ڪتاب جو نالو: حق سُڃاڻ اي ٻار
مصنف: آزاد بُخاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 08 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 304 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 58 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ليکڪ ۽ شاعر آزاد بخاري جي ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو آهي. قربان منگي لکي ٿو:
”آزاد بُخاريءَ سِنڌُ جي ٻارڙن لاءِ کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي ۽ انهيءَ شاعريءَ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هي ڪتاب ”حق سُڃاڻ اي ٻار!“ انهيءَ سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ آزاد بُخاريءَ انتهائي سليس ۽ مُترنم لهجي ۾ ٻارڙن جي لاءِ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي روشنيءَ ۾ گيت تخليق ڪيا آهن. يقيناً هي گيتَ ٻارن ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪندا. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق سڃاڻ اي ٻار!
  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • شاعِرَ پاران
  • ٻارن جي دردن جو نوحو
  • فرق رکن ٿا درد ٿئي ٿو
  • ٻارن جي حقن جو عالمي معاهدو
  • ٻار جي وصف
  • بنا متڀيد
  • ٻار جو بهترين مفاد
  • حقن جي پهچ
  • والدين جي رهنمائي ۽ ٻار جي پرورش
  • ٻار جي بقا ۽ واڌ ويجهه
  • نالو ۽ قوميت
  • ٻار جي سڃاڻپ جو تحفظ
  • والدين کان علحدگي
  • خاندان سان ميلاپ
  • غيرقانوني لڏپلاڻ ۽ عدم واپسي
  • ٻار جي ڳالهه/راءِ
  • اظهار راءِ جي آزادي
  • ضمير ۽ مذهب، فڪر جي آزادي
  • انجمن ٺاهڻ جي آزادي
  • خلوت جو تحفظ
  • مناسب معلومات تائين پهچ
  • والدين جون ذميواريون
  • بدسلوڪي ۽ غفلت کان تحفظ
  • خاندان کان محروم ٻار جو تحفظ
  • ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جو عمل
  • پناهگير ٻار
  • معذورٻار
  • صحت ۽ علاج
  • زير علاج ٻار جي نگراني
  • سماجي تحفظ
  • ٻار جو معيار زندگي
  • تعليم
  • تعليم جا مقصد
  • اقليتن يا قديم علائقن جي رهاڪن جا ٻار
  • فرصت، تفريح ۽ ثقافتي سرگرميون
  • ٻارن کان پورهيو وٺڻ
  • منشيات جو استعمال
  • جنسي ڏاڍ
  • ٻار جي اغوا واپار ۽ اسمگلنگ
  • ڏاڍ جا ٻيا قسم
  • تشدد کان تحفظ ۽ آزاديءَ کان محرومي
  • هٿياربند جهيڙو
  • بحاليءَ دوران ٻارن جي پرورش
  • ٻارن جي لاءِ انصاف جو نظام
  • شق نمبر 41 کان 54

  • حق سڃاڻ اي ٻار!

    حق سڃاڻ اي ٻار تون پنهنجا
    ساٿي سنگتي سار تون پنهنجا

    راند جيڏن سان گڏجي ڪر تون
    ٽول وٺي نه کار تون پنهنجا

    هيج منجهاران جهمريون پاءِ
    کيڏ ٻيلهاڙا يار تون پنهنجا

    علم ادب سان رک تون چاهت
    خالي پل نه گهار تون پنهنجا

    پنهنجي پرائي کي تون سڃاڻ
    خيال اتم سڀ ڌار تون پنهنجا

    ڪين ڪڏهن غمگين ٿيجانءِ
    سک سان نيڻ ٺار تون پنهنجا

    ”آزاد“ گذارڻ حق آ سڀ جو
    ڳوڙها مور نه هار تون پنهنجا


    حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO: 158

    حق سڃاڻ اي ٻار
    (ٻارن لاءِ شاعري)
    شاعر: آزاد بُخاري
    ڇاپو پهريون: 2019ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه: 100/- روپيه



    HAQ SUNJAAN AE BAAR
    (Poetry for Children’s)

    By: Azad Bukhari
    First Edition: 2019
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ ۽
    پنهنجي ٻچڙن جي ماءُ
    شبنم بُخاري
    جي نانءِ
    جيڪا منهنجي بي رنگ جيون ۽
    سندم ڪٽنب جي اڱڻ مٿان
    پرھ جي ماڪ جي قطرن جيان
    مِهَر بڻجي وسندي رهي ٿي.

    ــــــ آزاد بُخاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”حق سڃاڻ اي ٻار“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ شاعر آزاد بخاري جي ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو آهي. قربان منگي لکي ٿو:
    ”آزاد بُخاريءَ سِنڌُ جي ٻارڙن لاءِ کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي ۽ انهيءَ شاعريءَ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هي ڪتاب ”حق سُڃاڻ اي ٻار!“ انهيءَ سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ آزاد بُخاريءَ انتهائي سليس ۽ مُترنم لهجي ۾ ٻارڙن جي لاءِ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي روشنيءَ ۾ گيت تخليق ڪيا آهن. يقيناً هي گيتَ ٻارن ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪندا. “
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون سائين آزاد بخاريءَ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    آزاد بُخاريءَ سِنڌُ جي ٻارڙن لاءِ کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي ۽ انهيءَ شاعريءَ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هي ڪتاب ”حق سُڃاڻ اي ٻار!“ انهيءَ سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ آزاد بُخاريءَ انتهائي سليس ۽ مُترنم لهجي ۾ ٻارڙن جي لاءِ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي روشنيءَ ۾ گيت تخليق ڪيا آهن. يقيناً هي گيتَ ٻارن ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪندا.
    ادارو ”پوپٽ“ ٻالڪ ادب جي سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان ڪَمُ ڪري رهيو آهي. اوهان جي ساٿَ ۽ سهڪارَ سان اُهو سفر اڃان به وڌيڪَ جذبي سان جاري رهندو.

    قربان منــــــگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    شاعِرَ پاران

    پيارا ٻارو !
    سدائين مسڪرائيندا رهو ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي اوهان کي هن ڪتاب کان پهريون مان اوهان جي هٿن ۾ ٽي ڪتاب ڏئي چڪو آهيان هي منهنجو ٻاراڻي ادب لاءِ چوٿون ڪتاب “حق سڃاڻ اي ٻار” آهي، هن ڪتاب جا سمورا نظم ٻارن جي حقن جي ڄاڻ ڏين ٿا جيڪي اقوم متحدا طرفان جاري ڪيل ٻارن جي حقن جي پڌرنامي جي 40 شقن کي اوهان کي سمجهائڻ لاءِ نظمن جي روپ ۾ ڏنا آهي. ان سان گڏ مون C R C چلڊرن رائيٽس ڪنوينشن جي سموري پڌرنامي کي شق وار جيئن جو تيئن سنڌي ۾ پڻ ڏنو آهي ته جيئن ٻار نظم سان گڏ نثر ۾ به پڙهي ۽ سمجهي سگهن. هر هڪ شق جي موضوع مطابق هڪ نظم ۽ هڪ تصوير به ڏني اٿم جيئن اوهان ان شق کي نظماڻي انداز ۾ آساني سان ياد ڪري پنهنجن حقن کان مڪمل واقفيت حاصل ڪري سگهو.
    منهن جي نظر ۾ موضوعاتي شاعري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي ڇو ته هڪ مليل مخصوص دائري ۾ شعر لکجي ٿو جنهن ۾ خيال جي ايتري وسعت نٿي ملي ۽ موضوع ڏکيا هجڻ سبب پڻ لفظن جي چونڊ ٻارن جي سمجھه مطابق بيهارڻ هڪ ڏکيو عمل آهي پوءِ به مون نظمن کي عام فهم بڻائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي.
    پيارا ٻارو.....!
    جيڪڏهن پهرين ڪتابن جيان هي ڪتاب به اوهانکي قبول پيو ته مان سمجهندس ته منهنجي هي ننڍڙي ڪوشش ڪامياب وئي.
    اوهان ننڍڙن مرڪندڙ گلڙن جهڙن ٻارن جي پيار جي موٽ جو منتظر.

    آزاد بُخاري
    چَڪ


    ٻارن جي دردن جو نوحو

    ڳڏيل طور تي دنيا ۾ ” انساني حقن جو پڌرنامو“ موجود آهي. حقيقت اها آهي ته جنس ۽ عمر جي متڀيد کان هٽي، انسان لاءِ اهو ئي پڌرنامو گهڻو آهي، پر وڌندڙ آبادي انسان کي مجبور ڪيو ته اهي، عورتن، ٽين جنس ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ الڳ سان قائدا ۽ قانون جوڙيا وڃن. اهڙا قاعدا قانون رياستن جي آئين توڙي عالمي ادارن به جوڙيا آهن. جنهن ۾ ٻارن جي حقن جو عالمي معاهدو آهي، ان بابت هن ڪتاب ۾ مواد موجود آهي.
    ٻارن جي حقن جي ڳالھه کي 1989ع ۾ CONVENTION ON THE RIGHTS OF THE CHILD ۾ حتمي شڪل ڏيندي، 18 سالن تائين جي ٻارن لاءِ قانونن جو هڪ مختلف دائرو مقرر ڪيو ويو. ان جي نقطن کي هتي بيان ڪرڻ سان هڪ وڏي پٽاڙ شروع ٿي ويندي. هاڻ اچون ٿا پاڻ هن ڪتاب ” حق سڃاڻ اي ٻار “، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ جاکوڙي، ادب سان وڏي وقت کان سلهاڙيل ۽ وڏي ڳالهه ته ڌرتي جي سماج سان نينهن جهڙو ناتو رکندڙ آزاد بخاري لکيو آهي.
    هونئن ته شاعري لفظ ” لکيو “ ڪتب نه اچڻ گهرجي جو شعر جو تعلق اندر جي ان ولوڙ سان آهي جيڪا لفظن جو روپ وٺي ڪاڳرن تي پهچندي آهي. پر جيڪا شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي اها شعوري طور موضوعاتي انداز ۾ لکي وئي آهي.
    شعوري طور لکڻ جو تعلق به لاشعور سان هوندو آهي ڇو ته ڪنهن به نازڪ اشو تي لکڻ لاءِ نازڪ دل ۽ خيال گهربل هوندا آهن جيڪي لاشعور ۾ موجود هوندا آهن، بس انهن کي شعور جي چهبڪ هڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اهي خيال تخليق جي صورت وٺندا آهن تي پرهندڙ يا ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ کي ڇهي ويندا آهن
    ٻارن جي حقن جي معاهدي جي حوالي سان لکيل هي ڪتاب ان ڪري مختلف آهي جو آزاد بخاري هر شق جي حوالي سان نظم/ شاعري لکي/ ڪئي آهي. اهو ٿي ويو هڪ پاسو ۽ ٻيو پاسو آهي ان شاعري ۾ موجود خيال ڪهڙا آهن؟
    خود اهو خيال ڪيڏو نه خوبصورت آهي جو ٻارن کي سندن حقن بابت انهن جي ئي انداز ۾ کين سمجهائجي، ٻارن کي شاعراڻو انداز ڀائيندو آهي، رڳو ٻار ڇو وڏن کي به شاعري ۾ سمجهائڻ گهرجي جيئن سندن روح کي لوڏي ۽ ڌوڏي سگهجي!
    بابو کلندي کين چوي،
    ڌيءَ آ ننڍڙي پئي پڙهي.
    اڙهن سالن جي ٿي ناهي،
    هيءَ ته ننڍڙي ٻالڪ آهي.

