر پهتس. پهرين گهنٽي وڄڻ سان ئي ثوبيه در کوليو.
    “ اچو ڊاڪٽر صاحب.” مسڪراهٽ سان ڀليڪار ڪيائين.
    “ توهان کي منهنجو نالو ياد ناهي يا کڻڻ نه ٿا چاهيو.” ڊرائنگ روم ۾ صوفي تي ويهندي چيم.
    “ نه اهڙي ڳالھ نه آهي عارف صاحب.” ساڳي ئي مسڪراهٽ برقرار هيس چيائين، “ مان اميءَ کي سڏي ٿي وٺان.”
    سندن گهر جي شان شوڪت ٻڌائي رهي هئي ته ڪيتري پيسي ڏوڪڙ وارا آهن. ڪافي ڏينهن کان پوءِ ثوبيه کي ڏٺو هيم. ان جي سونهن ۾ گم ٿي ويس. اڄ تيز بلو رنگ جي ڪپڙن ۾ هن جي سونهن چنڊ کي به مات ڏئيي رهي هئي. ايتري ۾ سندس ماءُ ۽ پاڻ ظاهر ٿيون. مان اٿي بيهي سلام ورايم، سندس امڙ چيو،
    “ ويھ ابا ويھ الله خوش رکندئي.” ثوبيه سندس ڀر ۾ ويهي رهي. حال احوال وٺڻ کان پوءِ B.P چيڪ ڪيم ۽ ڪجھ دوائون لکي ڏنم. هاڻي هن جي ماءُ ڪافي مطمعن به هئي. هن حالات سان سمجهوتو ڪري ورتو هو. ڪجھ حال احوال کانپوءِ سندس امڙ ثوبيه کي چيو،
    “ ثوبي ڊاڪٽر لاءِ ڪجھ کڻي اچ.”
    ثوبيه اٿي وئي ۽ ڪجھ منٽن ۾ ٽري ۾ ٻه گلاس پيپسي بوتل جا ڀريل کڻي آئي. سندس امڙ مون کان معذرت ڪندي اٿي وئي ته مان آرام ٿي ڪيان. بوتل پيئندي ثوبيه کان پڇيو،
    “ ثونيه توهان ڇا ڪندا آهيو منهنجو مطلب آ ته توهان ڇا پڙهندا آهيو.”
    “ MBA جي آخري سال ۾ آهيان.”
    “ويري نائيس. اڳتي ڇا خيال آهي.”
    “ جاب ڪرڻ جو ارادو آهي.”
    “ مان سامجهان ٿو توهان کي جاب جي ضرورت نه آهي.”
    “ ضرورت ته نه آهي الله جو ڏنو سڀ ڪجھ آهي پر سڄو ڏينهن گهر ۾ بور ٿيڻ جي ڪري ڪجھ ته ايڪٽيوٽي هجي.”
    “ واقعي ماڻهونءَ کي ٿورو گهڻو مصروف رهڻ گهرجي نه ته بوريت به هڪ قسم جي بيماري آهي. ۽ ها مان هر قسم جي بيماريءَ جو علاج ڪري سگهان ٿو.”
    “ مثلا.........” ثوبيه خالي گلاس کڻندي چيو.
    “ مثلا، جيڪڏهن توها بور ٿيو ته به مونکي گهرائي سگهو ٿا.”
    “ ان لاءِ توهان کي تڪليف نه ڏبي بلڪه مان پاڻ توهان ڏي هلي اينديس. منهنجو ڪاليج توهان جي هاسپيٽل جي ويجهو ئي ته آهي.”
    “ موسٽ ويلڪم. ۽ ها توهان جي ڪري منهنجي پڻ بوريت ختم ٿي ويندي.”
    “ ته چئبو توهان به ان بيماريءَ جو شڪار آهيو.” ٽهڪ ٻنهي کان نڪري ويا.
    “ OK صوبيه. ”
    “خدا حافظ. توهان جي وڏي مهرباني. ”
    “ ها ٻي ڳالھ ..... ”
    “ ڪهڙي. ”
    “ اها ئي هر هر مهرباني نه چوندا ڪيو. ” تڏهن مسڪرائي ڪنڌ سان ها ڪيائين.
    ٻه ڏينهن ٽي گذري ويا. ان وچ ۾ مسلسل هن جي ياد تڙپائي ڇڏيو. بيقرار ٿي پيس. مون محسوس ڪيو ته مون کي ڇا ٿيندو ٿو وڃي. رڳو بيچيني، بيقراري. ڪنهن به شيءِ ۾ مزو نه ٿي آيو. هوءَ منهنجي ضرورت بڻجي پئي. انهن سوچن ۾ غرق آفيس ۾ ويٺو هيس ته اوچتو ئي السلام عليڪم جو آواز آيو. ثوبيه کي ڏسندي ئي اٿي بيٺس.
    “ اچو ويهو پليز.”
    ايڏي ته دل کي وڻندڙ سينٽ لڳل هيس جو منهنجو سڄو ڪمرو خوشبوءِ سان ٻهڪي اٿيو. مان ته اڳ ۾ ئي هن جي يادن جي سحر ۾ گم هيس ويتر ٻهڪي پيس. ثوبيه اڄ ته صفا قهر پئي لڳي. ميرون ڪلر جي ڊريس پهريل، سندس رئو ٻنهي ڪلهن کا ٿيندو سندس ڇاتين جي سرحدن تائين پيل ۽ ان جي مٿان ٿورو ڳچيءَ وارو حصو ظاهر. جنهن ۾ وري خوبصورت سونو هار پيل. ڪنهن مصور جي شاهڪار کان به وڌيڪ حسين لڳي رهي هئي.
    “ خبر اٿو. مان توهان جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هيس، بلڪه مسلسل ٻن ٽن ڏينهن کان بيقرار.”
    “ ڇو ڀلا مون ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھ آهي.”
    “ خاص ڳالھ! منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي اٿوَ.”
    کلي پئي. “ نه نه منهنجو مقصد اهو نه آهي.” سندس ٽهڪن ماحول کي ويتر معطر ڪري ڇڏيو.
    “ ثوبيه يقين ڪريو منهنجي گهڻي ڪوشش جي با وجود به توهان منهنجي دل دماغ مان نڪري ناهيو سگهيا. واقعي پيار اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جيڪو ڪٿي به ڪيئن به ۽ ڪهڙي به طرح ٿي وڃي ٿو، ان ۾ ڪنهن جو وس نه ٿو هلي سگهي. ثوبيه اها درخواست توهان جي سامهون آهي پر ها، هي ٽيبل تي پيپر ويٽ به موجود آهي. توهان چاهيو ته منهنجي مٿي تي استعمال ڪري سگهو ٿا.”
    ثوبيه کلي پئي ٽهڪ ڏئي رهي هئي، ما سندس اکين ۾ تڪي رهيو هيس چيائين،
    “ عارف هن پيپر ويٽ جو وزن ڪيترو ٿيندو.”
    “ گهٽ ۾ گهٽ اڌ سير جيترو ته ٿيندو ئي ٿيندو.” وري اچي کل ۾ پئي چيائين،
    “جڏهن توهان جهڙي ماڻهونءَ جو وس نه هليو ته ڀلا مون جهڙيءَ جو وس ڪيئن ٿو هلي سگهي. مان پاڻ ان ڪيفيت جو شڪار هيس پر شڪر ٿيو جو شروعات توهان ڪئي، نه ته ان اذيت ۾ الائي ڪيترو وقت لڳي وڃي ها.”
    مان ته ٽڙي پيس پاڻ کي ڪمري ۾ نه پر ڪنهن گلستان ۾ محسوس ڪيو جتي گل مکڙيون کولي اسان جي پيار کي لبيڪ چوندا هجن. چيم،
    “اذيت کان ته بچي ويا سي پر اڃا ته پيار جي پلصراط پار ڪرڻي آهي.”
    “ ڪري ويندا سي، جڏهن ٻئي همسفر هڪ ئي راھ تي هجن ته منزل ملي ويندي آهي.”
    “ واھ واھ ڇا ته حوصلو آ.” سندس اهڙين ادائن تي دل اڇلون ڏئي رهي هئي.
    “ثوبيه هلو ته ٻاهر ڪٿي ٿا ويهون. هتي ته هر هر ڊاڪٽر ايندا ويندا. ان ڪري..........” جملو اڌ ۾ ڪٽيم.
    “ڪباب ۾ هڏي نه بڻجي وڃن.” فل موڊ ۾ هئي.
    “ها بلڪل.” ٻئي کلندي اٿي اچي ڪار ۾ ويٺا سي.
    اسپتال جي گيٽ ٽپي گاڏي ڪلفٽن طرف موڙي ته جيئن مڪڊونلڊس برگر کائجي. گاڏي چڱي رفتار سان هلائي رهيو هيس. KPT سگنل تي اچي گاڏي روڪي. جيستائين سگنل کلي تيستائين گاڏين جا انبوھ لڳي ويا. اتي ننڍڙا ڇوڪرا اخبارون کپائي رهيا هئا ته ڪي وري گجرا رابيل جا گل. انهن جا ٺهيل هار، ڪنگڻ کپائي رهيا هئا. هڪ ننڍو ڇوڪرو ثوبيه واري سائيڊ کا اچي بيٺو ۽ پنهنجي انداز ۾ چوڻ لڳس،
    “ گجرا وٺو ڏاڍا خونصورت گجرا. بيگم صاحب ڏاڍا خوبصورت گجرا آهن ”
    “هي ڏسو ٻاهن ۾ پائڻ لاءِ، هي وارن ۾ وجهڻ وارا، تمام سٺا گجرا آهن. بيگم صاحب توهان کي ڏاڍا سٺا لڳندا.”
    “مان ڪڏهن اهي پاتا ناهن.” مون ڏي ڏسي چيائين.
    “اڄ کڻي پائي ڏسو منهنجي ڪري.”
    تڏهن ٻه گجرا وارن وارا ورتائين ۽ ان وقت ئي پنهنجي وارن ۾ ڪائنٽن سان چنبڙائي ڇڏيائين.مان سندس سونهن جي اهڙي سنگم کي ڏسي مدهوش ٿيڻ لڳس.ايتري ۾ سگنل به کلي ويو.مون جلديءَ ۾ ڇوڪري کي پيسه ڏنا ۽ گاڏي اڳتي وڌائي ڇڏي.
    اهو ڏينهن اسان جو ڏاڍي لطف اندوز نموني گذريو، اهڙا ڪي ئي ڏينهن گذري ويا، ڪي ئي شامون گذري ويون.ڪڏهن سمنڊ جي بيتاب ڪناري ڪڏهن ڪورنگيءَ جي سنسان روڊن تي لانگ ڊرائيو ڪندي. بس زندگي صحيح رفتار سان پنهنجي منزل ڏي وڌي رهي هئي.مان ته ثونيه جي گهر جو فرد بڻجي چڪو هيس. سندس ماءُ ڏاڍو مان ڏيندي هئي. حالانڪه هوءَ اسان ٻنهي جي باري ۾ سڀ ڪجھ ڄاڻندي هئي. ثوبيه ئي ٻڌايو هيو ته مان اميءَ کان ڪجھ به ناهيان لڪائيندي.
    ثوبيه جي برٿ ڊي مون کي ياد ئي ڪو نه هئي. ان جو سبب ثوبيه پاڻ ئي هئي. مان سندس محبت ۾ جو ايڏو مست ٿي چڪو هيس. ثوبيه پاڻ ئي انوائيٽ ڪيو.
    “جناب منهنجي سڀاڻي سالگرھ آهي. سو ياد به اٿو يا وساري ڇڏيو.”
    “ اوھ مون کي ياد ئي ناهي. ضرورت به ڪهڙي آ توهان جو مون کي هر وقت ياد آهيو.”
    “ هيڏو سارو اهم ڏينهن ۽ وري چئو ٿا ته ياد ناهي. بس ناهي ڳالهائڻو توهان سان.” ڪاوڙجي پئي پر ڪاوڙ جو انداز نکريلو هيس. منهن ٻئي پاسي ڪيائين مان سندس سامهون ٿورو جهڪي چيومانس،
    “ شهزادي حضور، واقعي بندو سزا جو حقدار آهي. اوهان جيڪا به سزا تجويز ڪندا بندو ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي.”
    اکيون اکين ۾ ملائيندي چيائين، “ اسان ان سزا ۾ نرمي ٿا ڪيون ڇو جو مجرم پاڻ اعتراف ڪيو آ ۽ سزا ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائي ويندي.” جملو پورو به نه ڪيائين ته اچي ٽهڪن ۾ پئي ۽ مان سندس ٻهڪندڙ چهري مان سونهن جي موتين جي مالها جوڙيندو رهيس.
    طارق روڊ تي چارڪلاڪ لڳي ويا صرف ان ڪشمش ۾ ته تحفو ڪهڙو وٺان. ثوبيه به منهنجي هيلپ نه ڪئي ان ته اهو ئي چيو هيو ته مان ڪو به تحفو پسند نه ڪنديس جيڪو به توهان جي طرفان هوندو اهو ئي مون کي قبول هوندو. آخر سوچي سوچي جيولريءَ جي دڪان تان هيري جي منڊي ورتم. اهو سوچي ورتم ته اڪثر ماڻهون شادين ۽ مڱڻين تي منڊيون ڏيندا آهن پر مان ان روايت جي خلاف سالگرھ تي منڊي ڏيندس.
    ٻي ڏينهن شام جو پوري ستين بجي پهچي ويس. سڄو ڊرائنگ روم گلن سان سجايل هيو ۽ حيرت جهڙي ڳالھ اها هئي ته سڀ گل تازه هيا. ثوبيه ڪاري ڊريس ۾ ڪنهن مصور جي اپسرا کان به وڌيڪ لڳي رهي هئي.
    “ثوبيه لڳي ٿو مان هتي گهڻو وقت بيهي نه سگهندس.”
    “ڇو!طبيعت صحيح ناهي ڇا.”
    “ طبيعت ته صحيح آ پر هيترن سارن گلابن جي خوشبوءِ ۽ وري اڄ تنهنجي حسن جو جلوو مون کي بيهوشيءَ جو خمار مدهوشين جي وادين ۾ ٿو ڌڪيندو وڃي.”
    “اوھ. تيستائين پاڻ بچائجو جيستائين ڪيڪ ته ڪٽي وٺون.”
    “ٺيڪ سائين. اهو ضبط به ڪري ٿا وٺون. ڀلا ڪي مهمان ظاهر ناهن ٿيا يا اڃا دير سان اچڻا آهن.”
    “توهان جو اچي ويا آهيو ته ٻئي ڪنهن مهمان جي ڪهڙي ضرورت.”
    “پر پوءِ به.” مون وڌيڪ اسرار ڪيو.
    “نه اسان ٻئي ڪنهن کي به انوائيٽ ناهي ڪيو. هونءَ به امي ۽ مان پاڻ ۾ سالگرھ ملهائيندا آهيون ۽ هن دفعي توهان جو اضافو ٿيو آ.”
    “۽ توهان جو والد صاحب.”
    “ان جي ته صورت ڏسڻ لاءِ سڪون ٿا. پليز ان ذڪر کي ڇڏيو ورنه اميءِ جو موڊ خراب ٿي ويندو.”
    “ I am very sorr چڱو سائين ڀلا مون غريب جي طرفان هي تحفو قبول فرمايو.” منڊيءَ وارو باڪس هن ڏانهن وڌايم. باڪس کوليندي چيائين،
    “ايڏي خوبصورت منڊي! ڇا ته اوهان جي پسند آ.”
    “پر توهان کان وڌيڪ خوبصورت ناهي.”
    “ ته پوءِ پائڻ جو شرف به اوهان ئي بخشيو.”
    “ منهنجي ايڏي مجال.”
    “پليز.” هن اسرار ڪندي هٿ وڌايو.
    مان سندس نرم ۽ نازڪ کير جهڙي اڇي آڱر ۾ منڊي پارائي جنهن سندس حسن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو. جيئن چنڊ ڀرسان ستارو چمڪندو آهي. ثوبيه جي امي به اچي وئي. ثوبيه اميءَ کي منڊي ڏيکاريندي چيو،
    “امي هي ڏسو منهنجي لاءِ عارف ڪيڏي ته سٺي منڊي آندي آهي.”
    “واقعي سٺي آهي پر پٽ اهڙي قيمتي تحفي جي ڪهڙي ضرورت هئي.”
    “ نه امي اهڙي قيمتي ته ناهي بس منهنجي دل کي وڻي وئي سو وٺي ڇڏيم.”
    “پٽ الله توکي خوش ڪندو. سچ پڇين ته منهنجي دعائن ۾ ثوبيه سان گڏ تون به شامل آهين.”
    “اها اوهان جي شفقت ۽ محبت آ ورنه مان ان قابل ناهيان.”
    “امي هاڻي اچو ته ڪيڪ ڪٽيون. بک به لڳي آ.”
    تڏهن ٽئي کلندا ان سينگاريل ٽيبل تي آيا سي جتي ڪيڪ رکيل هو. ثوبيه ڪيڪ ڪٽيو ته مان ۽ اميءَ تاڙيون وڄائي ثوبيه کي مبارڪ ڏني. ثوبيه ڪيڪ جو ٽڪرو پهرين اميءَ کي ۽ پوءِ مون کي کارايو۽ پوءِ هڪڙو ٽڪرو کڻي ثوبيه کي کارايم.
    “ هاڻي بغير ڪنهن دير جي سٺي هوٽل تي هلي ڊنر ٿا ڪيون.” ثوبيه جي اميءَ اعلان ڪيو ۽ اسان ٻنهي هٿ مٿي ڪري ييس چيو.
    ان رات دير سان گهر آيس. پر اڄ هڪ سوچ شدت سان محسوس ٿي جيڪا ثوبيه جي پيءُ جي باري ۾ هئي. هن کان اڳ به ڪافي دفعه اهو خيال آيو هيو پر اڄ ڳالھ وڌيڪ کٽڪي رهي هئي. مون کي ايترو وقت ٿي ويو هو ثوبيه وارن سان گذاريندين پر مون ڪڏهن به هن جي پيءُ کي ايندي ويندي نه ڏٺو نه وري ڪنهن ٻئي مٽ مائٽ ۽ مهمان کي. ڪافي دير تائين سوچيندو رهيس.
    ٻي ڏينهن ثوبيه ۽ مان سفاري پارڪ جي ٽڪرين تي پربهار هوا سان لطف اندوز ٿي رهيا هيا سين. مونکي ته اڻ تڻ هئي سو ذڪر ڇيڙيندين چيومانس،
    “ ثوبيه مون تي ڪيترو اعتبار ڪرين ٿي.”
    “ پاڻ کان به وڌيڪ.”
    “ نه ثوبيه ائين ناهي. مون کي ڪٿي ڪٿي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.”
    “ کوٽ محسوس ٿئي ٿي ! هي اڄ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين.”
    “ ها ثوبيه جڏهن تون مونکي زندگيءَ جو حصو به سمجهين ٿي ۽ ايڏي وڏي اعتبار جي دعويٰ به ڪرين ٿي. پوءِ به مونکان اڄ تائين هڪ تلخ حقيقت لڪائي اٿئي.”
    سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. ٽڙيل چهرو مرجهايل مکڙي بڻجي پيو.
    “ ڪهڙي تلخ حقيقت. اڄ تو کي ڇا ٿي ويو آهي.”
    “ ثونيه منهنجو مقصد تنهنجي پپا جي باري ۾ آهي.”
    “ عارف مان توکي ڪيترا ڀيرا ٻڌايان .........”
    “ ته توهان جي پپا ٻي شادي ڪئي آهي.” مون سندس جملو اڌ ۾ ئي ڪٽي ڇڏيو. “ نه ثوبيه نه. صرف ٻي شاديءَ جي ڪري توهان جي پپا جي ايڏي لاتعلقي ۽ وري توهان جي ان سان. نه ثوبيه نه. حقيقت کڻي ڇا به هجي پرڏس منهنجو توسان اهو واعدو آ ته مان توسان نڀائيندس.”
    “ مون کي انهيءَ گهڙيءَ جو ئي خطرو هيو عارف! ڪڏهن اهڙي قسم جو حقيقتون کلڻ سان ماڻهونءَ جو اعتبار نه به رهندو آهي. سو مان نه ٿي چاهيان ته تون به ائين چوين ته مان بيوس آهيان. يقين ڪرين نه ڪرين مان توکي وڃائڻ نه ٿي چاهيان.” ثوبيه جي آواز ۾ ورهين جو درد لهي آيو.
    “ پر ثوبيه سڀئي ماڻهون هڪجهڙا نه هوندا آهن. تون به ته يقين ڪري ڏس.”
    “ ٺيڪ آ عارف! هاڻي منصف به تون آ ۽ مان تنهنجي ئي انصاف کي پنهنجي زندگي سمجهنديس.” هن هر طرح سان انصاف جو پلوءُ منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ڳالھ کي وڌائيندي چيائين،
    “ منهنجي ماءَ دلشاد بيگم طوائف هئي ۽ جنهن ماڻهوءَ منهنجي ماءُ جي زندگي تباھ ڪئي مان ان کي پيءُ چوڻ به مناسب نه ٿي سمجهان.”
    شعور جي واڳ ورائڻ کان پهرين مونکان بي اختيار نڪري ويو،
    “ ڇا ؟ ” مان پنهنجي سموري وجود سان ڪنبي ويس. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسندين منهنجو روح فنا ڪري ڇڏيو. چيائين،
    “ پليز عارف چپ ڪر ورنه مان ٻڌائي نه سگهنديس، جيڪو شخص پاڻ کي شرافت جو علمبردار سمجهندڙ، حويلن ۾ شهزادن وانگر پلجندڙ منهنجي ماءُ کي ته ان دنيا مان ڪڍي آيو، محبت ۽ شاديءَ جا وچن به ڪيائين ته تون صرف منهجي آن . هن دولت جا ڍير به لڳائي ڇڏيا. پر جڏهن پنهجي ماءُ جي ڪک ۾ مون پلجڻ شروع ڪيو ته ان ماڻهوءَ اکيون ڦيريون. ان کان سڀ وچن اقرار وسري ويا. پوءِ ته گهڻو ڪجھ ٿيو پر اميءَ مون کي وڃائڻ نه ٿي چاهيو ۽ اميءَ اهو ئي فيصلو ڪيو ته ڪجھ به ٿي پوي پر مان ان ماڻهوءَ جو مقابلو ڪري نه سگهندس. اميءَ جنهن دنيا کي ڇڏيو هيو سو اوڏانهن واپس نه وري ۽ اهو شهر ئي ڇڏي هتي هڪ سٺو گهر ورتائين ۽ پنج دوڪان به. جيڪي اڃ تائين ڪرائي تي ڏنل آهن جن مان ئي اسان جو گذارو ٿئي ٿو.”
    “ بس ثوبيه بس. اڃان ڇا بچيو آ ٻڌائڻ لاءِ.” پر هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ گهاوءَ مٿان گهاوءَ ڏيندي رهي. ثوبيه کي گهر ڇڏي بغير ڪجھ چوڻ جي واپس ٿيس ته ثوبيه چيو،
    “ مان تنهنجو انتظار ڪنديس.”
    مان ته تڙپي پيس. ڪنهن مهل وهاڻي ۾ منهن هڻي پيو روئان ته ڪنهن مهل آلين اکڙين سان دريءَ جي ڀرسان پيو بيهان. مان هن کي ڇڏي آيس پر جهاڳڻ لاءِ سوچن جو سمنڊ کڻي آيس. ثوبيه منهنجي زندگيءَ جي سوڀيا ۽ سڃاڻپ هئي. مان هن کي وڃايان ٿو ته پنهنجو پاڻ کي ٿو وڃايان پر جي پنهنجو ٿو بڻايان ته وري معاشرو ٿو اذيت ڏئي. هوءَ منهنجي زندگيءَ جي روشني هئي. مان سوچن جي ٻه واٽي تي ٽنگجي پيس. سوچي سوچي ٿڪجي پيس. نيٺ منهنجي ضمير ئي حوصلو ڏنو ته “ ڪهڙي معاشري جي ٿو ڳالھ ڪرين ان معاشري جي، جيڪو طوائفن ڏي وڃڻ وارن اشرافن جي پردھ پوشي ٿو ڪري ٿو ڪري. انهن جي دولت ۽ عزت جا ڪلما ٿو پڙهي ۽ جڏهن اها ئي طوائف زندگيءَ جي طرف موٽي ٿي ته وري ان ڏي ئي ٿو آڱريون کڻي. ڇا محبت ان جو نالو آ. ڇا پيار ان جو نالو آ ته هوءَ ڇا هئي، ڇا آهي ۽ ڇا رهندي.”
    مون کي سڪون ملندو ويو ۽ سوچن جو بار هلڪو ٿيندو ويو. منهنجي دل مطمعن ٿي وئي. اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته محبت محبوب جي ها ۾ ها ملائڻ جو نالو آهي. مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڇا به ٿي پوي مان سڀاڻي ثوبيه ڏي ويندس. ضرور ويندس. چوندس،
    ”ثوبيه تون منهنجي آن، تون جيئن به آن، جهڙي به آن منهنجي آن. ها! بس منهنجي آن.“


