شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

ڪتاب  ”سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي مشھور علمي ادبي شخصيت رئيس شمس الدين بلبل بابت ڊاڪٽر رياض الدين ابڙي جو لکيل آھي.
مخدوم سليم اللہ صديقي لکي ٿو تہ  ”بلبل جو علمي ادبي حلقو نه رڳو سنڌ جي حدن تائين محدود هو بلڪ هند جا مختلف شهر ۽ شخصيتون سندس بابرڪت وجود جو واس وٺنديون رهيون. پاڻ حيدرآباد دکن ۾ اٺ سال رهيو جتي جون اخبارون پڻ سندس قلم جي شهه پارن سان سينگاريل آهن.“
Title Cover of book سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

ٻہ اکر

رئيس شمس الدين ”بلبل“

سنڌ سونهاري جي هڪ اهڙي علمي ۽ ادبي شخصيت جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڪبر الهه آبادي، حالي، سعدي ۽ سر سيد احمد خان جا رنگ نظر اچن سو رئيس شمس الدين بلبل رحمته الله عليه ٿي گذريو آهي. جنهن اڳوڻي لاڙڪاڻي ۾ موجود ضلعي جي ميهڙ جي شهر ۾ 21 فيبروري 1857ع ۾ جنم ورتو. 
ڀلي سي ڄمن، ڄائي جي ڄم،
سولو ڪن سڀن، اوکا تن مام،
  پسي تن ڪام، ڏاڍن ڏيل ڏڪيا. (سليم)
1843ع ۾ انگريزن جي آمد سنڌ ۾ يورپ جي نون لاڙن کي متعارف ڪرايو. هنن جي ڏنل نظام ۽ عام ماڻهوءَ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ نسلي بقا لاءِ لازم ٿي سمجهيو ويو. اهو ئي ڪارڻ هو جو ان کي معاشري ۾ متعارف ڪرايو ويو. جئين عام ماڻهو ملڪي وهنوار جو حصو بڻجي سگهي. انهيءَ ڏس ۾ ڪراچيءَ ۾ غلام حسين ۽ خالق ڏنو چاڳلا، غلام علي چاڳلا، آخوند محمد ابراهيم، آخوند علي محمد، حسن علي آفندي، نئين ديري جا ڀٽا صاحبان ۽ پاٽ شريف جي برگزيده عالم ميان صاحب احمدي (قاضي آف پاٽ) ۽ سندس خاندان ۽ ميهڙ جو محترم رئيس شمس الدين بلبل انهيءَ دؤر جون اهي شخصيتون آهن جن نئين تعليمي رجحان کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن نه رڳو تعليمي نظام کي حاصل ڪيو پر ان سان گڏوگڏ سندن انتظامي معاملن ۾ پڻ عمل دخل شروع ٿيو. 
مرحوم حسن علي آفندي تعليمي اداري جو بنياد وڌو ۽ سنڌ مدرسه 1885ع ۾ قائم ڪيائين. رئيس ٺارو خان لاهوري لاڙڪاڻه مدرسه جو بنياد وڌو ۽ سيد الهندو شاهه نوشهره فيروز ۾ مدرسه جو قيام  عمل ۾ آندو. ميان صاحب احمدي (قاضي آف پاٽ) پنهنجي ذاتي اوطاق ۾ انهيءَ دؤر ۾ اسڪول جو بنياد وڌو. جنهن لاءِ 1915ع ۾ ذاتي خرچ سان الڳ عمارت جو بنياد رکيائين. جيڪا عمارت اڄ تائين قائم آهي ۽ پرائمري اسڪول جو شغل جاري رکيو اچي. افسوس جو ڪن نااهلن ڪجهه سال اڳ جڏهن اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت جي بهاني سان ان جي ٺاهه ٺوهه ڪئي ته ان جي پيڙهه جو پٿر جيڪو 1915ع جو رکيل غائب ڪري ڇڏيو. ميان صاحب احمدي هڪ وک اڳتي وڌائيندي پاٽ شريف ۾ لوئيز لارينس انسٽيٽوٽ جو پڻ بنياد رکيو. جنهن جو مقصد مقامي داين کي ماهر ڊاڪٽرن کان سکيا ڏيارڻ هو. جئين هو ويم جي فرض کي جديد انداز ۾ نڀائي سگهن.
ميان صاحب سان رئيس شمس الدين بلبل جي دوستانه مراسم ۾ پختگي جو هڪ ڪارڻ پاٽ شريف جي درگاهه فضل الاهيه سان روحاني عقيدت جو رشتو به هو. ان کان علاوه علم ۽ ادب سان محبت پڻ کين اڪثر محاذن تي يڪجا رکيو. بلبل صاحب ميهڙ ۾ “مدرسه الاسلام” قائم ڪيو جنهن ان علائقي ۾ تعليم ۽ ترقي ۽ ترويج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
حضرت بلبل تحرير هجي يا تقرير، صحافت هجي يا سياست خطابت هجي يا لطافت، عزازات هجي يا قرابت هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. ايريگيشن کاتي ۾ ابتدا ۾ نوڪري ڪندڙ اعليٰ ڪردار جو مالڪ نيڪ نمازي پنهنجي مسجد سڳوريءَ ۾ پيش امام جا فرائض به سرانجام ڏيندو رهيو. تفسير قرآن سان گڏ فتويٰ نويسي تي پڻ کين ملڪو حاصل هو. پاڻ هڪ طرف مراقبا به ڪيا ته ٻئي طرف غير مذهب وارن سان مناظره به ڪندا رهيا. اهو سندن صحبت جو اثر هو جو سر هينري لارينس مسلمانن جو پاسو کڻندو رهيو.