    ٻارن جي عالمي معاهدي جي شقن کي سامهون رکي هر شق کي شاعري واري انداز ۾ بيان ڪري ڄڻ هڪ شاعراڻومعاهدو ” پڌرو ٿيو آهي، جيڪو ٻار پاڻ بيان ڪري رهيو آهي.
    علم ملي ۽ سبق ملي
    ٻارن کي پنهنجو حق ملي

    صحت سندن وڌي ويجهي،
    ڪو به نه ڪو نقصان ملي

    يا وري.
    پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهيان،
    پر مان غريب جو ٻار آهيان،

    پٽ ڀوتار جو روز وڙهي،
    اسڪول وڃان ته ڪاوڙ ڪري.

    پويون شعر ٻارن جي عالمي معاهدي جي ” بنا متڀيد “ واري شق جي حوالي سان آهي. آزاد بخاري جتي ان شق جي اصل روح کي شعر ۾ اپٽاريو آهي پر ان کي پنهنجي سماج جي ٻار جي حالت سان بيان ڪيو آهي، هو جتي چڪ شهر ۾ رهي ٿو، اهو ڀوتارڪي وڪڙ م آهي ان ڪري هن تخليق ۾ ڀوتار جي ڏاڍ جو ذڪر سادگي سان ته اچي ٿو پر ان ۾ ڌڪار به موجود آهي ۽ واقعو به ، ته ڪيئن ڀوتار جي پٽ جو رويو آهي ۽ اهو به تعليم حاصل ڪرڻ واري ڳالهه تي.
    سچي ڳالهه اها آهي ته ٻارن جي حقن جي حوالي سان شاعراڻو هي ڪتاب ٻارن جي دردن جو نوحو به آهي.

    لٽڙا ميرا حال ڪنا،
    ڍنڍ تان ميڙن ٻار پنا.

    پنهنجي پيءُ کان ڌار رهان ٿو،
    بدقسمت هان ڪين ٺهان ٿو.

    امڙ کي ابو ڇڏي ويو
    غمن سان مونکي گڏي ويو

    منهنجي ماءُ ڪئي ٻي شادي
    ويڳي پيءُ نئين ڪار آندي

    پوءِ به منهنجو خيال هو رکي ٿو
    پنهنجي پيءَ ڏانهن ڇڏي ٿو

    جتي درد ڪٿا آهي اتي چڱائي، سٺائي ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو، همٿ حوصلوڪرڻ، علم پرائڻ وغيرھ وغيرھ جهڙن هاڪاري خيالن سان به شعر ڀريا پيا آهن جيڪي مايوسي جي ڌٻڻ مان ڪڍن ٿا.
    منهنجي خيال ۾ موضوعاتي انداز ۾ جيڪو ادب لکيو ويندو آهي ان ۾ هن ڪتاب جي حيثيت سونهين واري آهي.

    ممتاز بُخاري سکر ـــ سنڌ


    فرق رکن ٿا درد ٿئي ٿو

    ٻار انساني سماج جو هڪ اهو قليدي ۽ اهم عنصر جيڪو تهذيبي زندگي جو بنياد ۽ هر نئين ايجاد جو محرڪ رهيو آهي. ڪنهن سماجي ڏاهي جو چوڻ آهي . ته “ توهان پنهنجي ٻار کي پائڻ لاءِ ڪپڙا، کائڻ لاءِ غذا ۽ رهڻ لاءِ گهر ته مُهِيا ڪري سگهو ٿا، پر کيس پنهنجا خيال هرگز نٿا ڏئي سگهو! ڇو ته هن نئين زماني ۾ اک کولي آهي. هو نئين ماحول ءَ نئين دور جو انسان آهي. هن جا خيال توهان جي خيالن کان مختلف هوندا.”
    هن ملڪ جون اڪثر ملڪ گير پارِٽِيون ته وڏا وڏا نعرا ،وڏا وڏا خيال ۽ منشور ٻڌائن ٿيون، جنهن ۾ اَٽُو لَٽُو ۽ اَجِهو اهڙا سونهري خواب ڏيکارڻ، ٻڌرائڻ جي حد تائين رهجيو وڃن ٿيون، ملڪ اندر رهندڙ انسان بک ڏک جهڙي بدحالي ۾ اچي وڃن ٿا، اهڙي ڪسمپرسي جي ڪري انهن کان ساھ کڻڻ به وسري وڃي ٿو.
    سال 1939 کان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ٿي ۽ 1945ع جي آخر ۾ آمريڪا جپان سان وير پاڙيندي، ان جي ٻن خوبصورت شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ترتيبوار 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ تي بم ڪيرائي ٻنهي شهرن کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيوهو. جنهن ۾ پنج لک ماڻهو موت جي ننڊ سمهاريا ويا ۽ لکين ماڻهو معذور ٿي پيا، هن حادثي جي درد کي سمجهندي دنيا جي مختلف قومن جو ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ايندڙ نسلن کي جنگ جي عذاب کان بچائي سگهجي. اهڙي ريت 24 آڪٽوبر 1945ع تي گڏيل قومن جو ادارو (اقوام متحده) وجود ۾ آيو.گڏيل قومن جي وچ ۾ دوستاڻا ناتا جوڙڻ، دنيا مان غربت جهالت ۽ بيمارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قومن جي ورتل اپائن ميل ميلاپ قائم ڪرڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ. اقوام متحده جي چارٽر ۾ وقت به وقت اضافو ڪندي انسانن سان لاڳاپيل ۽ اڀريل اهم مسئلن جهڙوڪ؛ ماحوليات ، حياتيات، منشيات، موسميات، سياحت، ثقافت، اقتصاديات، صحافت، غربت، تعليم، ڪميونيڪيشن، ٻولي ڪلچر، ماءُ پيءُ، اولاد، ٻارن، عورتن، استادن، شاگردن، مزدورن ۽ هارين جي اهميت، حيوانن ۽ انسانن سان لاڳو خطرناڪ مرضن جي حوالي کان هر سال جنوري کان ڊسمبر تائين دنيا ليول تي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
    دنيا جي ڏاهي عظيم انسان ڪارل مارڪس چيو هو ته “ دنيا اندر ٻه طبقا آهن هڪڙا ڦريندڙ ٻيا ڦرجندڙ، يعني مٿيون طبقو ۽ هيٺيون طبقو، پر اسان وٽ ساڳين طبقن سان گڏ ٻن وڌيڪ طبقن، جنهن کي اڄ جو معاشرو نيچ نظرن سان ڏسي رهيو آهي. انهن طبقن ۾ پلجندڙ ٻار اتان جي ئي طبقي جو اثر کڻي ان مخصوص طبقاتي ماحول ۾ ساھ کڻي ٿو اڪثر ڪري ساڳي ئي ذهنيت جي ترجماني ڪندڙ بنجي اسرندو ٿو رهي.”
    1_ مٿين طبقي جو ٻار گهڻو ڪري نوڪرن چاڪرن ٻانهين جي ڪچن تي پلجي نپجي ٿو منجهس حاڪميت ۽ آڏ وڏائي وارا لاڙا پيدا ٿيڻ شروع کان ئي ٿين ٿا.
    2_ مڊل ڪلاس ٻئين طبقي سان تعلق رکندڙ ٻار ٻن ٻيڙين ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. ذهني خلفشار ۽ احساس محرومي ۾ گذاريندڙ ٿي ٿو. مٿين طبقي واري ٻار جا اثر جلد قبولي ويهي ٿو، ان طبقي مان ڪي انقلابي ذهن رکندڙ ٻار سماج جي تبديلي جا خواب عملي زندگي کي بيباڪ بنائڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو ۽ جستجو ڪندو رهي ٿو.هي ٻار سڌري به سگهي ٿو، بگڙي به سگهي ٿو، ان جو دارو مدار والدين ۽ معاشري تي منحصر آهي.
    3_ ٽيون طبقو هن ئي طبقي جا ٻار پيدائش جي عمل کان وٺي سخت سرتوڙ محنت جي باوجود کيس حاصل اهو ڪجهه نه ٿيندو آهي. جنهن سان هو تبديل ٿي سگهي، مڊل ڪلاس ڏانهن هٿوراڙيون هڻندڙ ان طبقي جي ٻار کي اڻپوري ۽ غير متوازن غذا رهائش لاءِ عارضي گهر_ جاءِ جنهن تي سندس مستقل حق نه هجي ۽ سردي گرمي کان غير محفوظ اجهو ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙا، ٻين جا لٿل ڪپڙا ان ماحول ۾ سرجندڙ ٻار تعليم ۽ تفريح جهڙين انساني ضرورتن کان وانجهيل ۽ نا آشنا هوندو آهي. معاشري ۾ اهڙا ٻار سڌريل ۽ اڻ سڌريل ٿي وڃن ٿا.
    4_ چوٿون طبقو؛ جنهن کي اڄ جو سماج نيچ ۽ بيڪار پيو سڏي ان طبقي جي ٻار کي اڄ جو ڪلچر ڄڻ تسليم ئي نٿو ڪري، هو خانه بدوش جي صورت ۾ ڪڏهن هِتي، ڪڏهن هُتي، هنن ٻارن جي پالنا ته پري رهي، پر زندگي جو رهڻ سهڻ ۽ طور طريقن جي خبر نه اٿن اهڙن ٻارن کان تشدد ذريعي غلط ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ رلايو پنايو وڃي ٿو. ٻارڙن جي حقن جي عالمي معاهدي جون 54 شقون آهن جن ۾ چوڏنهن شقون معاهدي جي عمل در آمد لاءِ آهن باقي 40 شقن تي محترم آزاد بخاري شاعري ڪري نظم جو روپ ڏئي ٻاراڻي شاعر ۾ نواڻ آندي آهي. شايد ئي ويجهڙ ۾ ڪنهن اهڙي ڪوشش ڪئي هجي، عورتن مردن ۽ ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان نثر ۾ ننڍا وڏا ڪتابچا اردو ۽ انگريزي ۾ کوڙ سارا ملي ويندا، پر سنڌي ۾ ڪو ورلي ڇپيل ملندو، هتي دوست آزاد هي ٽيون دفعو ٻارن لاءِ موضوعاتي شاعري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    ان کان اڳ “نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار” شاعري جي ڪتاب ۾ شهري ٻارن جي راندين تي نظم جهڙوڪ، اسڪريبل، سنوڪر، جوڊوڪراٽو، رولر اسڪيٽنگ، وڊيو گيم وغيرھ اچي وڃن ٿا . ٻيو ڪتاب “ سائنس ڏنو سوجهرو” ۾ ارتقا کان وٺي شمسي گرھ جهڙن موضوعن تي سائنسي شعر نظم لکيا آهن
    هينئر هي ٽيون ڪتاب “ حق سڃاڻ اي ٻار” جهڙي موضوع کي نظم جو روپ ڌريو آهي، اقوام متحده جي چارٽ مطابق ٻارڙن جي حقن جي 40 شقن کي عنوان ڏئي شعرن جو روپ ڏنو آهي.
    آزاد هر شق نثر ۾ ڏيندي ان سان هر نظم منظوم ڀيٽا طور ڏيندو ويو آهي
    پهرين شق 18 سالن کان گهٽ عمر جي وصف ۾ ننڍڙي ٻارڙي جو بيان ٿو ڪري ان بياني طريقي کي نظم ۾ هيٺين طرح شعر ۾ ٻڌائي ٿو جنهن جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا.
    روز پڙهڻ اسڪول وڃان،
    گهر جو ٿي مان ڪم ڪريان،
    مائٽ ابي سان ملڻ اچن،
    ڌيءَ پرڻاءِ ٿا کيس چون.