    جي جيءَ کي جيئارين

    مان ڊاڪٽر روزينه کي گهر تائين ڇڏڻ آيس ڪنڌ جهڪيل ۽ چهري تي سوچ جون ريکائون چٽيون هيس، مون کان ڪجھ لڪائي رهي هئي. صوفيه جن جي فيملي ڊاڪٽر آ. پهر بي پهر نياپو مليس ته هڪدم هلي ايندي آهي، هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائين،
    “پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھ ناهي سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو.”
    سندس لهجي ۾ مايوسي هئي سمجهي ويس ته هوءَ صرف دلاسو ڏئي رهي آهي، ڪار ۾ ويهندي چيائين،
    “اڄ رات منهنجي ڊيوٽي ناهي گهر ۾ هونديس جنهن وقت به صوفيه کي تڪليف ٿئي هڪدم فون ڪجانءِ.”
    ڊاڪٽر روزينه وڃي چڪي هئي. مون محسوس ڪيو ته صوفيه اڄوڪي رات ڪڍي نه سگهندي، موت اڳيان زندگيءَ جي بازي هارائي ويندي. صوفيه تي غشي طاري هئي نڪ جون ناسون ٿوريون ڦنڊجي ويون هيس ۽ سندس چپ هڪٻئي کان ڌار، سيني ۾ ساھ ڌوڻيءَ وانگر هلي رهيو هيس. اڄ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جا راز، تڪليفون ۽ ڏک پاڻ سان کڻي وڃي رهي هئي. مان ته ڦٿڪي پيس موت مون کي پنهنجي اوسي پاسي محسوس ٿيو. مان سندس کٽ جي ڀرسان ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته اڄ رات صوفيه مون کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڪري ويندي. پيار ۾ ٿيل واعدا پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندا، بيپناھ پيار ۽ پاٻوھ مان سندس ڇهاءُ محسوس ڪري نه سگهندس.
    مان ٽڪ ٻڌي صوفيه ڏانهن ڏسندو رهيس، ساڻس گهاريل گهڙيون مون کي وڍ ڏئي رهيون هيون. حد کان وڌيڪ سونهن رکندڙ صوفيه جڏهن پهريون دفعو آئي هئي ۽ چيو هئائين،
    “ اسان جي فليٽ جي ٽانڪيءَ ۾ پاڻي ختم ٿي ويو آهي جيڪڏهن توهان وٽ آهي ته هڪ ٻه بالٽي گهرجي.”
    “جي بلڪل، توهان جيترو چاهيو کڻي سگهو ٿا.”
    مان حيران به هيس ته خوش به، شڪر ٿيو ته ڪجھ سلسلو اڳتي چريو. هونءَ ته مان سدائين هن کي ايندي ويندي ڏٺو هيو، ڪيترا ڀيرا ته هڪٻئي جي آمهون سامهون به ٿيا هئا سين پر پاڻ ۾ ڳالهايو نه هيو سي.حالانڪه ما محسوس ڪندو هيس ته هوءَ به سمجهي وئي آهي ته مان هن ۾ دلچسپي ٿو وٺان.صوفيه جي ماءَ سيڪنڊري اسڪول جي هيڊماسترياڻي هئي، سندس ٻه ننڍا ڀيڻ ڀاءَ جيڪي مڊل ڪلاس جي اسڪول ۾ پڙهي رهيا هيا. سندس والد وفات ڪري چڪو هيو ۽ صوفيه پاڻ هڪ اداري ۾ ڪم ڪندي هئي.
    ڪافي وقت هڪٻئي جي آمهون سامهون رهندي ماڻهونءَ کي هڪٻئي جي چال چلت جي خبر پئجي ويندي آهي.صوفيه جن کي به منهنجي خبر هئي ته رهي ته بيچلر ٿو پر هنن کي مون کان ڪڏهن ڪا شڪايت نه ٿي هئي. جنهن ڪري آهستي آهستي صوفيه وارن سان منهنجي بيتڪلفي ختم ٿيندي وئي.مون کي اڪثر ٿڌي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي هئي جيڪا هنن کان پوري ٿي ويندي هئي. صوفيه جي ماءَ مسز شهناز کي آنٽي سڏيندو هيس. هڪ ڏينهن مٿي ۾ ڏاڍو سور ٿي پيو جنهن ڪري ڪاليج به وڃي نه سگهيس. فليٽ جو دروازو کليو پيو هيو، مان فليٽ ۾ موجود هوندو هيس ته اڪثر در کليو رکندو هيس.آنٽي شهناز آئي ستل ڏٺائين ته آواز ڏنائين،
    “فراز ڇا ٿيو اڃان ڪاليج نه ويو آهين ڇا ؟ هن مهل تائين دروازو کليو پيو آ.”
    مان جلدي اٿي ويهي رهيس، “ها آنٽي اڄ ڏاڍو مٿي ۾ سور آ ان ڪري سمهيو پيو آهيان.”
    “پوءِ توهان گوري کاڌي آهي. نه ته مون وٽ موجود آهن.”
    “نه آنٽي ان جي ضرورت نه آهي، ٿورو آرام ڪرڻ سان لهي ويندو.”
    “ڪونه ٿو لهي ائين. مان صوفيه کي چوندي ٿي وڃان توهان کي گوري ڏئي ويندي، کائي ڇڏجو ۽ ها مان واپسيءَ تي توهان کان پڇا ڪنديس.”
    چئي آنٽي هلي وئي.مون کي ڏاڍو پنهنجائپ جو احساس ٿيو.دل ئي دل ۾ سندس شڪريو ادا ڪيو.ڪجھ وقت ۾ صوفيه آئي ٻه ڪوپ چانھ جا ۽ پونسٽان جي گوري کڻي. ويهندي چيائين،
    “پهرين گوري کائو ۽ پوءِ چانھ پيئو.”
    چانھ جو ڪوپ پنهنجي ڀرسان رکي گوري پاڻيءَ سان ڳهي چيم،
    “توهان جي وڏي مهرباني.”
    “ان ۾ مهربانيءَ جي ڪهڙي ڳالھ آ، اهي ته ننڍا ننڍا مسئلا ٿيندا رهندا آهن.”
    “پر پوءِ به ڪجھ ته شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي.”
    “هرو ڀرو ضرورت نه هوندي آهي.” چيائين“اهي روايتي جملا آهن ٿوري ٿوري ڳالهين تي ماڻهن کان ادا ٿي وڃن ٿا.”
    “ڏاڍا هوشيار آهيو، توهان ته فلسفو ٿا ڳالهايو.” چانھ جو ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ چيم.
    “ڇا مطلب آ توهان جو، توهان سمجهو ٿا ته ........ ؟”
    “نه نه منهنجو مقصد آ توهان ته ڏاڍيون سٺيون ٿا ڳالهيون ڪريو.” هٿ جي اشاري کي نه ڪري چيم.تڏهن صوفيه مسڪرائڻ لڳي سندس مسڪراهٽ ڏسي منهنجو ته مٿي جو سور ئي ويندو رهيو. تڏهن اوچتو خيال آيو، پڇيم،
    “توهان ڀلا آفيس نه ويا آهيو. ڇو؟”
    “ٻن ڏينهن جي موڪل ورتي اٿم.”
    “ڪو خاص سبب.”
    “بس ٿڪاوٽ جي ڪري، سوچيم ته ڪجھ ريسٽ ڪيان.”
    “ٿڪاوٽ جي ڪري موڪل.واھ! توهان ته آفيسر آهيو ٻيو وري ڇا.”
    تڏهن وري منهنجي مٿي جو سور ياد پيس ۽ ٿوري تيز لهجي ۾ چيائين،
    “چڱو ڇڏيو انهن ڳالهين کي، توهان کي آرام ناهي ڇا ڪرڻو. منجهند جو امي به اچي ويندي پوءِ ان سان ويهي حوال ڪجانءِ.”
    ويندي ويندي چيائين، “دروازو لاڪ ڪري ڇڏجو.” پوءِ دروازو پاڻ ئي زور سان بند ڪري هلي وئي.
    هاڻي ته انهن سان ايترو ملي جلي ويس جو انهن جو هڪ فرد بڻجي پيس.انهن وٽ اچڻ وڃڻ، کائڻ پيئڻ مطلب ته ڪو حجاب نه رهيو.صوفيه ۽ مان هڪٻئي جي تمام ويجهو ٿي ويا سي.هڪٻئي جي اکين ۾ لڪيل محبت هڪٻئي جي دلين تائين پهچائي ڇڏي سي.
    هڪ ڏينهن آنٽيءَ سميت صوفيه سان سمنڊ تي آيس. جهڙالي موسم ۾ سمنڊ جو نظارو ڏاڍو دلڪش لڳي رهيو هيو.آنٽي ٻارن کي کيڏائڻ ۾ پوري هئي جڏهن ته صوفيه ۽ مان گهڻو پري نڪري آيا سي ۽ هٿ سان آنٽيءَ کي اشارا به ڪيون پيا ته اتي ئي ٿا پيا ڦرون.اسين هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهيا سي.سمنڊ جون لهرون پٿر سان ٽڪرائجي واپس پيون وڃن ۽ انهن جون ڦينگون اسان کي راحت پيون بخشين، صوفيه کان ڳالهين ئي ڳالهين م پڇيم،
    “هاڻي اڳتي ڇا خيال آ منهنجو مطلب آ ته فيوچر جي باري ۾.....”
    “سمجهان ٿي، شاديءَ جي باري ۾ ٿو چوين نه.” منهن سمنڊ طرف ڪري چيائين ۽ ڪنهن وشال سوچ ۾ گم ٿي وئي.
    “ها، ڇا ان ڳالھ جي ضرورت ناهي.” مون پنهنجو هٿ هن جي هٿ مٿان رکي ڇڏيو.
    “پر ڇا اهو ضروري آ ته جنهن سان محبت ٿئي ته شادي به ان سان ئي ٿئي.”
    “ضروري ته ناهي پر جيڪڏهن ٻه دليون راضي هجن ۽ ڪنهن حد تائين انڊراسٽيندنگ به هجي ته آخر حرج ئي ڪهڙو آ.”
    “حرج ته ناهي پر به ............” سندس هٿ جو زور منهنجي هٿ تي وڌي ويو.
    “پر وري ڇا، ڇا توکي انڪار آهي؟”
    “انڪار ته ناهي پر في الحال ان مسئلي تي سوچڻ ئي نه ٿي چاهيان.”
    “ڇا ڀلا سائينءَ جن جي ٻي ڪنهن تي نظر آ.” مون ويجهو ٿيندي مزاق جو تير اڇلايو.
    “اچي وئين نه پنهنجي اصليت تي. اهڙي هڻاءِ مڪ جو ياد ڪرين.” نڪ کي موڙو ڏئي ۽ مڪ اولاريندي چيائين.
    “هڻو هڻو چڱائيءَ جو وقت ئي ناهي.”
    “ڪونه ٿي گهرجي اهڙي چڱائي.” منهن ئي ڦيري ڇڏيائين.
    ايتري ۾ آنٽي به ٻارن سميت اچي پهتي. ٻارن کي مڪائي سنگ هيا جيڪي سخت هوندي به زوريءَ کائي رهيا هيا.سج پنهنجا پويان پير ڪيا، سج جي ڳاڙهاڻ سمنڊ سان ملي ڏاڍو دلڪش منظر ٿي پيش ڪيو.اٿڻ تي دل ئي نه پئي چوي پر آنٽيءَ جي اسرار تي واپس ٿيا سين.
    آخر اها منحوس گهڙي به اچي ويئي جو هڪ ڏينهن سندس ڇاتيءَ ۾ سور پيو ۽ ان سان گڏ کنگھ به شديد حملو ڪيس. پر ان جي باوجود به اسٽور تان عام سيرپ گهرائي ورتائين، حالانڪه ڊاڪٽر روزينه آنٽيءَ جي ڪلاس فيلو رهي چڪي آ ايتري واقفيت هوندي به الائي ڇو چيڪ اپ ڪرائڻ کان لنوائيندي هئي، اهو چئي ڇڏيندي هئي،
    “معمولي سور آ پاڻ ئي لهي ويندو آ.” پر ان کان پوءِ اڪثر تيز يا هلڪو سور۽ کنگھ به ٿيندي رهندي هيس.مون کان رهيو نه ٿيو چيو مانس،
    “صوفيه آخر هي ڇا هي، چيڪ اپ ڪرائڻ ۾ آخر حرج ئي ڪهڙو آ.”
    “چوان ته اٿي اهڙي ڪا ئي ڳالھ ناهي رڳو چيڪ اپ چيڪ اپ لاهي ڏنو اٿوَ.” چڙ کائيندي چيائين.
    “باقي درد شدت اختيار ڪري وڃي پوءِ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي، ائين نه.” مان بدستور ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهيس. “ڏس صوفيه توکي آنٽي ۽ هنن ننڍن ٻارن جو به خيال نه ٿو ٿئي.”
    “پر فراز مون کي ايتري تڪليف ئي ناهي ته ..........”
    “ تڪليف هجي يا نه، بس سڀاڻي هلندا سين ڊاڪٽر ڏي.”
    “چئبو ته نه مڙندين.”
    “اصلي نه.” ٻانهن کي ڇنڊي هلي وئي ٻئي روم ۾.ان وقت جگنو ۽ مان هڪٻئي سان تاڙو ملايو ۽ فتح جو اعلان ڪيو ته آنٽي ۽ ننڍڙي آسيه به کلڻ لڳيون. ٻئي ڏينهن صوفيه ۽ مان ڊاڪٽر روزينه ڏي آيا سي جنهن چيڪ اپ ڪري خدشو ظاهر ڪيو،
    “ ٿي سگهي ٿو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي. خدا ڪري ته منهنجو خدشو غلط نڪري پر پوءِ به ڪجھ رپوٽون ڪرائڻ ضروري آهن.”
    مان اهڙي انڪشاف تي ڇرڪي پيس. صوفيه کي وٺي اسپتال ڪينسر وارڊ ڏي آيس جتي سندس ضروري رپوٽون ڪرايون.جڏهن رپوٽون پازيٽو آيون ته منهنجو ظاهر ۽ باطن ڪنبي ويو مان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪرندو محسوس ڪيو.صوفيه سان گڏ منهنجي اکين جا بند به ڀڄي پيا.گهر تائين خاموش آيا سين نه هن ڳالهايو نه وري مون. فليٽ جي در ٻاهران بيهندي چيائين،
    “اميءَ کي ان صورتحال جي خبر نه پوي.”
    “آخر ڪيستائين.” مون چيو.
    “جيستائين ٿي سگهي.” آنٽيءَ جي سامهون ايندي اهڙي ته فنڪارانه انداز ۾ چيائين،
    “امي ڏٺوَ ڪا خاص ڳالھ نه هئي بس ٿورو کنگھ جو اثر آ جيڪو به دوائن جي ڊريعي آهستي آهستي ختم ٿي ويندو.”
    منهنجو اندر ڇڄي پيو ڄڻ دل جنڊ جي ٻن پڙن ۾ چچرجي پئي.کليل دريءَ مان آسمان ڏانهن نهاريندي دل ۾ ئي چيم،
    “اي منهنجا رب توکان وڌيڪ ڪو ٻيو طبيب نه آهي. تون ئي هن کي شفا ڏجانءِ.”
    ان کان پوءِ اڪثر صوفيه کي مون پاڇولن ۾ روئيندي ڏٺو۽ اهو محسوس ڪيو ته پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ ۽ ماءُ جي لاءِ وڌيڪ روئيندي هئي، هڪ ڏينهن چيائين،
    “اڄ آفيس اچجانءِ اتان سمنڊ تي هلندا سين.”
    اها شام اسين ڪيتري دير تائين سمنڊ ڪناري آلي واريءَ تي هلندا رهيا سي.سمنڊ جي وير کي چڙهندي ۽ لهندي ڏسندا رهيا سي، اسان پاڻ ۾ اڃان ڪجھ نه ڳالهايو هو، خاموش رهي ڄڻ سمنڊ جي ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.انيڪ ڇوليون اسان جي پيرن کي ڇهي موٽي ويون.تڏهن صوفيه چيو،
    “منهنجي ڀاءُ ڀيڻ ۽ اميءَ جي پارت اٿئي.”سندس اکڙين ۾ پاڻي تري آيو.
    “هي تون ڇا چئي رهين آهين، ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين دنيا الائي ڪٿي پهتي آهي. ڪينسر ايڏو وڏو مسئلو نه رهيو آهي علاج تنهنجو هلي رهيو آهي ۽ تون پاڻ ايڏي بهادر ٿي ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين.”
    “تو کي ته خبر آ مون کي پنهنجي پرواھ ڪونهي.”
    “پرواھ هجي يا نه هجي پر اهڙيون نااميديءَ واريون ڳالهايون ته نه ڪر، ڏس دنيا اميدن تي قائم آ.تو کان وڌيڪ درد جو پهاڙ ته منهنجي مٿان ڪريو آهي پر جڏهن توکي ڏسان ٿو ته جيئڻ جي اميد درد کي مات ڏئي ڇڏي ٿي ۽ تون آ جو اهڙيون ڳالهيون ڪري مون کي مارڻ چاهين ٿي.”
    منهنجو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو، سندس نازڪ هٿ منهجي چپن تي آيو ۽ چيائين،
    “خدا نه ڪري جو ائين ٿئي، ڏس اهڙي ڳالھ وري زبان تي نه آڻجانءِ.”
    “ته اڄ کان پوءِ اهڙيون مايوسيءَ واريون ڳالهيون نه ڪجانءِ.”
    سندس هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ مظبوط دٻائيندي چيم.پوءِ چهري تي مسڪراهٽ پکڙجي ويس جنهن تي سمنڊ جون ڇوليون به رقص ڪرڻ لڳيون. حالانڪه بي انتها پيار هوندي به حيا جي ڀت حائل هئي. ڪيتري دير تائين اسان جون ڳالهيون هلنديون رهيون جڏهن دل ڀرجي وئي ته واپس ٿيا سين. اها رات اڃا گذري به نه هئي جو اوچتو صوفيه کي ڇاتيءَ ۾ سور پيو، جنهن ڪري آنٽي ڀڄندي آئي ۽ زور زور سان در کڙڪائي رهي هئي، مون کي اڃان ننڊ ڪونه آئي
    هئي جلديءَ ۾ در کوليم ته چيائين،
    “صوفيءَ جي حالت خراب ٿي پئي آهي.”
    “ڇا ؟” مان ان اوچتي خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هيس آنٽيءَ کي چيم،
    “ توهان ڊاڪٽر روزينه کي فون ڪيو جيئن بروقت ڪجھ ڪري سگهجي.” پر پوءِ سوچيم جيستائين ڊاڪٽر روزينه اچي تيستائين صوفيه جي حالت الائي ڪٿي وڃي پهچندي، سو هڪ دوست ڏي فون ڪيم ۽ کيس چيو،
    “يار ڪار ڪاهي هڪدم پهچ ايمرجنسي ٿي پئي آهي.”
    ڪينسر وارڊ جي هڪ الڳ ڪمري ۾ صوفيه کي داخل ڪرايو سي ان وقت جلدي ٽريٽمينٽ جي ڪري ڪجھ فائدو ٿيس جو صوفيه کي ڪجھ سڪون مليو پر ڳالهائي ڪو نه پئي سهگي.آنٽي مسلسل روئي رهي هئي مون ان کي آٿت ڏني،
    “ آنٽي الله ڪندو سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو.”
    پر صبح جو وري حالت خراب ٿي ويس ۽ اڄ ٻيو ڏينهن هيو جو حالت وڃيس پئي بگڙجندي. مان ڪمري جي دڪيءَ تي اداس من کي تسليون ڏيندو رهيس جو آنٽيءَ جي رڙ ٻڌم،
    “صوفي !”
    اٿي صوفيءَ ڏانهن ڀڳس، سندس ساھ تکو تکو هلندي منجهڻ لڳو.هوءَ نڪ بدران وات مان ساھ کڻڻ لڳي.مان ٻاهر نڪري ڊسپينسر کي چيو،
    “جلدي ڪر ڊاڪٽر کي گهراءِ.”
    ڊسپينسر تڪڙو تڪڙو هليو ويو. اندر آيس ته آنٽي صوفيه کي روئي مٺيون ڏئي رهي هئي،
    “ امي، ڪجھ نه ٿيندو، اکيون ته کول. صوفي صوفي ڏس ته سهي سامهون ڪير بيٺو آ.”
    پر صوفيه جو کونگهري جهڙو آواز وڃي پيو گهٽجندو، ڄڻ ته معرڪو ئي ختم ٿيندو هجي. ان وقت مون پنهنجي اندر جي عبادتگاھ ۾ رب کي ٻاڏايو،
    “اي رب هن جي حصي جو باقي رهيل عذاب منهنجي حصي ۾ داخل ڪري ڇڏ.”
    ڊاڪٽر به اچي ويو جنهن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام، صوفيه جي اکين مان رت جا لڙڪ وهاڻو ڳاڙهو ڪري رهيا هيا ۽ وري وات مان به رت جاري ٿيس سندس ڪنڌ هڪ پاسي ڍرڪي پيو. آنٽي ۽ ٻارن جون رڙيون آسمان پيون ڏارين. هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر ڪوشش ڪئي پر پوءَ عينڪ لاهي چيائين،
    “ آءِ ايم سوري.”