بلبل جو علمي ادبي حلقو نه رڳو سنڌ جي حدن تائين محدود هو بلڪ هند جا مختلف شهر ۽ شخصيتون سندس بابرڪت وجود جو واس وٺنديون رهيون. پاڻ حيدرآباد دکن ۾ اٺ سال رهيو جتي جون اخبارون پڻ سندس قلم جي شهه پارن سان سينگاريل آهن. اخبار دکن پنج ۽ خورشيد دکن جا ته ايڊيٽر به رهيا. سندن قلم جو محور سنڌ ۾ به چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندو رهيو سندس ادارت ۾ المعاون، ڪراچي گزيٽ، وطن ڪراچي، الحق حيدرآباد، مسافر لاڙڪاڻو، آفتاب سنڌ سکر ۽ جامع العلوم سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچيءَ مان پڌرا ٿيندا رهيا. اشد ضرورت آهي ته انهن اخبارن کان سواءِ سندس چاليهن کان مٿي شايع ٿيل ناياب ۽ اڻ شايع ٿيل ڪتابن کي هڪ دفعو وري موجوده نسل جي اصلاح ۽ رهنمائي لاءِ ڇپائي پڌرو ڪجي ۽ نيٽ تي پڻ محفوظ ڪيا وڃن.
انهن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ استعمال ٿيل سنڌي ٻولي ۾ مقامي رنگ کي ايتري ته اهميت ڏني جو ان مان فارسي ٻوليءَ جو اثر گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ سليس سنڌي نثر عام مقبوليت ماڻي. جنهن جو اثر هلندڙ دور جي اهل قلم جون تحريرون ثابت ڪن ٿيون.
بلبل مرحوم قلم ۽ عمل ذريعي معاشري جي سڌارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. انگريزن جي ڪري سماج ۾ جيڪي نئين تهذيب ۽ تمدن جون خرابيون نروار ٿيون هيون. اهي پڻ سندس تنقيد جو موضوع رهيون. هن پنهنجي نصيحت ڀرئي ڪلام ذريعي مسلمانن کي اخلاق، وطنيت ۽ سچائي جي ساٿ جو درس ڏنو. سندس تحريرون پوءِ اهي نثري هجن يا نظمي هر هر لمحي انساني قدرن کي اجاگر ڪيو. سچائي، وفا جي تلقين ۽ ڪوڙ ڪپت ۽ دوکي کان پري رهڻ جي هدايت ڪندو رهيو. هن سچي دين اسلام تي پاڻ ڪاربند رهندي مسلم امه کي پڻ پاڻ سڳورن صلعم جن جي پيرويءَ ۾ ڇوٽڪاري جي واٽ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سنڌ جي هن سعديءَ حافظ ۽ شيخ سعديءَ کي پنهنجي تحريرن ۾ جا بجا حوالي طور پيش ڪيو آهي.
مسلمانن ۾ تعليم جي افاديت کي سمجهڻ لاءِ “مسلمان ۽ تعليم” نالي سان ڪتاب جوڙي مفت تقسيم ڪيائين. قلم کان سواءِ عملن به هو مسلمانن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. مسلمانن جون ملڪيتون وياج خورن جي ور چڙهي وينديون هيون. جنهن کي نظر ۾ رکندي اولاد زمين وقف ڪرڻ جو قانون پاس ڪرايائين. مطلب ته سندس حياتي اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان ڀريل آهي.
محترم بلبل صاحب جي حلقه دوستيءَ ۾ ميان صاحب مخدوم احمدي صديقي پاٽائي (قاضي آف پاٽ) کان علاوه حسن علي آفندي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيٺ غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد حسين، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد الهندو شاهه، مخدوم محمد انور صديقي پاٽائي ۽ مرزا قليچ بيگ وغيره هئا.
بلبل صاحب جي لائق فائق فرزند ضيا الدين ضيا صاحب ۽ ان جي فرزند محترم شمس ابن ضيا ابن بلبل اسلاف جي علمي خزاني کي محفوظ رکيو. سائين محترم شمس ابن ضياء ته هر وقت اسان کي ڪجهه نه ڪجهه لکندي نظر آيا. سائين جن سان جڏهن به ملاقات ٿي کين پنهنجي والد يا ڏاڏا سائين بلبل جا قلمي نسخه سانڍيندي سنواريندي ڏٺوسين. نه رڳو اهو پر ڏاڏي سائين وانگر کين علمي ۽ ادبي ثقافتي محفلن کان سواءِ سماجي ۽ سياسي شخصيت سان ميل ملاقات جو سلسلو به جاري نظر آيو. جيڪو سندن ڪجهه هن ڪتاب ۾ ڏنل تصويرن مان پڻ واضح ٿئي ٿو. بلڪ سندس اولاد محترم سراج الدين ابڙو ۽ ضياء الدين ثاني ابڙو ته پنهنجي جدامجد جي تعارف لاءِ هن تحرير جو اهتمام ڪيو جنهن لاءِ جس لهن. يقينن کيرون لهڻيون محترم انجنيئر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو صاحب جنهن “سنڌ جو گوهر ناياب شمس الدين بلبل” جي عنوان تحت سنڌ جي سپوت بلبل جي سوانح کي مرتب ڪيو آهي. يقينن اهي ڪاوشون ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو ڪارڻ بڻبيون.
سنڌ جي هن گوهر ناياب محروم شمس الدين بلبل 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاهه ميهڙ ۾ ئي آهي.
سيبتي تن صورت، سهڻا تن ساهه،
       جيئڻ تن واهه، مٽي پڄاڻا ياد پيا. (سليم)

از: مخدوم سليم الله صديقي