    پيءُ مائٽن کي جواب ڏيندي چئي ٿو.

    ارڙهن سالن جي ٿي ناهي،
    اڃان ته ننڍڙي ٻالڪ آهي.

    پياري آزاد پهرين شق جي نظم ۾ نازڪ صنف يعني جنس مونث (عورت) ٻارڙي جي گهٽ عمر جو دفاع ڪندي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي.
    شق نمبر ٻه بنا متڀيد؛ آزاد قومن آزاد ملڪن ۾ متڀيد جو لفظ اوپرو لڳندو آهي، ڇو ته مساوات، بنا فرق اميري، غريبي، ننڍ وڏائي، حقن جي حاصلات تي پورو عمل ڪيو ويندو آهي. پوءِ ته آزاد قومن ۽ آزاد ملڪن جا ٻار اهو ڪڏهن نه چوندا ته
    فرق رکن ٿا درد ٿئي ٿو،
    دوست نه پنهنجو ڪو به ڪري ٿو

    يا وري
    ڌڪا ڏئي ٿا ٻاهر ڪڍن،
    ڏک مان ٿا منجھان لڙڪ وهن.

    نظم جي آخري بند ۾ وڏي اميد ۽ اتساھ ٿو ملي

    فرق سمورا مٽجي وڃن شل
    روشن ڏينهڙا مونکي ملن شل

    حقن جي پهچ جي شق نمبر چوٿين مطابق ته رياستون، حڪومتون ٻارن جي معاهدي ۾ ٻڌايل حقن جي پهچ لاءِ ممڪن قدم کڻنديون آهن، پر هتي 70 سال گذرڻ جي باوجود ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي. شاعر اميد پرستي ڪندي هيٺين بند ۾ ٻارن کان هيٺين طرح ٿو دُعا گهرائي.

    سکيو جيون هرڪو ماڻي،
    اهڙو خدا سنسار ڪو آڻي.

    پنجين شق ۾ نظم جو بند ٺاهوڪو لڳو، جنهن ۾ پڻ رواني آهي شق نمبر جي، نظم ۾ عڪاسي ظاهر ڪري ٿو.

    تعليم ملي اسڪول ۾ اعليٰ،
    ڪتاب مفت، خوراڪ ملي ڪا،
    فائدو وٺن سڀ ٻار اسان جا،
    سرڪار کي ڏيڻ، حق آ ٻارن جو.

    اقوام متحده جي ٻارڙن جي حقن جي عالمي چارٽ مطابق آزاد ملڪن ته ٻارڙن جي حقن جي پوئواري ڪندي ۽ عالمي چارٽ تي عمل پيرا ٿيندي ٻارڙن کي مٿين شعر جيان ٻارڙن جون خواهشون پوريون ڪيون آهن.پرهت ان جي ابتڙ عمل ٿئي پيو.
    شق نمبر7 ۽ 8 ٻئي شقون قومن جي وجود ۽ بقا سان لاڳاپيل آهن ستين شق جي سنت تي هلندي آزاد بخاري نظم سان نڀائيندي چئي ٿو.

    اسڪول ۾ ڄم تاريخ لکايم،
    قوم سنڌي، آهي ٻڌايم.
    دنيا جي ٻن سَونِ جي لڳ ڀڳ ملڪن جي ثقافت الڳ الڳ آهي پر شاعر کي پنهنجي سنڌي سڃاڻپ سان وڌيڪ پيار آهي، ان جو اظهار هيٺين طرح ڪري ٿو.
    ناز ڪندي هن تي ڏاهپ
    قوم جو ٿيندو هي ته سڃاڻپ
    اٺين شق ۾ شاعر وس وارن يعني سرڪار جي آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ٿو ڪري ٻار جي سڃاڻپ ڪيو ۽ پڻ ان جي حفاظت ڪريو، اهو سرڪار تي فرض عائد ٿي ٿو.
    هن جي سڃاڻپ ڪري سرڪار،
    رهي حفاظت ۾ جيئن ٻار.

    اسانجو سماج وڏي ڀڃ ڊاھ ۽ پيڙا مان گذري ٿو، ان جي اندر خانداني پسمنظر، ڪروڌ، ولولي، رشتن ناتن ۾ وڏيون ڄڻ دراڙون اچي ويون آهن، پر انا فوقيت رنج رسامو اصل وڻ وڄائي ڇڏيا آهن، گهر جو ٽمجهڻ نفرت علحدگي جو سڌو سنئون اثر اولاد يعني ٻارن تي پوي ٿو.
    اهڙي ڪرب کي محسوس ڪندي پيارو آزاد ابهم ٻارڙن جي زباني ۾ هيئن ٿو شعر ۾ بيان ڪري.
    پنهنجي پيءُ کان ڌار رهان ٿو،
    بد قسمت هان ڪين ٺهان ٿو،
    امڙ کي بابا ڇڏي ويو،
    غمن سان مونکي گڏي ويو.

    چاليهن ئي شقن ۾ ٻارڙن جي جياپي جو جهان آهي. هر شعر جو عنوان موضوع ٻارن جي زندگي سان واسطو رکي ٿو.
    آزاد بخاري هر شق جي موضوع شاعري جي بيان کي شعر ۽ شاعري ۾ آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.موضوعاتي شاعري جي ڪري ڪٿ، ڪٿ ردم ۽ قافيه اثر انداز ٿين ٿا، پر شعر جي چوڻي ۾ بياني طريقو بهتر آهي. 40 شقن جي شاعري تي جيڪڏهن سراسري جائزو وٺجي ته هوند چڱو خاصو ڪتاب ٺهي ويندو انهي ڪري اڀياسي مضمون کي مختصر ڪجي ٿو .
    40 شقن ۾ خاص عنوان جا شعر بهترين آهن هن ڪتاب ۾ ڪيترائي عنوان آهن جن تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو.
    مذهب ضمير فڪر جي آزادي، انجمن ٺاهڻ جي آزادي، معذورٻار، صحت ۽ علاج ، ٻار جو معيار زندگي، تعليمي مقصد ، جنسي ڏاڍ، ٻار جي اغوا واپار ۽ اسمگلنگ،ٻارن جي لاءِ انصاف جو نظام وغيرھ. آخر ۾ آءُ هي اڀياسي مضمون شق نمبر 32 بعنوان “ ٻارن کان پورهيو وٺڻ ” تي پورو ڪندس آزاد پنهنجي شعر سان پورهيت ٻار کي ڀيٽا ڏيندي چئي ٿو.
    علم ملي ۽ سبق ملي،
    ٻارن کي پنهنجو حق ملي،
    ٻار نه پورهيو ڪوئي ڪري،
    اهڙو نه ڪوئي نظام هجي.
    ڪم لئه مقرر عمر هجي،
    نه ننڍي عمر ۾ پورهيو ڪري.

    اڄ ٻارن جي پورهئي متعلق سيمينار ڪرائڻ سياسي سماجي ادبي تنظيمن جي ڪارڪردگي ته ٿي سگهي ٿي. پر ان پورهيو ڪندڙ ٻار تي ڪو به اثر نٿو پئجي سگهي. ان لاءِ اڃان وڌيڪ جاکوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهڙا ٻار تعليم ۽ شعور ڏانهن راغب ٿين. اسانجي نئين ٽهيءَ جي اديب، شاعر، سماجي ۽ سياسي ورڪر محترم آزاد بخاري وڏي وٿ سان بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي ڪجهه نئين ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. ۽ ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان شاعري جو تحفو ڏنو آهي.