    ناوليٽ: چاهت جي مسافت

    سج ۾ اڄ اها تپش نه هئي جنهن ڪري ٿڌ ۾ ڪجھ گهٽتائي لڳي پئي هئي ان جي باوجود به ڪڪرن پاڻ ملهايو موسم کي مدهوش بڻائڻ جي چڪر ۾ اهم رول ادا ڪري رهيا هئا. راحيل پنهنجي بدن تي اجرڪ کي ڍڪيندي آسمان طرف نهاريو. روز جيتري دير به سج اڀريل هوندو هيو هن جو من وندريل رهندو هيو. جڏهن هن ديس تي پويون پاڇو پوندو هو ته هو اداس ٿي ويندو هيو.
    اڄ آسمان طرف نهاريندي کيس گذريل ڏينهن ياد اچڻ لڳا هئا هن جي زندگيءَ جا ڪافي ڏينهن هڪ دريءَ وٽ ويهندي ئي گذريا هئا. ڪراچيءَ جي ڳتيل آباديءَ واري علائقي گلشن اقبال ۾ ٽئين منزل واري فليٽ ۾ رهندو هيو. هن جي فليٽ ۾ هڪ دري اها به هئي جيڪا گهٽيءَ بدران بازار طرف کلندي هئي. سندس دريءَ ڀرسان رکيل ڪرسي عام ڪرسين کان ٿوري ڊگهي هئي. هن اها خاص ڪرسي ان مقصد لاءِ ئي ٺهرائي هئي. سندس ڪمرو ڪافي ڪشادو هيو جنهن ۾ اسٽڊي ٽيبل دريءَ جي بلڪل سامهون ئي رکيل هئي. ٽيبل تي ڪجھ ڪتاب ۽ هڪڙو ٽيبل ڪئلينڊر ڪنهن فارميسي ڪمپنيءَ جو رکيل هيو. ان جي ساڄي پاسي کان سمهڻ لاءِ هڪڙو سنگل بيڊ جنهن تي ٽڪ جي رلهي ۽ هڪڙو ويهاڻو جنهن تي ڀرت سان خوبصورت گل ٺهيل هيو. کاٻي پاسي کان صوفا سيٽ ۽ ان جي اڳيان ڪاٺ جي ٽيبل جنهن تي اڇي چينيءَ جي چٽسالي ٿيل پئي هئي. سڄي ڪمري ۾ ڪالين وڇايل هيو. دريءَ جي ساڄي پاسي سامهون واري ڀت تي هڪ تصوير لڳل هئي جنهن ۾ هڪ ڇوڪرو وڻ جي هيٺان ويٺل آهي سندس سامهون پاڻيءَ جو کاموجنهن ۾ سائي ڪجھ سڙيل پَنِ بيٺي آهي پاسي کان ٻٻر جو وڻ به آهي کامي جي پريان هڪڙو رستو ڪنهن ڳوٺ ڏانهن ٿو وڃي. ان ڳوٺ جي آس پاس ڪافي گرينري ٿي نظر اچي. ڇوڪري جو منهن ٻنهي گوڏن جي وچ تي ڳٽن تائين رکيل آهي ۽ نگاهون ان سامهون واري ڳوٺ ۾ کتل آهن.
    راحيل ننڍڙو هو جو ماءُ گذاري ويئي هيس. سندس پيءُ يونيوريٽيءَ ۾ پروفيسر هيو. راحيل جڏهن اسڪول مان واپس ايندو هيو ته گهر ۾ پوڙهي نوڪر کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هوندو هيس. چانھ جو ڪوپ پي دريءَ وٽ ويهندو هيو. اتي ويهندي کيس انهن شخصن جي تلاش هوندي هئي جيڪي ڪن ڪهاڻين ۾ هوندا آهن يا ته ڪهاڻين جا ڪردار هوندا آهن.
    جوانيءَ جي ڏينهن ۾ سندس پيءُ کي ڪنهن اھڙي عورت سان محبت ٿي وئي هئي جيڪا سماج جي نظرن ۾ ڪريل هئي. پر محبت ته آخر محبت هوندي آهي نه. محبت ته اهو ناهي ڏسندي ته ڪير ڪهڙي ڪردار جو مالڪ آهي. هن جي پيءُ کيس پنهنجو بڻايو هو. پر سماج هون!....... ؟ آخر هوءَ مري وئي ۽ پنهنجيءَ ياد ۾ کيس راحيل جي صورت ۾ هڪ گل ڏيئي وئي. پڻس راحيل کي لاڏ ڪوڏ ۽ محبت سان پاليو ۽ پڙهايو. پر کيس ڪجھ به نه ٻڌايو هيو. ڪڏهن ڪڏهن محبوبا وٽان مليل گل کي سگهندي سگهندي هو ايڏو ته معطر بڻجي ويندو هيو جو رات جو لڪي لڪي ڊائري لکي وٺندو هيو. راحيل اها ڊائري هڪ دفعي پڙهي ورتي هئي ۽ پڙهندي پڙهندي انهن شخصن جا چهرا به ڏسي ورتا هيا جيڪي کيس پنهنجي هم عمرن ۾ نه ٿي ڏسڻ ۾ آيا.
    هڪ ڏينهن هن صدف کي ڏٺو. پنهنجي ئي ڪاليج ۾ صدف جو چهرو ان چپ چاپ چهري وانگر لڳو جنهن جو کيس مدت کان انتظار هيو ۽ سندس دل ۾ وسيل هيو. سنهڙي، ڊگهي، کير جهڙو اڇو رنگ، گهريون گهريون ڪاريون اکيون سمنڊ جي گهراين وانگر، پرڪشش رنگ روپ. چاڪليٽي نيڻ، چيلھ کان هيٺ ايندڙ ڪارا ڊگها وار. خبر ناهي اها خوشبو صدف جي چهري جي هئي يا سندس دل ۾ ٽڙيل گل جي. اڪثر صدف جو انتظار ڪندو رهندو هيو. صدف هن جي فليٽ واري منزل کان مٿين منزل تي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي گهر ۾ به ايندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪو ڪتاب کڻي ويندي هئي ڏئي به ويندي هئي. گهڻن ڏينهن بعد هو هڪٻئي جي ڪافي ويجهو اچي چڪا هئا. خاص ڪري ڪاليج جي ملاقاتن ۽ ڪتابن جي ڏي وٺ ڪري. هي ٻئي هڪٻئي جي محبت جي خوشبوءَ سان سرشار ٿي چڪا هئا. ايتري قدر جو هڪٻئي جي لبن مان ماکيءَ جهڙي رس به چوسي وٺندا هيا.
    گلن جي خوشبو نکري رهي هئي....... ۽ مکڙيون روپ بدلائڻ لڳيون هيون.
    هاڻي هنن جي پڙهائي ختم ٿي چڪي هئي. صدف ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. هاڻي هنن جو ملڻ روز جو معمول رهيو. ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي سان ملڻ ٿيندو هين پر جڏهن به ملندا هيا ته ٻنهي جي دلين ۾ محبت جي سمنڊ جون ڇوليون پيدا ٿي پونديون هيون.
    هڪ ڏينهن صدف کي اهو شهر ڇڏڻو پيو پنهنجي فيمليءَ جي ڪري. ڇھ ست خط راحيل لاءِ ڄڻ سندس دولت هيا ۽ آخر ۾ هن لاءِ هڪ خط اهڙو وڃي بچيو جنهن ۾ هوءَ پنهنجا لفظ احساس ڀريندي رهندي هئي. تڏهن راحيل سوچيو مون لاءِ ته سوچن ۽ احساسن جو جهان ڇڏي وئي آهي.سوچن جي جهان ۾ احساسن جي اڌمن جو ايترو اثر نه هوندو آهي. جيترو دل جي اماوس رات ۾ پيار جي چانڊاڻ جو هوندو آهي. رات جو روز ان چانڊاڻ ۾ سوچيندو رهندو هيو ۽ جيئن ئي رات جو پويون پهر شروع ٿي ويندو هيو ته راحيل جو ذهن سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ترندو رهندو هيو. راحيل جو پيءَ هاڻي يونيورسٽيءَ کي ڇڏي چڪو هيو. هاڻي ان جي مصروفيت گهر ۾ مطالعو ڪرڻ هيو. پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن هن ائين ئي گذارڻ ٿي چاهيا.

    ********************


    راحيل کي هڪ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ملي وئي.اخبار جي آفيس گهر کان پري هيس.
    شهر ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ڪمي به هميشه کٽڪندي رهي آهي. نيون داخلائون شروع ٿينديون آهن ته مائٽن لاءِ پريشانيون وڌي وينديون آهن. ان وقت واقفيت ۽ سفارش ئي ڪم ايندي آهي. باقي ويچارا ڀڄ ڊڪ ۾ ئي ٿڪجي پوندا آهن. هڪ نئين اسڪول جي بلڊنگ ٺهي چڪي هئي جنهن جو اڄ افتتاح هيو. گهڻا ئي فوٽوگرافر ۽ رپوٽر اتي پهتا هئا. راحيل به اتي پهتو پر ان کي ٿوري دير ٿي وئي. اسڪول جا رستا ڪارين ۽ موٽرسايڪلن سان ڀريا پيا هئا.راحيل ڪار پارڪ ڪئي ۽ پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي ويو.اسڪول جو افتتاح ٿي ويو ته هو پنهنجي گهر آيو. سوچيندو رهيو ته اهڙا اسڪول اڃا ٻيا ڪيترا کلندا جتي پنهنجي ٻوليءَ جو ڪو سبجيڪٽ ئي نه ٿو رکيو وڃي. ڇا ٿيندو اسان جي ٻوليءَ جو. سنڌي ٻولي وڃي ٿي آهستي آهستي اسڪولن مان ختم ٿيندي. ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون هوندا جيڪي ٻوليءَ جي باري ۾ سوچيندا هوندا. باقي اسان جي ماڻهن جو حال ته اهو آهي ته ڪمائڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ ٻار ڄڻڻ. بس اها ئي انهن لاءِ زندگي آهي.
    سحرش جي موبائل جي گهنٽي وڳي. موبائل کڻي “هيلو” ڪيائين ته ٻئي پاسي ڏانهن آواز آيو.
    “ ڇا مان مس سحرش آرٽسٽ سان ڳالهائي سگهان ٿو.؟”
    “سحرش اسپيڪنگ....... توهان.”
    “مس سحرش ! مان راحيل ٿو ڳالهايان پارس نيوز جي آفيس مان.”
    “ جي جي. چئو.”
    “اسان جي اخبار ۾ هر هفتي هڪ ڪالم ڇپجندو آهي ٿي سگهي ٿو توهان ڪڏهن پڙهيو هجي. مان اهو ڪالم لکندو آهيان ان سلسلي ۾ ئي توهان سان ملڻ چاهيان ٿو.”
    “توهان جڏهن به چاهيو اچي سگهو ٿا.”
    “جيڪڏهن توهان وٽ ٽائيم هجي ته اڄ ئي .......”
    “ٺيڪ آ. ڪهڙي وقت.؟”
    “مان هينئر ئي اچي سگهان ٿو؟”
    “مان اڄ چئين وڳي تائين گئلريءَ ۾ هونديس.”
    “هاڻي هڪ ٿيو آهي. مون کي پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ مس لڳندو.”
    “ٺيڪ آهي.”

    ********************


    موبائل رکندي سحرش هڪ نظر پنهنجي گئلريءَ مٿان وڌي. جنهن ۾ فوٽوگرفيءَ جو ڪارنر به موجود هيو. گئلريءَ ۾ مختلف رنگ ئي رنگ هئا. ڪي رنگ مختلف رنگن سان ڀريل هئا ته ڪي صاف ٽيبل جي هڪ پاسي رکيل هئا. هن هڪ نظر گئلريءَ جي ديوار تي لڳل مختلف پينٽنگس ڏانهن وڌي. ائين محسوس ٿيس ڄڻ ڪنهن ٿڪل مسافر کي وڏي منزل طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪا ڇانوَ نصيب ٿي هجي وري جڏهن هن پنهنجي نظر انهن اڻ پورين پينٽنگس ڏانهن وڌي ته ائين لڳس ته هن کان ڏات رسي وئي هجي. ڏات به عجيب شيءِ آهي رسي ته چوطرف هر منظر چٿرون ڪندو محسوس ٿيندو ۽ جي پرچي پوي ته ڄڻ ڪائنات جي هر شيءِ مهربان بڻجيو وڃي. ڪمري جو دروازو کڙڪيو.
    “مان راحيل آهيان. اڌ ڪلاڪ اڳ توهان سان فون تي ڳالهايو هيو.” راحيل دروازي جي چائنٺ وٽ اچي چيو ۽ پوءِ اندر هليو آيو.
    سحرش کيس ويهڻ لاءِ ڪرسيءَ طرف اشارو ڪيو پر هو بيٺو ئي رهيو ۽ ڪمري ۾ ٽنگيل تصويرن کي ڏسڻ لڳو. سحرش جو اڀو قد، آسمان جهڙيون نيريون ۽ وشال اکيون، چانڊاڻ جهڙا وار ۽ هلڪي نارنگي رنگ جو وڳو پاتل. پنهنجي گئلريءَ جي سڀني شهپارن کان وڌيڪ حسين ۽ خوبصورت شاهڪار ته پاڻ هئي. هن سحرش ۽ سندس ئي چترڪارن جي ڀيٽ ڪئي.
    “هنن تصويرين کان سواءِ توهان وٽ ڪي ٻيون به هونديون.”
    “گهڻيون ئي آهن ۽ سڀ جو سڀ مون کي پسند آهن.”
    “هي ڳاڙهن ڪپڙن واري ڇوڪريءَ جو چتر.” راحيل ڪئميرا ڪڍي ان چتر جو فوٽو ڪڍي ورتو.
    “توهان ڪڏهن پنهنجو چتر ٺاهيو آهي يعني سيلف پورٽريٽ.”
    “ نه ”
    “مان توهان جو فوٽو ڪڍي سگهان ٿو پنهنجي اخبار لاءِ.”
    “ بيشڪ.” راحيل سحرش جو فوٽو ڪڍيو ۽ ڪئميرا کي بند ڪندي چيائين،
    “مان توهان جو وڌيڪ وقت نه وٺندس. بس ڪي چند سوال ڪندس جيڪڏهن توهان مائينڊ...............................”
    “ نه نه ڪا ڳالھ نه آهي پڇي سگهو ٿا.” سحرش ايڏي ته خوبصورت ادا سان چيو جو راحيل کي لڳو ته هن جي ادا به هن جي رنگن وانگر ڪيڏي نه خوبصورت آ.”
    “مس سحرش ڇا رنگ به اسان جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿين ٿا.؟”
    “بلڪل ! رنگ ته اسان جي زندگيءَ جو حصو آهن. اهي ته اسان جي پنجن حواسن تي به اثر انداز ٿيندا آهن.”
    “ مثلا........” راحيل دلچسپي وٺندي سحرش ڏانهن ڏسي چيو.
    “مثلا.... ماڻهونءَ جو پرجوش ٿيڻ، جذباتي ٿيڻ، تحرڪ ۾ اچڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ. ڏسو نه رنگن سان جذبات ۽ ياداشتون به لاڳاپيل هونديون آهن. چاهي اهي سٺيون هجن يا خراب. اداسيءَ واريون هجن يا خوشين ڀريون.”
    “زبردست! سحرش توهان ته مون کي رنگن جي سحر ۾ آڻي ڇڏيو.”
    “اڇا!” مسڪرائيندي سحرش چيس
    “ توهان پنهنجو مثال وٺو. جيڪو ماڻهون جنهن شيءِ کي جيترو محسوس ڪندو اهو ان ۾ اوترو ئي گِهرندو ويندو ۽ موٽ ۾ اها شيءِ ان کي اوتري ئي گهرائي ڏيندي.”
    “ توهان بلڪل صحيح ٿا چئو پر ان جا ڪي منفي اثر به ته هوندا نه.”
    “ضرور ! جيئن رنگ ڪنهن تي مثبت اثر وجهندا آهن تيئن ڪنهن تي منفي اثر به وجهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جو سائنسي دنيا ۾ ڪلر ٿراپي جو علم وجود ۾ آيو ۽ ان علم ذريعي ئي خبر پئي ته انساني جسم ۾ بائيولاجيڪل ڪلاڪ کي متحرڪ رکڻ لاءِ روشني جيڪا ستن رنگن جو مجموعو آهي هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.”
    “ ويري نائيس. توهان ته منهنجي ناليج م اضافو ڪري ڇڏيو. بس آخري سوال پوءِ مان اوهان کان اجازت وٺندس. مس سحرش ڇا اهڙا ماڻهون به آهن جيڪي رنگن سان پنهنجون تقديرون جوڙيندا هجن.”
    “ضرور هوندا. دنيا هر قسم جي ماڻهن سان ڀري پئي آهي. پر مسٽر راحيل تقدير تي ڀاڙڻ وارا ماڻهون ته ڪهڙي به رنگ تي مطمئن ٿي سگهن ٿا. مسئلو اهو آهي ته اهي ڪيڏانهن وڃن جيڪي پنهنجي پسند جا رنگ پاڻ حاصل ڪرڻ جا قائل هجن؟.”
    “جي ”
    راحيل ائين چيو ڄڻ هن جا هوش اڏامي ويا هجن. هن کي هر سوال جو جواب ته ملي چڪو هيو پر آخر ۾ ته خود هن کان سوال ڪيو ويو جنهن هن کي جنجهوڙي وڌو. هي وڌيڪ ترسي نه سگهيو.
    “مس سحرش اوهان جي مهرباني مون کي هاڻي هلڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته ٻي ڏينهن سنڊي ايڊيشن ۾ هنن تصويرن جو استعمال ڪري سگهندس.”
    چئي هو هليو ويو. سحرش کي هيءَ ملاقات بلڪل عجيب لڳي. سندس خيال هو ته راحيل سندس آرٽ جي باري ۾ گهڻا سوال ڪندو پر هن ائين نه ڪيو. سحرش سوچڻ لڳي..... “هو پنهنجي ڪالم ۾ آخر ڇا لکندو.؟”
    شهرت جو خيال سحرش کي ڪڏهن به نه آيو هيو. هوءَ پوري جوش ۽ محنت سان ڪيترن سالن کان اهو ڪم ڪري هئي. اڄ کيس حيراني اها هئي ته راحيل سندس فن بابت وڌيڪ ڇو نه پڇيو. صرف هڪ پورٽريٽ جي ڇپجڻ سان ڇا ڪلاڪار ۽ سندس ڪلا جي واقفيت ٿي ويندي؟.

    ********************

    آچر جي ڏينهن هن جڏهن اخبار ڏٺي ته نظر سندس هڪ هنڌ اٽڪي بيهي رهي. سحرش ان ليک کي پڙهيو، لکيل هو،
    “ٿي سگهي ٿو ته ڪئميرا ماڻهونءَ جي جسم جي حصي سان انصاف نه ڪري. پر سحرش جي برش ڪڏهن به ڪنهن ماڻهونءَ سان بي انصافي نه ڪئي آهي.”
    سحرش هڪ دفعو اخبار تان نطر هٽائي. پنهنجي دل جي روشنيءَ ۾ راحيل جي چهري کي ڏٺو. راحيل جون اکيون جيڪي ڪجھ نه ڏسي رهيون هيون کيس لڳو اصل ۾ سڀ ڪجھ ڏسي چڪيون هيون. هن وري ڪالم پڙهڻ شروع ڪيو.
    “ آرٽسٽ سحرش ! عورت کي گهڻن ئي رخن کا ڏٺو آهي. دروازي وٽ بيٺل عورت کي، گلن جي ٻوٽن وٽ، آئيني وٽ. هوا ۾ اڏامندڙ زلفن کي سنواريندڙ عورت کي. رنگن جي سجاوٽ به ايتري ته دلڪش جو ڪٿي ڪٿي خود انسان جي بناوٽ به غلط ٿي لڳي.”
    سحرش مسڪرائيندي سوچيو. هي چپ چاپ مکڙيءَ وارو راحيل ته ڏاڍو زبردست ليکڪ نڪتو. کيس پنهنجي دل ۾ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. اخبار بند ڪري ڪپڙا مٽائي هوءَ گئلريءَ ڏانهن هلي وئي. گئلريءَ ۾ اچي ريڪ کوليائين. هن ڪيتريون ئي اڌوريون تصويرون ٻاهر ڪڍيون. ان الماريءَ جي ٻئي حصي ۾ ڪافي ڊريسون به هيون. جيڪي ضرورت مطابق ماڊل کي پهرائي چتر ڪڍندي هئي. الماڙيءَ ۾ آئينو به لڳل هيو. هن ان ۾ پاڻ کي ڏٺو تڏهن هن محسوس ڪيو ته ڪير کائنس اهو پڇي رهيو آهي،
    “ توهان ڪڏهن پنهنجي تصوير ٺاهي آهي؟ يعني سيلف پورٽريٽ.”
    ڪينواس ڪڍي هن چتر ڪڍڻ شروع ڪيو. گئلريءَ جو دروازو کڙڪيو. سحرش کي عجب لڳو ته آچر ڏينهن ڪير آهي. هن دروازو کوليو ٻاهر روما بيٺي هئي هن جي دوست.
    “ اڄ آچر ڏينهن.؟ ”
    “ مان پهرين تنهنجي گهر ويس اتي تون نه هئينءَ سوچيم ضرور هيڏانهن آئي هونديءَ. ” هوءَ اندر هلي آئي سحرش جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيائين،
    “ مبارڪون ڏيڻ آئي آهيانءِ. ”
    “ ڇا جون. ”
    “ تون اخبار ڏٺي آهي پارس نيوز جو سنڊي ايڊيشن”
    روما صوفي تي ويهي رهي. هن پرس مان ويڙهيل سنڊي ايڊيشن جو پنو ٻاهر ڪڍندي چيو،
    “ آهي نه خوش خبري. ”
    سحرش ايڊيشن جو پنو پنهنجي هٿن م کنيو ۽ ان ۾ ڇپيل تصوير ڏسڻ لڳي. جيڪا راحيل ٻه ڏينهن اڳ ڪڍي هئي. فوٽو سٺو هو چهري جا وصف به صاف ۽ چٽا هئا کيس ائين لڳو ڄڻ هيءَ تصوير هن جي هاڻي جي نه پر ننڍپڻ جي آهي.
    روما ميز طرف ڏٺو جتي لائيٽ ٻري رهي هئي. کيس لڳو سحرش ڪافي دير کا ڪم ڪري رهي آهي. سحرش ميز تي ڪينواس رکي ڪو چتر ٺاهي رهي هئي. ميز تي پاسي کان رکيل ليمپ جنهن جو عڪس ڪينواس طرف هيو، ٻري رهي هئي. روشنيءَ جي شعاع تي سحرش جو چهرو جرڪي رهيو هو. سندس ڳل تي وارن جي هڪڙي چڳ بار بار ٿي لڙڪي پئي ۽ سحرش وري ان کي کاٻي هٿ سان وارن ۾ پنهنجي جاءِ تي پئي رکي. پر چڳ کان اهو برداشت نه پيو ٿئي ته حسين چنڊ جهڙو ڳل ڇڏي وارن جي جهنگ ۾ هجي.
    روما اٿي ميز تي رکيل ڪاغذ کي ڏٺو ۽ پوءِ هٿ ۾ کڻندي چيائين،
    “ واٽ اي سرپرائيز. ”
    “ ڇا جو. ” سحرش عجب وچان چيس.
    “ هيءَ تصوير ڪنهن جي آهي. ”
    “ سڃاڻي نه ٿي سگهين ڇا.”
    “سڃاڻان ٿي . تنهنجي آهي. پر هيءَ ڪهڙي تصوير آهي چهري ۾ ايڏي ڪشش.”
    “سيلف پورٽريٽ.”
    “ پر آخر اهو ڪهڙو سيلف پورٽريٽ آهي.”
    “............................”
    “مون هن کان اڳ ته ڪڏهن نه ڏٺو آهي.”
    “ مون به نه ڏٺو هيو.”
    “ اڄ ڇا اهڙين تصويرن ٺاهڻ جو ڏينهن آهي.؟ خير اهو ٻڌاءِ تنهنجو ڪنهن انٽرويو ورتو هيو.”
    “ ها ”
    “ڪڏهن.”
    “ٽيون ڏينهن.”
    “ پر هنن هڪ ئي تصوير ڇو ڇپي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار ته ڇپڻ کپنديون هين.”
    “ڇو”
    “مثلن اها تصوير جنهن ۾ مان آئيني اڳيان ڦڻي ڏئي رهي آهيان ۽ هوءَ تصوير جنهن ۾ هوا ۾ زلف اڏامي رهيا آهن. رئو سنڀالي رهي آهيان ۽ ها هوءَ جنهن ۾ سمنڊ تي آلي واريءَ تي گهمي رهي آهيان.”
    “ هاڻي منهنجي چوڻ سان ته ڪو نه ڇاپيندا نه ............”
    “ چڱو ان خوشيءَ ۾ ڪٿي هلي ڊنر ڪراءِ.”
    “ نه اڄ نه ..... طبعيت ۾ مزو نه آهي.”
    “ پنهنجي تصوير ڏسي به نه.”
    سحرش ڪو به جواب نه ڏنو. روما حيرانيءَ وچان کيس ڏٺو ۽ پوءِ اٿندي چيائين،
    “مون کي ڪجھ پئسن جي ضرورت هئي.”
    سحرش پرس ۾ هٿ وجهي پيسه ڪڍندي چيو،
    “هن وقت پنج سوَ روپيه آهن ڪم ٿي ويندئي.”
    “ها ” روما جواب ڏنو ۽ چيائين، “وري ڪڏهن اچان مون کي ٻي ڏينهن موڪل آهي.”
    “ مان شايد حيدرآباد هلي وڃان.”
    “مان فون ڪري پڇي وٺنديس.”
    “ٺيڪ آ.” روما هلي وئي.

