منھنجو تعارف منھنجي زباني
ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو
مان رياض الدين ابڙو ولد شمس الدين ابڙو، 24 فيبروري 1959ع تي پنهنجي آبائي شهر ميهڙ ضلع دادو ۾ بلبل بنگلي ۾ پيدا ٿيس. ابتدائي تعليم ميهڙ جي مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ قرآن مجيد جي تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي.
شمس الدين بلبل صاحب جي برپا ڪيل اسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتم. بابا سائين جي زرعي بئنڪ مينيجر جي حيثيت سان ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ٿيا. جنهن ڪري سڄي فيملي ٽنڊو محمد خان شفٽ ٿي وئي. مئٽرڪ تائين تعليم ٽنڊو محمد خان جي هاءِ اسڪول مان فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي. والد صاحب جي بدلي حيدرآباد ٿي ته حيدرآباد آياسين ۽ لطيف آباد نمبر 6 ۾ رهائش اختيار ڪئي. ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج مان پاس ڪري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ اليڪٽرڪ ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. رب تعاليٰ جي ڪرم سان فرسٽ ڪلاس ۾ انجنيئرنگ پاس ڪري 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ منسٽري آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي جي هڪ اداري ۾ ريسرچ آفيسر جي حيثيت سان نوڪريءَ جو آغاز ڪيو ۽ جلد ئي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ کان اسڪالرشپ حاصل ڪيم ۽ 1988ع ۾ انگينڊ جي شهر شيفلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويس. رب سائين جي ڪرم ۽ والدين جي دعائن سان ڊگري حاصل ڪري وطن واپس آيس ۽ منسٽري آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ۾ ڊپٽي اليڪٽرانڪ ايڊوائيزر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيم.
هن ڳالهه جو ذڪر آءُ خصوصي طور ڪندم ته انگلينڊ ۾ جيترو وقت به رهيس رهائش دوران ڪڏهن به ڪنهن حرام شيءِ، حرام گوشت وغيره کائڻ ۽ شراب يا ڪلبن ۾ وڃڻ جو خيال به نه آيم ۽ انهن شين کان پري رهيس. رب تعاليٰ بهترين طرز زندگي نصيب ڪئي. صاف سٿري ۽ پاڪيزه رهائش رهي. نماز، روزو نصيب رهيو. رب پاڪ جي فضل سان سڄي دنيا جو سير به ڪيم. پڙهائي دوران، آمريڪا، جرمني، هالينڊ، اسپين، اٽلي، جاپان، فرانس، لبيا، سعودي عرب، سنگاپور ۽ بيلجيم وڃڻ ٿيو ۽ قدرت جي نظارن کان خوب لطف اندوز رهيم. انهن ملڪن ۾ هوائي جهاز رستي، باءِ ٽرين، باءِ سي وڃڻ ٿيو ۽ ڪيئي دفعا ويس.
هي لفظ لکندي مان بي حد فخر محسوس ڪيان ٿو ته مون کي والدين جون بي پناهه دعائون ۽ شفقت حاصل رهي آهي. والدين جون دعائون ئي منهنجي ڪاميابي جو سبب آهن ۽ مٽن مائٽن، دوست ارباب کان بي حد عزت ۽ پيار مليو جيڪي سڀ مون کي پيار مان راجا جي نالي سان سڏيندا آهن. شروع کان وٺي والدين جو خصوصي توجه، پيار ۽ بهترين تربيت حاصل رهي. رب پاڪ اولاد ٽي صالح ٻار ۽ هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽڙا ڏنا وڏو پٽ فصيح الدين سعودي عرب ۾ انجنيئر آهي. هن سال رمضان ۾ سڀئي گهرڀاتي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ وياسين ۽ پٽ وٽ مهمان ٿي رهياسين. ڏهن سالن کان شگر اٿم. جنهن ڪري سفر دوران ڪافي ڪمزوري محسوس ڪري رهيو هئس. پر ٻنهي پٽن فصيح الدين ۽ نورالدين عمري دوران ايتري ته خدمت ڪئي جو دل باغ بهار ٿي وئي.
فصيح الدين مديني ۽ مڪي ۾ حرم پاڪ سان گڏ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ڪمرا بڪ ڪرايا، جنهن سبب ڏاڍي سڪون سان رب پاڪ جي حضور ۾ عازي نيازي ڪئي ۽ روضي پاڪ جي حاضري ڀري. الحمدالله رب پاڪ ڏاڍي سهڻي زندگي ڏني آهي. اڳتي به پرودگار کي پارت آهي.