    گوهر سنڌي ــــــ رستم


    ٻارن جي حقن جو عالمي معاهدو

    ان معاهدي ۾ شريڪ رياستون
    • اهو ڄاڻندي ته اقوام متحده جي منشور ۾ ڏنل اصولن جي مطابق بني نوع انسان جو وقار، سڀني انسانن جي هڪجهڙائي ناقابل ورهاست ۽ اڻ مٽجندڙ حق دنيا ۾ آزادي، عدل وانصاف ۽ امن جو بنياد آهن.
    • ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته اقوام متحده ۾ شامل رياستن اقوام متحده جي پڌرنامي ۾ بنيادي انساني حقن توڙي سڀني انسانن جي وقار ۽ فرد جي اهميت کي مڃيو آهي ان کان سواءِ ان قومي سماجي ترقي ۽ وسيع تر آزادين کي برقرار رکندي انساني زندگيءَ جو معيار بهتر بنائڻ جو پختو پهه ڪري ڇڏيو آهي
    اهو تسليم ڪندي ته اقوام متحده انساني حقن جي عالمي منشور ۽ انساني حقن جي بين الاقوامي معاهدن جي مطابق اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ سڀني عالمي قومن جو اتفاق آهي ته انساني برادريءَ جو هر فرد، نسل، رنگ، جنس، ٻولي، مذهب، سياسي رايا يا ٻيو ڪو نقطئه نظر رکندڙ قوميت يا سماجي حيثيت، ملڪيت، ۽ پيدائش (BIRTH STATUS) سميت ڪنهن فرق کانسواءِ انساني حقن جي عالمي منشور يا ٻين معاهدن ۾ شامل حقن آزادين جو حقدار آهي.
    • ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ته اقوام متحده جي انساني حقن جي عالمي منشور ۾ ٻارن لاءِ خاص طور تي سارسنڀال ۽ مدد جو حق تسليم ڪري ڇڏيو آهي
    • اهو تسليم ڪندي ته خاندان جو ( جيڪو معاشري جي بنيادي اڪائي هجڻ جي حيثيت ۾ گهر ڀاتين جي فطري واڌ ويجهه ۽ ڀلائي جي لاءِ فطري ماحول پهچائي ٿو) ضروري تحفظ ۽ مدد فراهم ڪرائڻ گهرجي ته جيئن خاندان معاشري ۾ پنهنجا فرض پوري طرح سان نڀائي سگهي
    • اهو تسليم ڪندي ته ٻارن جي شخصيت جي مڪمل ۽ برابر واڌ ويجهه جي لاءِ خوشي، شفقت، پيار ۽ مفاهمت سان ڀريل خانداني ماحول جي پهچ ضروري آهي
    • اهو سمجهندي ته ٻار جي تربيت ۾ بنيادي نقطو هن معاشري ۾ هڪ فرد جي طور تي زندگيءَ کي قابل بڻائڻو آهي، ان جي پالنا اقوام متحده جي منشور ۾ شامل قدرن ۾ امن، وقار، ڀائيچاري، آزادي، مساوات، ۽ يڪجهتي جهڙن جذبن کي خاص مقام حاصل هئڻ گهرجي
    • اهو ذهن ۾ رکندي ته ٻارن جي خاص سار سنڀال جي ضرورت جي لاءِ ٻارن جي حقن جي اعلان جنيوا (مجريه 1924ع) ۽ اقوام متحده جي طرفان منظور ٿيل”ٻارن جي حقن جو پڌرنامو“ (مجريه 20 نومبر 1959ع) ۾ وضاحت سان ذڪر ڪيو ويو آهي پر انساني حقن جي عالمي منشور ۾ به ان کي مڃيو ويو آهي. جڏهن ته شهري ۽ سياسي حقن جي بين الاقوامي معاهدي ( خصوصن شق 23 ۽ 24 ) ۽ بين الاقوامي معاهدو واسطي اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن ( خصوصن شق 10 ) کان سواءِ خصوصي ادارن بابت دستاويز ۽ ٻارن جي فلاح بهبود بابت بين الاقوامي ادارن به ان صورت کي مڃيو آهي
    • اهو ذهن ۾ رکندي ته ٻارن جي حقن جي پڌرنامي مطابق ٻار کي ذهني ۽ جسماني طور اڻ پختو ٿيڻ جي ڪري، پئدائش کان اڳ ۾ ۽ پيدائش کان پوءِ خصوصي طور حفاظت جي ضرورت ٿئي ٿي، جنهن ۾ معقول قانوني تحفظ به شامل آهي
    • ٻارن جي تحفظ ۽ فلاح بهبود جي سلسلي ۾ سماجي ۽ قانوني اصولن تي بيٺل اعلان ۾ ذڪر ڪيل اصول والدين جي مرضي سان تحويل ۾ ٻارن يا قومي يا
    • بين الاقوامي سطح تي هنج وٺڻ وارن ٻارن ۾ ان سلسلي ۾ اقوام متحده جي ننڍي عمر جي ٻارن جي انصاف لاءِ گهٽ ۾ گهٽ معيارن (بيجنگ قاعدن) ۽ هنگامي صورتحال يا هٿياربند ٽڪراءُ جي صورت ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي اعلان کي ذهن ۾ تازو ڪندي ۽ هي مڃيندي ته دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اهڙا ٻار آهن، جيڪي انتهائي مشڪل حالتن ۾ زندگي گذارن ٿا ۽ اهڙن ٻارن کي خصوصي ڌيان جي ضرورت ٿئي ٿي
    • ٻارن جي تحفظ ۽ وچٿري واڌ ويجهه جي لاءِ ضروري تصور ڪرڻ واري سڀني عالمي قومن جي روايت ۽ ثقافتي قدرن کي نظر آڏو رکندي
    • هر ملڪ خصوصن ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ٻارن جي زندگي جي حالتن کي بهتر بنائڻ جي مطلب کان بين الاقوامي سهڪار جي ضرورت ۽ اهميت کي تسليم ڪندِي ته هيٺين ڏنل معاهدي تي اتفاق ڪن ٿيون.

    (نوٽ: هِنَ معاهدي جون شِقُون هر هڪ نظمَ جي ڀر ۾
    ڏنل آهن جيڪي هن مضمون جو تسلسل آهن).


    ٻار جي وصف

    اکٻوٽ راند ڪيان ٿي مان،
    گڏجي سڏجي سرتين سان.

    رسي تي بيهي ٽپا ڏيان،
    ڦر ڦر سئونٽو گول ڦران.

    روز پڙهڻ اسڪول وڃان،
    گهر جو ٿي مان ڪم ڪريان.

    مائٽ ابي سان ملڻ اچن،
    ڌيءَ پرڻاءِ ٿا کيس چون.

    بابو کلندي کين ٿو چئي،
    ڌيءَ آ ننڍڙي پئي پڙهي.

    ارڙهن سالن جي ٿي ناهي،
    اڃان ته ننڍي ٻالڪ آهي.

    شِقَ نمبر 1:
    18 سالن کان گهٽ هر انسان کي ٻار مڃيو ويندو، سواءِ ان صورت جي جتي ڪنهن رياست جي بلوغت جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي.


    بنا متڀيد

    پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهيان،
    پر مان غريب جو ٻار آهيان.

    پٽ ڀوتار جو روز وڙهي،
    اسڪول وڃان ته ڪاوڙ ڪري.

    ڪرڪيٽ راند آ وڻندي مونکي،
    ٽيم نه آ ڪا کڻندي مونکي.

    ڌڪا ڏئي ٿا ٻاهر ڪڍن،
    ڏک مان ٿا منهنجا لڙڪ وهن.

    پُٽَ ڀُوتار کي سڀئي ڀائن،
    ڳالهه نٿا ڪا سچي ٻڌائن.

    فرق رکن ٿا درد ٿئي ٿو،
    دوست نه پنهنجو ڪو به ڪري ٿو.

    فرق سمورا مٽجي وڃن شل،
    روشن ڏينهنڙا مونکي ملن شل.

    شِقَ نمبر.2؛
    سڀني حقن جو لاڳو ٿيڻ، ڪنهن روڪ بغير، سڀني ٻارن تي ٿئي ٿو. رياست جو فرض آهي ته اها ٻار کي هر قسم جي متڀيدي سلوڪ کان تحفظ پهچائي ۽ ٻارن جي حقن جي پهچ لاءِ هاڪاري قدم کڻي.


    ٻار جو بهترين مفاد

    لٽڙا ميرا حال ڪنا،
    ڍُنڍ تان ميڙن ٻار پنا.

    اٽي لٽي ۽ اجهي بنا،
    ٻار گهمن ٿا ڇورا ڇنا.

    عمر پڙهڻ جي آهي جن جي،
    سار لهي ٿو ڪو به نه تن جي.

    ڪم اهو سرڪار جو آهي،
    ڪير ڪندو ٻيو ڪم ٻڌائي.

    پڙهيل لکيل ٿين سٺا شهري،
    علم پرائن مئٿ، مصوري.

    آئيندو ٿي سهڻو تن جو،
    نانءُ ٿي روشن پنهنجي وطن جو.

    شِقَ نمبر 3:
    ٻارن جي بابت سڀني ڳالهين ۾ ان جي سٺن مفادن کي مٿڀري حيثيت ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪنهن ٻار جا والدين يا ان جو سرپرست ٻار کي تحفظ ۽ نگهباني ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿوته اهو فرض حڪومت ادا ڪندي.


    حقن جي پهچ

    هن صدي جو ٻالڪ آهيان،
    حق پنهنجا مان ڪيئن ڀلايان.

    منهنجا مڃيل ڪي حق به آهن،
    مونکي ٿا ڪجهه ماڻهو ٻڌائن.

    رنگ نسل مذهب کان دور،
    اقوام متحدا چيا ضرور.

    سُکيو جيون هر ڪو ماڻي،
    اهڙو خدا سنسار ڪو آڻي.

    حق برابر ٻار وٺن.
    گهَٽِ گُهرن نه وَڌِ گُهرن،

    فَرقُ ڀلا مان ڪيئن مڃيان،
    قدم کڻي سرڪار اڃان.


    شِقَ نمبر 4:
    سڀ ريــــاستـــــون، حڪومتون ٻارن جي هن معاهدي ۾ ڏنل حقن جي پهچ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنديون.


    والدين جي رهنمائي ۽ ٻار جي پرورش

    خوش ٿي گذارڻ، حق آ ٻارن جو،
    کائڻ، پيئڻ، حق آ ٻارن جو،
    نانءُ روشن ڪن ابي امڙ جو،
    اهليت وڌائڻ، حق آ ٻارن جو.

    سينگاري سنواري سيني سان لائڻ،
    پي ماءُ جو ڪم سچ سيکارڻ،
    پالنا ٿئي جيئن ٻار جي بهتر،
    سڀ کي ٻڌائڻ، حق آ ٻارن جو.

    تعليم ملي اسڪول ۾ اعلي،
    ڪتاب مفت، خوراڪ ملي ڪا.
    فائدو وٺن سڀ ٻار اسان جا،
    سرڪار کي ڏيڻ، حق آ ٻارن جو.

    شِقَ نمبر 5:
    حڪومتون ٻارن جي والدين يا خاندان جي صلاحيتن جي حقن ۽ فرضن کي مڃيندي، انهن کي اهڙي رهنمائي پهچائن، جيڪا ٻارن جي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مناسب هجي.


    ٻار جي بقا ۽ واڌ ويجهه

    بيمار ٿين نه ٻارڙا شل.
    دعا لئه هَٿَ تون کڻ ابل،

    خوش ٿين ڏسي مائر ٻچڙا،
    ڀينر ڀائرن کي ڪن سڏڙا.

    لاڙ، اتر ۽ ٿر، جا ٻالڪ،
    رهن بيمار نه شل ڪي ٻالڪ.

    وڌن ويجهن ڏک نه ڏسن،
    سٺي ٿئي پرورش سندن.

    کاڌي لئه ٿين ڪينَ پريشان،
    خوش ٿين هي ننڍڙا جوان.

    ٻارن جي بقا، جڳ لئه ضرور،
    جو نه سوچي ٿو، سو آ مغرور.

    شِقَ نمبر 6:
    زندهه رهڻ هر ٻار جو فطري حق آهي. ٻار جي بقا ۽ واڌ ويجهه کي يقيني بنائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.