    ********************


    سحرش جڏهن به اخبار ۾ راحيل جو لکيل ڪالم پڙهندي هئي ته کيس ائين محسوس ٿيندو هيو ڄڻ راحيل هن سان ويٺي ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
    سحرش پنهنجي گهر جي لان ۾ اچي ويٺي ته جيئن اخبار پڙهي. سندس لان گهر جي مين گيٽ وٽ هيو. 30x20 فوٽن جو لان جنهن ۾ گيٽ جي هڪڙي ڇيڙي کان چوڌاري ڦري اچي گيٽ جي ٻي ڇيڙي تائين مختلف گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون ته ڪي وري لان ۾ ئي پاسن کان لڳل هيون.گيٽ جي سڄي پاسي ڪنڊ تي ناريل جو وڻ هيو. ناريل جي وڻ کان ٿورو اورتي چار ڪرسيون رکيل هيون. انهن جي وچ تي انهن جي ئي ميچنگ تي ٽيبل رکيل هئي. جنهن تي اخبار پڻ هئي. سحرش جنهن ڪرسيءَ تي اچي ويٺي ان جي ساڄي پاسي کان لان جي پويان ڊرائنگ روم هيو. جنهن مان ئي گهر جي ٻين ڪمرن جو انٽرنس موجود هيو. ڊرائنگ روم جو هڪ دروازو لان طرف کلندو هيو جنهن مان نڪري اچي سحرش ڪرسيءَ تي ويٺي. سحرش اخبار ٽيبل تان کڻي ۽ ان کي پڙهڻ لڳي. اوچتو هوا جو هڪ تيز جهوٽو سندس وارن کي ڦلهاريندي مٿائنس لنگهي ويو. هن جلديءَ ۾ ٽيون صفحو کوليو.
    راحيل جي ڪالمن ۾ ڪنهن نمائش جو ذڪر ڪيل هيو. تفصيل ۾ وڃڻ کان پوءِ راحيل لکيو هو. ڪنهن مهان ليکڪ چيو آهي هر ڪويتا، هر ڪهاڻي، هر تصوير هڪ خط وانگر هوندي آهي جيڪا پنهنجي پرينءَ ڏانهن لکي ويندي آهي. اهڙن خطن جو ڪنهن کي انتظار هوندو آهي ۽ هڪ دفعو پڙهي دل کي قرار ڪو نه ايندو آهي پوءِ وري وري پيو پڙهبو آهي ۽ اهو يا ته ڪنهن رومال ۾ ويڙهي رکيو ويندو آهي يا ڪنهن ڊائريءَ جي صفحن يا ڪتابن جي زينت بڻبو آهي. پر سوچيان ٿو ته جڏهن به ڪنهن جي دل جو مالڪ اهڙو خط لکندو آهي ته ان کي روح جي روشنيءَ جو نالو ڏنو ويندو آهي. جيتوڻيڪ اهڙو خط لڙڪن سان تار تار هوندو آهي ۽ ان ۾ سمايل ڪا پيار جي مهان ڪويتا هوندي آهي. اهو خط اهڙو ته ڊگهو هوندو آهي جو ان کي پڙهڻ لاءِ ڪجھ ڏينهن جي ئي نه پر ڪيترن سالن جي ضرورت هوندي آهي. ان خط ۾ هڪ خوبي اها به هوندي آهي جو پڙهڻ واري جي به دل جي ڌڙڪن شامل ٿي ويندي آهي. مان سوچيان ٿو ته چتر ڪلا به ان مهان خط وانگر آهي جنهن کي پڙهڻ وقت هر ڪوئي پنهنجي ڪلپنا جو مالڪ خود هوندو آهي.
    سحرش اخبار هڪ طرف رکي. لان طرف کلندڙ دروازي مان ئي ڊرائنگ روم ۾ آئي. ڊرائنگ روم ۾ فرش تي خوبصورت قسم جو قالين وڇايل هيو. قالين جي ٽنهي پاسي صوفا سيٽ رکيل هئا جڏهن ته هڪ پاسو خالي هيو جيئن اچ وڃ لاءِ ڪا مشڪلات نه ٿئي. خالي جاءِ جي هڪ پاسي ٽيليوزن رکيل هئي ۽ ان جي ڀرسان ئي ٽيليفون سيٽ رکيل هيو. سحرش ڏڪندڙ هٿن سان رسيور کڻي راحيل جو موبائيل نمبر ملايو.
    “ مان سحرش آهيان........... آرٽسٽ. توهان کي ياد هوندو توهان هڪ دفعو............”
    “جي بلڪل مون کي ياد آهي.”
    “راحيل صاحب پهريون ته توهان جي مهرباني جو منهنجي لاءِ ايڏو سٺو مضمون لکيوَ.”
    “ڪا ڳالھ ناهي. مهرباني ته توهان جي. ڇو جو اهو اتساھ به مون کي توهان کان مليو.” راحيل چيو.
    “ڀلا ڪجھ وقت لاءِ توهان ڪجھ گهڙيون ڪڍي سگهو ٿا.”
    “مان اڄ آفيس ۾ ناهيان، اڄ آچر جو آهي.”
    “مان آفيس ۾ نه پر توهان جي گهر......................”
    “گهر!” راحيل جي آواز ۾ هٻڪ اچي وئي جيڪا سحرش چڱي طرح محسوس ڪئي.
    “مان توهان جو گهڻو وقت ڪا نه وٺنديس بس جيترو وقت توهان چاهيندا.” هن جي آواز ۾ منٿ نه هئي ............ پر پختائي هئي.
    “نه نه بيشڪ منهنجي اکين تي اچو. وقت جي ڪهڙي ڳالھ آهي. مون کي توهان سان ملندي ڏاڍي خوشي ٿيندي.”
    “اوهان جي مهرباني.”
    هن کيس پنهنجي گهر جي ايڊريس نوٽ ڪرائي ڇڏي. هوءَ جڏهن راحيل جي گهر پهتي ته راحيل هن کي پنهنجي ڪمري جي کليل دريءَ وٽ بيٺل نظر آيو. هن کي برائون رنگ جي ٽي شرٽ ۽ بلو جينز پينٽ پاتل هئي.
    راحيل کي دل جي ٺوڪر لڳي اها ٺوڪر سحرش جي البيلين ادائن جي هئي. هن تي سحرش جي سادي خوبصورتيءَ جو اثر ان ڏينهن به ٿيو هيو. جڏهن هن جي گئلريءَ ۾ ويو هو. پر اڄ واري خوبصورتي ته ڪجھ اور ئي لڳي هئي ۽ وري سحرش کي محسوس ٿيو ته ڪي چهرا اهڙا به ٿيندا آهن جيڪي هڪ دفعو ڏسڻ سان اکين کي ڇنڀڻو ڪو نه پوندو آهي پر ٻيون ۽ ٽيون دفعو ڏسڻ سان من ۾ رچي ويندا آهن. راحيل ٻه ڪرسيون سوري دريءَ جي ڀرسان رکيون. ٻئي ويهي رهيا.
    “ گذريل ڏينهن ۾ مون ڪي ڪارٽون ٺاهيا آهن جيڪي توهان کي ڏيکارڻ چاهيان پئي.”
    “ڪارٽون.!”
    “ڪيترن ڏينهن کان ڪا تصوير نه ٺاهي آهي.”
    “ڇو؟”
    “مان سوچيان ٿي ته پورٽريٽ صرف زندگيءَ جو ئي ٺاهڻ گهرجي.” هن فائيل راحيل کي ڏئي ڇڏيو. سحرش چيو،
    “هي ڪارٽون توهان کي ان لاءِ ڏيکارڻ نه آئي آهيان ته توهان انهن جوذڪر پنهنجي اخبار ۾ ڪيو.”
    راحيل فائيل تان ڌيان هٽائي سحرش جي چهري طرف ڏٺو پر چيائين ڪجھ نه. مسڪرائي وري فائيل ڏسڻ لڳو.
    ڪاغذن ۾ سڀني جي مٿان جيڪو ڪارٽون پيو هيو اهو هو پارٽيءَ جي چونڊن ۾ بيهڻ وقت هڪ اميدوار جو هيو. هو مائيڪ اڳيان چئي رهيو هو “اسين ڪرپشن جي خلاف آهيون.” ۽ آس پاس جي هجوم مان هڪ شخص چئي رهيو هو “ڪرپشن ته ڪوئي توهان کان سکي.”
    راحيل اهو ڪارٽون ڏٺو ۽ هر هر ڏسندو رهيو. پوءِ سحرش ڏانهن ڏسي وري ٻيو ڪارٽون ڏسن شروع ڪيو. سحرش جو ٺاهيل هڪڙو ڪارٽون ڏسندي راحيل چيو،
    “مان جنهن آرٽسٽ سان گئلريءَ ۾ مليو هيس اها پنهنجي فن ۾ اڃان وڌيڪ نکرجي پئي آهي.”
    “مهرباني اڄ اهي ئي لفظ ٻڌڻ لاءِ هتي آئي هيس.” راحيل جي هٿن مان فائيل وٺندي هن چيو.
    “توها چاهيو ته توهان جو ڪو ڪاٽون اخبار ۾....................”
    “نه مان ڪنهن ٻي اخبار وارن سان معاهدو ڪيو آهي. ايندڙ هفتي کان مان باقائدي ڪم به ڪندي رهنديس.” فائيل جڏهن هٿ ۾ کڻي هوءَ اٿڻ لڳي ته هڪ نظر وري راحيل تي وڌائين.
    “راحيل توهان چاهي ڪيترا سال به اهو خط پڙهيو هجي جنهن جو ذڪر توهان ڪالم م ڪيو آ. مان دخل اندازي ڪو نه ڪنديس. پر جڏهن به توهان ائين محسوس ڪيو ته هاڻي اهو خط پڙهڻ مشڪل آهي. تڏهن مون کي ضرور ٻڌائجو مان چاهينديس ته اهو خط مان پڙهان.”
    “مطلب!” راحيل سحرش ڏي ڏٺو.
    “توهان ان خط جي اڄ جي ڪلا سان ڀيٽ ڪئي هئي. توهان لکيو هيو. لفظ پنهنجا ته ڌڙڪن به پنهنجي هوندي آهي.”
    “مس سحرش ڇا توهان همدري ٿا جتايو.”
    “نه اهڙي ڳالھ نه اهي.”
    “تڏهن ڇا سوچيو آهي توهان.”
    “مون محسوس ڪيو آهي توهان پنهنجي گذريل زندگيءَ ۾ ڪنهن خط جو انتظار ڪيو آهي. اهو پڙهي سنڀالي سانڍي رکيو اٿوَ. توهان ان خط کي لڙڪن سان تار تار به چيو آهي ۽ مهان به. پر اهي ٻئي ڳالهيون گڏ توهان ڪيئن چيون. صرف اهو درد جنهن ڀوڳيو هوندو ۽ پيڙا ڪنهن سَٺي هوندي.”
    کن پل لاءِ راحيل کي محسوس ٿيو ته سحرش سندس دل جو حال پروڙي ورتو آهي......سندس چهري جا لڪل راز به هن اڳيان پڌرا پئجي ويا آهن. راحيل پنهنجي حيران اکڙين کي مٿي کڻڻ جو سهس به نه ڪري سگهيو. ان ڪري اکيون جهڪائيندي ۽ مسڪرائيندي ئي چيو،
    “ڇا توهان معلوم ڪرڻ چاهيو ٿيون.؟”
    “مون ان بابت نه پڇيو آهي مون صرف اهو چيو آهي ته جڏهن به توهان وڌيڪ محسوس ڪيو ته هاڻي نه پڙهي سگهندس ته مون کي ضرور ٻڌائجو.”
    “توهان مون کي ڪو خط پڙهڻ لاءِ ڏيندئو.؟”
    “اهو ته مان تڏهن ٻڌائينديس جڏهن توهان هڪڙو خط پڙهي پورو ڪيو.”
    “فرض ڪريو اهو خط مان ڪڏهن به پاسيرو نه رکان ته پوءِ.”
    “پوءِ مان ڪڏهن به توهان کي پنهنجو خط نه موڪليديس.”
    “اوھ! مون کي اوهان جي اها ادا پسند آئي.”
    سحرش وڃڻ لڳي راحيل جهيڻي آواز ۾ چيس،
    “هڪ منٽ سحرش.”
    هوءَ رڪجي وئي. راحيل هڪ نظر هن کي ڏسي ٻي ڪمري ۾ هليو ويو. هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. راحيل جڏهن واپس آيو ته کيس هڪ دَٻي هٿ ۾ هئي. هن اها کولي ۽ ان مان هڪ هار ڪڍيو اهو رنگ برنگي موتين سان پويل هيو.
    “سحرش.”
    “جي.”
    “ڪجھ سال اڳ مون کي ڪنهن هي هار ڏنو هيو.”
    “هون.”
    “مون کي جنهن دوست هي هار ڏنو هو. ان کي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ ڏنو هو پر هو ان ڇوڪريءَ کي پيار نه ڪندو هو. ان ڪري هار مون کي ڏيندي چيائين ته تون جنهن کي پيار ڪندو آهين ان کي هي هار ڏجانءِ.”
    “ڪاليج ۾ منهنجو جونيئر هيو. هاڻي وڏو شاعر آ پر پاڻ کان ذهين ماڻهن کان جيليس ٿيندو آ. مون کي هن جو قدر آ. هر ڪنهن جي ڳالهين ۾ منٽ اچي ويندو آهي. بس پوءِ ته پٽڪو لاهڻ ۾ به دير نه ڪندو آهي. مان اهو به نه ٿو چوان ته مون ڪنهن کي پيار نه ڪيو آهي. پر مون کيس هار نه ڏنو هيو شايد اهو هار قسمت ۾ ٻي ڪنهن کي ڏيڻو آ.”
    “اڄ هي هار مون وٽ آهي پر اصل ۾ هي هار مون سان گڏ سڄي شهر ۾ به گهمي رهيو آهي. هڪ شهر نه پر جدا جدا شهرن ۾ به گهمي رهيو آهي. محبت جي اها به تقدير ٿيندي آهي.”
    “اوھ آءِ سي.” سحرش ٿڌو ساھ ڀريو.
    “مون هار واري ڳالھ صرف توهان سان ڪئي آهي. هن کان اڳ ڪنهن کي به نه ٻڌائي اٿم.”
    “ٺيڪ آهي توهان جي مهرباني.” ائين چئي فائيل کڻي هلي وئي.

    ********************


    راحيل جيئن آفيس کان گهر آيو ته سندس پيءُ فليٽ جي ٻاهران هڪ ننڍو پارڪ هيو اتي ملي ويس.
    “توهان اڃان اتي ويٺا آهيو ٿڌ لڳي وڃيوَ ته.”
    “اندر ئي ويٺو هيس سوچيم ڪجھ ٿڌ جو به مزو وٺان.”
    “واھ واھ. ڀلا ڪوئي آيو ويو.”
    “ها ابا هڪ همراھ آيو هيو ڪلاڪ اڳ. پنهنجو نالو طارق پريمي پيو ٻڌائي.”
    “ڇا! عجيب قسم جو ماڻهون آهي اچي ته روز اچي نه اچي ته مهينن جا مهينا لڳائي ڇڏي.”
    “کيس اچڻو هيس ته پهريون فون ڪري اچڻ کپندو هيس.”
    “هن فون ڪيو هو پر تون اڃان نه پهتو هئين.”
    “اڇا پوءِ ڪجھ ميسيج ڇڏي ويو.”
    “هو ڪيتري دير تنهنجي لاءِ ويٺو رهيو. پوءِ اهو چئي ويو ته مان سڀاڻي چڪر هڻندس.”
    هڪ ڏينهن اوچتو ڪار اچي گيٽ ٻاهران بيٺي چاچا بچل اچي راحيل کي ٻڌايو ته اوهان سان ڪو طارق پريمي ملڻ ٿو چاهي. راحيل پنهنجي پوڙهي ملازم کي چاچا بچل چوندو هو.
    طارق پريمي، راحيل ۽ سندس پيءُ ڪلاڪ ٻه خوب ڪچهري ڪئي ۽ پوءِ ائين چئي هليو ويو ته ڪنهن ڏينهن پنهنجا شعر به اچي ٻڌائيندوسانوَ. ٻي ڏينهن آفيس جي ٻاهران ڪار ۾ مليس چيائين،
    “مان به ان پاسي ويندس. هل ته کڻي هلانءِ.”
    دل ته هن سان ويهڻ نه پئي چاهيس پر انڪار به نه ٿي ڪري سگهيس. ائين چار پنج دفعه راحيل کي بس اسٽاپ تي مليو. ڪڏهن آفيس ته ڪڏهن گهر ڇڏي ويندو هيس پر اڃان تائين پنهنجي شاعري نه ٻڌائي هئائينس. هڪ ڏينهن ڪار ۾ ويٺي چئي ڏنائينس،
    “توکي اخبار جي نوڪري ڪرڻ نه کپي. ڇاڪاڻ ته ان نوڪريءَ ۾ عجيب قسم جي ماڻهن سان واسطو پوندو آهي.”
    راحيل کي ڪاوڙ لڳي هئي. سوچيو هئائين ته وري ان ماڻهونءَ سان نه ملندو. ڏاڍو وات هڻندو هو ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي مهارت ته ڪو هن کان سکي.
    اڄ راحيل ڏاڍو ٿڪل هيو. ڪالھ نشتر پارڪ ۾ ڪنهن پارٽيءَ جو جلسو هيو. اوڏانهن ويو هيو. ٿڪاوٽ هوندي به ڪالم لکڻ ويهي رهيو. اخبار کوليندي ئي هن جي نظر اخبار جي ان ڪنڊ تي پئي جتي سحرش جو ڪاٽون ڇپيو هيو. اخبار ڪجھ دير اڳ چاچا بڇل رکي ويو هيس. هن اهو ڏٺو....... پڙهيو..... هڪ دفعو ٻيو دفعو.
    ان ڪارٽون ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر شاگردن کان پڇي رهيو هيو. ڇا توهان کي خبر آهي ته سياستدان چالاڪ ڇو هوندا آهن. تنهن تي هڪ شاگرد جواب ڏنو. سائين جيئن پکين ۾ چالاڪ پکي ڪانوءُ آهي تيئن انسانن ۾ چالاڪ انسان سياستدان آهي. هو ڪافي دير تائين ڪارٽون ڏسندو رهيو پوءِ ٿڌو ساھ کڻي سحرش کي فون ڪرڻ لڳو.
    “ڪير. سحرش مان راحيل آهيان.”
    “او ! راحيل.”
    “اڄ وارو ڪارٽون ڏاڍو پسند آيو.”
    “توهان جي وڏي مهرباني.”
    “ڪيتريون مهربانيون چوندئو.”
    “جيتائين چئي سگهندم. ۽ ها خاص مهرباني تڏهن چوندم جڏهن توهان اهو خط پڙهي پورو ڪندا.”
    “مون کي لڳي ٿو ته اهو خط مون کي ٻوڙيندو يا توهان........”
    “پر حقيقت اها آهي ته مان اوهان کي تارڻ ٿي چاهيان.”
    “چڱو ڏسندا سي. سحرش ڪلھ هڪ جلسي ۾ ويو هيس. جنهن تي ڪالم به لکيو اٿم. اتي عورتن جي حقن جي به ڳالھ نڪتي. پر اسان جو ديس اهڙو آ جتي حقن جي ڳالھ ته ڪئي وڃي ٿي پر عمل! پري پري تائين به ٿيندي نطر نه ٿو اچي.”
    “ها بلڪل صحيح ٿا چئو.”
    “سحرش اسان جي ديس جون ريتون، رسمون عورت کان اجازت گهرڻ نه ٿيون سيکارين. هتي عورت سان نڪاح زوريءَ ڪيو ويندو آهي ۽ عشق به زوريءَ ڪيو ويندو آهي ۽ عورت جو ذڪر به زوريءَ ڪيو ويندو آهي.”
    “حقيقت آ پر منهنجي دل ۾ ان اجازت لفظ جو قدر آهي. اڄ توهان اچو يا مان اچان.............چڱو مان ئي ٿي اچان.”

    **************************************



    سحرش آئي راحيل جو من اداس ٿي رهيو هو. اڄ هن دريءَ جي ڀرسان نه پنهنجي اسٽڊي روم ۾ ويهاريائينس. سندس روم ۾ هڪ اسٽڊي ٽيبل جنهن تي ڪجھ ڪتاب ۽ ڊڪشنريون هيون ۽ ڪتابن جي ڀرسان خالي پيل ليمپ رکيل هئي. ٽيبل کي ساڄي کاٻي پاسي خانا رکيل هيا جنهن ۾ ضرورت جو سامان رکيل هيو. ٽيبل جي اڳيان ڪاري رنگ جي اسٽڊي ايزي چيئر جنهن تي ويهڻ سان ٿڪاوٽ جو احساس ئي نه ٿئي. ڪمري جي در ڀرسان صوفا سيٽ رکيل ۽ ان جي اڳيان ڪاٺ جي ٽيبل رکي ويئي هئي. صوفي تي سحرش ويٺي ۽ پاڻ وري اسٽڊي چيئر تي ويهي رهيو.
    “چانھ پيئندينءَ.”
    “ها.”
    راحيل چاچا بچل کي چانھ جو چيو.
    “توهان جي لاءِ اڄ وارو ڪارٽون ڪا وڏي ڳالھ نه هجي پر مون لاءِ بيحد وڏي ڳالھ آهي.”
    “پر ان کان ته توهان جا ڪالم سٺا هوندا آهن. ”
    “الاءِ ڇو سحرش ڪجھ ڏينهن کان ائين پيو محسوس ڪيان. مان جو ڪجھ لکان ٿو اهو بي مطلب آهي. ڄڻ ان کي پڙهڻ وارو ڪير به نه آهي.”
    هو ڪجھ دير لاءِ چپ ٿي ويو پوءِ سحرش طرف ڏسندي چيائين،
    “ڪاليج جو هڪ پراڻو دوست آ. شاعر آ. طارق پريمي. سوچيو هيم ان جو انٽرويو ڪيان. ان لاءِ هڪ خاص ڪالم جو سلسلو ٿو شروع ڪيان. ڪيترن شاعرن کي خط به لکيا آهن. طارق پريمي به آيو هيو. شاعري به ڏنائين. هو ماڻهن کي چوندو وتي ٿو ته منهنجون لکڻيون ان تي اثر ڪري ويون آهن. اڄ ڪلھ ڪنهن ڇوڪريءَ سان به ملندو ٿو رهي. ٻڌين ٿي نه سحرش.”
    “ها.”
    “اڄ ڪلھ ته اهو به چئي ٿو ته مان جو ڪجھ ٿو لکان ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڪري ٿو لکان.”
    “ها مون کي خبر آهي.”
    “تو کي خبر آ! ڪيئن!” مان حيران ٿي ويس.
    “ٻه ٽي دفعه گئلريءَ ۾ اچي چڪو آهي. هڪ ٻه تصوير به خريد ڪئي اٿائين. اتي اخبار ۾ تنهنجو ڪالم ڏسندي تنهنجي لاءِ اهڙيون ڳالھيون ڪيون هئائين. آخر ۾ چيائين. بيوقوف منهنجو دوست.”
    چاچا بچل چانھ کڻي آيو. راحيل چانھ ڪپس ۾ ڀري سحرش کي ڏيندي چيو،
    “ هڪ شخص اڪثر مون کي فون ڪندو رهندو آهي. هن وقت تائين پنهنجو نالو ڪو نه ٻڌايو اٿائين. صرف ايترو ئي چوندو آهي ته هو منهنجو خيرخواھ آهي.”
    “طارق پريميءَ جون ڳالھيون ان ئي ٻڌايون هيئي.”
    “ها ڪالھ رات هن فون ڪري ٻڌايو ته طارق پريمي ۽ سندس ساٿي هڪ اخبار ڪڍي رهيا آهن.جنهن ۾ هو منهنجي خلاف لکندا.”
    سحرش ڪجھ نه چيو صرف چانھ پيئندي رهي. چانھ جو گرم ڪوپ ڄڻ زهر ڍڪ ٿي لڳس. هوءَ ڍڪ ڍڪ پيئندي رهي ۽ طارق پريميءَ جي ڳالھين تي جک کائيندي رهي.

    ********************


    آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ مهورتي تقريب هئي. راحيل اتان موٽي گهر آيو ته ڪجھ دير بعد فون جي رنگ وڳس.“ توهان راحيل ٿا ڳالھايو.”
    “مان توهان جو پرستار ڳالھائي رهيو آهيان.”
    “جي چئو.”
    “مون توهان جي آفيس ۾ به فون ڪئي هئي پر توهان ڪنهن تقريب ۾ ويل هئا. مان صرف توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته طارق پريميءَ جي هٿ جي ڪا به شيءِ نه کائجو. هو توهان کي ڪنهن شيءِ ۾ ڪجھ به ملائي کارائي سگهي ٿو. مهرباني ڪري منهنجي ڳالھ جو يقين ڪجو. طارق پريميءَ جو خيال آهي ته هو توهان کي اهڙي ڪا شيءِ کارائيندو جنهن سان اوهان جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي.”
    “اوھ ماءِ گاڊ..........”
    “بس توهان ان جي ڏنل يا موڪليل ڪا شيءِ نه کائجو.”
    راحيل فون جو رسيور رکي ڇڏيو. هن جو جسم لوھ وانگر تپي باھ ٿي ويو. دريءَ جي ڀرسان ويهي هن سگريٽ دکايو. ڪڏهن ڪڏهن پريشانيءَ ۾ هڪ اڌ سگريٽ به پي وٺندو هيو. هوانهن خيالن ۾ ايترو ته گم هيو جو ٻرندڙ تيلي ڪٿي ڦٽي ڪيائين ڪا خبر نه پيس. اچانڪ خيال ايندي هن ڇرڪ ڀري ڏٺو ته تيلي ڊسٽبن ۾ ڪريل هئي. ان پيل ڪاغذن کي باھ لڳڻ شروع ٿي وئي. باھ وسائيندي جنهن ڪاغذ جي ٽڪري تي نظر پيس اهو اخبار جو ٽڪرو هيو. راحيل اخبار جو ٽڪرو ڪڍيو. اهو هڪ طرف کان سڙيل هيو پر ڪافي حصو اڃان تائين ثابت هيس. هڪ ٽڪري تي پينسل جي ليڪ ڏنل هئي هن پڙهڻ شروع ڪيو،
    “راحيل نالي هڪ شخص کي اسان جرنلسٽ نه ٿا سمجهون. هن کي ڪجھ لکڻ به نه ٿو اچي. هن کي اها نوڪري پيءُ جي سفارش جي ڪري ملي آهي جيڪو پروفيسر آهي ۽ هڪ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. ورنه سندس پٽ ان نوڪريءَ جي لائق نه آهي.”
    راحيل اهو ڪاغذ وري ڊسٽبن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو هو. ڪجھ دير کان پوءِ اٿي Calcee پيئڻ لڳو ۽ سوچيندو رهيو ته فون جي گهنٽي وڳس.
    “مان سحرش ٿي ڳالھايان.”
    “ها سحرش چوءُ.”
    “ڪالھ توهان وٽ اخبار آئي هوندي.”
    “ها آئي هئي مان پڙهي آهي.”
    “اف خدا!.”
    “بابا ئي ڪو پهريان ڏٺي هئي. هن اها ڊسٽبن ۾ وجهي ڇڏي هئي. منهنجي اچانڪ ان تي نظر پئي هئي.”
    “چڱو توهان ان اخبار کي وساري ڇڏيو ۽ واعدو ڪيو.........” چپ ٿي وئي.
    “چڱو سحرش مان ان باري ۾ نه سوچيندس پر تڏهن به ڪو سوچ جو انت ته نه آهي نه.”
    “گند صرف گهٽين ۽ بازارن ۾ نه هوندو آهي. ماڻهن جي من ۾ به هوندو آهي.”
    “اوڪي سحرش. فون جي گهڻي گهڻي مهرباني. مٿي ۾ ڪافي سور هو پر لڳي ٿو هاڻي لهي ويو آهي. مون کي توهان جي فون جي سخت ضرورت هئي.”
    “هاڻي وري مهرباني فون جي باقي مان ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آهيان.”
    تڏهن ٻئي کلڻ لڳا.
    “توهان سڀاڻي شام جو اچي سگهندا.” ساڳي مسڪراهٽ سان چيائين.
    “ضرور سڀاڻي شام جو ئي ايندس.”
    راحيل فون رکي ڇڏي. هن جي دل ڀرجي آئي. کيس پيءُ جي نرم دل، سحرش جي دريا دل ۽ ان گمنام خيرخواھ جي مهربان دل جي ياد آئي. هو دل ئي دل ۾ انهن جا شڪرانا مڃڻ لڳو.
    رات جو راحيل ڪو به ڪم ڪري نه سگهيو. گذريل ڏينهن جون ڳالھيون جيڪي مختلف اديب هن لاءِ ڪري رهيا هئا. کيس ڏنڀ ڏيڻ لڳيون. ڪاوڙ ۾ ٽيبل تي پيل ڪتابن کي جو مڪ هنيائين ته ڪتاب هيٺ ڪري وکرجي ويا. ڪن جا ڪجھ ورق به نڪري پيا. هي بغير ڪنهن احساس جي اٿي ٿڪل ذهن سان فرش تي سمهي پيو. ڪافي دير کان پوءِ ننڊ آيس پر صبح جو اٿيو ته هن کي پنهنجي ڪيل حرڪت تي ندامت ٿي. هو سڌو فون جي طرف وڌيو ۽ هن نمبر ملايو.
    “ها سحرش ڇا حال آ! سوير تو فون ڪئي هئي.”
    “ها منهنجي دوست مسز سمرين آهي نه.”
    “ڪهڙي سمرين.!”
    “منهنجي خاص سهيلي. اسٽوري رائيٽر.!”
    “ها ها ياد آيو مسٽر فيروز جي گهرواري.”
    “ها. اها.”
    “ڇا ٿيو آ ان کي.......”
    “ويچاري اسپتال ۾ داخل آهي.”
    “او آءِ ايم سوري.”
    “توهان اچو ته ٻئي گڏجي اسپتال هلون.”
    “مان ته اچان ٿو پر منهنجو اسپتال هلڻ..............”
    “مان اڪثر ان سان تنهنجو ذڪر ڪندي رهندي هيس. هوءَ به توکي سڃاڻيندي آهي منهنجي ڪري ۽ تنهنجي ئي ڪالمن جي حوالي سان. سدائين چوندي آ ڪڏهن ٿي پنهنجي راحيل سان ملائين.”
    هن جو ائين چوڻ ته ڪڏهن ٿي پنهنجي راحيل سان ملائين ۽ راحيل جي دل جو ڌڙڪڻ.
    “۽ توهان کي وري هاڻي ياد پيو آ جڏهن ويچاري اسپتال ۾ آ....”
    “ٻن ٽن ڏينهن کان رابطي ۾ نه هئي. اڄ ئي خبر پئي آ.”
    “چڱو مان اچان ٿو.......”

    ********************


    راحيل پنهنجي آفيس ۾ لکڻ ۾ مشغول هيو. آفيس ۾ هڪ ٽيبل جنهن جي سامهون ٽي ڪرسيون رکيل جڏهن ته ٽيبل جي اڳيان ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺل. سندس ڪمري ۾ ٽيبل جي سامهون ئي دروازو ۽ دروازي جي لڳ ئي ٻه ڪرسيون رکيل. راحيل جي ساڄي پاسي واري ڀت تي سحرش جي ئي پينٽنگ لڳل. جنهن ۾ هڪ ڇوڪري صرف ٻانهن تائين ڏيکاريل آ ڄڻ ڪنهن بيڊ تي سمهي ٻانهون وهاڻي تي سڌيون ڪيون اٿائين ۽ هڪ ٻانهن تي منهن رکي سامهون ڏسي رهي آهي. وارن جي هڪ چڳ ڀرونءَ ۽ اک جي مٿان ڪراس ٿيندي ڳٽي تان گذرندي هيٺئين چپ ۽ کاڏيءَ جي وچ تائين پهتل آ. سندس ڏسڻ جي انداز ۽ اکين مان ايڏو ته غم ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته سندس هستي ئي ڀسم ٿي وئي آ.
    راحيل ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اصل ڏڪي ويو. هن جا هٿ پير ٺري ويا. بي جان بت بڻجي ويو. هن جي سامهون صدف بيٺي هئي. اها ئي صدف جيڪا هن کي يادن جي واديءَ ۾ ڇڏي هلي وئي هئي. پر اڄ جي صدف پهريان واري صدف کان مختلف لڳس. اڳ ۾ سنهڙي سهڻي، واسينگ جهڙا وار سدائين پيا چيلھ تائين لڙڪندا هيس. پر اڄ اها صدف بت ۾ ڪجھ ڀريل چهرو به پهريان کان ڀريل گول مٽول وار صرف ڪلهن تائين لڙڪيل. رئي جو نالو نشان ئي نه. صدف راحيل کي ڏسي رهي هئي. راحيل کي لڳو ته هن جون نظرون دل مان آر پار گذري رهيون آهن. اڳ ۾ ئي من ماندو هيس ويتر ڦڙڪيون هڻڻ لڳس.
    ٻه منٽ اڳ پٽيوالي کيس ٻڌايو ته ڪا عورت ساڻس ملڻ چاهي ٿي . راحيل جو لکڻ ۾ مشغول هيو. جهڪيل ڪنڌ سان ئي اشارو ڪيس ته اندر موڪليس.
    ڪڏهن ڪڏهن انسان لاءِ اهڙو وقت به ايندو آهي جو کيس ائين لڳندو آهي ته سندس لفظ ٽڙي پکڙجي ويا آهن. راحيل به جڏهن صدف کي ڏٺو ته کيس به ائين محسوس ٿيو ته هر لفظ وساري چڪو آهي.
    “چار ٿيا آهن. پنجين تائين ويهندين........”
    صدف اهڙي انداز ۾ پڇيس ڄڻ هو ڪجھ سال نه پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ئي هن سان ملي رهي هجي.
    “ها.”
    “چڱو مان تنهنجي گهر ٿي وڃان.”
    اڃان راحيل لفظ به نه ڪڍيو جو هوءَ هلي وئي. ميز جي ڀرسان بيٺل راحيل پنهنجي ڏڪندڙ جسم کي ميز جو سهارو ڏنو. هو سمجهي ئي نه سگهيو ته هيءَ اها ئي صدف آهي يا ڪا ٻي. ڪنهن به وقت کي رڪجندي نه ڏٺو آهي پر راحيل کي لڳو ته اڄ هن وقت کي رڪجندي ڏٺو آهي ۽ وقت سان گڏو گڏ ساھ کي به رڪجندو ڏٺو اٿائين. هن کي اڃان تائين يقنين نه آيو ته ڪو صدف آئي هئي. ڪيتري دير انهن خيالن کا پوءِ هن جو هٿ فون ڏي وڌيو. هن سحرش جو نمبر ملايو.
    “مان راحيل آهيان.” لفظ وچڙندا رهيس.
    “ها راحيل ڪيئن آهين.”
    “صرف ٻن منٽن لاءِ ............... منهنجي آفيس ۾ اچي سگهندئو.”
    “ڇو. ڇا ٿيو آهي. خير ته آهي.”
    “ها ڪجھ به ته ناهي.”
    “چڱو مان اچان ٿي.”

