شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

ڪتاب  ”سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي مشھور علمي ادبي شخصيت رئيس شمس الدين بلبل بابت ڊاڪٽر رياض الدين ابڙي جو لکيل آھي.
مخدوم سليم اللہ صديقي لکي ٿو تہ  ”بلبل جو علمي ادبي حلقو نه رڳو سنڌ جي حدن تائين محدود هو بلڪ هند جا مختلف شهر ۽ شخصيتون سندس بابرڪت وجود جو واس وٺنديون رهيون. پاڻ حيدرآباد دکن ۾ اٺ سال رهيو جتي جون اخبارون پڻ سندس قلم جي شهه پارن سان سينگاريل آهن.“
Title Cover of book سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

ڪتاب جا حق ۽ واسطا قائم

ڪتاب جو نالو : سنڌ جو گوھرِ ناياب - شمس الدين بلبل

ليکڪ :
انجنيئر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو

ڇاپو: پھريون
2017ع

ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ : 
احمد سولنگي

ڇپرائيندڙ :
شمس الدين بلبل فائونڊيشن
ھائوس نمبر A-69، فيز 1، سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز سوسائٽي ڄامشورو

ڇپيندڙ:
ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، گاڏي کاتو حيدرآباد