    نالو ۽ قوميت

    منهنجو ننڍڙو ڀاءُ آ ڄايو،
    امڙ آ مونکان نانءُ رکايو.

    مونڏي ڏسي ڪري ٿو هون هون.
    نالو آ تنوير رکيو مون،

    اسڪول ۾ ڄم تاريخ لکايم،
    قوم سنڌي، آهي ٻڌايم.

    وڏڙو ٿيندو دودو ٿيندو،
    ديس پنهنجي جو جوڌو ٿيندو.

    نانءُ ڪندو ڌرتي جو روشن،
    هن تي ڪندو فخر وطن.

    ناز ڪندي هن تي ڏاهپ.
    قوم جو ٿيندو هي ته سڃاڻپ،

    شِقَ نمبر 7:
    ٻار جو اهو حق آهي ته ان جو نالو رکيو وڃي. ٻار کي قوميت وٺڻ جو به حق حاصل آهي . جيتري تائين ممڪن ٿئي ٻار کي پنهنجي والدين جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ ان جي والدين کي ئي ان جي سار سنڀال ڪرڻ گهرجي.


    ٻار جي سڃاڻپ جو تحفظ

    امان امان، بابا ٿو چئي،
    رستي ۾ ٻالڪ پيو روئي.

    ڪٿان جو هي ٻالڪ آهي،
    پيءُ اٿس، ڪو مالڪ آهي؟

    نالو لکيل نه ذات اٿس،
    سڃاڻپ نه، ڪارڊ وٽس.

    ڪهڙي تر مان آيو آهي،
    ڪنهن کي هن نه ٻڌايو آهي.

    شهر، تعلقي ۽ ضلعي جي،
    ڪنهن کي خبر ڪين پوي ٿي.

    هن جي سڃاڻپ ڪري سرڪار،
    رهي حفاظت ۾ جيئن ٻار.


    شِقَ نمبر 8:
    ٻار جي سڃاڻپ جي حفاظت ۽ (جيترو ضروري هجي) ٻار جي سڃاڻپ نئين سر بحال ڪرڻ رياست جو فرض آهي. سڃاڻپ ۾ نالو قوميت ۽ خانداني روايتون شامل آهن.


    والدين کان علحدگي

    پنهنجي پيءُ کان ڌار رهان ٿو،
    بدقسمت هان ڪين ٺهان ٿو.

    امڙ کي بابا ڇڏي ويو،
    غمن سان مونکي گڏي ويو.

    منهنجي ماءُ ڪَئي ٻي شادي،
    ويڳي پيءُ نئين ڪار آندي.

    جنهن تي کڻي گهمائي ٿو،
    پڙهڻ لاءِ مونکي وٺي وڃي ٿو

    منهنجو خيال هو رکي ٿو،
    پنهنجي پيءُ ڏانهن ڇڏي ٿو.

    سڪ بابي جي لڳندي آهي،
    امڙ به ڪين روڪيندي آهي.

    بابي سان مان ملندو آهيان،
    خرچيون تحفا وٺندو آهيان.


    شِقَ نمبر 9:
    پنهنجي والدين وٽ ٻار کي رهڻ جو حق آهي، سواءِ اهڙيءَ صورت ۾ جتي والدين سان ٻار جو گڏ رهڻ ، ان جي بهترين مفاد ۾ نه هجي. ٻار کي اهو حق حاصل آهي ته، جيڪڏهن ان جي والدين ۾ علحدگي ٿي چڪي هجي ته هو ماءُ پيءُ ( ٻنهي سان ) ملي سگهي ٿو.


    خاندان سان ميلاپ

    ڊولي منهنجي سهيلي آهي،
    اسڪول ۾ گڏ پڙهندي آهي.

    ڪار تي ويندي اڪثر آهي،
    پيءُ ته سندس افسر آهي.

    گهر ۾ اڪيلي رهندي آهي،
    ڪڏهن به نه ڊڄندي آهي.

    پيءُ رهيس ٿو سنڌ وطن ۾،
    ماءُ رهيس ٿي دور لنڊن ۾.

    هن جو مسلم پيءُ آهي،
    ماءُ عيسائي، ٻي آهي.

    سالؤن سال سهيلي منهنجي،
    ماءُ سان ملڻ آ لنڊن ويندي.

    هن جي ملڻ ۾ رڪاوٽ ڪائي،
    ڪنهن به آهي ڪين لڳائي.


    شِقَ نمبر 10:
    ٻارن ۽ ان جي والدين کي اهو حق حاصل آهي ته هو خاندان سان ميلاپ يا والدين جي تعلقات کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به ملڪ کي ڇڏي سگهن يا ڪنهن ملڪ ۾ داخل ٿي سگهن.


    غيرقانوني لڏپلاڻ ۽ عدم واپسي

    ننڍڙا ٻار ڇو؟ اغوا ٿين ٿا،
    ظالم ماڻهو ٻچا کسن ٿا.

    ماءُ پيءُ کي ٿا درد ڏين،
    اوڙا پاڙا ڏک ڏسن.

    پهريون ٻار تي ماءُ جو حق آ،
    پوءِ ٻار جو پيءُ مالڪ آ.

    زور زبردستي سان نه ڪو،
    ٻار ڪجي نه قيد ڪنهنجو.

    ملڪ پرائي ۾ ڪو ٻچڙو،
    ماءُ کان کسجي نه ڌيءَ، پٽڙو.

    هي فرض حڪومتن جو آهي،
    اغوا کان هر ٻار بچائي.

    شِقَ نمبر 11:
    حڪومت جي ذميواري آهي ته هو ٻار جي والدين يا ڪنهن ٻي ڌرطرفان ٻارن کي اغوا ڪرڻ يا ان کي زبردستي ٻين ملڪن ۾ وٺي وڃڻ يا پاڻ وٽ رکڻ جي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.


    ٻار جي ڳالهه/راءِ

    هر هڪ ٻار کي حق حاصل آ،
    پنهجي راءِ رکي ڀل ڪا.

    پنهنجي ذات جو خيال رکي،
    هرڪو هن کي پيار ڏئي.

    گهٽ نه سمجهي هن کي ڪو،
    هن جي راءِ کي مان ڏيو.

    اثر انداز نه ٿي ڪو هن تي،
    ڇو نه پنهنجي هو ڳالهه ڪري.

    ٻار جي راءِ کي وزن ڏجي،
    ماحول مليل کيس اهڙو هجي.

    جڏهن به پنهنجي ڳالهه ڪري،
    ڇڙٻ نه ڪو ٻار کي ڏئي.


    شِقَ نمبر 12:

    هر ٻار کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي ذات تي اثر انداز ٿيڻ واري ڪنهن به معاملي ۾ آزادانه طور تي پنهنجي راءِ_ ڳالهه جو اظهار ڪري سگهي.


    اظهار راءِ جي آزادي

    مان هڪ ننڍڙو ٻار آهيان،
    ديس سڄي جو ٺار آهيان.

    ڄاڻ وٺڻ جو حق رکان ٿو،
    تڏهن ته پنهنجو خيال رکان ٿو.

    مون تي ڪا به نه پابندي آ،
    اظهار راءِ جي آزادي آ.

    ملڪ پنهنجي ۾ يا ٻاهر مان،
    خبر وٺڻ جو ٿو حق رکان.

    اوڙي پاڙي وارا سڃاڻان،
    ۽ پنهنجا پراوا سڃاڻان.

    مٽن مائٽن کي ڀي سڃاڻان،
    ڀَلي بُري کي پڻ ڄاڻان.

    شِقَ نمبر 13:
    ٻار کي پنهنجن خيالن جو آزاداڻي نموني اظهار ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ان کي اهو به حق حاصل آهي ته ملڪ جي اندر يا ٻاهر هر قسم جي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ انهن ٻين کي سڃاڻي سگهي.


    ضمير ۽ مذهب، فڪر جي آزادي

    ٻار کي سوچ جو حق هجي،
    هر ڪا حڪومت اهو مڃي.

    ذهن ضمير جي آزادي کي،
    هر ڪو ماڻهو قبول ڪري.

    ٻار کي ڇڏجي بي پرواهه،
    هن کي ڏجي ڪو اتساهه.

    مذهب جي آزادي ملي،
    فڪر سندي آزادي ملي.

    پيءُ ماءُ جي رهنمائي ۾،
    ٻارن جي ته ڀلائي ۾.

    هر ٻار پنهنجن وڏڙن سان،
    گهمي ڦري هڪ جيڏن سان.

    شِقَ نمبر 14:
    حڪومتون ٻارن جي لاءِ سوچ، ضمير ۽ مذهب جي آزادي جو حق مڃنديون. هر ٻار والدين جي مناسب رهنمائي ۾ هي حق استعمال ڪري سگهي ٿو.


    انجمن ٺاهڻ جي آزادي

    ٻارن جي آهي گڏجاڻي،
    شريڪ آ جنهن ۾ مرڪ راڻي.

    تنظيم ٻارن جي ٺاهينداسين،
    ادبي جشن ڪرائينداسين.

    هر ڪو پنهنجو هنر ڏيکاري،
    شعر ٻڌائي گيت ڪو ڳائي.

    تقريري مقابلا ٿيندا ضرور،
    مضمون ٻارو پڙهبا ضرور.

    اسڪول ۾ سائنسي ميلو لڳندو،
    تنظيم جو هر هڪ ٻالڪ کڻبو.

    هڪ ٻئي سان ته ملجي ٻارو،
    هٿ هٿ ۾ ڏئي هلجي ٻارو.


    شِقَ نمبر 15:
    ٻارن کي هڪ ٻئي سان ملڻ،انجمن سازي ڪرڻ يا ڪنهن انجمن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو حق حاصل آهي.


    خلوت جو تحفظ

    عيني ڀيڻ آ ننڍڙي نفيس،
    رنج رسامو ڪري نه ريس.

    لکڻ پڙهڻ سان شوق رکي ٿي،
    پر نه ڪنهن جو دخل سهي ٿي.

    گهر ۾ نه ڪنهن سان پاند آڙائي،
    گهمڻ ڦرڻ ۾ آزاد آهي.

    هن کي اهڙو حق آ حاصل،
    بي پرواهه رهي هي ڀل.

    ساهيڙين ڏي خط آ لکندي،
    ڪنهن کان ڪين آهي پڇندي.

    گهر ڀاتي سڀ پيار ڪندا ٿس،
    ڪڏهن به نه مار ڏيندا ٿس.

    شِقَ نمبر 16:
    ٻارن کي پنهنجي خلوت، خاندان گهر ۽ خط و ڪتابت ۾ مداخلت کان تحفظ جو حق حاصل آهي ان کان پهريان ٻار کي هر قسم جي توهين _ تذليل کان تحفظ ڏنو ويندو.


    مناسب معلومات تائين پهچ

    حڪومت جو آ فرض اهو،
    ٻارن کي سڀ ڄاڻ ڏيو.

    ڄاڻ کپي يا مواد جو،
    رڪاوٽ ڪري نه ٻار کي ڪو.

    نشر و اشاعت جا وسيلا،
    ٻارن کي هن دڳ ڏيندا.

    انٽرنيٽ، ريڊيو، ٽي وي،
    آهي سدائين وندرائيندي.

    پل پل ٻار کي خبر آ ملندي،
    خبر پري نه پهچ کان ٿيندي.

    ڳولهن حڪومتون بچاءُ طريقو،
    شرارتي مواد کان بچي هرڪو.


    شِقَ نمبر 17:

    حڪومتون ٻارن جي مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل معلومات ۽ مواد تائين پهچ کي يقيني بڻائينديون. حڪومتون ٻار جي لاءِ سماجي ۽ ثقافتي طور تي فائديمند معلومات جي نشرو اشاعت ۽ سڌ سماءَ جي ذريعن جي حوصلا افزائي به ڪنديون. حڪومتون ٻارکي نقصانڪار مواد کان بچاءَ جو اهتمام ڪنديون


    والدين جون ذميواريون

    منهنجي ڄمڻ تي خوش ٿيو بابو،
    ڇٺي ڪئي هن ڪٺو گابو.

    اوڙو پاڙو ڏسڻ لئه آيو،
    ڀيڻ خوشي مان دهل وڄايو.

    روز ڪرائي تڙ مونکي.
    پالي وڏو ڪيو امڙ مونکي،

    اسڪول ۾ داخل ڪرايو بابي،
    وڏڙو ڪيائين پالي تاتي.

    وڏي اها آهي ذميواري،
    ماءُ پيءُ جيڪا ڪن ٿا پوري.

    مدد ڪري سرڪار انهن جي،
    پرورش مناسب ٿي ٻارن جي.


    شِقَ نمبر 18:

    ٻار جي پرورش والدين جي ذميواري آهي ۽ رياست ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪندي رياست ٻارن جي پرورش لاءِ والدين کي مناسب امداد پهچائيندي.


    بدسلوڪي ۽ غفلت کان تحفظ

    تشدد ڪين ڪجي ٻارن تي،
    زيادتي گلڙن سان نه ٿي.

    ملي نه صحبت خراب ڪنهنکي،
    رلڻ کان هرڪو روڪي ٻئي کي.

    ٻار رکي نه قيد، نگران،
    ناهي سٺو ڪو، ظالم انسان.

    ٻارن کي ڏي تحفظ رياست،
    هلائي ڪو نه ڪنهن تي طاقت.

    اهڙي عمل کي ختم ڪري ڏيو،
    حڪومت ضرور انتظام ڪري ڪو.

    ٻارن سان ٿي بدسلوڪي،
    کڻجي قدم ڪو قانوني.


    شِقَ نمبر 19:

    حڪومتون ٻارن جي والدين يا سرپرست جي طرف کان هر قسم جي بدسلوڪيءَ کان تحفظ ڏينديون. وڌيڪ اهو ته ٻارن جي زيادتي ۽ بدسلوڪيءَ جي روڪ لاءِ ضروري انتظام ڪنديون.


    خاندان کان محروم ٻار جو تحفظ

    ٻار نه ٿين محروم،خانداني ماحول کان
    حڪومت به ڏي ڪو ڌيان، انهي ڏانهن.

    متبادل ماحول ملي سدائين کين،
    پرورش جيئن هميشه سٺي ٿين.

    حڪومتي ادارا تحفظ ڪو ڏين،
    خيال حڪومتون، ٻارن جو رکن.

    يتيم خانن ۾ ڪائي سنڀال ٿئي،
    هر ٻار، سٺي پالنا سان جيئي.

    ماحول ملي تهذيب، ثقافت جو،
    پنهنجي ٻولي جي چاهت جو.

    خوش ٿي گذارن قدرتي ٻالڪ،
    جن کي پيدا ڪيو پاڻ مالڪ.


    شِقَ نمبر 20:
    حڪومت ڪنهن به سبب کان پنهنجي خانداني ماحول کان محروم ٿيندڙ ٻارن کي خصوصي تحفظ پهچائيندي. حڪومت ان ڳالهه کي به يقيني بنائيندي ته اهڙي محروم ٻار کي متبادل خانداني ماحول ملي سگهي يا پوءِ ان ٻار جي پرورش لاءِ ڪنهن اداري ۾ رکيو ويندو. ٻار کي متبادل ماحول فراهم ڪرڻ وقت ان جي ثقافتي پس منظر کي اڳيان رکيو وڃي.


    ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جو عمل

    لاوارث ننڍڙن ٻارن کي،
    قياس وندو ڪو گود وٺي.

    حادثن زلزلن جي ڪري،
    ماءُ پيءُ ڪنهنجو شل نه مري.

    ٻار اهڙو نه اڪيلو ٿئي،
    حڪومت ان جي واهر ڪري.

    انهن ٻارن کي پالي سو،
    حق ٻارن جا ڄاڻي جو.

    ٻارن جو جنهن ۾ هجي مفاد،
    پلجي ٻارڙو جت آزاد.

    هنجَ وٺندڙ ضمانت ڏئي،
    لکت ڏئي جي حڪومت کي.


    شِقَ نمبر 21:
    اهڙن ملڪن ۾ جتي ٻارن کي هنج ۾ وٺڻ جو رواج آهي، يا ان جي اجازت آهي، ڪنهن ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جي اجازت صرف ان جي بهترين مفاد ۾ ئي ڏني ويندي. ۽ اهو ته اجازت به ٻار جي ضرورت تحفظن جي پهچ جي بعد اختياريون ئي ڏيئي سگهن ٿيون.


    پناهگير ٻار

    ڪٿ جي پناهگير ٻار ٿين،
    پناھ حڪومتون تن کي ڏين.

    مجبوري ٻارن جي به ڏسن،
    خصوصي تن کي تحفظ ڏين.

    پناهه، مِلَي ڪو ڇپر ڇَانوَ،
    مجبور ٻارن جا ٺرن هَانوَ.

    ڀلائي واريون تنظيمون،
    ۽ تعاون ڪن حڪومتون.

    جيئن نه ڪنهنجي ٻالڪ کي،
    مهاجر ٿيڻ جو احساس ٿي.

    ٻار مدد نه ٻين کان وٺن،
    سڀئي حڪومتون پابند رهن.


    شِقَ نمبر 22:

    پناهگير ٻار يا پناهه حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ٻارن کي خصوصي تحفظ ڏنو ويندو.حڪومتون مهاجر ٻارن کي ضروري تحفظ ۽ امداد پهچائيندڙ سان تعاون جون پابند هونديون.


    معذورٻار

    ڪڏهن نه ڪوئي معذور ٿئي،
    ٻار نه ڪنهنجو بک تي مري.

    شان سان جيئي گڏ ٻين سان،
    تعليم پرائي هڪ جيڏن سان.

    پاڻ ڀرائي ڪري حاصل،
    معياري جيون آهي حل.

    خاص ڌيان جو طالب آهي،
    مستقبل کي جيئن هو ٺاهي.

    هنري سکيا وٺي معذور ٻار،
    سمجهي نه ڪو کيس لاچار.

    پاڻ ڀرو ٿي سماج ۾،
    مان سان جيئي راڄ ۾.

    شِقَ نمبر 23:
    معذور ٻار کي خصوصي ڌيان ۽ تعليم ۽ تربيت جو حق حاصل آهي ته جيئن هو ڀرپور ۽ معياري زندگي گذاري سگهي ۽ معاشري ۾ وقار سان زندگي گذاري سگهي. وڌ کان وڌ پاڻ ڀرائي حاصل ڪري ۽ ممڪن حد تائين معمول مطابق معاشي زندگيءَ ۾ حصو وٺي سگهي.


    صحت ۽ علاج

    خوش هجن پنهنجي گهر ۾ ٻار،
    لاڙ اتر ڪاڇي ٿر ۾ ٻار،

    صحت صفائيءَ سان رهن،
    علاج جو حق حاصل ڪن.

    سرڪار تدارڪ خاصو ڪري،
    بيماري ۾ نه ٻار مري.

    حفاظتي تدبير لاءِ کڄي قدم،
    بنيادي صحت ملي هردم.

    بيماري جي بچاءَ جا لڳن ٽُڪا
    خوش گذارن ٻچڙا ماءُ جا.

    موت جي شرح گهٽجي ٻارن جي
    صحت يقيني ٿي ٻارن جي.


    شِقَ نمبر 24:

    هر ٻار کي ممڪن حد تائين بهترين صحت ۽ علاج جي سهولت جو حق حاصل آهي. حڪومتون ٻارن جي بنيادي صحت جي تحفظ ۽ حفاظتي تدبيرن جي پهچ ، صحت جي تعليم ۽ نوعمر ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي کي خصوصي اهميت ڏينديون. حڪومتون ان سلسلي ۾ بين الاقوامي تعاون جي حوصلا افزائي ڪندي، هر ٻار جي لاءِ علاج جي اثرائتي خدمتن تائين پهچ يقيني بڻائينديون.


    زير علاج ٻار جي نگراني

    بيمار ٻارن لاءِ صحت گهر ٺهن،
    ڳوٺ ڳوٺ ٺهن شهر شهر ٺهن.

    مفت ملي سڀ دوا ٻارن کي،
    مستقبل جي ته معمارن کي.

    اسڪول ۾ مفت علاج ٿئي،
    ڊاڪٽر جتي روز اچي.

    سنڀال ٿئي هر هڪ ٻالڪ جي،
    مِهرَ هجي سڀ تي مالڪ جي.

    بيمار ٻارن کان هرڪو پڇي.
    يتيم خانن جي جاچ ٿي،

    هر ٻار جو اهو حق آهي،
    آزاد ڇڏ تون سڀ کي ٻڌائي.



    شِقَ نمبر 25:
    هر ٻار کي اهو حق حاصل آهي ته جڏهن حڪومت ان علاج، سار سنڀال لاءِ ڪنهن هنڌ رکي ته ان اداري يا جڳهه جو وقفي وقفي سان معائنو ڪيو ويندو.


    سماجي تحفظ

    ٻارو اوهان کي خبر ڪا آهي،
    سماجي بچاءَ به حق آهي.

    هر ٻالڪ کي اهو حق آ مليل،
    تحفظ سماج ۾ وٺي ڀل.

    جڏهن به چاهي جت به چاهي،
    سوشل سيڪيورٽي، انشورنس ڪرائي

    هرڪا حڪومت مدد ڪندي آ،
    هن جا فائدا سڀ کي ڏيندي آ.