    ********************


    سحرش هن جي لفظن مان ئي سمجهي وئي. آخر هن به ته پنهنجي دل جي ڪينواس تي راحيل جو چتر چٽيو هيو. سحرش جي گئلري راحيل جي آفيس جي ڀرسان هئي. سحرش کي اچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ مس لڳو. هوڏانهن راحيل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو ڪيترن ڏينهن کان هتي ميز جي سهاري بيٺي بيٺي ڏڪي رهيو آهي.
    “راحيل مان اچي ويس.”
    هن پلڪون مٿي کنيون سحرش کي ڏسندي چيائين،
    “اڄ صدف آئي هئي. مون هڪ دفعي توکي ٻڌايو هيو ته ڪاليج جي ڏينهن ۾.............”
    “ها مون کي ياد اچي ويو.”
    “هاڻي ڪجھ دير ٿيندي............... هاڻي گهڻا ٿيا آهن.”
    “ساڍا چار........”
    “ان وقت هن مون کي ٻڌايو ته چار ٿيا آهن.”
    “پر راحيل تون ايڏو پريشان ڇو آهين...”
    پريشان ته خود پاڻ به ٿي وئي پر پنهنجي چهري تي اهڙي ڪا به پريشانيءَ جي ريکا ظاهر نه ڪيائين. يا ته راحيل ايڏو الجهيل هيو جو سحرش جي چهري جون ريکائون پڙهي نه سگهيو.
    سحرش هڪ پل لاءِ راحيل جي چهري طرف ڏسي پرس مان رومال ڪڍيو. اڄ پهريون دفعو هو جو هوءَ راحيل جي ايڏو ويجهو بيٺي.
    “سڄو چهرو ئي ڳوڙهن سان ڀري ڇڏيو اٿئي.” ائين چئي رومال سان اکيون اگهڻ لڳس.
    “ڪاڏهون آندو اٿئي اکين ۾ لڙڪن جو درياءُ. هان.......”
    راحيل کي سچ پچ خبر نه هئي ته ڪو سندس اکين مان ڳوڙها وهي رهيا آهن هن پنهنجي آڱرين سان اکڙين کي ڇهيو ته حيران ٿي ويو.
    “هن مون سان ڪا به ڳالھ ٻولھ نه ڪئي صرف ايترو چئي هلي وئي ته مان تنهنجي ئي گهر ٿي وڃان.”
    “ڀلا هتي هوءَ توسان ڪيتريون ڳالهيون ڪري ها.”
    راحيل جيترا سال به سوچيندو رهيوهو اهو ڪڏهن به نه ٿيو هو ۽ اڄ اچانڪ جيڪي ٿي ويو، اهو سندس سوچ ۾ ئي نه ٿي آيو. تڏهن ته گهٻرائجي سحرش کي گهرائي ورتو هئائين ۽ هاڻ کيس اها به خبر نه هئي ته سحرش کي ڇو گهرايو آهي. کيس ڇا ٻڌائڻو اٿس ۽ ڇا پڇڻو اٿس. سالن کان پوءِ صدف کي ڏٺو هئائين. دل ۾ ڏاڍو خوش به ٿيو هو. شايد ان ڪري هو گهٻرائجي ويو هو ۽ ان گهٻراهٽ مان سحرش جو هٿ پڪڙي ورتائين. چيائين،
    “سحرش خبر ناهي اڄ مون کي ڇا ٿي ويو آهي. مان پنهنجي دل کي قابوءَ ۾ نه ٿو رکي سگهان.”
    سحرش وڃي پئي وري هن جي اکين ۾ گم ٿيندي. پاڻ سنڀاليندي چيائين،
    “راحيل هاڻي توکي گهر وڃڻ گهرجي. هن سان وڃي کوڙ ساريون ڳالھيون ڪر. آخر سالن کان پوءِ ملي اٿئي.”
    راحيل کي لڳو ته دنيا جي ڪا به عورت پنهنجي محبت ۾ ٻي عورت کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي آهي پر سحرش جي محبت جو ڪو انت ئي نه هو. سندس دل پيار جي خزاني سان ڀري پئي آهي.
    “منهنجو خيال آ اهي ته هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.”
    “اسان کي ڇا مان به.”
    “ها ان ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي.”
    “نه اڄ نه. گهٽ ۾ گهٽ پهرين ڏينهن ته نه. شايد کيس ڪا غلطفهمي نه ٿي وڃي.” سحرش وڃڻ لاءِ دروازي طرف مڙي چيو.“ ۽ ها اهڙي ڪا به ڳالھ نه ٿئي جنهن سان هن جي دل آزاري ٿئي.”
    راحيل جيتري به دير بيٺو رهيو هن جي گهٻراهٽ به ٿمجي بيٺي هئي. هن جي ويندي ئي کيس لڳو ڄڻ گهٻراهٽ وري شروع ٿي وئي آ.

    ********************

    راحيل گهر پهتو ته صدف هن جي هڪ هڪ شيءِ کي غور سان ڏسي رهي هئي.راحيل ايندي ئي چاچا بچل کان پڇيو،
    “بابا گهر ۾ ڪونهي ڇا.”
    “نه صاحب کي چڱي دير ٿي آ ته ٻاهر ويو آ.”
    صدف هن جي آواز تي ڇرڪي اچي صوفي تي ويهي رهي. راحيل ڏٺو ته صدف جون اکيون ائين چپ هيون جيئن ڪيترا سال اڳي هونديون هيون. راحيل ئي شروعات ڪئي،
    “مو سمجهيو هو ته توهان شايد وري هتي نه ايندا.”
    “پر مون کي پڪ هئي ته مان ضرور اينديس.”
    چاچا بچل چانھ رکي ويو. صدف جو چيل جملو هن جي من ۾ ڦرڻ لڳو ۽ گڏو گڏ ان کي ڌوئڻ به لڳو. هن کي لڳو اهو جملو هڪ وڏي اعتماد سان ئي چئي سگهجي ٿو يا صرف ٽال مٽول ڪرڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو. هن هڪ گهرو ساھ کنيو.
    “هلون.” صدف پڇيو.
    “ٻاهر ڪٿي خوشگوار هوا جي جهوٽن ۾. پوءِ تون جنهن وقت به چاهيندين اٿندا سين.”
    راحيل بنا ڪجھ چوڻ جي اٿي صدف سان ٻاهر آيو. صدف جنهن سادگيءَ سان “تون” چيو هو. اهو راحيل کي ڏاڍو وڻيو هو. ان ۾ هن کي اها پهنجائپ نطر آئي. جنهن جي کيس عرصي کا تلاش هئي.
    ٻئي ڄڻا هِل پارڪ ۾ پهچن ٿا. هنن جو رخ پارڪ جي ٽڪريءَ ڏانهن آهي جيڪا بلڪل اروڙ جي ٽڪرين وانگر آ. رستي تي هڪ وڏو تلاءُ آ جنهن ۾ کوڙ ساريون بدڪون ۽ ڪاز ترندي نظر اچن ٿا. ٽڪريءَ کي هڪ ٻن هنڌن تان ڏاڪڻ ٺهيل آجتان ماڻهون آسانيءَ سان چڙهي سگهي ٿو.ٽڪريءَ تان پارڪ جو منظر ڏاڍو خوبصورت ٿو لڳي. چوڌاري گرينري ۽ وڻن جي وچ ۾ اهو تلاءُ ائين ٿو نطر اچي ڄڻ اهو تلاءُ نه پر ڪا ڍنڍ آ. هي به ٻئي ٽڪريءَ جي هڪ پاسي اچي ويهن ٿا. جتي هوا جا جهوٽا کين دل کي ڇهندي محسوس ٿين ٿا.
    راحيل جي اکين مان سالن کان سانڍيل درد ٻاهر وهي پيو. هن جي دل چاهيو ته صدف جي جهوليءَ ۾ ڪنڌ رکي روئندو رهي ۽ کائنس پڇي. باھ کي وسائڻ لاءِ پاڻي ڪٿان به ملي سگهي ٿو پر زندگيءَ کي سلجهائڻ لاءِ پيار جا ڇنڊا اتان ئي ملي سگهندا آهن جنهن سان محبت هوندي آهي پر جيڪڏهن هو اهي ڇنڊا ئي چورائي کڻي وڃي ته ................... هن جي اکين مان آب وهي پيو. صدف کي ڪجھ چئي نه سگهيو. ڪنڌ ٻي پاسي ڪري پنهنجا ڳوڙها لڪائي ورتائين.صدف هن جي ويجهو سري آئي. هن به ڪجھ نه چيو سندس منهن کي منهن سامهون ڪندي رڳو اکين ۾ ڏسندي رهيس.
    سالن کان سانڍيل ۽ پاليل هڪ خيال راحيل کي هن وقت به آيو ته صدف هن سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون آهن پر هاڻي هن خاموشيءَ کي ايڏو ڇو پاليو آهي. اڄ به چپ آهي. شايد هن جي خاموشي ئي هن جي گذريل ماضيءَ جو داستان هئي.
    راحيل ڏٺو اڄ هيترن سالن کان پوءِ به کيس پڇڻ جي ضرورت ئي نه پئي آهي. ڄڻ ته ڪا نجومڻ آهي ڄاڻي ٿي ته مون سندس ڪيڏو انتظار ڪيو آهي ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪا ٻي ڇوڪري آئي آهي ۽ نه ڪا ٻي محبت آئي آهي.
    صدف سان گهاريل گهڙين جو خيال ايندي ئي هن جا انگ ٻَرڻ لڳا. اهو اعتماد ڇا ان ڪري آهي ته صدف کي پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ جيڪا جڳھ ڪنهن به مرد کي ڏيڻي هئي سا هن راحيل کي ڏني آهي يا صرف ان ڪري ئي صدف پنهنجي زندگيءَ ۾ راحيل کي ڪا به جڳھ نه ڏني آهي.
    “صدف.”
    “هون.”
    “هيترا سال.........هان. هيترا سال ڪڏهن منهنجو حال به نه پڇيئي.”
    راحيل جي صبر جو پيمانو جيڪو سالن کا ڀريل هيو هن جي ڇهڻ سان ئي ڇلڪي پيو.
    “هيترن سالن ۾ ڪجھ به ٿي سگهي پيو. اهو ٿي سگهي ها ته ڪا ٻي عورت منهنجي زندگيءَ ۾ هلي اچي ها.”
    صدف ڪجھ نه چيو هٿ جي آڱرين سان راحيل جا ڳوڙها اگهندي رهي ۽ چوڻ شروع ڪيائين.
    “مون کي خط ڇو نه لکيئي.؟”
    “مان ٻه ٽي خط لکيا هئا. پر توڏانهن ڪو جواب ئي نه آيو.”
    “اوه. ويري سيڊ. ياد آيو. اسان جنهن جاءِ تي شفٽ ٿيا هئا سين ان جي هفتي جي اندرئي ٻئي هنڌ سيٽل ٿيا هيا سي.”
    سوچيندي هيس ته توکي آگاھ ڪيان. تو ڏي ڪجھ لکان پر ايتري ته مصروف ٿي ويس جو فرصت ئي نه ملي. بابا جو گذاري ويو.”
    “ڇا! ۽ ماسي.!” راحيل سندس ماءُ کي ماسي چوندو هيس.
    “مون سان گڏ آئي آهي ماما جي گهر رهيل آهيون.”
    “شادي ڪيئي.”
    “نه.”
    “ڇو.”
    “دل نه ٿي مڃي.”
    راحيل چپ ٿي ويو. کيس لڳو هوءَ جيڪا به ڳالھ پڇي رهي آهي ڄڻ دست اندازي ڪري رهي آهي.
    “گهڻو ٽائيم گذري ويو آهي. هلون.” ڪجھ دير کان پوءِ صدف چيو.
    “هلو مان توهان کي گهر تائين ڇڏي اچان.” هو اٿيو.
    رستي ۾ صدف صرف ايترو چيس ته هوءَ هتي ٻه ڏينهن ئي رهندي ۽ صبح جو کيس فون ڪندي. گهر وٽ پهچي صدف راحيل کي اندر اچڻ لاءِ چيو،
    “اڄ نه سڀاڻي ايندس.”

    ********************

    هو واپس هليو آيو. اچڻ سان ئي وهنجڻ لاءِ باٿ روم هليو ويو. ان آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺائين ڄڻ خود کي سڃاڻي نه سگهيو.نائيٽ ڊريس سندس هٿن ۾ هئي. ڪيتري دير اهي ڪپڙا جهليو پاڻ کي ڏسندو رهيو.
    ڪپڙا بدلائي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. پنهنجي بستري تي ويهي ساڳيو سالن وارو خط پڙهڻ شروع ڪيائين. جيئن اڄ به پڙهي شايد اڃان ڪجھ وڌيڪ سمجهي سگهي پر ذهن آخر ان ڳالھ تي آمادھ ٿيس ته هي خط هاڻي مون کي سحرش جي حوالي ڪرڻ گهرجي.
    هن ڪمري جي بتي وسائي ڇڏي ۽ سوچ جي بتي ٻاري ڇڏي.
    “مان کيس ياد هوندس! تڏهن ئي ته مون سان ملڻ آئي آهي. هن مون کان گذريل سالن جي ڪا به ڳالھ نه پڇي آهي. هن کي يقين هوندو! تنهن ڪري ته چپ چاپ منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ڇڏيو هئائين.”
    راحيل جي چپن تي صدف جي چپن جو ڇهاءُ ٻرڻ لڳو. هن هڪ هڪ ڇهاءُ کي، هڪ هڪ پل کي، ۽ هڪ هڪ ڏڪڻيءَ کي ائين محسوس ڪيو ڄڻ اهي سڀ ڇهاءُ، پل ۽ ڏڪڻيون ڪنهن دل جي سرور واري ڪتاب جا لفظ آهن. جن کي هو بار بار پڙهي ان سرور کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
    روح ته مليا پئي پر اهي ايترو گهرا ٿي نه سگهيا. راحيل چاهيو انهن روحن جي گهرائيءَ ۾ ايترو ته گهري وڃي جو سندس خيالن جي بلڪل هيٺئين تهن کي وڃي ڇهي. هو انهيءَ گهرائيءَ ۾ ايترو ته لهي ويو جو ڪنهن مهل صدف لاءِروئي پيو ته ته ڪنهن مهل کلي پيو.
    ائين ئي سڄي رات جاڳندي ۽ پاسا ورائيندي گذري ويس. صبح جي پهرين روشنيءَ سان انتظاري شروع ٿي ويس. صدف جي فون جو انتظار. هن چانھ ٺاهي پر ڪٿي به ڪو آواز ٿيڻ نه ڏنو. متان ڪنهن آواز جي ڪري فون جي رنگ ٻڌڻ ۾ نه اچي. هو باٿروم ۾ ويو. پاڻيءَ جا ڪپا آهستي آهستي پنهنجي بدن مٿان وجهندو رهيو. تازي پاڻيءَ جي نلڪي ان ڪري نه کوليائين ته متان ان آواز ۾ فون جو آواز نه وڃائجي وڃي. آفيس وڃڻ جو وقت ٿي ويس.هن ڪنهن مهل گهڙيال طرف ڏٺو جتان ٽڪ ٽڪ جو آواز ٿي آيو ته ڪنهن مهل فون طرف پئي ڏٺو جتان کيس رِنگ جو انتطار هيو.
    آخر هو آفيس هليو ويو.ڪجھ دير ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪم جي حوالي ڪري ڇڏيو. پر ڪمن جي ننڍڙي مٺ ۾ سندس خيال سمائجي نه سگهيا. هن صدف جي مامي وارن جو نمبر ڊائريءَ مان ڳولھي ملايو.
    “مان راحيل آهيان. صدف سان ڳالھائڻو آ.”
    “هولڊ ڪجو.” پريان آواز آيو. ڪجھ پلن ۾ صدف آئي.
    “ڪير.راحيل!.”
    “ها صدف.”
    “مان اڃان هاڻي ئي اٿي آهيان. سوچي ئي رهي هيس ته توکي فون ڪيان.”
    “مان گهر نه آفيس مان ڳالھائي رهيو آهيان.”
    “راحيل منهنجو خيال آ ته تون ئي هليو اچ. امي به پڇي پئي ته گهڻو وقت ٿيو آ جو راحيل کي نه ڏٺو آهي.”
    “ٺيڪ آ مان پنجي وڳي ايندس.”
    ان بعد راحيل پنهنجو ڌيان سڄو ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. ڪم ڪندي ڪندي ڪيترا ئي دفعه کيس ائين لڳو ڄڻ شام ٿي وئي آ پر هن جڏهن به گهڙيال ڏي ڏٺو ته شام ڪافي پري هئي.
    آخر پنج ٿيا ته راحيل به پهتو. صدف هن سان ملي ۽ هڪ الڳ روم ۾ هن کي ويهاريو جتي صدف جي ماءُ به آئي. راحيل سندس ماءُ کي پيرين پئي مليو. صدف جي ماءُ زرينه راحيل کي نرڙ تي چمي ڏني. “پٽ ڪيئن آهين.”
    “ماسي توهان جي اڳيان آهيان توهان ته اڪيلو ڪري هليا ويئو.”
    “نه پٽ تون ته سدائين ياد هوندو هئين. ڪالھ به صدف کي چيو هيم ته راحيل کي ڏسان.”
    “ماسي مان تنهنجي ڪري ئي ته آيو آهيان.” صدف ڏي نهاريندي چيائين.
    “چڱو ويھءُ ته سهي سڀ ڳالهيون بيٺي ئي ڪندين ڇا.”
    ماسي زرينه صدف کي چيو، “ صدف چانھ ته ٺاهي وٺ.” صدف هلي وئي.
    “راحيل اڄ ڪلھ ڇا ٿو ڪرين؟”
    “ماسي ساڳي اخبار واري نوڪري.”
    “اڙي ابا اڃان ان اخبار جي چڪرن مان نه نڪتو آهين ڇا.”
    “ماسي ڇا ڪجي پيٽ به ته پالڻو آهي نه.”
    “شادي ڪئي اٿئي.”
    “نه ماسي اڃان ته نه ڪئي آ.”
    “ڇو ابا اڃان ڪڏهن ڪندين.”
    “بس ماسي هاڻي جلد ڪندس.”
    “ابا هن صدف به مون کي ڏاڍو تپايو آ. مان ته هن کان هارائي ويٺي آهيان.”
    “ڇو ماسي.”
    “شادي ئي نه ٿي ڪري. ڪيترا دفعه چيو ٿي مانس. ڪڏهن مڃيندي به آهي ۽ جڏهن ڪو رشتو ايندو آ ته وري انڪار ڪري ڇڏيندي آهي.”
    “ماسي سڪيلڌي ڌيءَ اٿئي. ائين جلدي ڪيئن مڃيندي.”
    “بس ابا حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو. سمجهي ئي ڪو نه ٿي.”
    صدف به ڪمري ۾ اچي وئي. پٺيان ڪا عورت چانھ جو ٽري کڻي اچي ميز تي رکي هلي وئي. صدف چانھ جو ڪوپ ٺاهيو جيڪو ماءُ کي ڏنائين. باقي چانھ ٻن ڪوپن ۾ اوتڻ لڳي. ماسي زرينه چانھ پي اٿندي چيو،
    “ابا ويهجانءِ مان اچان ٿي.”
    ماسيءَ جي وڃڻ بعد راحيل صدف ڏي نهاريو.
    “ماسي ڏاڍي سٺي آهي ٿي سگهئي ته ان جو چوڻ وٺجانءِ....”
    “اڇا.” کلندي چيائين، “منهنجي ڪا شڪايت ڪيائين ڇا.”
    “ها ڪيائين. ” راحيل به کلي ويٺو.
    صدف وڌيڪ ڪجھ به نه پڇيو. ان ڪري راحيل به چپ رهيو. رڳو هڪٻئي جي اکين ۾ ڏسندا رهيا.
    راحيل گذريل عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهيون هيون انهن ۾ ڪيترا اهڙا ڪردار هيا جن کي شهر جي ماڻهن ۾ به ڏسي چڪو هيو. اهڙن ماڻهن کان واقف ٿي ويو هو. صدف کي به هن ڪيترن سالن کان پوءِ ڏٺو هو. ان ڪري هن جي ياد به کيس ڪتاب جي ڪردار وانگر لڳندي هئي. اڄ صدف کي پننهنجي ويجهو ۽ سامهون ڏسندي کيس ائين لڳو ڄڻ هو ڪا ڪهاڻي پڙهي رهيو آهي. هن صدف کي ائين چتائي ڏٺو ڄڻ ڌڙڪندڙ دل سان پڙهندي پڙهندي ائين سوچڻ لڳو ته هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو.
    صدف راحيل جي ڀرسان اچي ويٺي. ايڏو قريب جو راحيل جو سڄو بدن سيسراٽجي ويو. هن ڇرڪ ڀري ڏانهس ڏٺو. صدف جا ساھ راحيل جي ساهن سان ٽڪرائجي رهيا هئا. پر راحيل کي لڳو هن پل جي هن ڇهاءُ جي ۽ هن ڌڙڪندڙ دل جي لفظن کي ڳنڍي جيڪا ڪهاڻي جوڙي آهي ان جو ڪو به آئيندو نه آهي.
    آئيندي جي ٽٽل پل وانگر هن به پنهنجو ڪنڌ صدف جي ڇاتيءَ مٿان رکيو. راحيل صدف کي لڳاتار سالن کان پيار ڪيو آهي. شايد اهي پل ئي انهن سالن جي قيمت هيا. کيس لڳو ته هي هڪ پل ئي سچو آ هي. باقي ٻيا پل سڀ ڪوڙ آهي.هن جي دل چاهيو ته سندس دل جي ڌاڳي ۾ هي پل هميشه لٽڪندو رهي.
    گذريل سالن مٿان جڏهن هن نظر وڌي ته کيس محسوس ٿيو ته ان سڄي رستي تان هو اڪيلو نه وڃي رهيو آهي. ٺيڪ آهي. سحرش سندس همسفر بڻجي هن سان ڪو نه ملي هئي پر هوءَ هميشه هن سان گڏ هوندي هئي. هن وٽ هوندي هئي ۽ سحرش جو چهرو ايترو سڃاڻپ ڀريو لڳو هيس جو هو ڪيڏو دل هٿان مجبور ٿيو هو.
    “صدف گهڻي دير ٿي وئي آ بابا به انتظار ڪندو هوندو.”
    “ڪاش مان توکي ڇڏي اچان هان.”
    “نه صدف ........ پر ............” راحيل کان اڳتي ڪجھ به نه چيو ويو.
    “مون کي شايد سڀاڻي وڃڻو پوي. ماما وارن جي ڪري اڄ ترسي پيا هيا سي. هن دفعي توکي ضرور لکنديس.”
    “سڀاڻي فون ڪندي سانءِ يا تون اچجانءِ.”
    “چڱو.”
    “خدا حافظ.”

