تاريخ جا ورق
پروفيسر محمد آدم ٻُٽ
انگريزن مياڻي جي جنگ ۾ مير ٽالپرن جي فوج کي شڪست ڏئي جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، ته سڄي برصغير ۾ اها رڙ ۽ دانهن ٿي وئي ته انگريزن مغلن ۽ ٽالپرن کان حڪومتون کسي مسلمان دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. اها ٻئي ڳالهه آهي ته مغلن ۽ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جي زماني ۾، هند ۽ سنڌ جون سماجي، انتظامي ۽ سياسي حالتون ڪهڙيون هيون ان تي هت بحث ڪونه ٿا ڪيون. البت ان هوندي به اها حقيقت آهي ته انگريزن جي ان سامراجي قبضي خلاف هند ۽ سنڌ اندر مخفي طور نفرت ۽ ڌڪار جو جيڪو لاوو پچي رهيو هو، ان ٺيڪ پندرنهن سالن جي وقفي کان پوءِ عوامي انقلاب جي شڪل ۾ ڀڙڪو کاڌو. جنهن ۾ سمورن مذهبن جا مڃيندڙ ۽ سمورين ٻولين جا ڳالهائيندڙ ماڻهو بنا ڪنهن مت ڀيد جي شامل هئا. جيتوڻيڪ اها تحريڪ نه ئي انقلابي شڪل وٺي ۽ نه ئي گهڻو وقت هلي سگهي. تنهن هوندي به ان مختصر ويڙهه واري تحريڪ سنڌ ۽ هند جي سماج ۽ سياست سان گڏ انگريز حڪمرانن جي ذهني سوچ ۽ روين تي وڏا نفسياتي اثر ڇڏيا. جنهن جو ذڪر سنڌ ۽ هند جي سياسي تاريخ جي ورقن ۾ موجود ملي ٿو.
اهو هڪ عجيب تاريخي حادثاتي اتفاق چئجي، ته شمس الدين بلبل جو جنم به عين ان عرصي دوران ٿيو، جڏهن برصغير جو عوام 1857ع ۾ پنهنجي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيو هو. ان کان اڳ مير عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ جو جنم پڻ قدرت جي عطا کان گهٽ ڪون هو. سنڌ جي هنن ٽن املهه ماڻڪ انسانن سنڌ جي تعليم، علم ادب ۽ صحافت جي بنيادن جي تعمير ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾، جيڪو ڪليدي ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ان جديد سنڌ جي قومي ڍانچي، جوڙ جڪ ۽ سماجي تاريخي تاڃي پيٽي کي منفرد ۽ الڳ شناخت ڏني. سنڌ جي هنن ٽنهي نامور هستين ۾ مشترڪ خوبي اها هئي، ته ٽئي پنهنجي دور جا غزل جا وڏا شاعر هئڻ سان گڏ وڏا نثر نگار پڻ هئا. البت “بلبل” جي ٻنهي کان منفرد شناخت صحافت واري هئي. جيڪا مٿين ٻنهي وٽ ڪون هئي.
رئيس شمس الدين بلبل جو دؤر سياسي تاريخ جي لحاظ کان انتهائي ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ وارو دؤر هو. انگريز حڪمرانن 1857ع واري بغاوت مان جيڪو سبق سکيو، ان کين پنهنجي سياسي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جنهن ڪري هنن اهو طئي ڪري ورتو هو ته، برصغير تي سامراجي قبضي ۽ حڪمرانيءَ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ طوالت ڏيڻ جي لاءِ لازمي هو ته، مقامي آباديءَ جي ڪنهن به هڪ ڌر سان سهمت ٿي ٺاهه ڪري هلڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هنن هندوستان جي هندو آباديءَ کي اڪثريتي تعداد کان سواءِ مذهبي ۽ سياسي حوالي سان وڌيڪ ويجهڙو/قريب محسوس ڪيو. جنهن ڪري انگريزن هندو اڪثريتي آباديءَ ڏانهن نرم رويواختيار ڪندي، انهن مٿان شفقت ۽ همدرديءَ جو هٿ ڦيري کين پنهنجو ساٿي ۽ سياسي طرفدار بنائي ورتو. اهڙي طرح سان انگريزن جي ان سياسي چالاڪي واري اختيار ڪيل هلت چلت، سنڌ ۽ هند ۾ مذهبي فرقيواريت جي جنونيت واري سوچ کي جنم ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ برصغير جون ٻه وڏيون قومون (هندو ۽ مسلمان) حقيقي سياسي دشمن انگريز مخالف جدوجهد ڪرڻ بجاءِ، باهمي ڪشمڪش واري نفرت انگيز ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيون جنهن جا اثر سنڌي سماج تي پڻ پيا.
انگريز حڪمرانن جي ويجهڙائپ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي قومن هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکاريندي نفرتن جا جيڪا ديوار کڙي ڪئي، ان سلسلي ۾ جنهن قوم وڌيڪ ڀوڳيو ۽ ان کي هر قسم جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي ويو. سو هيو سنڌ جو مسلمان، ڇاڪاڻ ته انگريز مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندن کي وڌيڪ پنهنجي ويجهو سمجهي رهيا هئا. ان جا بنيادي ڪارڻ اهي هئا ته، هندو وقتي حالتن جي گهربل تقاضائن جي پيش نظرجديد مغربي تعليم جي حصول لاءِ تيز تر اڳتي وک وڌائي. جڏهن ته سنڌ جو مسلمان پنهنجن ملن، مولوين ۽ مفتينجي فتوائن جي پوئلڳي ڪندي جديد انگريزي تعليم ناڪاري واري ويهي رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ هو فارسي ۽ جديد تعليم ٻنهي کان محروم رهجي ويو.