    دوستن کي هن جا فائدا ٻڌايو،
    ٻارن منجهه ڪو شعور وڌايو.

    فائدو وٺڻ آ حق ٻارن جو،
    نقصان نه آهي هن ۾ ڪنهن جو.


    شِقَ نمبر 26:

    هر ٻار کي سوشل سيڪيورٽي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ انهن فائدن ۾ سوشل انشورنس به شامل آهي.


    ٻار جو معيار زندگي

    ديس جي ٻارن جو، معيار زندگي،
    شل سٺو هجي، هجي نه گندگي.

    روحاني، ذهني، جسماني، اخلاقي،
    واڌ ويجهه ٿي سڀن جي ساٿي.

    معيار زندگي پنهنجو بڻائن جيئن،
    سٺو پهرن، سٺو کاڌو، کائن جيئن.

    والدين جي آهي اها ذميداري،
    زندگي خوش گذارن ٻار ساري.

    ماءُ، پيءُ طرفان پابند حڪومت،
    والدين ڏيندا اهڙي ضمانت.

    والدين ۽ ٻار کي ملندي مدد،
    هر ڪا حڪومت ڪندي مدد.


    شِقَ نمبر 27:
    هر ٻار کي اهڙي معياري زندگيءَ جي حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جيڪا ان جي جسماني، ذهني، روحاني، اخلاقي ۽ معاشرتي واڌ ويجهه جي لاءِ ضروري آهي . ٻار جي لاءِ گهربل معيار زندگيءَ کي معياري بنائڻ والدين جي بنيادي ذميواري آهي، حڪومتون والدين جي طرفان هن ذميداريءَ جي انجام ڏيڻ جي ضمانت ڏينديون. ان تحت ٻار ۽ والدين کي مادي امداد پهچائڻ به حڪومت جي ذميدارين ۾ شامل آهي.


    تعليم

    هر ٻار جي ذميواري آهي، علم پرائي،
    فرض حڪومت جو آهي تعليم پڄائي

    پرائمري تعليم سدائين ملي مفت،
    ثانوي ملي تعليم هر ٻار کي زبردست.

    اهليت موجب تعليم ملي ٻارن کي اعليٰ،
    هرهڪ ٻار پائي جيئن علم جي مالها.

    اسڪول جو نظم ضبط جڙندو.
    ٻارن جي حقن، فرضن سان ٺهندو،

    حڪومت کي ملي تعاون بين الاقوامي،
    ملندي آ تعليم جي پهچ سان سلامي.

    آزاد رهي جيئن هرڪو ٻالڪ،
    خالق ئي آهي سڀ جو مالڪ.


    شِقَ نمبر 28:
    تعليم حاصل ڪرڻ هر ٻار جي ذميواري آهي. حڪومت جو فرض آهي ته هو لازمي ۽ مفت تعليم جو بندوبست ڪري. حڪومت پڻ ثانوي تعليم جي واڌاري جي حوصلا افزائي ڪري ۽ هر ٻار ثانوي تعليم تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪندي. سڀني ٻارن کي ان جي اهليت مطابق اعلي تعليم حاصل ڪرڻ موقعو ڏنو ويندو . اسڪولن جو نظم وضبط ٻار جي حقن ۽ فرضن سان هم آهنگ هوندو. تعليم جي حق جي پهچ لاءِ حڪومت بين الاقوامي تعاون حاصل ڪندي.


    تعليم جا مقصد

    پنهنجن ٻارن جي شخصيت کي،
    ذهني جسماني صلاحيت کپي.

    پالنا کپي ڀرپور ڏيارڻ،
    ذهن ۾ گهرجي ڳالهه ويهارڻ.

    والدين جو احترام ڪجي،
    قدر تاريخ ٻولي هجي.

    سرگرم حياتي سڀ جي هجي
    بنيادي قدرن جو احترام ٿئي

    ماءُ پيءُ جو ٻار عزت ڪن،
    هر هڪ ثقافت جو قدر رکن.

    تعليم جو مقصد اعلا هجي،
    ٻار جي شخصيت وڌي ويجھي.


    شِقَ نمبر 29:
    تعليم جو مقصد ٻار جي شخصيت، ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جي ڀرپور واڌ ويجهه هئڻ گهرجي تعليم ٻار کي آزاد معاشري ۾ سرگرم زندگي گذارڻ جو قابل بڻائي. ٻار ۾ پنهنجي والدين جو احترام پيدا ڪري، پڻ تعليم جي ذريعي ٻار پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ، ٻولي ۽ قدرن جي نگهباني سان گڏوگڏ پنهنجن کان مختلف ثقافتي ايڪن ۽ اقداري نظام جو به احترام سکي سگهن.


    اقليتن يا قديم علائقن جي رهاڪن جا ٻار

    سنڌ جو هجي يا هند جو ٻار،
    سدا رهي خود مختيار.

    اقليت سان ڀل واسطو هجيس،
    نفرت ڪوئي ڪين ڪريس.

    پنهنجي مذهب تي هلڻ آ حق،
    رکي نه ان ۾ ڪوئي شڪ.

    ڪو جڻيا پائي ڪو طهر ڪرائي،
    پوشاڪ پنهنجي آزاد ٿي پائي.

    پنهنجي ثقافت ڪري استعمال،
    ٻولي پنهنجي ڳالهائي لال.

    قديم مقامي هجي ٻار،
    گلڙن جو آ اهو هار.


    شِقَ نمبر 30:
    ڪنهن ملڪ جي اقليت يا ان ملڪ جي قديم مقامي رهاڪن جي ٻارن کي پنهنجي ثقافت استعمال ڪرڻ، پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ،پنهنجي ٻولي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي.


    فرصت، تفريح ۽ ثقافتي سرگرميون

    ديس جي هر هڪ ٻالڪ کي،
    سير سدا، تفريح کپي.

    راند روند ورونهن کپي،
    کيڏي کِلي ڀل ته نچي.

    ڪرڪيٽ راند کيڏي ڀل هي،
    توڙي ڪوڏي ڪوڏي ڀي.

    فن لطيف ۾ حصو وٺي هو،
    اجرڪ ٽوپي پائي هلي هو.

    ڏينهن ثقافت جو به ملهائي،
    خوشين سندا نعرا لڳائي.

    ڊراما ڪري چترڪاري ڪري،
    ديس جي ناماچاري ڪري.


    شِقَ نمبر 31:
    ٻارکي سير وتفريح ڪرڻ. کيڏڻ توڙي فنون لطيفه ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي.


    ٻارن کان پورهيو وٺڻ

    علم ملي ۽ سبق ملي،
    ٻارن کي پنهجو حق ملي.

    صحت، سندن وڌي ويجهي،
    ڪو به نه ڪو نقصان ملي.

    ٻار نه پورهيو ڪوئي ڪري،
    اهڙو نه ڪوئي نظام هجي.

    هوٽل تي ڇو نوڪر بيهي،
    هاڪر ٿي ڇو ڇُوڪَرُ جيئي.

    ڪم لئه مقرر عمر هجي،
    نه عمر ننڍي ۾ پورهيو ڪري.

    کڻي حڪومت قدم ڪوئي،
    ٻار ڇڏي نه قلم ڪوئي.

    شِقَ نمبر 32:
    ٻار کي اهڙي ڪم کان تحفظ جو حق حاصل آهي. جو ان جي صحت، تعليم ۽ واڌ ويجهه جي لاءِ نقصان ڏيندڙ هجي. حڪومت ٻار کي ملازمت جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر ۽ ڪم ڪار وارين حالتن جو به تعين ڪندي.


    منشيات جو استعمال

    منشيات کان پنهنجا مٺڙا ٻار،
    پري رهن شل سڀ دلدار،

    نشو ڪرڻ ته آهي خراب،
    هي ڏوهه آهي، نڪي ثواب.

    نشي واريون سڀ ڀاءُ دوائون،
    ٻارن جي هٿ نه واپرايون.

    کين رکون محفوظ اسان،
    خوش سدائين ٻار ڏسان.

    نشي جي پيداوار کان دور،
    ٻار رهن ته ڀاءُ ضرور.

    نشو نه ڪوئي ٻار ڪري،
    ڪو جي ڪري ته هرڪو جهلي.


    شِقَ نمبر 33:
    ٻارکي منشيات ۽ نشو ڏيندڙ دوائن جي استعمال کان محفوظ رهڻ جوحق حاصل آهي ان کان سواءِ انهن کي منشيات جي پيداوار۽ ورهاست ۾ ملوث نه ڪيو ويندو.


    جنسي ڏاڍ

    غلط ماڻهن سان نه اٿجي ويهجي،
    غلط ڳالهين کان پري ڀڄجي.

    فحش مواد ڏيکارجي نه ڏسجي،
    ملي ته جلد ۾ ساڙي ڇڏجي.

    بد ڪردار کي نه حال ڏجي.
    جنسي ڏاڍ کان خيال ڪجي،

    ٻارن کي تحفظ ڏي حڪومت،
    ختم ٿي جنسي مداخلت.

    جسم فروشي کان بچجي،
    اهڙي عمل کان پري ڀڄجي.

    ٻار اسانجو آئيندو آهن،
    بدخصلت کان پاڻ بچائن.


    شِقَ نمبر 34:
    حڪومت ٻار کي جنسي بدسلوڪيءَ کان تحفظ ڏيندي. جسم فروشي يا فحش مواد جي تياريءَ کان هر ٻار کي تحفظ ڏنو ويندو


    ٻار جي اغوا واپار ۽ اسمگلنگ

    گهر کان پري نه دور وڃو،
    اَحرَار ڀاءُ جو چيو مڃيو.

    سوچي سمجهي ڪجي سلام،
    اڻ واقف سان نه ڪجي ڪلام.

    مشڪوڪ ماڻهو جي ڏسو ٻارو
    گهر وارن کي ڏسيو ٻارو.

    هنڌ هنڌ تان پيا ٻار کڄن،
    ليک اخبارن ۾ روز اچن.

    حڪومت جو اهو فرض آهي،
    ٻارن کي اغوا کان بچائي.

    واپار نه ٿي ڪٿ ٻارن جو،
    اسمگلنگ نه ڪري ڪو.


    شِقَ نمبر 35:
    حڪومت جو فرض آهي ته هو ٻارن جي واپار ۽ اسمگلنگ ۽ اغوا جي روڪ ٽوڪ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري.


    ڏاڍ جا ٻيا قسم

    حق تلفي نه ٿئي ٻارن جي،
    هرڪو حفاظت ڪري ٻارن جي.

    استحصال ته ، حق تلفي آ،
    ان خلاف ڪوشش ڪرڻي آ.

    استحصال جي هرڪا شڪل،
    ٻارن جي لئه آهي مشڪل.