    ********************


    جيستائين راحيل صدف کي نه ڏٺو هيو. هو هن دنيا، هن شهر ۾ رهندي به رڳو گهڻو وقت پنهنجي فليٽ واري دريءَ وٽ گذاريندو هو. جتي ويهندي کيس هيٺ جا ماڻهون ڪافي پري نظر ايندا هيا.
    هن دفعي سالن کان پوءِ صدف ائين اچي هلي ويس جيئن ڪو راھ ويندي ملندو آهي. راحيل کي لڳو ڄڻ هن دل ۾ درد جو ٻج پوکيو هو ۽ هاڻي اهو ٻج اڀري آيو آهي. ان ڪري ئي هن جو درد سان رشتو جڙي پيو آهي.
    صدف جڏهن سندس ٿڌن ٿڌن ڳلن تان ڳوڙهن جون لارون پنهنجي ڪومل هٿڙن جي تِرِن سان اگهيون هيس ته هن کي ائين محسوس ٿيو هو ته هيءَ هن جي محض همدردي آهي يا وري محبت جو احساس.
    پر نه راحيل کي ائين لڳو ته ڄڻ صدف هن کي ڪنهن بلڊنگ جي آخري منزل جي ڇت تي وٺي وئي آهي. جتي سڃ ئي سڃ آهي. صرف بادل آهن ۽ صدف جي ڪڏهن به نه ٽٽندڙ ۽ نه سمجھ ۾ ايندڙ خاموشي.

    راحيل جي نيڻن جي بادلن مان هڪ بوند اڀري آئي ۽ اها بوند آهستي آهستي ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳي. راحيل نمبر ملايو.
    “سحرش.”
    “ڪير راحيل.”
    “ها سحرش. توکي فرصت آهي.”
    “ها راحيل تون جنهن وقت به چاهين اچي سگهين ٿو.”
    “چڱو مان هاڻي ئي اچان ٿو.”
    “چوين ته مان اچان.”
    “نه سحرش مون کي ئي اچڻ گهرجي.”
    سحرش فون بند ڪري ڇڏي. ڪمري ۾ بتي ٻري رهي هئي. اها روشني کيس جلائي رهي هئي. هن بتي وسائي ڇڏي. ڪيتري دير اوندھ ۾ بيٺي رهي. پوءِ هڪ ميڻ بتي ٻاري ان جي لاٽ ڏانهن ڏسندي رهي. هن جو چهرو ميڻ بتيءَ مٿان جهڪيل هو ۽ هن جي هر ساھ سان گڏ اها لاٽ به لڏندي رهي. سندس من ۾ جلندڙ ميڻ بتيءَ جي لاٽ سندس دل کي ڳاري رهي هئي.
    راحيل اچي آهستي دروازو کوليو ته سندس کڄندڙ ساھ سحرش جي ساھ سان اچي گڏيو. راحيل ڪمري م ايندي ئي هن طرف ڏٺو. کيس لڳو ڪمري ۾ هڪ نه پر ٻه ميڻ بتيون ٻري رهيون آهن. هن اڳتي وڌي سحرش کي پنهنجي ٻانهن جي هار ۾ پوئي وڌو.
    سحرش هن جي سيني تي پنهنجو ڪنڌ رکي ڇڏيو.
    “منهنجي سحرش.”
    “مون کي خبر آهي راحيل.”
    “پر ڪيئن.”
    “مون کي اڄ کان اڳ ڪڏهن به تنهنجو اهڙو ڇهاءُ محسوس نه ٿيو هو. اڄ به جيڪڏهن مون کي خبر نه هجي ها......... ته تنهنجي ٻانهن ۾ اهڙي طرح اجازت پاڻ کي نه ڏيان ها.”
    “پر ڪيئن سحرش.”
    “تون جڏهن ڪمري ۾ آئين ته ڏٺم ميڻ بتي منهنجي سامهون نه پر تنهنجي سامهون پئي آهي. مون کي لڳو ته تون به مين بتيءَ وانگر ڪيڏو ڳريو آهين. تنهنجي پياري مک جي روشنيءَ ۾ مون پنهنجو چهرو سڃاڻي ورتو.”
    “پر سحرش.”
    “ڏس راحيل. اڄ کان اڳ مون جڏهن به تنهنجي چهري طرف ڏٺو آهي. مون کي لڳندو هو ته تو کي صدف جو انتظار هو. ان ڪري مون هڪ قدم به ان راھ تي نه وڌايو.”
    “مون تو کي ٻڌايو ته هو.”
    “۽ مون تو کي چيو هو ته ساڻس گڏ ضرور وڃجانءِ.”
    “تو ائين ڇو چيو هو. سحرش تو ڇا ائين پئي چاهيو ته مان تنهنجي زندگيءَ مان هميشه هميشه لاءِ هليو وڃان.”
    “توکي چيو هوم پر الائي ڇو چيو هوم. مون کي صرف ايتري پڪ هئي ته مان جيڪڏهن توکي پنهنجو بڻائي سگهندس ته هن راھ تي اچي ئي پنهنجي جيون جو جاني بڻائينديس.”
    “ڇا تون تقدير کان با خبر هئينءَ.”
    “ها مون کي ڄاڻ هئي ته مان توکي صدف کان وڌيڪ چاهيان ٿي صرف صدف کان ئي نه پر پنهنجي هستيءَ کان به وڌيڪ پيار ڪيان ٿي.”
    “تون ڪڏهن کان ان چاھ جي سمنڊ ۾ گم ٿي هئينءَ..”
    “جڏهن اخبار ۾ تنهنجو ڪالم پڙهيو هوم.”
    “پر ان ڪالم ۾ تنهنجي تصويرن جي ساراھ هئي تنهنجي نه.”
    “تو جيڪي به لکيو هو اهو ساراھ کان وڌيڪ سچ هو. سچ جي روشنيءَ ۾ مون توکي سڃاڻي ورتو هو ۽ سچ جي روشنائيءَ ۾ مون خود کي به سڃاتو هو.... مون انهن ڏينهن کان پوءِ ئي..........” هوءَ خاموش ٿي وئي ۽ پنهنجا نيڻ جهڪائي ڇڏيائين.
    “ڇا انهن ڏينهن کان پوءِ .........”
    “ها انهن ڏينهن کان پوءِ پاڻ کي تنهنجي امانت سمجهڻ لڳي هيم. ان کان اڳ منهنجي مختلف ماڻهن سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. راحيل زندگي پهرين خالي خالي هئي. ان ڪري مختلف ماڻهن ۾ پاڻ کي تلاش ڪندي رهيس. پوءِ جڏهن زندگي تنهنجي تلاش تي ختم ٿي ته تو کي پيار جي عمارتن ۾ ڳولهڻ لڳس ۽ اڄ پوري جو پورو تاج محل منهنجي سامهون آهي.”
    “ڇا تو ان وقت به ڄاتو هو جڏهن صدف وٽ وڃڻ لاءِ چيو هيئي.”
    “ها.”
    “پوءِ تنهنجي دل م ڪجھ به نه ٿيو هو.”
    “ان ڏينهن مون کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته درد ڇا ٿيندو آهي ۽ ان جي تپش ڪهڙو رنگ لائيندي آهي.”
    “هي هڪ ڏاڍو عجيب حادثو آهي. سحرش.”
    “ها.”
    “مون ايترو ته سمجهيو هو ته تون مون کي سٺي لڳندي آن. ما تنهنجو قدر ڪندو هيس. بس ان کان وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه هئي. منهنجي دل تي ڪيئن ۽ ڪڏهن تنهنجو نالو لکجي ويو. اها خبر ئي ڪا نه پئي. مان جڏهن صدف سان ملڻ ويس. سالن جا سال سندس خيال دل ۾ سانڍي رکيم. پر عجيب ڳالھ اها آهي سحرش. هن جڏهن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هن جي چهري جي روشني منهنجي دل مٿان پئي ته مون ڏٺو..............”
    “ڇا ڏٺئي.........”
    “ته منهنجي دل تي تنهنجو ئي نالو چٽيل آهي.”
    سحرش جو مدت کان ٽمٽار صبر ٽٽي پيو. هن جي دل ڪٺل ڪبوتر وانگر ڇڙيون هڻي رهي هئي. بيتابيءَ سان هن راحيل کي زور سان پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتو. هن جا اڃايل چپ راحيل جي چپن مان سالن جي پياس اجهائڻ لڳا.
    “سحرش.”
    “هون.”
    “هي ڪئين ٿيو. هون. ڇو ٿيو.”
    “شايد ان ڪري ته صدف توکي ائين پيار نه ٿي ڪري جيئن کيس ڪرڻ جڳائي.”
    “تو ڇا صدف کي ڏٺو آهي.”
    “نه ڏٺو ناهي پر سمجهيو ضرور اٿم.”
    “ڪيئن. ڪيئن سمجهيو اٿئيس.”
    “هوءَ تمام سٺي ۽ سهڻي به آهي. ذهين به آهي. پر هڪ ڳالھ ۾ وڏي ظالم آهي.”
    “ڪهڙي ڳالھ ۾.”
    سحرش ڪجھ لنوايو پر پوءِ چيائين،
    “هوءَ ڪيئن به ۽ ڪنهن به خوبصورت ڇوڪري کي پاڻ مٿان موهت ڪري ڇڏي ٿي پر پوءِ جڏهن ڇوڪرو محسوس ڪندو ته پاڻ ۾ محبت واري ڇڪ پيدا ٿي وئي آهي تڏهن سندس پچر ڇڏي ۽ ان جي پرواھ ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي.”
    “ها مون کي سندس ماءُ سندس باري ۾ ائين ئي چيو هو. هن جي ماءُ مون کي بيحد پياري لڳي هئي. پر سحرش توکي جڏهن اها خبر اڳ ۾ ئي هئي ته پوءِ مون کي ڇو نه ٻڌايو هيئي.”
    “ڇا مون کي ان وقت اهڙو ڪجھ چوڻ مناسب هيو.”
    “ڇو.”
    “مان جيڪڏهن ان وقت ڪجھ به چوان ها ته منهنجو ساڙ سمجهيو وڃي ها.”
    “اوھ. چئبو ته پيار ۾ Ph.D آهين.”
    “نه اڃان ته ڊپلوما پئي ڪيان.” ٽهڪ ٻنهي کان نڪري ويا.
    “سحرش حقيقت اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين لڳندو هو ته هوءَ ائين ڪري ٿي. ائين ڇو ٿي ڪري؟.”
    “خبر ناهي ................ شايد ننڍپڻ ۾ ڪا اهڙي ڳالھ ٿي هجيس. شايد ڪنهن هن کي ڏکويو هجي.”
    “هن جي ڀرسان ويهندي به ائين لڳندو هيو ڄڻ هوءَ گهڻو پري ويٺي آهي. مان جنهن ڏينهن کيس زندگيءَ جي راهن ۾ مليو هيس ان رات مون کي لڳو ته مان نه صرف کيس پر پنهنجو پاڻ ۽ دنيا جي ڪنهن به شخص کي نه ٿو سڃاڻان.”
    “مون کي به نه ............” اکين ۾ پاڻ سمائي چيائينس.
    “ان ڏينهن به مان بلڪل حيران ٿي ويس پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي ورتو هوم. مون کي لڳو ته ڪنهن کي سڃاڻان ٿو ته اها صرف تون آهين. تون سحرش.”
    “واقعي!”
    “ها سحرش اڄ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو محسوس ٿيو آهي ته هيءَ دل منهنجي آ. هيءَ ڌرتي منهنجي آ. هي شهر منهنجو آهي ۽ هن شهر جا ماڻهون منهنجا آهن.”
    “پر راحيل هتان جا ڪي ماڻهون تنهنجي لائق نه آهن.”
    “ڪا ڳالھ ناهي سحرش. جيڪڏهن تون مون سان ساڻ آن ته هي دنيا هيءَ ڪائنات منهنجي آهي.”
    سحرش پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون. راحيل کي ائين محسوس ٿيو ته اڄ سندس زندگيءَ جي تڪميل ٿي رهي آهي. سندس دل غمن کا آزاد ٿي عرش تي اڏامي رهي آهي.
    سحرش ۽ راحيل هڪٻئي کي ائين دل ۾ لهي ڏٺو جو سندن دلين هميشه لاءِ هڪٻئي سان رهڻ جو وچن ڪري ڇڏيو ۽ راحيل جيڪو پاتال ۾ پيل انسان، خوابن جو افلاڪ اورانگهي تصور جي هنج ۾ وڃي ليٽيو. اڄ هن جي پيرن ۾ ڪائنات جون ڪهڪشائون ۽ ستارن جا موتي هيس ته ڪائنات جي اونداهيءَ کي اجالو ڪندڙ جهوليءَ ۾ چنڊ ۽ اهو چنڊ ئي هن جي سحرش ڪل ڪائنات جو مهور هئي.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 872
    ڪتابن جو مشاهدو: 2460812
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 629436
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