پي ايڇ ڊي ڪري واپسي بعد اسلام آباد ۾ نوڪري دوران ابو ۽ امڙ اڪثر مون سان دلي لڳاءَ سبب اسلام آباد ايندا هئا. هڪڙي ڏينهن امڙ چيو ته بابا اسان هاڻي پوڙها ٿي ويا آهيون. هاڻي تون حيدرآباد ۾ نوڪري ڪر. امڙن جي اهڙن خيالن ڪري رب سائين کي ٻاڏايم، خدا ڪرڻي جلدي ئي ٻه انٽرويو ليٽر مليا. هڪڙو مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۽ ٻيو علامه اقبال يونيورسٽي مان ايسوسيئيٽ پروفيسر جا آرڊر ملي ويا. بسم الله ڪري مهراڻ يونيورسٽي جوائن ڪيم ۽ رهائش به ڄامشوري ۾ سرڪاري ملي وئي. اهڙي طرح ابي امڙ جي ويجهو ٿيس ۽ قرب وڌيڪ حاصل رهيو. جلد ئي وري منسٽري آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي پنهنجي هڪ اداري ۾ ڄامشوري ۾ ئي ڊائريڪٽر ڪري رکيو. ست سال ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رهيس بعد ۾ منسٽري آف واٽر ائنڊ پاور جي هڪ ذيلي اداري الٽرنيٽو انرجي ڊولپمينٽ بورڊ ۾ پراجيڪٽ جيڪو پرائم منسٽر جناب شوڪت عزيز صاحب جن جي طرف کان مليل هو، ان ۾ ڪم شروع ڪيم ۽ چئن سالن جو پراجيڪٽ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪري ٿرپارڪر جي چئن تعلقن مٺي، ڇاڇرو، نگر پارڪر ۽ ڏيپلي جي ٽي هزار گهرن کي ڪاميابي سان سولر انرجي ذريعي روشن ڪيم.
پراجيڪٽ مڪمل ڪري واپس منسٽري آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي جي هڪ ڪاليج IIEE ڪراچي ۾ پرنسيپال جي حيثيت سان 6 سال فرائض سرانجام ڏنم ۽ هينئر ساڳئي اداري هڪ ٻئي ڪاليج پاڪ سوئس ٽريننگ سينٽر ۾ 4 اپريل 2016ع کان پرنسيپال جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان.
زندگي ۾ عزت ۽ مڃتا ملي ڪافي اعزاز مليم. B.E ڪرڻ کان پوءِ CSS ڪرڻ جو ارادو ڪيم ۽ تيارين ۾ هيس ته ان وقت فيڊرل فناس مسنٽر ڊاڪٽر محبوب الحق SNT سائنس ۽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اسڪالرشپ جو ڪومپيٽيٽو امتحان انائوس ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ پهريون دفعو ينگ گريجوئيٽس کي ٻاهر وڃڻ جي اسڪالر شپ متعلق هيو. ان جو امتحان CSS جي معيار مطابق ٿيو، جنهن ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ سڀني سائنس جي مضمونن جا گريجوئيٽ Allow هئا. ان ڪري وڏي تعداد ۾ ڇوڪرن اپلاءِ ڪيو. پاڪستان جي سڀني شهرن ۾ سينٽر قائم ڪري امتحان ورتو ويو. مون اهو امتحان اسلام آباد مان پاس ڪيو ۽ جلد ئي زباني امتحان GRE, ElTS ۽ ٻيا امتحان پاس ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪئي.
ان وقت جي صدر پاڪستان محترم جناب غلام اسحاق خان ڪامياب اميدوارن کي Cream of the nation جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ۽ اسان کي ٻاهرين يونيورسٽين ۾ داخلا جي اجازت ڏني.
ضروري لک پڙهه کان پوءِ آمريڪا جي ٻن ۽ انگلينڊ جي ٽن يونيورسٽين ۾ داخلا ڪنفرم ٿي. استادن ۽ دوستن جي صلاح ۽ مشوري کان پوءِ انگلينڊ شيفيلڊ يونيورسٽي جو انتخاب ڪري انگلينڊ روانو ٿيس. اتي پهچڻ کان پوءِ يونيورسٽي انتظاميه انٽري ٽيسٽ ورتي ۽ رب پاڪ جي ڪرم سان منهنجي سليڪشن ڊائريڪٽ پي ايڇ ڊي لاءِ ٿي وئي. ڪجهه شاگردن کي M.Sc ۾ داخلا ڏني وئي ته ڪجهه شاگردن کي ME ته ڪن کي ڊپلوما ۾ دخلا ڏني وئي ۽ ڪافي اميدوار وطن به وريا.
لکڻ پڙهڻ جي سگهه رت ۾ ڦڙن کان مليل هئي. ان ڪري پڙهائي دوران ويهه ريسرچ پيپر وڏن وڏن جنرلس ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪانفرنسز ۾ منظور ٿيا. ان سبب سڄي دنيا جو سير سفر به نصيب ٿيو ۽ ڌڻي جا ڪئي ملڪ گهميس ۽ ڪائنات جي حسين نظارن ۽ اسرارن جو مشاهدو به ڪيم.
واپس اچڻ کان پوءِ منسٽري آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي هڪ ذيلي اداري “پاڪستان سائنس فائونڊيشن پاڪستان جو ينگ سائنٽسٽ ايوارڊ 2004ع جي اعزاز سان گڏ گولڊ ميڊل به ڏنو ۽ HEC جي چيئرمين ڪيش پرائيز به ڏنو. ان کان پوءِ 2007ع ۾ ساڳئي اداري پاڪستان سائنس فائونڊيشن Best Engr. Award سان به نوازيو ويو. 2009ع ۾ اميج پاڪستان تحت “100 بيسٽ پروفيشنل آف پاڪستان” جو ايوارڊ ان وقت جي فناس منسٽر ڏنو.
2010ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي طرفان وڏي تقريب ۾ به “بيسٽ پروفيشنل ايوارڊ” ڏنو ويو ۽ وري 2014ع ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ به “هاءِ اچيور ايوارڊ” به ڏنو ويو. ان کان علاوه پاڪستان قائد اعظم اڪيڊمي طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو. اڄ تائين لاتعداد سرٽيفڪيٽ، اعزاز ۽ ايوارڊ رب تعاليٰ جي ڪرم سان مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ادارن جي طرف کان مليا آهن.
هڪ اعزاز جو ذڪر آئون خصوصي طور ڪندس اهو اعزاز مون کي عبدالسلام انسٽيٽيوٽ آف ٿيوريٽيڪل فزڪس Triesty, Itly طرفان هڪ هزار يو ايس ڊالر ڪيش انعام ڏئي مون کي اتي اسٽيٽ گيسٽ جي حيثيت سان گهرائي هڪ هفتو رهايو ويو ۽ اٽلي جي وڏن وڏن شهرن جو سير به ڪرايو ۽ اهڙو اعزاز لبيا جي ڪرنل قذافيءَ به مون کي اسٽيٽ گيسٽ جي حيثيت سان گهرائي هڪ هفتو سوئزرلينڊ ۽ هڪ هفتو لبيا ۾ خصوصي مهمان طور مهمان نوازي ڪئي ۽ لبيا ۾ سولر انرجي جي پراجيڪٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ اسائنمينٽ جي آڇ ڪئي پر اتي گهڻو عرصو رهڻ جي ڪري مون قبول نه ڪئي. جو اسائنمينٽ ڏهن سالن لاءِ هئي.
خصوصي طرح هڪ واقعي جو ذڪر ڪندس ته انجنيئرنگ پاس ڪرڻ کان پوءِ بابا سائين کي عرض ڪيم ته مون کي واپڊا ۾ ايس ڊي او جي نوڪري وٺي ڏي ڇاڪاڻ ته ان وقت جو واپڊا چيئرمين بابا سائين جو دوست هيو ۽ ايس ڊي او کي سرڪاري گاڏي وليز جيپ ملندي هئي ته جيئن نوڪري دوران گاڏي ملي ته شڪار جو شوق به جاري رکان. بابا سائين ظاهري طرح هائوڪار ڪئي پر مون کي هڪ نصيحت ڪيائين ته منهنجي خواهش آهي ته ڪنهن فارين يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪر.
بابا سائين جي اها خواهش دعا ٿي لڳي ۽ رب پاڪ دنيا جي بهترين يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي نصيب ڪرائي. شروع ۾ پي ايڇ ڊي مان ڪرڻ جو فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته ايس ايم قريشي صاحب جيڪو ان وقت سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو فيڊرل سيڪريٽري هو ۽ منهنجي پڙهائي دوران مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي هيو ۽ ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو وي سي مهراڻ يونيورسٽي انهن محترم استاد صاحبان منهنجي همت وڌائي ۽ حوصلو ڏنو. اڄ مان جنهن مقام تي آهيان استادن جو ڏنل اعتماد ۽ والدين جي دعائن جي ڪري آهيان.
رب پاڪ کي خصوصي عرض آهي ته باقي وقت عزت ۽ صحت سان گذري ۽ خير سان 23 فيبروري 2019ع ۾ رٽائر ٿيان. آمين!
20 جنوري 2017