    ڪٿ به ڪنهن موڙ تي مالڪ،
    شل نه ڦاسن ڪنهن جا ٻالڪ.

    سندن جيون رهي آسان،
    ملندو رهي جٿ ڪٿ مان.

    اچي نه جيون ۾ ڪا رڪاوٽ،
    ٿي پون شَلَ روشن لاٽ.


    شِقَ نمبر 36:

    ٻار جو هي حق آهي ته ان کي استحصال جي هر اهڙي شڪل کان تحفظ ڏنو وڃي، جو ڪنهن به موڙ تي ٻار جي زندگيءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي.


    تشدد کان تحفظ ۽ آزاديءَ کان محرومي

    تشدد نه ٿي ڪو ڪنهن ٻارَ تي
    ظلمَ جي سلوڪَ جو شڪار نه رهي

    غير قانوني ڪا گرفتاري نه ٿي
    محروم نه آزادي کان ٻار رهي

    اڙهن سالن کان گهٽ ٻالڪپڻي ۾،
    ڏوهه جي ڪري ڪو ننڍپڻي ۾.

    موت جي سزا ڪا نه ملندي انکي،
    پابند آ رهڻي حڪومت ان تي.

    عمر قيد به نه ملندي ان کي،
    ارڙهن سالن کان جو گهٽ هجي.

    قانون ۾ امڪان آزادي هجي،
    عمر قيد نه ڪو ٻالڪ ڪٽي.

    آزادي کان محروم جي ٻار هجي
    قانوني ۽ اخلاقي مدد ڏجي.

    خاندان سان واسطو سندس هجي،
    ۽ امڙ ابي سان رابطو رکي.


    شِقَ نمبر 37:
    ڪنهن ٻار کي تشدد يا ظالماڻي سلوڪ جو نشانو نه بڻايو ويندو ۽ نه ئي غيرقانوني طور تي گرفتار يا آزاديءَ کان محروم ڪيو ويندو. 18 سالن کان گهٽ عمر وارن فردن کان ڏوهه ٿي وڃڻ باوجود انهن کي موت جي سزا نه ڏني ويندي، اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر وارن فردن کي عمر قيد جي سزا ان وقت تائين نه ڏني ويندي، جيسيتائين قانون ۾ عمر قيد ڪاٽڻ واري جي آزاديءَ جو امڪان موجود نه هجي. آزاديءَ کان محروم ڪرڻ واري ٻار کي بالغ فردن کان الڳ رکيو ويندو. اهڙي صورت کانسواءِ جتي ائين ڪرڻ ٻار جي بهترين مفاد جي ابتڙ هجي. آزاديءَ کان محروم ٻار کي قانوني ۽ ٻئي امداد ڏني وڃي ۽ هو پنهنجي خاندان سان رابطو ۽ واسطو رکي سگهندو.


    هٿياربند جهيڙو

    پنڌرنهن سالن کان ننڍا ٻار،
    جنگ ۾ وڃن نه ڪڏهن ٻار.

    قدم کڻي اهڙو سرڪار،
    هجي نه جنگ ۾ جيئن ڪو ٻار.

    پندرنهن سالن کان گهٽ ڪي ٻار،
    فوج ۾ ڀرتي ٿين نه يار.

    ٿي نه جهيڙي ۾ متاثر ٻار،
    سار لهي ڇو نه سرڪار.

    قبائلي جهيڙن کان بچائجي،
    امن جي ڳالهه ٻارن کي ٻڌائجي.

    عالمي قانونن جي مطابق،
    رياست ڏي تحفظ جو حق.


    شِقَ نمبر 38:
    سڀئي حڪومتون ان کي يقيني بنائڻ لاءِ تمام ضروري قدم کڻديون ته 15 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار جنگ ۾ سڌوسنئون شريڪ نه هجن. 15 سالن کان گهٽ عمر جو ڪوبه ماڻهو فوج ۾ ڀرتي نه ڪيو ويندو. حڪومتون، لاڳاپيل بين الاقوامي قانون جي مطابق هٿياربند جهيڙي کان متاثر ٿيڻ وارن ٻارن جي تحفظ ۽ سار سنڀال يقيني بڻائينديون.


    بحاليءَ دوران ٻارن جي پرورش

    بندوبست ٻارن جي بحالي جو،
    آهي حڪومت جو فرض اُهو.

    غفلت لاپرواهي، بدسلوڪي ۾،
    تشدد يا هٿيارن جي جهيڙي ۾.

    ڪٿ دربدر ٿئي نه ڪنهنجو ٻار،
    حق تلفي جو ٿئي نه شڪار.

    سماجي بحالي کي يقيني بڻائجي،
    ٻارن ۾ اهڙو اعتماد وڌائجي.

    معاشري سان ملڻ ضروري هنن جو،
    حڪومت کڻي ڪو قدم پنهنجو.

    ڳالهه ان کي يقيني بڻائجي،
    ته صحيح هٿن ۾ ٻار ڏجي.



    شِقَ نمبر 39:
    حڪومت جو اهو فرض آهي ته هٿياربند جهيڙو، تشدد، غفلت، لا پرواهي، بدسلوڪي يا استحصال جو شڪار ٻار جي معاشرتي بحاليءَ کي يقيني بڻائي ۽ اهڙي ٻار کي معاشري ۾ ئي ضم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻي.


    ٻارن جي لاءِ انصاف جو نظام

    قانون جي مخالف پيدا ٿئي ٻار ڪو،
    بهتر ٿئي سلوڪ، حق آهي ان جو.

    پيدا نه ٿي جنهن سان، احساس ٻيو،
    شخصي وقار ۽ قدر قيمت جو.

    عمر مطابق هلجي ان سان ٻارو،
    سڏجي ڀلو، ٻئي کي عزت ڏيڻ وارو

    ٿي شنوائي ته، حق بچاءُ هجي،
    قانوني مدد ملي ۽ وڪيل ملي.

    ٻار تي نه عدالتي ڪارروائي ٿئي،
    بچاءُ ڪجي، تحويل ۾ نه ڏجي.

    معاشري جو سٺو جيئن شهري ٿئي،
    سدا خوش رهي آزادي سان جيئي،

    شِقَ نمبر 40:
    قانون جي ٽڪراءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار کي اهو حق آهي ته ان سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ته جنهن سان ان جي ذهن ۾ پنهنجي شخصي وقار ۽ پنهنجي قدر و قيمت جواحساس پيدا ٿئي. اهڙي ٻار سان ان جي عمر مطابق سلوڪ ڪرڻ گهرجي. جنهنجو بنيادي مقصد اهو هئڻ گهرجي ته ٻار کي ٻيهر معاشري جو سٺو ماڻهو ٿيڻو آهي. ڪيس دوران ٻارکي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي بنيادي حق ملڻ جي ضمانت ملڻ گهرجي. انهيءَ کي قانوني ۽ ٻئي امداد ملڻ گهرجي. جيسيتائين ممڪن هجي ٻارکي عدالتي ڪارروائي يا اداراتي تحويل ۾ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي.


    شق نمبر 41 کان 54

    شق نمبر41، اعلي معيارجو لحاظ:
    جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ نافذ ٿيل قومي يا بين الاقوامي قانون ۾ ٻار جي حقن جي سلسلي ۾ نظر هيٺ معاهدي کان بهتر ۽ اعلي معيار هجن ته اهڙي صورت ۾ بهتر قاعدن ۽ ضابطن کي قائم رکيو ويندو.

    شق نمبر 42 کان 54
    ( ٻارن جي حقن جي بين الاقوامي معاهدي جو لاڳو ٿيڻ ۽ عمل در آمد )

    ٻارن جي بين الاقوامي معاهدي جي نقطن 42 کان 54 مان هيٺ ڏنل نقطا ذڪر لائق آهن.
    1. معاهدي ۾ شريڪ حڪومتن جو فرض آهي ته ان ڪنوينشن ۾ قبول ڪيل حقن کي پنهنجي ملڪن ۾ وسيع پئماني تي عام ڪري ته جيئن بالغ فردن ۽ ٻارن کي انهن حقن جو علم ٿي سگهي
    2. ٻارن جي حقن جي ڪميٽي جو قيام. ڏهن ماهرن تي مشتمل هيءَ ڪميٽي، هن معاهدي جي توثيق ڪرڻ واري هر ملڪ جي رپوٽن تي غور ڪندي. معاهدي جي توثيق ڪرڻ وارو هر ملڪ ٻن سالن کان پوءِ رپورٽ پيش ڪندو ۽ هر پنجن سالن کان پوءِ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ٻارن جي حقن جو بين الاقوامي معاهدو گهٽ ۾ گهٽ 20 ملڪن جي طرفان منظوري کان پوءِ عمل لاءِ لاڳو قرار ڏنو ويندو. ٻارن جي حقن لاءِ ڪميٽي به معاهدي جي باقاعده توثيق طور تي عمل لاءِ لاڳوٿيڻ کان پوءِ تشڪيل ڏني ويندي.
    3. معاهدي جون ميمبر حڪومتون ٻارن جي حقن جي ڪميٽيءَ جي سامهون پيش ڪيل پنهنجين رپوٽن کي پنهنجي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي عام ڪرڻ کي يقيني بنائن.
    4. ٻارن جي حقن لاءِ ڪميٽي رپوٽن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٻارن جي حقن جي متعلق ضروري مسئلن تي خاص تحقيق جي تجويز ڏئي سگهن ٿيون ۽ ان تحقيق جي نتيجن کان رپورٽ ڏيندڙ حڪومت ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي آگاهه ڪندي.
    5. ٻارن جي حقن جي بين الاقوامي معاهدي جي اثرائتي لاڳاپي ۽ بين الاقوامي تعاون جي حوصلا افزائي خاطر گڏيل قومن جي خصوصي اداري مثلا :محنت جو عالمي ادارو ((ILO صحت جو عالمي ادارو ) ( WHO يونيسڪو ( UNESCO) يونيسيف(UNICEF) ڪميٽيءَ جو اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهندا. هي ادارا پاڻ ۾ ملي يا انهن ٻئي اهل اداري جي تعاون سان جنهن ۾ گڏيل قومن يا ان جا هيٺيان ادارا مثال )گڏيل قومن جي ڪميشن بابت انساني حقUNCHR سان مشاورتي سطح تي ڳنڍيل غير سرڪاري تنظيمون NGO,s به شامل آهن) پنهنجي معلومات ڪميٽيءَ جي آڏو رکي سگهندا. ٻارن جي حقن لاءِ ڪميٽي انهن ادارن کي معاهدي تي اثرائتي عمل درآمد لاءِ تجويزون ڏيڻ جي درخواست به ڪري سگهي ٿي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336104
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598237
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