اهڙين مشڪل حالتن ۾ سنڌ جي مسلمان معاشري کي صحيح دڳ لائڻ لاءِ هڪ اهڙي رهنما جي ضرورت هئي، جيڪو قوم جي اميدن جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ٽيڪ ڏئي ڪناري تي سلامتيءَ سان پهچائي. سنڌ ۾، سرسيد احمد خان وانگر_ حسن علي آفندي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو بنياد رکي سنڌ جي جديد طرز تي تعمير ۽ ترقي جي راهه هموار ڪئي. جديد سنڌ جي اڏاوت وارن ان حسن علي آفنديءَ جي تصور ۽ خواب کي ساڀيان بخشڻ لاءِ، ان دؤر جي گهربل سماجي ۽ سياسي حالتن جي پيش نظر کيس هڪ اهڙي ساٿي ۽ ٻانهن ٻيليءَ جي تلاش هئي، جيڪو مايوسين جي ڀنور ۾ ڦاٿل قومي قافلي کي اميدن جي ڪنڌي ڪناري لڳائي. ان سلسلي ۾ رئيس شمس الدين بلبل اسان کي مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو. 1989ع ۾ مرحوم بلبل جڏهن سنڌ مدرسي جي تحريڪ جي پرچي معاون جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواريون سنڀاليون، ته ان وقت سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ مدرسن جا مالي حالت انتهائي پست ۽ ڪمزور هئي. جنهن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت هئي. بلبل مرحوم پنهنجي قلم جي زور سان مسلمانن ۾ علمي شعور جاڳائڻ سان گڏ مدرسن جي مالي حالت مستحڪم ڪرڻ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ قلمي ۽ عملي جهاد ڪيو. پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، مدرسي جي اخبار “معاون” ۾ بلبل جيڪي علمي مضمون لکيا، معاون اخبار جي ڪنهن به پرچي هٿ نه اچڻ سبب اڄ اسان بلبل جي ان تحرير جي افاديت ۽ اهميت کي سمجهي سگهڻ کان محروم آهيون.
اهڙي طرح سان معاون جي ايڊيٽر ٿيڻ کان پوءِ بلبل پاران علم ادب جي ميدارن ۾ قدم رکڻ لاءِ، سندس شخصيت ٻٽي Dual شناخت جي مالڪ بنجي وئي. هڪ شاعر ۽ اديب ٻيو صحافي، مگر ان دؤر جي سياسيت، سماجي ۽ ثقافتي حالتن جي تاريخ جو اڀياس ڪرڻ ۽ بلبل مرحوم جي قلمي پورهئي جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته، بلبل شاعري ۽ صحافت ٻنهي ميدانن ۾ شاعر ۽ صحافي گهٽ سياستدان وڌيڪ نظر ايندو. ڇاڪاڻ ته بلبل پنهنجي تحريرن ۾ موضونيت بجاءِ مقصديت کي وڌيڪ اهميت ۽ ترجيح ڏني. جنهن ڪري سندس تخليق ۾ عارضي بجاءِ دائميت وارو فڪري پهلو انتهائي زورائتي انداز ۾ محسوس ٿئي ٿو. بلبل جي تحريرن ۽ تخليق جو بنياد ڪن هوائي تصورن ۽ خيالن بجاءِ زمان ۽ مڪان جي زميني حقيقتن سان جوڙي ڇڏيو. جنهن ڪري سندس تخليقي عمل فني ۽ فڪري حوالي سان قومي ۽ عوامي احساسن ۽ جذبن جي نمائيندگي ڪندي نظر اچي ٿو. بلبل جي تقريرن تي انتهائي اونهائيءَ سان غور ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته ڪالهه /ماضي جي قيل مقال ۾ حال جون حقيقتون بيان ٿيل آهن. ائين ڄڻڪ ڪالهه جي سماجي حالتن جي بيان ۾ اڄوڪي سماجي ۽ ثقافتي قدرن ۽ روين تي تنقيدي جلهه ٿيل هجي.
اهوئي سبب آهي جو بلبل هر دؤر جي شاعر هجڻ جي حيثيت ۾، هو ڪالهه وانگر اڄ جي سنڌ جو پڻ نمائينده شاعر نظر اچي ٿو. بلبل جي شاعري ۽ نثر جي فني فڪري خوبيءَ جو به اهو اعليٰ ڪمال آهي، ته هن جي فن ۾ اٿاهه گهرائي موجود ملي ٿي. ان سبب بلبل جو ادب مرڳو ماضيءَ جو نه، بلڪ حال جو ادب به محسوس ٿي رهيو آهي.
بلبل جي شخصيت، ادبي پورهئي ۽ ان جي فن ۽ فڪر کي بلبل جي ادبي تحريرن بابت مختلف عالمن جي تنقيدي تحريرن جي روشنيءَ ۾، جهڙي طرح سان اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ بيشڪ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته ليکڪ جي اها ڪوشش سنڌ جو گوهر ناياب شمس الدين بلبل جي ادبي پورهئي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي سلسلي ۾ پڙهندڙن لاءِ ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي.