شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

ڪتاب  ”سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي مشھور علمي ادبي شخصيت رئيس شمس الدين بلبل بابت ڊاڪٽر رياض الدين ابڙي جو لکيل آھي.
مخدوم سليم اللہ صديقي لکي ٿو تہ  ”بلبل جو علمي ادبي حلقو نه رڳو سنڌ جي حدن تائين محدود هو بلڪ هند جا مختلف شهر ۽ شخصيتون سندس بابرڪت وجود جو واس وٺنديون رهيون. پاڻ حيدرآباد دکن ۾ اٺ سال رهيو جتي جون اخبارون پڻ سندس قلم جي شهه پارن سان سينگاريل آهن.“
Title Cover of book سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل

ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو

سنڌ جو گوهر ناياب- شمس الدين بلبل

سنڌ سونهاري شروع کان وٺي بي بها هيرن ۽ جواهرن جي کاڻ مشهور رهي آهي. هن کاڻ مان بيشمار ماڻڪ مڻيادار پيدا ٿي پوري دنيا کي پنهنجي جوت سان جلا بخشي جرڪائي ۽ منور ڪري چڪا آهن. اهڙن املهه ماڻڪن ۾ هڪ گوهر آبدار حضرت شمس الدين بلبل به هو. 

حضرت بلبل جيئن ته هندو سياستدانن جي سخت خلاف هو ان ڪري سندس وفات بعد سنڌ ۾ سندس خدمتن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو جيئن سندس نالو نروار رهي نه سگهي. آزاديءَ کان اڳ ۾ ۽ آزاديءَ کان پوءِ به هندو ۽ هندو نواز لابيءَ جو اثر رسوخ سنڌ اندر ڪافي عرصي تائين قائم رهيو. خانبهادر سيد الهندي شاهه صاحب ۽ سندس پڳ مٽ دوست بلبل کي هندو سياستدانن ۽ هندو نواز ٽولي اهڙي پذيرائي کان محروم رکيو جنهن جا هو حقدار هئا. هن حقيقت جي تصديق لاءِ جناب رشيد احمد لاشاري جي تحرير پيش ڪجي ٿي “شمس الدين بلبل ۽ سندس دلي دوست سيد الهندي شاهه در ٻيلي واري کي سنڌ ۾ شايانِ شان شهرت نه ملڻ جو سبب صرف اهو هو ته ان دؤر ۾ علمي، ادبي توڙي سياسي حلقن ۾ هندن ۽ هندن جي حمايتين جو قبضو هو جن اهڙن شاعرن، اديبن ۽ سياستدانن جي پذيرائي ڪئي جيڪي مسلم نظريات جي خلاف ۽ هندو ذهنيت جا حامي هئا. (سنڌي ادب اور مسلم شعراء. ماهنامه نئي قدرين حيدرآباد 1964ع)

بلبل ۽ خانبهادر الهندو شاهه صاحب جيڪڏهن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به زندهه هجن ها ته سنڌ جي سياسي ماحول ۽ جوڙجڪ ۾ سندن ڪليدي ڪردار ۽ اهم حيثيت هجي ها. حضرت بلبل جي گهڻ رخي شخصيت برصغير هند و پاڪ ۾ هڪ نادر ۽ ناياب مثال آهي هڪ شخص ۾ هڪ ئي وقت بيشمار ۽ متضاد خوبين ۽ خاصيتن جو موجود هجڻ ۽ اهي لياقتون ۽ صلاحيتون به ڪمال درجي جون هجن. اهڙو مثال ملڻ نهايت مشڪل ۽ محال آهي.

بلبل هڪ ئي وقت باڪمال اديب به هو ته قادر الڪلام ۽ في البديهه شعر چوندڙ شاعر به هو، جرئت مند ۽ بيباڪ صحافي به هو ۽ سياسي ميدان جو به ماهر شهسوار هو. قوم جو نبض شناس رهبر ۽ رهنما به هڪڙو ئي هو. خطيب ۽ جادو بيان مقرر به هو. ناميارو نثر نويس ۽ مصنف به هو. تعليمي ماهر به هو ۽ مفڪر به هو. عالمِ دين، دستار بند مولوي ۽ فقھ جو جيد عالم به هو. سماج سڌارڪ، قومي خدمتگار به هو ته انگريزي قانون جو ڄاڻو ۽ تعلقي ميهڙ جي بينچ مئجسٽريٽن جو چيئرمين به هو ۽ کيس مجرمن کي ڇهن مهينن تائين سزا ڏيڻ جو اختيار به هو. اعليٰ ڪردار جو مالڪ، ديندار، صوم و صلوات جو پابند ۽ پنهنجي جوڙايل مسجد شريف جو پيش امام به هو. مفسرِ قرآن به هو ته مفتي به هو. رمضان شريف جي ڏهن ۽ مراقبن ۾ ويهڻ وارو متقي شخص به هو ته دوستن سان گڏ تفريح ۽ تراوت خاطر ٿيٽر، ڪارنيوال ۽ سرڪسون به ڏسندو هو. عيسائي تبليغي پادرين سان مناظرا ڪري سندن ٻوٿن کي لغام ڏيندڙ به پوري سنڌ ۾ صرف بلبل ئي هو. ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ، شعر و شاعري جي نشستن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ آل انڊيا سطح جا مشاعرا ۽ وڏيون تقريبون منعقد ڪرائڻ سندس معمول هو. هن قسم جون تقريبون ڪراچي، خيرپور رياست ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايون وينديون هيون، جن جا نگران اعليٰ ۽ مهتمم خيرپور رياست جا وزير هوندا هئا، وڏي سطح جون تعليمي ڪانفرنسون جهڙوڪ آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنسن ۾ ڀرپور بهرو وٺڻ ۽ مسلمانن جي فائدي جا ريزوليوشنس پاس ڪرائڻ بلبل جي پسنديده مصروفيتن ۾ شمار ٿيندڙ مصروفيت هوندي هئي. سرڪاري، نيم سرڪاري، نجي تنظيمن ۽ جمائتن جو به روح روان هو. سندس شرڪت کان سواءِ هر وڏي تقريب اڌوري سمجهي ويندي هئي ۽ هر وڏي ۽ اهم تقريب ۾ سندس انتظار ڪيو ويندو هو ۽ سندس آمد بعد تقريب شروع ڪئي ويندي هئي. اٽڪل ڇهن اخبارن ۽ ڪجهه رسالن جو به ايڊيٽر هو ۽ سنڌ جي پريس جو بي تاج بادشاهه مڃيو ويندو هو. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته هو مسلمانن جو سڄڻ، ڀلو چاهيندڙ ۽ هڏ ڏوکي هو. سندس حياتيءَ جو مقصد مسلمانن لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ هو. سندس شمار آزاديءَ جي اولين بانين ۾ ٿئي ٿو جن هن مقصد لاءِ رستو هموار ڪيو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جا اصول طئي ڪيا. انگريزي تعليم جو مسلمانن لاءِ حصول، نمبر پهريون اصول مقرر ڪيو ويو، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ بلبل سڄي عمر جفا ڪشي ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. بلبل جي نظر ۾ انگريزي تعليم وقت جي اهم ضرورت ۽ ديني، اسلامي ۽ فني تعليم مسلمانن لاءِ جزءِ ايمان مثال هئي. مسلمانن کي پنهنجي ڪلچر تي قائم رکڻ لاءِ بلبل قلمي جهاد ڪري کين آبائي ليڪن لتاڙڻ کان باز رکيو ۽ هن جهاد ۾ به بلبل ڪامياب رهيو. جناب پير علي محمد راشدي صاحب جي الفاظن ۾ ايئن چئبو ته بلبل هن انقلاب جي قيادت به پاڻ ڪئي ۽ ڪامياب رهيو.

حضرت بلبل جي دوستن جي ذڪر کان سواءِ هي تحرير جامع نه سمجهي ويندي. سندس دوستن ۾ اهل الله بزرگن کان وٺي گودڙي نيشن فقير به شامل هئا. شمس العلماء جناب پير پاڳارو صاحب، هالا جا گادي نشين، ٽنڊي سائينداد جا سرهندي بزرگ، سيوهڻ شريف ۽ پاٽ شريف جا صديقي مخدوم، نينگ شريف جا سيد، جهانگارا باجارا جا سيد، ٻٽ سرائي جا پير، نيرهه جا پير، دوداين وارو بزرگ، همايون وارو بزرگ مفتون همايوني، مولانا تاج محمد امروٺِي بزرگ، مولانا عبيد الله سنڌي، مير علي نواز علوي ۽ مولانا بهاءُ الدين ڀائي. ([1]) نصرپور ۽ مٽيارين جا سيد، شهدادڪوٽ ۽ کڏي ڪراچي جا بزرگ ۽ عالم، گودڙي نشينن ۾ حافظ ڪمال خان ڏيپر، احمد شاهه علوي ميهڙ وارو، لونگ فقير، فقير ڪريم ڏنو ملاح تارڪ نجفي ۽ سالڪ ۽ مجذوب مولانا غلام محمد سوڍر عرف ڏاڏا مولانا اشرف سوڍر وارو. هي سڀ اهل الله بزرگ هئا ۽ بلبل جا دلي دوست هئا.

حضرت بلبل جي دوستن ۽ تعلق وارن عالمي شهرت جي مالڪن جهڙوڪ جارج پنجون، لارڊ ڪرزن ۽ هز هائينس، سر آغا خان شامل آهن. جارج پنجين جي تاجپوشي جي تقريب دهليءَ ۾ سال 1903ع ۽ سال 1911ع ۾ ملهائي وئي هئي. هنن ٻنهي موقعن تي بلبل سرڪاري طرح مدعو ٿيل هو. بلبل به ان وفد ۾ شامل هو جيڪو خيرپور رياست مان هن تقريب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو هو.

جارج پنجون ۽ لارڊ ڪرزن بلبل جي تعلق وارين شخصيتن ۾ شمار سمجهڻ گهرجن، باقي عالمي شهرت جو مالڪ هز هائينس سر آغا خان سان بلبل جا قريبي تعلقات هئا. هز هائينس سر آغا خان مسلم ليگ جو پهريون سربراهه هو ۽ هن گروپ ۾ سر غلام حسين هدايت الله، خانبهادر حسن علي خان افندي، حاجي سر عبدالله هارون، خانبهادر سيد الهندو شاهه صاحب، سيٺ غلام حسين خالق ڏنو، سيٺ مولي ڏنو، سيٺ طيب علي ڀائي، سيٺ غلام علي ڇاڳلا، خانبهادر غلام علي نانا ۽ شمس الدين بلبل اهم اولين رڪن هئا. هن گروپ جو سرڪرده سرگرم رڪن ۽ ترجمان شمس الدين بلبل هو. هن گروپ جي سياسي اخبار جو ايڊيٽر به بلبل هو.

خيرپور رياست جا والي ۽ وزير جهڙوڪ هز هائينس مير امام بخش خان، هز هائينس مير فيض محمد خان ۽ ولي عهد مير علي نواز خان بلبل جا مداح ۽ قدر دان هئا. شيخ محمد ابراهيم وزيراعظم خيرپور رياست، سردار محمد يعقوب خان، خانبهادر صادق علي خان، سردار محمد ايوب خان، خانبهادر قادر داد خان ۽ خانبهادر آغا گل حسن خان بلبل جا مداح، گرويده ۽ ساٿي هئا، جن سان بلبل گڏجي مسلمانن جي ڀلي جا ڪيترائي ڪم ڪيا. هز هائينس مير عبدالحسين سانگي، بلبل جو گهاٽو دوست ۽ سندس عاشقن مان هڪ هو. ([2])

بلبل جي دوستن احبابن جو حلقو نهايت وسيع هو جنهن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ هڪ پورو ڪتاب گهرجي تاهم برصغير جي ٻن اعليٰ عملدارن جو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. سر هينري لارينس هندوستان جو گورنر ۽ اي. جي. بولس لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر بلبل جي مداحن ۽ دلي دوستن ۾ شامل هئا. سر هينري لارينس بلبل جي ايتري حد تائين تعظيم ۽ تڪريم ڪندو هو جو سر نامي ۾ بلبل کي صرف “سَر” لکندو هو ۽ ذاتي خط هميشه پنهنجي هٿ اکرن ۾ لکندو هو.

هڪ انگريز گورنر هڪ سنڌي مسلمان کي ‘سر’ جي خطاب سان مخاطب ٿئي اها احترام جي انتها آهي. انگريزدان حضرات هي ڳالهه بخوبي سمجهي سگهن ٿا. انگريزيءَ ۾ ‘سر’ صرف ان مانهو کي سڏيو ويندو آهي جيڪو عزت ۽ عهدي جي لحاظ کان پاڻ کان وڌيڪ هوندو آهي. ڊيئر سر ۽ هاءِ ڊيئر سر انگريزيءَ جا عام جملا آهن. اهڙا چند خط هن ڪتاب ۾ شامل ڪجن ٿا.

بلبل جي صحبت ۾ سر هينري لارينس مسلمانن جي فائدي ۾ ايتري قدر تبديل ٿي ويو جو مسلمانن سان همدردي ڪرڻ لڳو ۽ سندن ڪم ڌڙا ڌڙ ڪرڻ لڳو. هن تبديليءَ تي هندن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ کيس اورنگ زيب عالمگير سڏڻ لڳا ۽ سندس دشمن بڻجي پيا. هڪ هندو ڪاليجي شاگرد ته مٿس پستول جا فائر به ڪيا ۽ کيس اڦٽ مارڻ چاهيو مگر هو هن حملي ۾ محفوظ رهيو.

بلبل مسلمانن کي بيشمار نوڪريون وٺي ڏنيون جن ۾ مخدوم محمد انور صديقي پاٽائيءَ جي فرزند مخدوم نور الدين صديقي جي نوڪري ڊپٽي ڪليڪٽر طور جو مثال نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز آهي. بلبل محسوس ڪيو ته سنڌ جا مسلمان مختلف ادارن ۾ ڌڪا کائي رهيا هئا. مگر ڪنهن به اداري ۾ سندن جائز ڪم به نه ٿي ٿيا، ڇاڪاڻ جو هر اداري جا وڏا آفيسر هندو هئا. ملن ۽ مولوين انگريزي تعليم کي ڪفر قرار ڏئي مسلمانن کي پنجاهه سال پوئتي ڌڪي کين پسمانده ڪري ڇڏيو هو. هن مسئلي جو حل بلبل هن طرح ڪڍيو جو پنهنجي مداح دوست سرهينري لارينس کي آماده ڪري برصغير جي مختلف شهرن مان نيڪ ۽ عمده مسلمان عملدار گهرائي سنڌ ۾ مقرر ڪيا، جن سنڌي مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي ۽ مرندي گهڙي تائين بلبل ۽ بلبل جي اولاد سان تعلقات قائم رکيون آيا. اهڙن اعليٰ آفيسرن مان چند نالا هيٺ لکجن ٿا.

1.مولانا ضياءُ الدين احمد صاحب، 2. سيد محمود شاهه صاحب، 3. جناب طفيل محمد خان، 4. جناب نور نبي خان صاحب، 5. جناب محمد اسماعيل خان صاحب، 6. سيد الطاف حسين خان صاحب، 7. ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي صاحب هي سڀ مختلف کاتن جا اعليٰ عملدار هئا. جناب محمد اسحاق مشهور قانوندان به ...

*1. اسان جي خانداني ڄم ۽ موت جي رجسٽر ۾ خان صاحب محمد اسماعيل جي رحلت جي تاريخ هن طرح لکيل آهي. ڏاڏا سائين لکيو آهي “اڄ تاريخ 29 جون 1955ع ڏينهن اربع جي خان صاحب محمد اسماعيل رٽائرڊ ڪمشنر ايڪسائيز ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم حضرت بلبل جو دلي دوست هو ۽ نوڪري جي آخري عرصي تائين اسان تي ڪرم جي نظر ڪندو آيو ۽ رٽائر ٿيڻ بعد به.

* 2. جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي جي اولاد سان ڀائپي برادري جا تعلقات اڃا سوڌو قائم آهن.

انهن آفيسرن جي خاندان جو فرد هو. جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي سنڌ جي هيلٿ کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هو ۽ بلبل جي هم عصر ساٿي ۽ دوست جناب اڪبر الهه آبادي جو شاگردِ رشيد هو ۽ بلبل ۽ اڪبر الهه آباد متعلق ڳالهيون ڪندو رهندو هو. سيوهڻ شريف جي صديقي خاندان سان مٽي مائٽي قائم ٿيڻ بعد سنڌ جو سنڌي باشندو بڻجي ويو. جناب محمد اسماعيل خان روينيو کاتي ۾ سيٽلمينٽ ڪمشنر هو ۽ راقم التحرير جي والد سان به سندس سٺا تعلقات رهيا. دادو ضلعي جو به آفيسر ٿي رهيو. مولانا ضياءُ الدين احمد شايد پوليس کاتي ۾ ايس. ايس. پي هو. ان وقت پوري سنڌ اندر صرف هڪ ئي ايس. ايس. پي. هوندو هو.

حضرت بلبل جو ٻيو انگريز بي تڪلف دوست مسٽر ايڊورڊ جان بولس لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر هو. ان وقت دادو ضلعي جو وجود نه هو. هي صاحب بلبل جي رهائش گاهه بلبل هائوس تي ٻئي ٽئين مهيني ۾ هڪ دفعو ضرور ايندو هو. بلبل سندس توڙي سندس گهر واريءَ جو سنڌي ۽ فارسي زبانن جو سيکاريندڙ استاد هو. ليڊي ولنگٽن جا به بلبل سان تمام سٺا تعلقات هئا. بلبل سندس سماجي ڪمن جهڙوڪ اسپتالون تعمير ڪرائڻ ۽ تعليمي مرڪز قائم ڪرڻ ۾ سندس معاون ۽ مددگار رهيو. بلبل پرڪشش شخصيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ خوش پوشاڪ، خوش خلق ۽ ٽيبل ٽاڪ (Table Talk) جو ماهر هو. جيڪو شخص ساڻس هڪ دفعو ملندو هو سندس مداح ۽ گرويده ٿي ويندو هو. اهڙو تاثر جناب پروفيسر محمد آدم ٻٽ به پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ ڏنو آهي. 

مسٽر E.J. Bonlus بلبل جي صحبت ۾ مسلمانن جو همدرد 1. Sehwan Reverie ۽ 2. Influence of Islam بلبل جي مدبرانه شخصيت سبب هي ٻه وڏا انگريز آفيسر ڪافي بدلجي ويا ۽ مذهب اسلام کي ڪافي حد تائين سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا. لنڊن کان پوءِ مسٽر بولس آمريڪا ۾ مقيم ٿي ويو ۽ اتي جي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. سندس اولاد اتي اڃا سوڌو موجود آهي.

حضرت بلبل لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ اٽڪل ڏهه سال رهيو ۽ صحافت جي پيشي سان منسلڪ رهي اتي جي هر قسم جي حالات جو مشاهدو ڪيائين. اتي به سندس بيشمار دوست هئا جن جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي، صحافين ۾ منشي دين محمد ذوق جنهن بلبل جي مڪمل سوانح حيات پنهنجي اخبار پنجهءِ فولاد ۽ انتخاب لاجواب ۾ اردو زبان ۾ بمع تصاوير تاريخ 7 مئي 1906ع ۾ شايع ڪئي هئي. ([3]) بلبل لاهور جي اخبارن پيسه، زميندار، پنجهءِ فولاد ۽ انتخاب لاجواب جو رپورٽر رهي چڪو هو. مولانا ذوق، مولوي محبوب عالم، مولانا ظفر علي خان، مرزا ڪاظم علي غازي، سيد ارتضى حسين عرف ملان واحدي، بيشمار اخبارن جو ايڊيٽر ۽ ڪتاب اجڙا ديار جو مصنف، خواجه حسن نظامي گادي نشين درگاهه خواجه نظام الدين اولياء دهلي. جيڪو شاعر ۽ اديب به هو، هن خاندان جا تعلقات بلبل کان پوءِ به بلبل جي اولاد سان قائم رهيا. خواجه نظامي صاحب بلبل جي بي تڪلف دوستن مان هڪ هو. هنن صاحبان کان علاوه جناب حسرت موهاني ۽ جناب اڪبر الهه آبادي به بلبل جا دوست خاص هئا. جناب حسرت موهاني جي دختر ڪراچيءَ ۾ مقيم رهي ۽ راقم التحرير جي والد سان سندس خط و ڪابت سال 1970ع کان ڪجهه عرصي تائين رهي. ([4]) جناب حسرت موهاني ۽ خواجه ارتضيٰ حسين نظامي خير پور رياست جي مشاعرن ۾ بلاناغه شرڪت ڪندڙ شعراء ڪرام ۾ شامل رهيا. جناب ارتضيٰ حسين نظامي جي اولاد جا تعلقات بلبل جي فرزند ضياءُ الدين ضيا سان قائم رهيا. ([5]) جناب اڪبر الهه آبادي ۽ بلبل اوڌ پنچ ۾ لکندا هئا. جناب اڪبر الهه آبادي جو مزاحيه ڪلام جڏهن ته بلبل جو مزاحيه ڪلام ۽ ڪالم هن اخبار ۾ شايع ٿيندا هئا. اوڌ پنچ کان علاوه بلبل جا ڪالم دهلي پنچ، خيرخواه عالم ۽ ڪشف العلوم اخبار دهلي ۾ به شايع ٿيند اهئا. ([6]) بلبل حيدرآباد دکن ۾ جناب نظام دکن جي دعوت تي ويو هو ۽ اتي اٽڪل 8 سال رهيو ۽ ٻن اخبارن دکن پنچ ۽ خورشيد دکن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان کي هي ٻئي اخبارون باقاعدگي سان موڪليندو هو. مگر ٻئي ادبي مواد وانگر هي اخبارون به ڳري پرزا پرزا ٿي ويون.

مسلم عمائدين ۾ بلبل سر سيد احمد خان جو معتقد هو ۽ باقي سندس خاص دوست جهڙوڪ نواب محسن الملڪ، نواب وقار الملڪ ۽ نواب سليم الله خان، نواب سر شاهنواز خان ڀٽو به بلبل جا ساٿي هئا. مسيح الملڪ حڪيم اجمل خان، سيد جسٽس امير علي ۽ مسٽر علي محمد دهلوي اخبار الحق حيدرآباد، سنڌ جو انگريزي سيڪشن جو ايڊيٽر بلبل جا سٺا دوست هئا. اخبار الحق جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر بلبل هو. دهلوي صاحب پوءِ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ايسوسي ايشن دهلي جو سيڪريٽري ٿي ويو. مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، نواب زاده آفتاب احمد، جناب خواجه الطاف حسين حالي ۽ جناب شبلي نعماني بلبل جي دلي دوستن ۾ شمار ٿيندا هئا ڇاڪاڻ جو بلبل علي گڙهه تحريڪ جي اولين حامين ۽ آزاديءَ لاءِ راهه هموار ڪرڻ ۾ هنن عمائدين سان شامل رهيو.

حضرت بلبل هڪ ممتاز ۽ ماهر اديب به هو ته هڪ قادر الڪلام ۽ في البديهه شعر چوندڙ شاعر به هو ۽ سندس شاعري برائي فن يا برائي تفريح نه بلڪه قومي افاديت جي حامل اصلاحي ۽ تعميري شاعري هئي، جنهن جي ڪري سنڌ جا مسلمان پنهنجي آبائي تهذيب تي قائم رهي سگهيا ۽ نصاره تهذيب جي وچڙندڙ وبا کان بچي ويا. جناب پير علي محمد راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب اُهي ڏينهن اُهي شينهن ۾ “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ هن طرح لکڻ فرمائي ٿو “انگريزن جي پيرن پختي ٿيڻ بعد ديسي ماڻهو سندن تهذيب جي ظاهري مک چک تي موهجي صاحب لوڪ بڻجڻ جو سعيو ڪرڻ لڳا، مگر بلبل جي قلمي جهاد کين پنهنجي اباڻن روايتن جا ليڪا لتاڙڻ کان روڪي رکيو. بلبل هن انقلاب جي قيادت به پاڻ ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿيو.”

بلبل هڪ بيباڪ ۽ جرئتمند صحافي به هو ۽ صحافي به اهڙو جنهن کي سنڌ جي تمام نامور نقاد حضرات سنڌ جي صحافت جو بي تاج بادشاهه، ڏاڏو آدم، باني، امام ۽ سرواڻ سڏيو آهي. اٽڪل اڌ ڊزن اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ ڪجهه رسالا به سندس ادارت ۾ شايع ٿيندا رهيا. پهرئين اخبار جيڪا سنڌ ۾ سندس ادارت هيٺ جاري ٿي اها “المعاون” هئي. ان کان سواءِ ڪراچي گزيٽ، بلبل ڪراچي، وطن ڪراچي، الحق حيدرآباد، مسافر لاڙڪاڻو، آفتاب سنڌ سکر ۽ رسالو جامع العلوم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي وغيره سندس ادارت هيٺ شايع ٿيا.

اخبار المعاون ڪا عام رواجي اخبار نه هئي. هيءَ هڪ سياسي قسم جي اخبار هئي جنهن جي ذريعي مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ويندو هو ۽ سندن ذهني صلاحيتن جي نشو نما ڪري کين آزادي حاصل ڪرڻ جون ترغيبون ڏنيون وينديون هيون ۽ اهڙيون ترڪيبون سيکاريون وينديون هيون جيئن هو پنهنجن پيرن تي بيهي هندن جي مدمقابل اچي سگهن ۽ پوءِ پنهنجي آزاديءَ لاءِ نهنجي بل بوتي تي انحصار ڪندي هندن جي حمايت ۽ عملي مدد کان سواءِ پنهنجي آزادي لاءِ آواز بلند ڪري سگهن ۽ زوردار تحريڪ هلائي آزادي حاصل ڪري سگهن. هن اخبار جو مقصد هو مسلمانن جي ذهني ڪايا پلٽ ڪرڻ. هيءَ اخبار گويا مسلمانن جو سياسي هٿيار ۽ ترجمان به ئي ته سندن آواز به هئي.([7]) هن قسم جي اخبار کي هلائڻ ڪنهن عام رواجي ايڊيٽر جي وس جي ڳالهه نه هئي. چوٽي جي باڪمال صلاحيت جي مالڪ ۽ جرئتمند صحافي هجڻ سان گڏ سياسي بصيرت رکندڙ ۽ سياسي ميدان جي هڪ ماهر شهسوار جي ضرورت هئي، ان کان علاوه قوم جي نبض شناس رهنما ۽ رهبر جي ضرورت هئي جيڪو قومن جي ذهنن جي ڪايا پلٽ ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندڙ هجي. ان کان علاوه هڪ عالم دين، خطيب ۽ بلند ڪردار جي مالڪ جي هن اخبار کي ضرورت هئي. هي سڀ خوبيون صرف بلبل ۾ ماهرانه قسم جون موجود هيون، جنهن هن اخبار کي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڏيکاريو. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيي صاحب جا تاثرات ملاحظه ڪري ڏسو: “اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ ويجهو سُٻنڌ آهي ۽ سياست مناسب موقعا ۽ وارداتون مهيا ڪري” صحافت جي تلوار” کي تيز ڪندي آهي ۽ چڪ ۽ جلا بخشيندي آهي پر جڏهن سياسي سوجهه ٻوجهه وارو ماڻهو صحافت جي ميدان ۾ لهي پوي ته اهو ڪهڙي پائي ۽ بلنديءَ جو قلم ڪار بڻجي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. اهائي خوبي ۽ خصوصيت مرحوم شمس الدين بلبل ۾ هئي جنهن کيس پنهنجي صحافتي پيشي جو بي مثال ۽ منفرد مقام حاصل ڪرايو ۽ هن قلمي قوت سان مخالفن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. منهنجي خيال ۾ ان ساڳي خصوصيت جو ڪرشمو اسان ويجهڙائي واري دور ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جناب علي محمد راشديءَ جي شخصيتن ۾ ڏسي چڪا آهيون . لطف جي ڳالهه اها آهي ته “بلبل” جي عظمت جو اعتراف، ساڳي زمري ايندڙ راشدي صاحب هن طرح ڪيو آهي ته مرحوم شمس الدين بلبل سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. سندس همعصر صحافي ۽ شاعر مرحوم محمد هاشم مخلص وري هن طرح داد ڏنو:

“بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص ۽ صحافي هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنى ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجوده سليس ۽ پر اثر انگيز مضمون نويسي جو سڪو جمايو.”

“ساڳي ئي مضمون ۾ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب صفحه 75 تي لکي ٿو “در اصل مرحوم بلبل کي عملي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ اهو درد ذميوار هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو هو. ان زماني ۾ مسلمانن جي حالت واقعي افسوس ناڪ هئي. هر طرف هندو ڇانيل ۽ اثر انداز هئا ۽ هر هنڌ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ واري پوزيشن ۾ هئا.”

بلبل جڏهن هن اخبار جي ادارت ڇڏي ته پوءِ هيءَ اخبار نيم مرده حالت ۾ نڪرندي رهي مگر منجهس اها جان نه رهي بس هڪ عام اخبار وانگر ٽلڪندي رهي.

حضرت بلبل اعلى درجي جو نثر نويس ۽ مصنف به هو، هن اٽڪل 45 ڪتاب لکيا آهن، ڪجهه ڪتاب اڃا تائين قلمي آهن، شايع ٿيل ڪتابن مان ڪجهه ناياب ۽ ڪجهه ناپيد ٿي چڪا آهن. سندس تحرير جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پهتل هو ۽ پوري سنڌ سندس تحرير جي مشتاق ۽ معترف هئي. پوري سنڌ اندر سندس تحرير جي ڌاڪ ويٺل هئي. سردار محمد يعقوب، جناب حامد علي خان، مخدوم محمد انور صديقي، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، حڪيم فتح محمد صغير سيوهاڻي، حاجي ميرو خادم، محمد بخش واصف حيدرآبادي، ڊاڪٽر غلام علي جي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، ڊاڪٽر وفا راشدي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، جناب مشتاق احمد پٺاڻ، جناب احمد خان ايم سيال، جناب بشير احمد ميمڻ، جناب محمد اسحاق شيخ، سيد پير حسام الدين شاهه راشدي، جناب احمد خان آصف مصراڻي، جناب حاجي خان بلوچ، جناب محمد عرس ٻرڙو، جناب مير رحيم داد مولائي شيدائي، جناب شمشير الحيدري، ديوان ليلارام ڏيونداس، مولانا غلام محمد گرامي، جناب عبدالواحد سنڌي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، حافظ محمد احسن چنا، جناب محمد موسى ڀٽو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، سيد علي اڪبر شاهه، پروفيسر محمد آدم ٻٽ، جناب شعبان بخت، محمود الحسن خان نيازي ميانوالي، قاضي ميان جان محمد عارفي، محمد امين مگسي، محمد نواز محزون، محمد علي دائود پوٽو “عيان”، مولانا عبدالڪريم چشتي، رئيس ضياء الدين “ضيا”، مولانا دين محمد وفائي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، محترمه ڊاڪٽر شاهده بيگم ۽ ايني ميري شمل.

مون پنهنجي هن تحرير ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه به نه لکيو آهي. مبادا قارئين ڪرام ائين سمجهن ته ڊاڪٽر رياض الدين پنهنجي جد امجد سان بيشمار خوبيون ۽ لياقتون شامل ڪري وڌاءُ جو مظاهرو ڪيو آهي ان لاءِ سنڌ جي اٽڪل قدآور اهل قلم ۽ اهل علم حضرت جي مضامين مان چونڊ ٽڪرا پيش ڪيا اٿم. اهي سموريون لکڻيون ان ڳالهه جون شاهد آهن ته هن تحرير ۾ جو ڪجهه به لکيل آهي اهو سمورو احوال انهن اهل قلم جي تحرين ۾ موجود آهي. حضرت بلبل ايترين خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ آهي جنهن جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته بلبل پنهنجي وقت جو تمام وڏو ماڻهو هو.

مضامين جيئن ته سڀ وڏا آهن انڪري ضروري تلميع ۽ تلخيص ڪئي وئي آهي، جيڪي مضامين اردو زبان ۾ لکيل آهن انهن جو ترجمو ڏنو ويو آهي.

سردار محمد يعقوب خان وزيراعظم خيرپور رياست هڪ خط ۾ بلبل کي لکڻ فرمائي ٿو “هرگز هرگز اسان جو اهو ارادو نه آهي ته فقط ظاهري لباس ۾ اوهان جي تعريف ڪجي مگر سچ پچ ته اوهان جي اخبار جا مضمون اهڙي سنجيدگي ۽ ڪلام جي خوبصورتي مان سينگاريل هوندا آهن جنهن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، وڏي خوشيءَ سان هيءَ ڳالهه قبول ٿا ڪريون ته سنڌي زبان بيشڪ وڻندڙ نموني ۾ لکي سگهجي ٿي جنهن جي ثابتي خود اوهان جون تحريرون آهن هيءَ رڳو ڪا منهنجي راءِ نه آهي بلڪه منهنجو ڀاءُ محمد يوسف مون کان به وڌيڪ اوهان جي مضمون نويسي جو قائل ٿو ڏسجي، بلڪه ثنا خوان آهي. (بلبل سنڌ ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل).

جناب حامد علي خان بلبل جو گهاٽو دوست ۽ مداح، لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر پنهنجي هڪ خط مورخه 31 مارچ 1911ع ۾ بلبل کي لکي ٿو “سچ پچ ته اها خدا جي وڏي بخشش چئبي جو سنڌ جهڙي ريگستان ۾ اوهان جهڙا ٻيا به هڪ ٻه بلبل جيڪڏهن هو ڏياري موڪلي ته هوند هي ويرانو رشڪ عدن بڻجي پوي.” (بلبلِ سنڌ ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل).

پنهنجي دؤر جو ممتاز علم دين، اسڪالر ۽ خطيب مخدوم محمد انور صديقي پاٽائي بلبل جو پيارو دوست، پنهنجي هڪ تحرير ۾ جيڪا آفتاب سنڌ جي پرچي تاريخ 25 اپريل 1908ع ۾ شايع ٿي هئي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو “جيئن ناليري فيلسوف جانسن، سڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن، پنهنجن ناولن ۾ فلسفه ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم جيڪا فيشن جي دلداه ٿي چڪي هئي. انهن ۾ هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو تيئن بلبل جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو سو قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرون، تحريرون ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي انهن جي مزاج موجب نه لکندا تيستائين سندن تصنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون، مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهين ٿو ته اهو بلبل ئي آهي .” (بلبل سنڌ ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل). 

جناب ڊاڪٽر خان محمد پنهور، پنهنجي تحقيقي مقالي “الوحيد جو سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم و ادب ۾ حصو” ۾ هن طرح اظهار ڪرڻ فرمايو آهي. ان وقت انگريزن خلاف نفرت عروج تي هئي. مسلمان انگريزي تعليم پرائڻ کي ڪفر سمجهندا هئا. ان زماني ۾ حسن علي افندي انهن رجعت پسندن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي سنڌ مدرسه پريس مان هڪ هفتيوار اخبار معاون مجمع جي نالي سان جاري ڪئي، جيڪا سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي پاليسي مطابق هئي ۽ اها اخبار جهڙوڪر ان تنظيم جي ترجمان طور ڪم ڪندي هئي جنهن جو مقصد مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ ۽ جديد علم حاصل ڪرڻ لاءِ منجهن جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ هو ۽ کين انگريزي پڙهڻ ۽ ان لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ پوءِ انگريزن ۽ هندن سان مقابلو ڪرڻ جون ترغيبون ڏنيون وينديون هيون.

معاون اخبار جو ايڊيٽر مدرسي ۾ فقھ جو عالم ۽ استاد مولوي محمد عثمان نورنگ زاده هو. جنهن جي جاءِ تي پوءِ مولوي الله بخش اٻوجهو ۽ پوءِ شمس العلماء شمس الدين بلبل مقرر ٿيا جيڪي پنهنجي وقت جا مشهور استاد ۽ ليکڪ هئا، انهن هن اخبار کي تعليم، ادب ۽ معلومات جو واهڻ بنايو.”

جناب حڪيم فتح محمد ‘صغير’ سيوهاڻي پنهنجي خود نوشھ سوانح حيات ۾ هن طرح رقم طراز آهي.”اهو محترم شخص سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهلِ قلم رئيس شمس الدين بلبل هو جنهن جي شعر جو شهر و سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو.” (ماهنامه نئين زندگي ماهه نومبر 1961ع.)

جناب حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي جو مقالو “بلبل مرحوم سنڌي مفڪر جي حيثيت ۾ “جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان تاريخ 15 اپريل 1951ع تي پڙهيو ويو هو ۽ ماهنامه نئين زندگي جي پرچي ماهه آڪٽوبر 1965ع ۾ پڻ شايع ٿيو آهي ان ۾ خادم صاحب فرمائي ٿو “بلبل سڀني کان پهريائين موجوده سليس نثر نويسي جو رنگ اختيار ڪيو جيڪو خاص طرح اخباري دنيا لاءِ بالڪل ڪارائتو ثابت ٿيو. بلبل مرحوم کان اڳ سنڌي نثر نويسي جو نمونو فارسي جي تتبع تي مقفى ۽ مسح عبارت وارو رائج هو. اهو نمونو صرف فارسي زبان ۾ ڪامل دستگاهه رکڻ وارا لکي سگهندا هئا باقي ‘نئو آموز يا يا ٿورو پڙهيل ٻه سٽون به لکي ڪونه ٿي سگهيا، ملڪ کي بلبل جو اهو عظيم الشان احسان ڪڏهن به نه وسرندو.” (بلبل- سنڌ ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل).

هن ئي مقالي ۾ خادم صاحب وڌيڪ فرمائي ٿو “شاعرن جو سرتاج، صوفين جو صوفي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمة ۽ شيڪسپيئر هن قسم جي مفڪرن جا مثال آهن. اهڙي طرح بلبل مرحوم به هن معيار جي مفڪرن مان هو. سندس نشان ۽ امتياز هي آهي ته هن جي فن جو اثر ان وقت جي سوسائٽي تي نهايت عمدو پيو ۽ عوام جي اخلاق جي اصلاح ۾ نهايت ڪامياب ٿيو. انهيءَ ڪري هن پاڻ کي ملڪ جو مفڪر ۽ شاعر ثابت ڪيو ۽ قوم ۾ نهايت خوشگوار انقلاب آڻڻ جو باعث بڻيو.”

هن ئي مقالي جو هڪ ٻيو پيراگراف قارئين جي ڄاڻ لاءِ پيش ڪجي ٿو! 

“ايني بسنت جڏهن هندستانين کي مذهبي رنگ ۾ ڀنڀلائي انگريز حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌي طرح وڌيڪ مضبوط جڪـڙڻ جو جتن ڪيو ۽ هوم رول جي تحريڪ ڍونگ ڪري جاري ڪئي تڏهن بلبل مرحوم ان چال جي اصليت کي پروڙي ويو ۽ ان جي خلاف زوردار تحرڪ هلائي ۽ قلم کنيون جيئن مسلمان هن جي پيچ ۽ دولاب ۾ نه اچن. ان تحريڪ جي بر عڪس هن مسلمانن لاءِ جدا قوميت جي صدا بلند ڪئي. پنهنجي ڪتاب جام-جم جي صفحي 56 تي لکي ٿو”خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو رحم ڪري، اسان جو اهو مطلب نه آهي ته مسلمان اصل پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن ماٺ ڪري سمهي پون، نه بيشڪ هو واسطو رکن ۽ شد مد سان حصو وٺن مگر جداگانه پنهنجا قومي مذهبي ملڪي حق گهرن، محڪوم قوم جي غلامي کان آزاديءَ جا پهه پڇائين. اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن.

حضرات! پاڪستان لاءِ گويا هي پهرئين صدا هئي جا سرزمين سنڌ تان بلند ٿي ۽ ان وقت فضا ۾ گونجي جنهن وقت مسلم ليڊر هندن جي شموليت سان رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشان هوندا هئا.”

حضرت بلبل جي سڌي سنئين ۽ واضح گهر ته مسلمانن کي الڳ مسلم رياست گهرجي ڪن اهل قلم حضرات حڪومت وقت جي ڊپ کان گول مول الفاظن ۾ بيان ڪيو آهي. هيءَ حقيقت آهي ته برصغير ۾ پهريون شخص بلبل ئي هو جنهن لکت ۾ سن 1918ع ۾ مسلمانن لاءِ الڳ رياست جي گهر ڪئي آهي جنهن لاءِ وزنائتا دليل پڻ ڏنا اٿس. بلبل جي سياسي بصيرت ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي قوت جو فيصلو قارائين ڪرام خود ڪن.

جناب محمد بخش واصف حيدرآءِ اي جو چوڻ آهي ته “مرحوم بلبل کي قسام ازل کان ڪيتريون خوبيون قسمت ۾ آيون هيون جيئن شعر و شاعري جي فصاحت و بلاغت نثر نويسي جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت ۽ فن صحافت جي قابل قدر لياقت ۽ قابليت، انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم بلبل پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس ڪلام جي رواني موج دريا جي نشاني آهي، چوندي چوندي بحر پليٽو وجهي، نظم جي عزم کي ڇڏي سندس نثر نويسي کي وٺبو ته اتي به حيرت ئي حيرت آهي. نثر جي نفاست توڙي ان جي نزاڪت لاجواب آهي، جنهن جي حد نه ڪو حساب آهي. ظرافت جي لياقت بلبل جي فطرت ۾ بلڪل ڪثرت سان ٿي ڏسجي. فقري فقري ۾ اهڙو رنگ رچايو اٿس ۽ جملي ۾ انهيءَ ڍنگ جو سچ مچايو اٿس.” (ديباچه- بلبل سنڌ- 1951ع).

 جناب ڊاڪٽر غلام علي جي الانا پنهنجي هڪ تحرير “سنڌ جو جاني رئيس شمس الدين بلبل ۾ لکڻ فرمائي ٿو ته “سنڌي ادب جا جيڪي وڏا قدآور ۽ ڳاڻ ڳڻيا نالي وارا دانشور ٿي گذريا آهن، مرحوم رئيس شمس الدين بلبل انهن مان هڪ هو. هو صاحب ان زماني ۾ سنڌي صحافت جو يگانو ماهر ۽ قابل ڪالم نگار هو. بلبل مرحوم هڪ طرف قابل مزاحيه نگار ۽ تنقيدي شاعر هو ته ٻئي طرف هڪ بينظير نثر نويس. ڪامياب صحافي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو باني، مزاحيه ۽ تنقيدي ڪالم نگار به ٿي گذريو آهي. ظرافت جيئن ته سندس طبيعت ۾ شامل هئي انهيءَ ڪري سندس نثر نويسي ۽ ظريفانه شاعري ۾ هن ڏاهپ کي ڪم آڻي ان زماني ۾ سنڌ ۾ گهڻو داد حاصل ڪيائين. معاون اخبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾ سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون ۽ تنقيدي توڙي مزاحيه ڪالم ان زماني ۾ سنڌ ۾ وڏي چاهه سان پڙهيا ويندا هئا. سندس طرز تحرير ان زماني ۾ مثالي سمجهي ويندي هئي. حقيقت ۾ سنڌ اندر نثر ۾ ظرافت جو هو موجد هو ۽ سندس انداز بيان به مثالي هو. سنڌي نثر نويسي جي عبارت ۾ هن بزرگ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي ان وقت جا عالم، اديب ۽ شاعر کيس سنڌ جو حالي سڏيندا هئا.”

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحرير جيڪا سماهي مهراڻ رسالي نمبر-1 سال 2010ع ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ ڊاڪٽر صاحب لکڻ فرمائي ٿو “شمس الدين بلبل پنهنجي دؤر جو وڏو اديب، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن، بيباڪ صحافي، فارسي ۽ سنڌي جو قادر الڪلام شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص بلبل هو. ميهڙ شهر جي هڪ معزز زميندار گهراڻي مان هو رئيس شمس الدين بلبل جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ان ساڳي نسبت سان سندس فرزند “رئيس ضياءُ الدين ضيا بلبل” به مشهور ٿيو.

رئيس شمس الدين بلبل هڪ سنڌ دوست سياسي اڳواڻ هو. وقف علي الاولاد ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايائين جنهن مان بلبل جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي. بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو. سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳواڻ هو. سنڌ جي بدلجندڙ سماج تي تنقيد ڪيائين ۽ پنهنجي ظرافت ۽ خوش طبعي سان وقت جي نَوَنِ انگريزي پڙهيل فيشنئبل نوجوانن جو پنهنجي ڪلچر کان بيگانگي ڏانهن ڌيان ڇڪايائين.”

جناب ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، ديوان بلبل ڇاپو 1987ع ۾ ناشر جي حيثيت سان پنهنجا “ٻه اکر” لکندي انهن ۾ فرمائي ٿو: “عروضي شاعري ۾ مزاحيه طرز نگاري جو باني مرحوم رئيس شمس الدين بلبل ئي هو. محمد هاشم مخلص، نور محمد نورل نظاماڻي ۽ ٻيا بلبل جي اسٽائيل کان متاثر ٿيا. ڪلام بلبل ڇاپو 1987ع ۾ پڻ ڊاڪٽر اسد الله شاهه صاحب ناشر طور “ٻه اکر” هن طرح لکڻ فرمايا آهن.”بلبل جي نعتيه ڪلام کان سواءِ اهو ڪلام به آندو ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي مخصوص مزاحيه ۽ طنزيه انداز ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ پيدا ٿيل عيبن جي نشاندهي ڪئي آهي. سندس ظرافت ۽ شوخي جو مقصد فقط تفريح طبع يا اڄائي باده گوئي ڪانهي بلڪه قوم جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي کي بهترين روشن هلائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. بلبل پنهنجي فن جو امام آهي ۽ سندس پامِ جو انهيءَ مخصوص فن ۾ اڃا ڪو شاعر پيدا ڪونه ٿيو آهي.”

جناب ڊاڪٽر وفا راشدي صاحب اردو ڳالهائيندڙ نارٿ ناظم آباد ڪراچي جو رهاڪو. اردو ۽ بنگالي زبانن ۾ لکندڙ عظيم مصنف هو. بابائي اردو مولوي عبدالحق جي لائبريري سان وابسته هجڻ سان گڏوگڏ شايد ڊگري ڪاليج ڪراچي ۾ به پروفيسر طور سندس تقرر ٿيل هو. وڏن وڏن ليکڪن، عالمن ۽ دانشورن جهڙوڪ شان الحق حقي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري، بابائي اردو مولوي عبدالحق، ڊاڪٽر سيد عبدالله، ڊاڪٽر عندليب شاداني، ماهر القادري، پروفيسر فروغ احمد، پروفيسر سيد نقوي احمد، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، مخدوم امير احمد، ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، مولانا غلام مصطفى قاسمي وغيره وغيره. سان سندس تعلقات رهيا ۽ سنڌ جي سڀني اهم ڪتب خانن مان استفادو ڪيو. سندس تصنيفات ۾ چند ڪتابن جا نالا هي آهن:

1.بنگال ۾ اردو، 2. حيات وحشت، 3. پيام نو ، 4. سنهرا ديس، 5. خالد ايڪ نيا آهنگ، 6. آهنگِ ظفر، 7. اردو ڪي ترقي ۾ اوليائي سنڌ ڪا حصه ۽ 8 مهراڻ نقش وغيره.

ڊاڪٽر وفا راشدي صاحب شمس الدين بلبل جي عنوان هيٺ پنهنجي ڪتاب مهراڻ نقش ۾ جو ڪجهه لکيو آهي ان جي تلخيص ۽ ترجمه پيش خدمت آهي. راشدي صاحب لکڻ فرمائي ٿو “ سنڌ جو قومي شاعر، ملڪ الشعراء سنڌ شمس الدين بلبل سنڌ جو نامور عالم، مفڪر، شاعر، اديب، صحافي ۽ مزاحيه نگار هو. اها حقيقت آهي ته سنڌ جي قومي شاعر جي حيثيت سان شمس الدين بلبل جون خدمتون فراموش ڪري نه ٿيون سگهجن. رشيد احمد لاشاري جي لکڻي موجب باب الاسلام سنڌ ۾ سڀ کان پهريائين جنهن شاعر صحيح معنى ۾ قومي شاعري ڪئي ۽ ان سان گڏ پاڪستان جو تصور پيش ڪيو اهو بلبل سنڌ شمس الدين بلبل ئي هو.

شمس الدين بلبل عالم دين، مفڪر اسلام ۽ عوامي شاعر هو. سندس تحرير ۽ تقرير مسلم قوم ۽ پوري انسانيت جي اصلاح، ترقي ۽ بهبود لاءِ وقف ٿيل هئي هو دنيا دار به هو ته ديندار به هو. تصوف سان کيس فطري لڳاءُ هو. سندس صوفيانه مزاج ۽ دوريشانه زندگي سندس عظمت جا مظهر آهن.

الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ جي دين جي فروغ ۽ مسلمانن کي صوم و صلواة جي طرف راغب ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسجد جي امامت به ڪئي. خطبات ۽ درس قرآن جو سلسلو جاري رکيو، قرآن جي تفسير لکي، سيرت، فقھ ۽ حديث متعلق سلسليوار مضمون به لکيا، سندس صرف اهو ڪمال نه هو نه هن صرف مزاح نگاري ۾ منفرد مقام حاصل ڪيو بلڪه تصوف ۽ معرفت جي فلسفي کي به پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪري هڪ صوفي شاعر جو مرتبو به حاصل ڪيو. سندس ڪلام جو وڏو حصو وحدت وجودي ۽ شهودي جي ارشادات ۽ اصطلاحات تي مبني آهي. گنجينهءِ معرفت ۽ مدح سرور سندس اهڙا ٻه ڪتاب آهن جن ۾ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ نعتيه ڪلام جو مطالعو ڪرڻ بعد بلبل جي فلسفه، تصوف، اسلامي ۽ ديني عقائد وضاحت ۽ صراحت سان اسان جي سامهون اچن ٿا.

شمس الدين بلبل عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو زبانن جو ڄاڻو هو. عربي کان سواءِ باقي زبانن ۾ نثر ۽ نظم وڏي رواني ۽ برجستگي ۽ شگفتگي سان لکندو هو. تصوف، تفسير، حديث، فقھ، سيرت، مناظره، فلسفه، شعر و عروض، لغت معاني، سياست ۽ تاريخ متعلق سندس تصنيفات ۽ تاليفات موجود آهن. انهن ڪتابن ۾ نظم گهٽ ۽ نثر زياده آهي.” (مهراڻ نقش مڪتب اشاعت اردو ڪراچي-1986ع)

محترم ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي تحرير “سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ” ۾ لکڻ فرمائي ٿو : “سنڌي نثر نويسي ۾ جنهن اديب انقلاب آندو سو مرحوم شمس الدين بلبل هو. هو صاحب مرزا قليچ بيگ جو همعصر هو. هن سنڌي ادب تي ۽ خاص طرح سنڌي شعر تي چڱيون تنقيدون لکيون. سال 1892ع کان وٺي قليچ بيگ ۽ بلبل سنڌ جا درخشان ستارا رهيا، جن جي ڪوشش سنڌي ادب کي خوب چمڪايو، هنن جون تحريرون سنڌي ادب ۾ تنقيد جي بنيادي پٿر جي حيثيت رکن ٿيون.

شمس الدين بلبل کي ظريفانه طرز جيان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل آهي جيڪو هن صحافت ذريعي حاصل ڪيو. اخبار آفتاب سنڌ جو ڳچ وقت ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ پنهنجون ذاتي اخبارون پڻ ڪڍيائين، بلبل جو سڄو زور معاشري جي سڌاري آڻڻ ۾ لڳل هوندو هو، نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون عام ٿي ويون هيون انهن جي بيخ ڪني لاءِ هن جو قلم تلوار وانگر و هندو هو ليڪن سندس طنز و مزاح خالص تعميري آهي. هن جا مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا. سندس نظم موزون، شائسته ۽ بليغ آهي.”

جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي تصنيف “سنڌي ادب جي تاريخ” ڇپايل سنڌي لئنگويج اٿارٽي ڄامشورو ۾ لکڻ فرمائي ٿو: “سنڌ جو بهترين صحافي، اديب ۽ طنز و مزاح ۾ نالو پيدا ڪندڙ بلبل ميهڙ ۾ ڄائو. اتي ئي مڪتبن ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين. 1989ع ۾ ڪراچي ويو. اتي حسن علي افندي جي ساٿ ۾ رهيو. سنڌ مدرسي جي رسالي “جامع العلوم” جي ادارت شروع ڪيائين. اڳ ان جي ادارت محمد عثمان نورنگ زادي وٽ هئي. ان کان پوءِ ڪراچي گزيٽ، خير خواهه، مسافر ۽ آفتاب جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس قلم جون جو لانيون به جاري رهيون. نثر توڙي نظم ۾ بگڙيل معاملن تي نڪته چيني ڪيائين. سنجيده نثر و نظم کانسواءِ طنز ۽ مزاح ۾ به ناليرو ٿيو ۽ پنهنجي دؤر ۾ هڪ وڏي هستي ليکيو ويو. مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ محمد هاشم مخلص به ان زماني ۾ طنز مزاح لکندا هئا پر بلبل پاڻ مڃائي ورتو. پنهنجي بي باڪانه رويي ۽ تکي تحرير ڪري مٿس مقدما داخل ٿيا جن ۾ سرخرو ٿيو ۽ کيس آنريري مئجسٽريٽ جو منصب به مليو. بلبل جو خاص ڪردار سماج جو سڌارو ۽ مسلمانن جي ترقي رهيو. سندس ڪلام ۽ نثري ڪاوشون انهيءَ فرض خاطر هيون.”

جناب ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ صاحب پنهنجي تحرير “ بلبل مرحوم جو اصلاحي ڪردار” ماهنامه نئين زندگي ماهه آڪٽوبر 1965ع ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ فرمائي ٿو : “شاعرن جا گهڻا ئي قسم هوندا آهن، ڪي تعميري ته ڪي تخريبي، ڪي اصلاحي ۽ ڪي عاشق مزاج، ڪي طنزيه ته ڪي گنڀير، ڪي نج ميٿڊ (يعني في البديهه) ته وري ڪي چٽ ميٿڊ (يعني جڙتو) ڪي عوامي ته ڪي وري علاقائي شاعر هوندا آهن. انهن سڀني ۾ عوامي ۽ تعميري يا اصلاحي شاعر جو درجو سڀ کان اعليٰ ۽ بلند رهيو آهي ميان شمس الدين بلبل جي تصنيفن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو طنزيه ۽ اصلاحي شاعر هو.”

جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي “سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس” ۾ رقم طراز آهي ته “پرمانند ميوارام وانگر ٻيا صحافي به بهترين مضمون نويس ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم مخلص، مولانا نور محمد نظاماڻي ۽ مولانا دين محمد وفائي. بلبل مرحوم طنز و مزاح جي ذريعي پنهنجي مضمونن ۾ هڪ انفرادي اسلوب اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڪشش به آهي ته اتر به آهي، سندس سڄو زور معاشري جي اصلاح تي آهي. نئين تهذيب جي منهن ڪڍڻ ڪري معاشري ۾ جيڪا بي راهه روي ۽ غير صحتمندي آئي، ان تي ڀرپور طنز ڪئي اٿس. سندس مضامين، انفرادي اسلوب بيان ۽ طنز ۽ مزاح جي مخصوص رنگ جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جڳهه ولارين ٿا.

پهرئين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ عوام ۾ نوان رنگ، امنگ ۽ ولولا اڀريا اهڙي سياسي شعور عوام کي جمهوريت ۽ سياسي آزادي جي اهميت ذهن نشين ڪرائي انهي ڪري 1913ع ڌاري سنڌ ۽ هند ۾ آزادي جي هلچل زور وٺي وئي. سنڌي ليکڪ به آزاديءَ جي تحريڪ کان متاثر ٿيا ۽ سماج جي اصلاح سان گڏ سياسي مقصد به آڏو رکي لکڻ شروع ڪيائون . ان سلسلي جي ليکڪن ۾ شمس الدين بلبل جو نالو مڙني کان مٿاهون آهي جنهن پنهنجي تحرير طنز و مزاح جو رنگ پيدا ڪري سنڌي نثر ۾ انفراديت پيدا ڪئي.

ان اوائلي دؤر جي بلند پايه شاعر، اديب ۽ باعمل صحافي رئيس شمس الدين بلبل ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، هن نظم ۽ نثر جي ذريعي مسلمانن کي سمجهايو ته هو انگريزي تعليم حاصل ڪري سرڪاري عهدن تي فائز ٿين.

پڙهو انگريزي وٺو اوج اعليٰ

وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو

نه تو ڪاپرائي فضيلت لسان

سکين ڪينڪي انگريزي زبان

هن ذهن نشين ڪرايو ته مسلمان ديني تعليم کي ته ڇڏي ڏنو آهي پر انگريزي تعليم کان پري رهي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيون آهي. هو اسان کي سمجهائي ٿو ته جديد تعليم پرائي، انگريزي قاعدا ۽ قانون سکي وڪيل ۽ جج ٿيون ته جيئن پنهنجي زندگي به بهتر بنائي سگهون ۽ قوم کي به مشڪل ۾ ڪم اچي سگهون.

وڃائي تو ڇڏيا پنهنجا ٻئي جهان- ڏنا ڪين ڪي انڌا تو امتحان

روينيو جڊيشل وڪالت وغيره- ڪهاڙي سان پنهنجو وڍيئي پاڻ پير

نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيار ڪار- ٿئين همعصرن ۾ ذليل و خوار

جي بي اي ٿي تون کان بعيد قياس- ته مئٽرڪيوليشن به ڪيڙئي نه پاس

اهڙي طرح ڪيترن ئي نظمن ۾ ذهن نشين ڪرايائين ته جيڪڏهن سنڌي مسلمان چاهين ٿا ته هو دنيوي عزت ۽ وقار حاصل ڪن ته کين جڳائي ته انگريزي تعليم پرائين.

جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان- ته سک علم تون انگريزي زبان

جي عزت جهان جي رکو ٽئڊٽش-پڙهو انگلش انگلش انگلش

هو ٻڌائي ٿو ته وقت جي تقاضا اها آهي ته انگريزي تعليم پرائي دنيا ۾ عزت ۽ مان واري زندگي گذارجي.

وقت نازڪ ٿيو وڏو، خوب خبردار ٿي هل

هاڻي سکي ايم لکي ايل پوءِ هوشيار ٿي هل

هن زماني ۾ ٿيو زور، جنهين علم جو اڄ

وٺ اها واٽ، اڳين بات کان بيزار ٿي هل

اڄ پڇي ڪونه سوا پاس مڊل ۽ پيسي

جي اهي ٻئي نه ٿيا موجود ته مردار ٿي هل.

انگريزن جي خلاف جيڪي آزادي جون تحريڪون هليون انهن بابت به سنڌي شعر ملي ٿو، اهڙي طرح ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مسلمانن کي بيدار ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ نظم لکيا، نه فقط ايترو پر هنن سنڌي زبان ۽ ادب، سنڌي جي تاريخ ۽ ثقافت کي به پنهنجي نظمن ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن سنڌي زبان ۽ ادب جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون، سنڌ جي شاندار تهذيب جي ترجماني ڪئي، سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت لاءِ پيار ۽ محبت جو جذبو جاڳايو ۽ اخلاق ۽ عمل جو پيغام پهچايو. هنن ذهن نشين ڪرايو ته اخلاقي اقتدار سان ئي اسان جي ديني خواهه دنيوي زندگي بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ اسان جي شاندار تهذيب برقرار رهي سگهي ٿي. هنن اسان کي خبردار ڪيو ته پنهنجي تهذيب وساري مغربي تهذيب اختيار ڪرڻ ۾ اسان جو سراسر نقصان آهي. هنن اسان کي سمجهايو ته پنهنجي رهڻي ڪهڻي وساري انگريزن جي هلت چلت کي جنبڙي نه پئون. اهڙن شاعرن مان وري به نمايان نالو رئيس شمس الدين بلبل جو ئي آهي. هن طنز و مزاح ذريعي مغربي تهذيب جون خاميون ۽ خرابيون ذهن نشين ڪرايون. جناب مشتاق احمد پٺاڻ صاحب سنڌي جا ٽي عالم ۽ اديب، 1. خانبهادر حسن علي افندي، 2. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، 3. رئيس شمس الدين بلبل جي عنوان هيٺ 15 صدي هجري نمبر- نئين زندگي ماهه آگسٽ-سيپٽمبر 1990ع رئيس شمس الدين بلبل متعلق لکڻ فرمائي ٿو. 1857ع جو ناڪام انقلاب جتي پنهنجي دامن ۾ ڪئين ڀيانڪ ۽ خونخوار تصويرون کڻي ظاهر ٿيو، اتي ساڳي سال سنڌ جي مردم خير زمين هڪ اهڙي مانجهي مرد کي به جنم ڏنو، جنهن هڪ انقلابي صحافيءَ جي روپ ۾ پنهنجي قومي ڪمزورين جي نه فقط نشاندهي ڪئي پر پنهنجي دشمنن سان به سٺي ويڙهه کاڌي. سندس قلم ڄڻ ته ويرين لاءِ ڪو خمدار خنجر هو يا اها تکي تلوار، جنهن جي ڪاٽ چئني پاسين پئي ٿيندي آهي. ساڳي وقت هو سنڌي صحافت جو مهندار ۽ طنز و مزاح جي شاعري جو باني پڻ هو. بلبل جي ڪلام پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته خدائي ڏات تي مبني آهي.”

جناب احمد خان سيال مشهور صحافي، اديب ۽ تعليمي ماهر جو به حضرت بلبل جي ڪلام متعلق اهڙو ئي رايو آهي. فرمائي ٿو “اتفاق راءِ سان ائين مڃجي ته سندس علمي ۽ شاعرانه استعداد قدرت جي هڪ عطا ۽ ملڪو هو.” (احمد خان ايم سيال-”مرحوم شمس الدين بلبل سنڌ جو حالي” ماهنامه نئين زندگي آگسٽ 1953ع.

جناب بشير احمد ميمڻ صاحب سنڌ جو مشهور صحافي، روزانه عبرت اخبار مورخه 15 سيپٽمبر 1982ع ۾ پنهنجي ڪالم اڄوڪو ڏينهن ۾ مرحوم شمس الدين بلبل متعلق هن طرح لکڻ فرمائي ٿو “رئيس شمس الدين بلبل، سنڌ جي ادبي چمنستان جو بلبل هزار داستان هو. ڪيترن ڪتابن کي وڏي جاکوڙ سان گڏ ڪري پنهنجو هڪ عمدو ڪتب خانو ٺاهي ڇڏيائين جنهن ۾ عربي، فارسي، اردوءَ سنڌي جا ڪيترائي قيمتي ۽ اڻ لڀ ڪتاب موجود هوندا هئا. بلبل پنهنجي زوردار قلم سان ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون لکيا جيڪي سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آهن.

جناب محمد اسحاق شيخ صاحب سنڌ جو ممتاز صحافي ۽ اديب پنهنجي هڪ تحرير جيڪا “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ روزنامه اخبار مهراڻ حيدرآباد ۾ تاريخ 13 سيپٽمبر 1988ع واري پرچي ۾ شايع ٿي آهي. ان ۾ شيخ صاحب هن طرح رقم طراز آهي.”سنڌي صحافت جو باني، سنڌي ٻوليءَ جو محسن، رئيس شمس الدين بلبل هڪ عظيم مفڪر، محب وطن ۽ در انديش مبلغ کانسواءِ هڪ صاحبِ طرز اهل قلم به هو. شعر و سخن ۾ اعليٰ قسم جي طنز و مزاح نگاري، ظرافت، نفيس بذلهءِ سنجعي ۽ تقريضي اسلوب بيان جنهن جو مقصد قومي ۽ ملي اصلاح هجي سندس طره امتياز هيو. قلم جي زور سان گڏ زور بيان يعنيٰ تقرير ۾ يگانو هو. قومي همدرديءَ سان گڏوگڏ جرئت رندان ۽ جذبهء ايمان به رکندو هو. دانش ۽ بصيرت سان گڏوگڏ سياست ۽ صحافت جو به شهسوار رهيو. دنيا جي معاملات سان گڏوگڏ ديني حڪمن جي بجا آوري ۾ به مستعد ۽ پيش پيش رهيو. وسيع مطالعي سان گڏوگڏ وسيع مشاهدي جو به مالڪ هيو. پر وقار ۽ پرڪشش صورت ۽ جاذب نظر شخصيت سان گڏ پاڪيزه سيرت بلبل مرحوم جي نمايان خاصيت هئي، جيڪا قدرت کيس نهايت فياضي سان عطا ڪئي هئي. هو هر محفل جو مور هوندو هو.

دوست احباب هر وقت کيس ڏسڻ لاءِ مشتاق ۽ ٻڌڻ لاءِ بيتاب نظر ايندا هئا. سنڌ جي اهل قلم مفڪرن ان کي سنڌ جو سعدي، حالي ۽ اڪبر الهه آبادي ڪوٺيو آهي.”

جناب سيد پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي هڪ تحرير ۾ حضرت بلبل متعلق، “هو ڏوٿي هو ڏينهن” جي جي صفحي نمبر 142-143 تي لکڻ فرمائي ٿو “طنز ۽ مزاح ۾، نثر خواه نظم لکندڙ اسان وٽ ٻيا به ان وقت چوٽيءَ جا ماڻهو هئا پر سڀني ۾ وڏو غالباً ميهڙ وارو رئيس شمس الدين بلبل هو جنهن جو “نيچرل ڪريما” ۽ ٻيا طنزيه اشعار مشهور آهن، انگريزي تمدن تي جيڪي ٽهولون هن ڪيون سي ٻئي ڪنهن نه ڪيون.

شمس الدين، مخلص ۽ مولوي نظاماڻي هجو نويسي جا سنڌ ۾ موجود بنيادي پٿر هئا. اخبار اندر مزاح نويسيءَ جي ابتدا انهن ئي ڪئي. مطلب ته نظم خواه نثر ۾ هنن جي طفيل سنڌي ادب جي اها صنف آسمان تي پهتي. مخلص ۽ نظاماڻي جي لکت ۾ ڪڏهن ڪڏهن تلخي به اچي ويندي هئي. ليڪن بلبل مرحوم جي نظم ۾ نج طنز ۽ مزاح ٿيندو هو. هن جي قلم ڪنهن جي دل نه ڏکائي، شخصيتن جي چڱائي ۽ مٺائي کي در گذر ڪري هن عام قومي مسئلن ڏانهن توجهه ڪيو هو.”

جناب احمد خان آصف مصراڻي صاحب پنهنجي هڪ تحرير “ميهڙ سب ڊويزن جو مختصر علمي ۽ ادبي جائزو” مرحوم شمس الدين بلبل- سڄڻ ۽ ساڻيهه- سوينئر-سوشل ۽ ڪلچرل سوسائٽي ميهڙ طرفان شايع ٿيل مان اپريل 1925ع ۾ لکڻ فرمائي ٿو “هي دين جو شمس، قوم وطن ۽ علم و ادب جو خورشيد بلبل هزار داستان جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ آيل آهي (بلبل سنڌ از ڊاڪٽر خليل مرحوم)، نئين زندگي (مولانا گرامي) ۽ ٻين رسالن ۾ کيس سنڌ جو سر سيد احمد خان، سنڌ جو حالي ۽ سنڌ جو اڪبر الهه آبادي ڪوٺيو آهي. سندس نثر خواه نظم طنز مزاح جي چاشني سان قوم لاءِ اصلاح جو ڪارڻ بڻيا. “جام-جم” جيڪو 1918ع ۾ ڇپيو ان ۾ پاڪستان جو نظريو پيش ڪري چڪو هو.

“بلبل سنڌ جي ظريفانه شاعريءَ جو علمبردار، اعليٰ درجي جو نثر نگار، مفڪر، سياستدان، قومي خدمتگار ۽ مشهور زميندار ۽ معاون ۽ آفتاب اخبار جو ايڊيٽر به هو. ٻنهي اخبارن جي وسيلي سنڌ جي مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ، عيسائين کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ رشوت ۽ لاپي کي بند ڪرائڻ لاءِ خوب لکيائين.” (ماهه نامو نئين زندگي نومبر 1966ع).

جناب احمد خان آصف مصراڻي پنهنجي ٻئي تحرير “تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جا ڀاڱي ڀائيواري” ۾ لکي ٿو “سنڌ ۾ مرحوم شمس الدين بلبل جو هڪ وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو ان ۾ به مسلمانن لاءِ جداگانه رياست جو آواز پنهنجي ڪتاب جام-جم جي ذريعي اٿاريو هو. (سماهي، مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر 1985ع)

جناب غلام محمد گرامي”جام-جم” ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ- جي مقدمي ۾ لکي ٿو! “جام-جم” جي ان تاريخي تحرير جي افاديت ۽ اهميت جي پيش نظر، ڪيترن سنڌي محققن، ان تحرير کي پاڪستان جي تشڪيل ۽ تعمير جي تاريخ ۾ اوليت جو شرف بخشيو آهي.

اها حقيقت بيشڪ درست آهي. ‘بلبل’ صاف طرح بيان ڪيو آهي. گرامي صاحب هن وڌيڪ وضاحت لاءِ مرحوم “خادم” جو حوالو ڏيندي ان جي تحرير دهرائيندي فرمائي ٿو “جام-جم” جو لکندڙ “بلبل” پهريون شخص هو جنن پاڪستان جو عملي طرح پهريون قدم کنيو، پاڪستان لاءِ هي گويا پهرئين صدا هئي. ان وقت جا ليڊر رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن بلبل جداگانه قوميت جو آواز بلند ڪيو.”

جناب حاجي خان بلوچ ميهڙائي پنهنجي هڪ معرڪن الآرا مضمون ۾ لکڻ فرمائي ٿو “سر زمين سنڌ ۾ علامه اقبال وانگر پهريون دفعو شاعريءَ ۾ سياست ۽ قوميت جا رنگ بلبل ڀريا.”

جناب محمد عرس “مسرور” ٻرڙو صاحب جي مقالي مان چند اقتباسات پيش ڪجن ٿا. هي مقالو جناب محمد عرس صاحب حضرت بلبل جي دوسيءَ جي موقعي تاريخ 11 اپريل 1964ع تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ سڏايل مشاعره ۾ پڙهيو هو.

حضرت مرحوم و مغفور رئيس شمس الدين بلبل قدس الله سره جي آخري آرامگاهه مرقد مبارڪ تي عقيدت ۽ محبت جي گلن جي ورکا ڪندي، سندس علم وا دب جي عميق موجزن سمندر مان چند قطرات اڄوڪي عظيم اليشان بزم ۾ عرض آهن.

حريفان بادها خوردند رفتند زهي خم خانها کردند رفتند، سنڌ جو جليل القدر مايه ناز شاعر بلند پايه جو صحافي ۽ اعليٰ مفڪر حضرت رئيس شمس الدين صاحب بلبل سال 1857ع ۾ ميهڙ شهر ۾ تولد ٿيو هي اهو پر آشوب دؤر، جنهن دؤر مسلمانانِ هند فرنگي طوق غلامي ٽوڙڻ لاءِ جهاد عظيم شروع ڪيو ۽ هن جهاد في سبيل الله کي تاريخ جي اوراقن ۾ بلوي جي پر تحقير تعبيرن سان جاءِ گزين ڪيو ويو آهي، مگر خدا شاهد آهي ته هي جهاد اڪبر مسلمانانِ هند جي غيرت اسلامي، جميت ۽ توڪل علي الله جي يوم الحساب تائين دلالت ڪندو رهندو.

مسلمانانِ هند پنهنجي فرمانروائي ۽ اعزاز کي تلف ۽ تاراج ٿيندي ڏسي دست تحسر مليندي مليندي فرنگي تعليم و تهذيب کي منافرت بغض و عنادِ چسم تحقير سان ڏسندي ڏسندي ان جو قطع تعلقات ڪيو. ان جو نتيجو سرزد ٿيو جو اهل هنود سفيد فام آقائن جي تعليمي، تهذيبي تقليد ڪري بام عروج تي پهچڻ لڳا ۽ ٻنهي قومن مسلمانن کي صفحي هستي تان مٽائڻ لاءِ ناپاڪ سازشون شروع ڪيون مگر اعداءِ الله کي اها خبر ڪانه هئي ته “چراغِ را که بر ايز فروزد ز کسي که وقف رندو مشش بسوزد”.

واقعي “نااميدي ۾ به آهي آسرو رحمان جو” دردمند دعائن کي مقبول فرمائيندي بلڪل ساڳئي سال قرن سعدين ۾ اعظم ڳڙهه يو پي ۾ حضرت مولانا شبلي نعماني رحمت الله عليھ کي دهلي جي جوق ۾ مير مهدي حسن مجروح عليھ رحمة کي ۽ سرزمين سنڌ ۾ حضرت شمس الدين بلبل قدس الله سره کي پيدا ڪرڻ فرمايو:”الله تعاليٰ انهن ٽنهي جليل القدر هستين جي قلم کي تلوار کان به زياده قوت عطا فرمائي هئي جن شيوه پيغمبري اختيار ڪري پنهنجي علم و ادب، شعر و شاعري جي ......قوه مسلمانان هند جي صحيح ترجماني ڪري سندن شوريده قسمت کي بدلائي ڇڏيو.

حضرت بلبل عليھ رحمة جي سيني ۾ پنهنجي عنفوان شباب ۾ به قومي درد ڇوليون هڻي رهيو هو. ان جي بيتابي کي مولانا الطاف حسين حالي ۽ حضرت اڪبر الله آبادي جي پر درد قومي نظمن ويتر وڌايو.

ڪاتب تقدير و قدر کان سنڌي مسلمانن جي خدمت لاءِ حضرت بلبل کي منتخب فرمايو جنهن پنهنجي دور رس نظرن سان ڏسي مسلمانن جي اجڙيل گلستان کي خونِ جگر سان آبياري ڪرڻ جو تحيه ڪيو. ان دؤر ۾ مسلمانن جي بي ڪسي ۽ بي بسي جي ماحول حضرت بلبل جي قلب و جگر تي وڏي اثر اندازي ڪئي.

حضرت بلبل بحيثيت هڪ قومي نباض ۽ سياسي مبصر جي پنهنجي ذڪاءَ ذهانت جي وسيلي پنهنجي نظم ۽ نثر کي وقت جي تقاضا موجب قومي اعراض کي قطع ڪرڻ لاءِ هڪ خاص طرز مزاحيه اختيار ڪئي جنهن طرز تير و نشتر جو ڪم ڪيو. حضرت بلبل پنهنجي مزاحيه شعر کان عصائي موسوي جو ڪم ورتو. اها حضرت بلبل عليھ رحمة جي نقادي ڪيمياگري هئي جنهن انگريز حڪومت جي بيخ ڪني ڪئي ۽ دشمن کي خبردار ٿيڻ به نه ڏنو مگر اهو مزاحيه ڪلام درد کان خالي نه آهي. فرنگي حڪام وڏي هيجان سان بلبل مرحوم جو مزاحيه شعر ٻڌي گد گد ٿيندا هئا ۽ حضرت بلبل کي پنهنجو دوست تصور ڪندا هئا.

فن صحافت جي هن امام مسلمانانِ سنڌ جي بي لوث خدمت ۽ ڪماحقھ ترجماني ڪرڻ لاءِ اخباري ادارن جي جدا رهبري ڪري مسلمانانِ سنڌ کي حلقهء بگوش ۽ مرهونِ منت بنايو. سندس قلم جي تيزگام کي ۽ جولاني مخالفت جا هڻي پانڊا ڀڃي ڇڏيا. نور محمد نورل نظاماڻي، محمد هاشم مخلص، عبدالسميع قريشي، آغا نظر علي، مرحوم بلبل جا مريدان راسخ هئا جن حضرت بلبل جي مضامين کي پنهنجي مشعل راه ڪري پنهنجي اخبارن جو اجراءُ ڪيو.

سياست ۾ حضرت بلبل کي يدطولى حاصل هو. سندس سياسي محرڪه آراين، شيرازه بندين جا ڪرشمه ڏسي مٿس خان بهادر حسن علي خان افندي، خانبهادر سيد الهندو شاه ۽ چاڳلا فريفته ۽ فدا هئا.”

جناب مير رحيمداد مولائي شيدائي سنڌ جي مشهور مؤرخ جي زباني هي احوال ٻڌو. “سيٺ حاجي احمد فريئر روڊ تي پرنٽنگ پريس کولي روزنامه اخبار “آفتاب سنڌ” سنڌي ۾ جاري ڪرائي. بلبلِ سنڌ مرحوم شمس الدين کي ايڊيٽر جي واڳ حوالي ڪئي، جيڪو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يدطولى رکندڙ اديب هو. بلبل جو قلم ۽ اخبار جي مزاحيه ۽ پر ظرافت ڪالم سڀ کان پهريائين پادرين جا ڍڍر ڍلا ڪري ڇڏيا. چند سٽون ملاحظه فرمايو:

“ڪالهه مارڪيٽ جي چؤسول تي هڪ سفيد جبو پاتل شيطان ابن شيطان کي واعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو. افسوس! مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي، جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻرجي سسي وانگر ڌڙ کان ڌار ڪري ايوبي سنت کي تازو ڪريان ها.”

عيسائي پادرين لاءِ آفتاب سنڌ ويل ٻاري ڏنو گويه، بلبل جي ڪالمن ڪلهوڙن جي ڪرامتي ڏنڊن وارو ڪم ڪري ڏيکاريو. اڃا ٻه هفتا اخبار کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان واعظ ڪندڙ پادرين کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداريءَ تي گهرائي دٻائڻ لڳو، بلبل کي خبر پئي ته هن ڪالم ۾ فوجداري جي اهڙي لاک لاٿي جو ٻاهر نڪرندو هو ته پوليس وارو ساڻ کڻندو هو. آفتاب اخبار ٿورو عرصو جاري رهي ليڪن ادبي نقطه نظر سان هن جيڪو پارٽ ادا ڪيو ۽ سنڌي مسلمانن ۾ جيڪو علمي ۽ سياسي شعور پيدا ڪيو اهو يادگار رهندو بلبل سر سيد احمد خان تحريڪ جو حامي هو. سندس معرڪة انگيز قلم عيسائي پادرين جي ٻوٿن کي لغام ڏنو، (مضمون “ماحول جو عڪس- اخبار آفتاب سنڌ سکر” ماهنامه نئين زندگي ماهه آڪٽوبر 1965ع).

جناب شمشير الحيدري ماهنامه نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع جي پرچي ۾ لکڻ فرمائي ٿو “سنڌي جي روايتي شاعري واري دؤر ۾ شمس الدين بلبل کي مزاح جو ابو آدم چئجي ته بجا آهي. سندس سمورو ڪلام گونا گون قسم جي مضمونن تي طنز و مزاح جو بهترين مثال آهي.”

 ديوان ليلارام ڏيونداس رچنداڻي، سنڌ وديا ڀون، امباواڙي، سنڌي ڪالوني، احمد آباد، انڊيا پنهنجي ڪتاب”سنڌي صحافت ۾ مذاق” ۾ لکڻ فرمائي ٿو “شمس الدين بلبل کي جديد مذاقي ساهت جو باني سڏيو وڃي ته اهو غلط نه ٿيندو، جهڙي طرح اڪبر الله آبادي اردو شاعري ۾ مذاقي شعر جو بنياد وجهندڙ سڏيو ويندو آهي، اهڙو وڙ بلبل پڻ سنڌيءَ سان ڪيو آهي ۽ هن جو چيل شعر ڪنهن حالت ۾ اڪبر جي چيل شعر کان گهٽ ڪونهي. بلبل ته هڪ اخبار “آفتاب” ۾ به مذاقي ليک لکيا جن ذريعي هن وقت جي عملدارن، قوم جي نام نهاد ٺيڪيدارن ۽ نقلي اڳواڻن جي ڇنڇري خوب لاٿي آهي. مذاق جي اهڙي ڪابه شاخ ئي نه آهي جنهن کي هن هٿ نه لاتو آهي.”

جناب مولانا غلام محمد گرامي “مرحوم رئيس شمس الدين جو مزاحي ڪلام” جي عنوان تحت، مزاحيات بلبل جي مقدمي ۾ لکڻ فرمائي ٿو “بلبل جي پوري فن کي مطالعو ڪرڻ کان پوءِ صاف نظر ايندو ته ظرافت ۽ دانشمندانه طنز لاءِ جنهن ذوق سليم، استعداد ذهني، خلوصِ نيت، وسعت مطالع ۽ ديانت طبعي جي ضرورت آهي، اهي سڀ علمي ۽ اخلاقي جوهر جامعت سان بلبل جي فن ۾ موجود آهن. ان سلسلي ۾ ائين چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته بلبل جي فن جو مقام ادب ۾ بلند آهي. بلبل سنڌ جي طنز نگارن ۾ فرد واحد آهي، جنهن پنهنجي فهم سان طنز کي هجو کان ممتاز ڪيو ۽ سنڌي زبان ۾ ادب ۽ ظرافت جي هڪ ناقابلِ تتبع اسلوب جو بنياد رکيو، سندس مقابلي ۾ جن به ٻين هن سنگلاخ زمين ۾ پير پاتو تن پنهنجي پير ڦيهي وڌا، پر چڱن چڱن جون پڳون لاهي وڃي مٿي چڙهيا. انهن جو فن هجو ۽ طنز، مزاح ۽ ظرافت جي لطيف فرق ڄاڻڻ کان ڪورو رهجي ويو. آخرڪار اهو منصبِ جليل بلبل سان ئي وابسته رهيو. سندس همعصر احباب ۾ ڪوبه سندس فن کي نباهي نه سگهيو، ته ڪو بلبل کان پوءِ ان قسم ۽ معيار جو صاحبِ طرز ۽ ظريف پيدا ٿيو.

اها حقيقت آهي ته هندوستان جي ان زماني جي اخبار اوڌ پنچ مرحوم بلبل تي وڏو اثر ڪيو هو جيڪا طنزيه تحريرن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي اها اخبار سن 1877ع ۾ سندس زير مطالع آئي.”

جناب عبدالواحد سنڌي، ايڊيٽر نئين زندگي، خاص نمبر يعنيٰ بلبل نمبر شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي اهل قلم حضرات کي التماس ڪري ٿو ته نئين زندگي جو آڪٽوبر 1965ع وارو پرچو خاص نمبر هوندو جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي تي خاص مضمون هوندا، انهيءَ کانسواءِ سنڌ جي مشهور نئين تعليم جي رهبر، اديب، سنڌي اخبار نويسي جي هڪ پيشرو ۽ سنڌي ادب ۾ مزاحيه شاعريءَ جي باني رئيس شمس الدين بلبل عليهه رحمة جي ياد ۾ نهايت معياري مضمون ۽ نادر فوٽو ڏنا ويندا. اداري نئين زندگي کي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ هن اشاعت سان چڱي طرح سان دلچسپي وٺندا.” (نئين زندگي ماهه سيپٽمبر 1965ع)

خانبهادر محمد صديق ميمڻ، رئيس شمس الدين بلبل متعلق پنهنجي هڪ تعارفي مضمون ۾ هن طرح لکڻ فرمايو آهي.”ميان شمس الدين بلبل انهن چند شخصن مان هڪ آهي جي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن. سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي ايتري ٿوري وقت ۾ ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي جيتري شمس الدين بلبل کي حاصل ٿي. سندس ڪاميابيءَ جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي. روايت آهي ته پاڻ نهايت ئي سليقه دار، خوش طبع ۽ باتميز آدمي هئا. دهقاني آدمي سندس گفتگو تي سدائين موهت رهندا هئا ۽ مهذب شهري به گهٽ متاثر نه ٿيندا هئا. سندس رواجي فطرت جي رنگ سندس شاعرانه زندگي کي به رنڱي ڇڏيو هو.

سندس شعر ۾ جا بجا اڻ ڏکوئيندڙ خوش مذاقيءَ جا فقرا موجود آهن. سندس علميت غير معمولي هئي، پاڻ پارسي ۽ عربي مان چڱي طرح واقف هئا. سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر تي مائل هئي ۽ ڀريندي اردو ۽ پارسي زبان ۾ شاعري ڪئي اٿس. سندس خيالن جي شستگي، مضامين جي پختگي ۽ لفظن جي بيهڪ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙن جي دلين کي هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺن.” (سنڌ ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان شايع ڪرايل ساليانه رپورٽ 32-1931ع ۽ ادبي تحفه).

جناب حافظ محمد احسن چنا صاحب، “وطن ۽ قوم جو مصلح- شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ سالنامو رهبر ڊائجسٽ اپريل 1973ع ۾ لکڻ فرمائي ٿو: “سنڌ ۾ شاعرن جي ڪمي نه آهي، مگر ظرافت ۾ مرحوم جي جاءِ خالي آهي. سندس زماني ۾ به گويا ظرافت ۾ سرداري جو سهرو سندس سر تي سونهين ٿو. صحافت جي فن م پنهنجو نظير پاڻ هو. شاعري مضمون نگاري، تصنيف ۽ تاليف ۽ اخبار نويسي سان وطن ۽ قوم جي اصلاح ۽ خدمت بهترين ڪئي اٿس. سندس خدمت مقبول عام ٿي عمدو اثر پيدا ڪيو ۽ سندس اخلاص ۽ ڪردار انقلاب آڻي ڇڏيو. سندس قلم قوم جي جسم ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.”

جناب محمد موسى ڀٽو صاحب جي هڪ تحرير “سنڌ جو حالي ۽ اڪبر الهه آبادي- شمس الدين بلبل” روزنامه جنگ جي مڊويڪ ميگزين مهراڻ رنگ ۾ تاريخ19 سيپٽمبر 1984ع ۾ شايع ٿي آهي. ملاحظه فرمايو: (ترجمو و تلخيص)

“واديءَ سنڌ کي پنهنجن جن فرزندن تي هميشه ناز رهندو انهن ۾بلبل جو نالو سر فهرست آهي. سندس جامع شخصيت قدرت جي فياضيت ۽ رعنائين جو هڪ حسين مجموعو ۽ نادر و ناياب مثال آهي. هو هڪ عظيم مفڪر، محب وطن ۽ دور انديش مصلح کان علاوه هڪ صاحب طرز اهل قلم به هو. شعر ۽ سخن ۾ اعليٰ قسم جي طنزيه مزاح نگاري، ظرافت، نفيس، بذله سنجي ۽ تعريفي اسلوب بيان جنهن جو مقصد قومي ۽ ملي اصلاح هجي سندس طرهِ امتياز هو. زورِ قلم سان گڏ زور بيان يعني تحرير ۽ تقرير ٻنهي ۾ ئي يگانهءِ روزگار هو. قومي همدردي سان گڏوگڏ جرئتِ زندان ۽ جذبهءِ ايمان به رکندو هو. دانش ۽ بصيرت سان گڏ سياست ۽ صحافت جو به شهسوار هو. دينوي معاملات سان گڏ ديني احڪامات ۾ به مستعد ۽ پيش پيش هو. وسيع مطالع سان گڏ عظيم تصنيفات جو به مالڪ هو. پر وقار ۽ پر ڪشش صورت ۽ جاذب نظر شخصيت سان گڏ پاڪيزه سيرت بلبل جون اهي خصوصيات هيون جيڪي قدرت کيس نهايت فياضانه انداز سان عطا ڪيون هيون. هو جنهن به مجلس ۾ موجود هوندو هو ان ۾ نمايان نظر ايندو هو. دوست احباب هر وقت کيس ڏسڻ لاءِ مشتاق ۽ ٻڌڻ لاءِ بيتاب نظر ايندا هئا. مٿي بيان ڪيل حقيقن ۾ ذره به مبالغو ڪونهي. اهڙي ئي شخصيت لاءِ علامه محمد اقبال چئي ويو آهي:

هزارون سال نرگس اپني بي نوري په روتي هي.

بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن مين ديده ور پيدا. 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب “ عظيم سنڌي انسان” ۾ “شمس الدين” جي عنوان هيٺ هن طرح لکڻ فرمايو آهي.

“شمس الدين بلبل ولد بهادر خان شينو، بلوچستان جي ڀاگناڙيءَ ۾ تاريخ 29 شعبان 1374هه ، 21 فيبروري 1857ع ۾ تولد ٿيو. شمس الدين کي ڪتابن پڙهڻ جو ايڏو ته شوق هو، جو اڪثر سندس ٿيلهي ۾ يا بستري ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا. پاڻ زماني جو ماڻهو هو ۽ ساڳيءَ وقت وسيع معلومات جو مالڪ پڻ هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي خاصو حاصل هوس.

بلبل بلند پايه جو شاعر هجڻ سان گڏو گڏ صحافي ۽ منفرد نثر نويس پڻ هو. پاڻ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. اخبار “معاون سنڌي” ۽ “آفتاب سنڌي” ۾ ڏنل تحريرون ۽ فن ظرافت سندس طبيعت ۽ ذهانيت جو مرقع معلوم ٿين ٿا.

مرحوم بلبل جون سنڌي ادب بابت ڪيل خدمتون سونهري اکرن ۾ لکيون وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ جو پاڻ شاعريءَ جي سلسلي کي نئون موڙ ڏيندي، ظرافت کي پڻ جديد نوع ۾ نروار ڪيو آهي. سندس ظرافت ۾ مزاح سان گڏ طنز جو عنصر به غالب آهي، جنهن ۾ جاءِ بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي پهلو سمايل آهي. هن زندگيءَ ۾ سوسائٽي تي ڀرپور طنز ڪري، ان جون خاميون وضاحت سان نروار ڪيون آهن. انهيءَ لحاظ کان کيس ظريفانه شعر ۾ لاثاني شاعر سڏجي، ته بجاءِ ٿيندو ظريفانه شعر جنهن باڪمال نموني ۽ نهايت ئي وڻندڙ اسلوب سان بيان ڪيو آهي، جو کانئس اڳ ڪنهن به شاعر انهي طرف سوچيو به نه آهي ۽ نه وري کانئس پوءِ جو ڪو شاعر انهيءَ سلسلي ۾ ساڻس برميچي سگهيو آهي، حالانڪه ڪيترن ئي شاعرن سندس تتبع به ڪئي آهي.

بلبل جهڙو هو عالم ته تهڙو ئي هو وري عابد، سندس لائق فرزند ضياءُ الدين به سندس صحيح جانشين ثابت ٿيو.” (ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻه- سال 1982ع).

جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب، اوائلي مسلم ليگ سنڌ جو صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پنهنجي مضمون “رئيس شمس الدين بلبل” جيڪو علمي دنيا ماهه اپريل 1930ع ۾ شايع ٿيو آهي، ان ۾ رقم طراز آهي.

“سنڌ جو هي نامور شاعر، اديب، مصنف ۽ ايڊيٽر سن 1857ع ۾ ميهڙ ۾ ڄائو. سندس وڏا اتر کان ناڙي جي طرف کان آيل هئا. هن تعليم فقط اسڪول جي سنڌي فارسي جا ان وقت هلندڙ هئي حاصل ڪئي هئي مگر قدرت هن کي اهڙو ذهن رسا ۽ ذڪا ۽ اعليٰ عطا ڪيو هو جو سندس طبيعت جا جوهار از خود ظاهر ٿيڻ لڳا. منجهس شعور گوئي جو مادو اصلي موجود هو. ننڍي هوندي ئي وڏن شاعرن سان مقابلا ۽ مشاعرا ڪندو رهيو. ڪنهن قدر انشا پردازي به شروع ڪيائين. 

خانبهادر حسن علي خان افندي سندس قابليت ۽ لياقت ڏسي پاڻ وٽ رهايس. ان وقت سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي پاران جيڪا “معاون” نالي اخبار جاري ڪئي وئي هئي ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ايڊيٽر جي چارج وٺندي ئي پرزور ۽ رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺايائين جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو. ماڻهو سندس سنڌيءَ جي رنگيني کان غير مانوس هئا سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا هن اهڙي وضاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا جنهن جي مطالعي مان خود اهلِ علم به دنگ ۽ حيران رهجي ويندا هئا.

مرحوم حسن علي افندي جيڪي وڏا ڪم ڪيا تن ۾ به هن کي شامل رکندو هو. دکن ايگريڪلچرل رليف ائڪٽ جو سوال جڏهن مرحوم حسن علي افندي هٿ ۾ کنيو تنهن ۾ بلبل صاحب سندس لاءِ ساڄي ٻانهن هو. پوني ۾ جڏهن ڪميشن ويٺي تڏهن مرحوم حسن علي کي ساري سنڌي جي پاران احوالن ۽ انگن اکرن جي ثابتين سان شاهدي ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو ۽ ڇهه مهينا اڳواٽ اول خبردار ڪيو ويو تڏهن مرحوم حسن علي اهو سڄو بار بلبل جي ذمي رکيو، هن انهيءَ عرصي ۾ ساري سنڌي جي آباد گارن جا احوال گهرائي گڏ ڪيائين ۽ ضلع وار ياداشتون تيار ڪيون جن ۾ بڪرين جي ذريعي آبادگارن جي ملڪيتن ۽ زمينن جا نيڪال ڄاڻايل هئا سي سڀ انگ وڏي محنت سان گڏ ڪيا هئا. آخر مرحوم افندي کيس پوني ساڻ وٺي ويو ۽ وقت به وقت کانئس نوٽ وٺندو رهيو. ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ وقت به هن کي ڀرسان ويهاريائين. نيٺ سنڌ سان اهو ايڪٽ لاڳو ٿيو.

شاعري ۾ ته هن کي وجد الاهي هو جو رواني سان اهڙا ته شعر لکندو هو جو هندوستان ۽ پنجاب جا شاعر به مڃيندا هيس. خبر نه آهي ته اها قابليت هن کي ڪٿان آئي. سندس وسيع معلومات ۽ ڪثرت مطالعي ڪري جا کيس علمي دسترس هئي تنهن وڏن وڏن انشا پردازن کي ڏانهس توجهه ڪيو بلڪه وقت جا آفيسر ۽ حاڪم به کانئس وڏن وڏن ڪمن ۾ صلاح وٺندا هئا، ويندي خيرپور درٻار تائين هن پنهنجو قدر پيدا ڪيو. اتي جا وزير به کيس عزت ڏيندا هئا. قومي اصلاح، رفاه عام يا لٽريچر جي ڪمن ۾ تجربيڪار ۽ صحيح راءِ وارو انسان هو. ان جي دماغ ۾ تحرير جي زبردست طاقت رکيل هئي، نه رڳو تحرير ۾ قابل هو پر تقدير ۾ به اهڙو ته فصيح اللنسان ۽ عذاب البيان هو جو سامعين کي مسعود ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ چوندو هو ته افسوس! آءٌ اهڙي وقت پيدا ٿيس جو ڪو قدردان نه آهي. مطلب ته هي سنڌ جو بلبل نه رڳو فصيح، بليغ، شاعر، مصنف ۽ لئبريرين هو پر ان سان گڏ رفارمر ۽ اعليٰ مدبو به هو. سنڌي لٽريچر ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيائين.”

جناب پروفيسر محمد آدم ٻٽ صاحب پنهنجي تحرير “بلبل جي شاعري ۾ جمالياتي پهلو” جيڪا نئين زندگي رسالي ماهه نومبر 1995ع ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو .اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌي شاعري جي ميدان ۾ اهڙين شخصيتن قدم رکيو جن نه رڳو غزل جي تاڃي پيٽي Diction بلڪه ان جي تڪ بندي ۾ گهاڙيٽي Form ۽ اظهار Expression ۾ نواڻ پيدا ڪري غزل جي شاعري کي عروج جام تي پهچايو. اهڙين شخصيتن ۾ مير عبدالحسين سانگي، غلام محمد شاهه گدا، مرتضائي ٺٽوي، آخوند قاسم ۽ مرزا قليچ بيگ جا نالا اچي وڃن ٿا. اهڙن اعليٰ پايه جي شاعرن جي موجودگي ۾ ڪنهن به نئين ماڻهو جو شاعري جي ميدان ۾ پير کپائڻ ۽ اعليٰ مرتبي جي شخصيتن جي صف ۾ پنهنجي لاءِ ڪو مقام ڳولهڻ ۽ جاءِ پيدا ڪرڻ ڪا سولي ۽ آسان ڳالهه نه هئي.

شمس الدين بلبل جونالو سنڌي ادب جي اهڙين گڻواڻ شخصيتن جي زمري ۾ اچي ٿو، جن پنهنجي قابليت، محنت ۽ سنجيدگي جي آڌار تي نه رڳو نالو پيدا ڪيو بلڪه اعليٰ مقام پڻ حاصل ڪيو.

سنڌي جي شاعرن غزل ۾ جتي تصوف جهڙن باريڪ نڪتن کي ڇهيو آهي ۽ بيان ڪيو آهي، اتي هنن غزل جي جمالياتي پهلو کي به ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. بلبل به پنهنجي پيش ۽ هم عمر شاعرن جي تقليد ڪندي غزل ۾ جمالياتي پهلو کي جنهن خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي اهو سندس اعليٰ فنڪارانه صلاحيتن ۽ سندس ڏاهپ ۽ قابليت جو بهترين مثال ۽ اعليٰ نمونو آهي.

ڪيو جو صورت ساجن کي مون ڏسي سجدو

ملن چيو ته ڪجي هن کي سنگسار بي دريغ

اندازو ڪيو ته اهڙي بيباڪي ۽ بهادري جهڙو آواز بلبل کانسواءِ ٻيو ڀلا ڪير بلند ڪري سگهي ٿو؟

اهڙن خوبصورت خيالن کي لفظن جي روپ ۾ گهڻ مقصديت Multi Purpose واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ملڪو Authority رڳو بلبل کي ئي قدرت عطا ڪيو هو. اهو ئي سبب آهي جو مولانا غلام محمد گرامي بلبل کي سنڌي ادب جو “سپوت” سڏيو آهي جنهن نه رڳو غزل جي تصوف ۽ اصلاح واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ڪنهن رک رکاءَ کان ڪم ورتو، بلڪه حسن ۽ سونهن جي ساراهه کي پيش ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو. انگريزي چوڻي آهي ته: Poetry is basically a rich and colourful way of speaking.

شاعري اظهار جو شاهوڪار ۽ رنگين ذريعو آهي.

شاعري رڳو لفظن جي چونڊ جو نالو نه آهي پر دلين کي جهومائڻ ۽ ذهنن کي گرمائڻ شاعري جو اصل جوهر Real Spirit آهي. لفظن جي چونڊ به اهڙي ڪرڻي آهي جو پڙهندڙن جون دليون پڙهڻ سان جهومي اٿن ۽ جذبا جاڳي پون. جيڪا شاعري دلين کي جهومائي نه سگهي ۽ جذن کي اڀاري نه سگهي، جنهن شاعري مان ڪنهن کي ڪجهه حاصل ٿي نه سگهي، جيڪا شاعري ٻين کي ڪجهه به ڏئي نه سگهي سا لفظن جي مالها ته ٿي سگهي ٿي پر شاعري نٿي ٿي سگهي.

شاعري جو واسطو روح سان ۽ دل جي ڌڙڪنن سان سڌو سنئون ٿئي ٿو، تنهنڪري شاعر لفظن کي اهڙو روپ وٺرائي ٿو، جنهن سان حسن مهڪي ٿو اٿي. بلبل جي شاعري جي به اها خوبي آهي ته هن لفظن کي سونهن جو نمائندو بنائي ڇڏيو آهي بلبل جي شاعري ۾ حسن ۽ خوبصورتي جون شفاف ڌارائون لفظن جي چشمن مان ڦٽي ۽ وهي هلن ٿيون.

تشبيهه ۽ تمثيل جو فن ته بلبل کان ڪو سکي، هو تشبيهه جي فن ۾ پنهنجي وقت جو بادشاهه هو.

جناب شعبان بخت، سنڌ جو مايهء ناز شاعر، اديب، صحافي ۽ ماهنامه نئين زندگي جو ايڊيٽر پنهنجي هڪ تحرير “بلبل جو مطالعو ۽ مشاهدو” جيڪو سوينيئر، سڄڻ ۽ ساڻيهه- اپريل 1985ع ۾ سوشل ۽ ڪلچرل سوسائٽي ميهڙ طرفان ڇپايل آهي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو. “فڪر هر کس بقدر همت اوست، جنهن جي جيتري همت، اوترو فڪر جي مصداق، ڀٽائي ڀلاري مطلق مطالعو آهي:

ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو،

تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

۽ مشاهدو آهي:

پاٻوهه هيو پڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو،

نيزي هيٺان نيهه جي پاسي پاڻ نه ڪن،

ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.

مطالعو ۽ مشاهدو ٻئي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل علم جي تحصيل جا ذريعا آهن. مطالعو آهي پڙهڻ، ته مشاهدو آهي ڏسڻ وائسڻ يا پرجهڻ پروڙن مطالعي کي انگريزي ۾ Study ۽ مشاهدي کي Observation چئبو آهي. ته اسٽيڊي ۽ آبزرويشن يا مطالعي ۽ مشاهدي کان سواءِ حقيقت تائين رسائي حاصل نه ٿي ٿئي ڇو ته علم ڏٺل کان اڻ ڏٺل ڏانهن وڃڻ جو نالو آهي. انهي ڪري مطالعو ۽ مشاهدو ئي ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن اهل علم و ادب جي عالمانه ۽ اديبانه، يا انهن سان نسبت رکندڙ ڪنهن به هنر جي ميدان ۾، قد ۽ قامت جو مرتبي ۽ مقام جو تعين ڪري ٿو. مطالعي ۽ مشاهدي جي انهي اهميت جي مدِ نظر، سنڌي ادب، صحافت، شاعري ۽ خطابت جي شمس، رئيس ميان شمس الدين بلبل مرحوم بابت ادب جي مڃيل مڃايل نامور ناقدن ۽ محققن جا رايا ڏيکارين ٿا ته ميان شمس الدين بلبل وڏي مطالعي ۽ مشاهدي جو مالڪ هو. اخبار “مرغِ فلڪ” جي نامور مدبر مولوي حڪيم نور محمد “نورل” نظاماڻي کان وٺي دؤر حاضر جي مستند عالمن ۽ ادب شناس جي اهائي متفقه راءِ آهي ته، بلبل مرحوم پنهنجي وقت ۾ وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارو اهلِ قلم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو.

“بلبل” مرحوم جو ديوان ڇپيو ته ان لاءِ تعارف ۽ تبصري طور، خانبهادر ميان محمد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سالانه رپورٽ 32-1931ع ۾ جيڪا پوءِ هن “ادبي تحفه” ۾ به شامل ڪئي، لکيو ته:

“رئيس ميان شمس الدين ‘بلبل’ انهن چند شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن. سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي ايتري ٿوري وقت ۾، ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي، جيتري مرحوم شمس الدين ابڙي، ميهڙ واري کي حاصل ٿي. سندس ڪاميابي جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي، سندس علميت غير معمولي هئي. پاڻ پارسي ۽ عربي مان چڱي طرح واقف هو. سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر ڏانهن مائل هئي ۽ پريندي ئي اردو ۽ پارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين، تنهن کان پوءِ سندس خيال اباڻي ٻولي سنڌي ڏانهن مبذول ٿيو. سندس ديوان گو مختصر آهي. مگر آهي وڻندڙ، جنهن ۾ رسمن، رواجن اجائي نٽ شٽ ۽ مغربي تهذيب جي پيچ ۾ آيل نوجوانن تي بعض جاين تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي. باقي غزلن ۾ اعليٰ درجي جي شاعرانه مذاق آهي. سندس خيال جي شستگي، مضامين جي پختگي ۽ لفظن جي بيهڪ، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلين کي هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺي.”

خانبهادر ميان محمد صديق ميمڻ مرحوم جو اهو تعارف ۽ تبصرو ‘بلبل’ صاحب جي مطالعي ۽ مشاهدي تي پهرئين مهر تصديق ڪري ٿو. خاص ڳالهه جيڪا هن تبصري ۽ تعارف ۾ ڌيان طلب آهي سا آهي بلبل صاحب جي ادبي وصفن جي نشاندهي. جيڪا پوءِ تقريباً مڙني اهلِ علم، ادب شناس اديبن، ناقدن ۽ محققن ڪئي آهي. انهن ۾ وڏا وڏا معتبر ۽ مستند نالا شامل آهن. مزو به تڏهن جو ڪو اهل داد ڏئي ۽ مڃي. باقي نااهل ۽ ناشناس جو ته دادئي بي داد ٿو ٿئي. دؤر حاضر جي مڃيل مڃايل صاحبِ طرز بزرگ، اهل قلم، سڄاڻ صحافي ۽ جگ مشهور دانشور سياستدان سائين پير علي محمد راشدي صاحب کي ڪير نه سڃاڻي! صاحب موصوف پنهنجي شاهڪار تصنيف “اُهي ڏينهن اُهي شينهن” جي حصي پهرئين ۾ لکي ٿو ته “بلبل سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. ۽ ان ڪتاب جي حصي ٻئي ۾ ڄاڻائي ٿو ته .مون مرحوم کي اکين سان ڪونه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ٻڌم ته هن مڙس جو ساري سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گهڻيئي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا. پر بلبل جي مٽ ڪونه هو.”

راشدي صاحب ان جي وضاحت ۾ بلبل جي اديبانه، صحافيانه ۽ شاعرانه مقام ۽ مرتبي جي وضاحت لاءِ سندس ڀيٽ ان وقت جي هڪ چوٽيءَ جي اديب، صحافي ۽ شاعر سان ڪندي لکي ٿو “صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن م ٻه شير ٻڌبا هئا، لاڙ ۾ محمد هاشم مخلص ۽ اتر ۾ شمس الدين بلبل. ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هي هو ته مخلص جي تحرير قدري اگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوني، مخلص جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو پر بلبل کي قوم جي مستقبل جو خيال به هوندو هو، تنهن ڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي.”

راشدي صاحب جي اها راءِ بعد جي آهي ان کان اڳ ۾ خود مخلص صاحب، بلبل جي وفات تي پنهنجي رسالي ‘ڪشڪول’ ۾ پوري خلوص سان پنهنجي مد مقابل جي حق ۾ لکيو ته “بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.”

سچ ته داد به اهو آهي جيڪو مد مقابل به بيوس ٿي ڏئي. اعتراف به اهو آهي ته اعتبار به اهو آهي. اهڙي طرح مرحوم مخلص ۽ سائين راشدي صاحب سدا سلامت کان علاوه جن اعليٰ اديبن بلبل صاحب جي انهيءَ اعليٰ اهليت ۽ ادبي مقام ۽ مرتبي کي سندس اعليٰ لياقت، فهم فراست، معامله فهمي، مطالعي ۽ مشاهدي جي نسبت سان دل کولي بنا ڪنهن جانبداري جي ساراهيو آهي، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي تحسين ۽ داد جي ورکائن سان ياد ڪيو آهي تن مان مرحوم محمد بخش ‘واصف’ حيدرآبادي، مرحوم مولانا دين محمد ‘وفائي’، مرحوم حاجي محمود ‘خادم’، مرحوم مير رحيم داد مولائي شيدائي، مرحوم سيد علي اڪبر شاه، مرحوم حافظ عبدالله بِسمل ٽکڙائي، مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد ‘صغير’ سيوهاڻي، مرحوم جمع خان’غريب’، مرحوم سائين پير حسام الدين راشدي، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’، مرحوم مولانا غلام محمد ‘گرامي’، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا نالا قابلِ ذڪر آهن. اهي پاڻيٺ پرکڻن، مستند عالمن ۽ اديبن جا نالا آهن، جن جي هر راءِ هڪ سند جي حيثيت رکي ٿي. انهن جي هر هڪ تحرير وڏي وقعت رکي ٿي ۽ بلبل صاحب جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي تائيد ڪري ٿي. مطالعو ۽ مشاهدو پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ خاص ڳالهه جنهن ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو، سو آهي بلبل صاحب جو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جو ڏانءُ مطالعو ۽ مشاهدو ته هر ڪو ڪري، پر ڪو ان کان ڪم به وٺي ڄاڻي، چئي، “پائي هر ڪو پر ٺمڪائي ڪو ڪو”، “سرمو هر ڪو پائي پر اک اک جو ڦير.” سو وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارا ته ٻيا به هئا پر جهڙيءَ طرح بلبل صاحب پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم ورتو، ان جو مثال نه ٿو ملي.

ڳالهه ڇا آهي ته مطالعي ۽ مشاهدي جي پٺيان جيڪڏهن ڪا اعليٰ ذهانت، فهم ۽ فراست جي خداداد غير معمولي قوت ٿئي ٿي ته پوءِ معجزا ڪري ٿي ڏيکاري. معمولي معلومات کي به اهڙو ڪارائتو ڪري ٿي ڏيکاري جو عقل دنگ رهجيو وڃي. هتي ته خداءِ عزوجل بلبل صاحب کي عقل، فهم، فراست ۽ ذهانت جي وافر مقدار سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار ڀريل هئا. سنڌ سان گڏ هند جو به مطالعو ۽ مشاهدو سندس پلئه پيل هو تنهنڪري ڪيئن ٿي ڪنهن کان پٺتي رهي سگهيو؟ راشدي صاحب جي لکڻ مطابق: “هجو گوئي ۾ مخلص جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو. برعڪس ان جي ‘بلبل’ اڪبر الهه آبادي جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.”

مختصر ته بلبل صاحب جو اهو ذهانت ڀريل مشاهدو ۽ مطالعو ئي هو، جنهن کيس پنهنجي وقت جي اعليٰ اديبن کان ممتاز ۽ مٿڀرو ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس وقت جو نباض، قوم مزاج شناس، حقيقت پسند مصنف، محڪم خيال مدبر، دور انديش صحافي، مخلص مصلح ۽ قوم جو هڪ مثالي گهڻ گهرو بنائي ڇڏيو هو. هن پنهنجي انهي ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي سان وڏا وڏا معرڪه سرڪيا، جيئن سائين راشدي صاحب رقم طراز آهي: “سندس دؤر جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ئي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي، جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي. [جيئن سنڌيت جا قديم رنگ نه ميسارجن] ۽ ساڳي وقت نين حالتن پٽاندر، زماني سازي کان به ڪم وٺبو رهجي. انهيءَ اصول جي بناء تي بلبل مرحوم هڪ طرف سنڌي مدرسي جي پايو وجهندڙ مرحوم حسن علي افندي جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحريڪ ۽ ڪلام ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون ڪندي، سنڌين کي پنهنجي قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو. جنهن جو مقصد هو ته نون تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکيو اچجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻي حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهن ڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لڙهي وڃڻ کان بچي ويا.”

محترم پير علي محمد شاهه راشدي جي انهيءَ تاثر کان پوءِ، بلبل صاحب جي ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي جي تصديق لاءِ غالباً ڪنهن مزيد اپٽار جي گنجائش باقي نٿي رهي، بيشڪ بلبل صاحب پنهنجي وقت جو هڪ نهايت ئي ذهين ۽ فتين معامله فهم اهلِ قلم، شاعر، صحافي ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ادب ۾ رائج روايتن سان بغاوت ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو هڪ باغي اديب ۽ صحافي ٿي اڀريو. هن نثر ۽ نظم جي ميدان ۾ روايتي رياڪارين کي ترڪي، ديس جي ڌرتي سان ناتو جوڙيو ۽ ان ناتي جي نسبت سان امر بڻجي ويو.

هن موقعي تي لازمي آهي ته سائين راشدي صاحب جن جي انهي اجري آس ڏانهن به ڌيان ڌريو وڃي جنهن کي موصوف پنهنجي مضمون جي آخر ۾ هنن لفظن ۾ آندو آهي ته “بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو. سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو. سنڌي تهذيب جو راکو هو. ڪو ڏينهن ايندو جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو نالو مٽائي “بلبل آباد” يا “بلبل ديرو، رکندي.”

جناب محمود الحسن خان نيازي ميانوالي پنجاب جو باشندو، اديب، قدير ۽ مالڪ اخبار روزنامه “نوائي فاران” ۽ ٻي اخبار روزنامه پاڪستان ميانوالي، پنهنجي پهرئين ۽ ٻي اخبار مورخه 23 نومبر 2006ع ۾ جدا جدا عنوانن “شمس الدين بلبل ايڪ عهد ساز شخصيت” ۽ “واديءِ مهران ڪي تهذيبي تمدني روايتون ڪي امين اور مظهر، رئيس شمس الدين بلبل” هيٺ هن طرح لکيو آهي، (ترجمو و تلخيص):

“واديءِ سنڌ جو حالي ۽ اڪبر الهه آبادي سڏجندڙ رئيس شمس الدين بلبل مرحوم جي علمي، ادبي ڪارنامن تي هميشه سندس سرزمين فخر ڪندي رهندي، بلبل مرحوم جي شخصيت جون مختلف جهتون آهن. هو هڪ عظيم مفڪر، محب وطن ۽ دور انديش مصلح کان علاوه هڪ صاحب طرز اهل قلم به هو. شعر ۽ سخن ۾ اعليٰ معيار جي طنزيه مزاح نگاري، ظرافت، نفيس بذلئه سنجي ۽ منفرد اسلوب بيان سندس سڃاڻپ هئي. تحرير جي طاقت سان گڏ هو. خطابت جي ميدان جو به شهسوار هو. دانش ۽ ڀينش، سنجيدگي و متانت کان علاوه هن سياست ۽ صحافت ۾ به هڪ منفر مقام ٺاهيو هو. ديني احڪامات جي بجا آوري ۾ سندس روز مره جو مصروفيات ڪڏهن به حائل نه ٿيون. وقار متانت شائستگي سندس شخصيت جي سڃاڻپ هيون.”

قاضي ميان جان محمد عارفي پنهنجي مضمون “ٽي ٽيڙو ٻارنهن ڪَتيون” ۾ شمس الدين بلبل جي سَري هيٺ لکڻ فرمائي ٿو ته “مهراڻ وادي جي پر بهار باغ جو بلبل، سنڌي ايڊيٽرن جو امام مڃيو ويندو آهي. شاعري ۾ اهو ڪم ڪيائين جيڪو اڪبر الهه آبادي هندو ستان ۾ ڪيو يعني ٻنهي انگريزن ۽ نيٽو نيچرين جي مٽي پليد ڪئي ۽ مزاحيه شاعري ۾ سندس جاءِ ڪير ڀري نه سگهيو آهي.” (ماهه نامو- نئين زندگي ماهه ڊسمبر 1957ع.)

جناب محمد امين مگسي پنهنجي هڪ تحرير “رئيس شمس الدين بلبل سنڌ جو مايهء ناز صحافي، سماجي ڪارڪن، زبردست شاعر ۽ حقيقت ۾ سنڌ جو “غالب” هو. بلبل جي شاعري، صحافت ۽ علمي صلاحيتن سنڌين ۾ جيڪا سجاڳي، بيداري ۽ علمي ذوق پيدا ڪيو آهي، ان جو هر اهلِ علم معترف آهي.” (سندس تصنيف- جوڳيئڙا هن جهان ۾” علامه آءِ. آءِ. قاضي اڪيڊمي دادو- 1997ع).

جناب محمد نواز محزون ڀٽي فرمائي ٿو “مرحوم بلبل سنڌي صحافت جو پيشرو، طنز و مزاح جي شاعريءَ جو باني، عليڳڙهه جي تعليمي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، مشهور سياسي ۽ سماجي سڌارڪ هو. سنڌ جو هي عظيم شخص جنهن پنهنجي زندگي ۽ شاعري سنڌ جي مسلمان لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. (سنڌ جو مشهور مصنف ۽ مترجم محمد نواز محزون ڀٽي. “شمس الدين بلبل، ماهنامه نئين زندگي ماهه- سيپٽمبر 1960ع).

جناب محمد علي دائود پوٽو ‘عيان’ پنهنجي تصنيف “دادو ضلعي جي ادبي، ثقافتي تاريخ”، ۾ “مرحوم شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ لکي ٿو.

مرحوم شمس الدين بلبل ميهڙ جي مشهور هستي ٿي گذريو آهي، شمس الدين بلبل سنڌي، عربي، اردو، پارسي ۽ انگريزي جو مشهور عالم هو. سندس نثر ۽ نظم اهڙو ته ماثر ۽ ملزد هو جو ڪو به شخص انڪار ڪري نه سگهندو. هو ساڳي وقت وڏو صحافي به هو. پهرئين اخبار 1889ع ۾ ڪڍيائين جنهن کي ‘معاون’ چوندا هئا. انهي اخبار ۾ مرحوم حسن علي افندي جي تعليمي ۽ سياسي سرگرمين جي خوب خدمت ڪئي، سکر مان ٻي اخبار “آفتاب سنڌي” نالي هلايائين. مرحوم کي سنڌي ايڊيٽرن جو امام تسليم ڪيو ويو آهي، شاعريءَ ۾ وري اڪبر الهه آبادي وارو نمونو اختيار ڪيائين جنهن انگريزيت ۽ نيٽونيچري جي پوري طرح مٽي پليد ڪئي اٿس. مزاحيه شاعري ۾ سنڌ اندر سندس مٽ ڪونه پيدا ٿيو آهي. بلبل مرحوم مقرر به قابل هو. سندس تقريرون نهايت ڪامياب وينديون هيون. سياستدان به هڪڙوئي هو. ميهڙ ۾ پريائين پهريائين عمدي جاءِ مرحوم جو بنگلو هو، جنهن کي بلبل بنگلو سڏبو آهي، ان کان پوءِ لولو مل جي ٽڪنڊي ٺهي. مرحوم بلبل، صاحب ديوان آهي. اعليٰ اديب ۽ انشاءَ پراز هو، نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، جن مان ڪيترائي شايع ٿيل آهن ۽ ڪيترا اڃا دستخط نسخا آهن. چون ٿا ته اهڙو سليم طبع ۽ قافيه شناس هو جو ڪهڙا به سخت آفيسر گورايا هندوستاني ايندا ها ته مرحوم انهن کي پنهنجو گرويده بنائي ڇڏيندو هو. مرحوم جو فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين ضيا به پيءُ وانگر مشهور معروف هستي آهي.

جناب مولانا عبدالڪريم چشتي شڪارپوري، ٻارهين سنڌ ادبي ڪانفرنس جيڪا دادو شهر ۾ منعقد ٿي هئي ان ۾ جيڪو مقالو چشتي صاحب پڙهيو هو ۽ “تحفهء آفتاب ادب دادو” ۾ شايع ٿيو آهي ان جون چند سٽون هن قارئين ڪرام جي ملاحظي لاءِ پيش ڪجن ٿيون. “محترم مرزا قليچ بيگ مرحوم، رئيس شمس الدين بلبل مرحوم، مولانا حڪيم فتح محمد مرحوم ۽ ميان محمد هاشم مخلص مرحوم خواه مولوي نور محمد نظاماڻي شاعر به هئا ۽ نثر نويس به، سندن وجود کي وسارڻ وڏي بي انصافي ٿيندي، اگرچه حسرت سان چوڻو ٿو پوي ته پوئين ٻن صاحبن پنهنجي خداداد لياقت مان ڪو خاص جٽادار مفيد عام ڪم نه ڪيو. پهرين ٻن ٽن بزرگن جي نظم خواه نثر اسان لاءِ بعد مفيد ۽ نفع بخش ثابت ٿيو، سندن تصنيفات قابل ديد ۽ بايدِ شهيد آهن.

حضرت رئيس القلم، رئيس ضياءُ الدين بلبل ثاني پنهنجي هڪ يادگار تحرير، ديوان بلبل لاءِ سندس لکيل مقدمي مان چند اقتباسات پيش ڪجن ٿا:

بلبل مرحوم چارلس ڊڪنس وانگر ظرافت جي ذريعي پنهنجي سوسائٽي کي بد اثرات کان بچائڻ لاءِ جيڪو فن پيدا ڪيو تنهن وڏو ڪم ڪيو دراصل اهڙي ايجاد ۽ جدت مرحوم بلبل به سنڌي ادب ۾ آندي، اهڙو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ ڪونه هو. سندس مزاحيه انداز “يو ڪونين” جو ڪم ڪيو ۽ فيشن جو بخار ڪڍي ڇڏيو. ٻيو ته بلبل ان وقت، قوم جي ڦوڙي تي نشتر وهائي ڪڍي جڏهن ڪارو واءُ لڳي رهيو هو ۽ مسلمان نؤ جو ان جديد فيشن جي ويا ۾ وٺجي چڪا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي سڀني محققن متفق تي چيو آهي ته بلبل هڪ سچي شاعر جا فرائض ادا ڪيا آهن. سندس اصلاحي تخريبي پهلوءَ، جديد فيشن جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا.

بلبل سهڻي نقاب ۾آيل ڪاري بلا کي پريان ئي پروڙي ورتو ۽ ان جي خراب نتيجن کان اڳواٽ قوم کي آگاهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ائين چئجي ته جديد دؤر جي مومل جي ڪاڪ ۾ جو اسان جا ڪيئي ڪونڌر، مينڌرا بڻجي، محو حيرت بڻجي چڪا هئا، تنهن جي طلسمات کي هن باريڪ بين ۽ حق شناس شاعر پريندي ئي پروڙي ورتو، تان جو جدوجهد ڪري، ان کي بي نقاب ڪري، قوم کي سجاڳ ڪيائين ته اها مومل جي ڪاڪ آهي ۽ نه زندگيءَ جو رنگ محل.

بلبل جي فن جو اهو ئي ڪمال آهي، جو سندس ڪلام اڄوڪو نقشو به هوبهو پيو نظر اچي اهو آهي پيشنگوئي وارو جزو، جنهن بابت سروجني نائڊو چيو آهي:

شاعر باڪمال جو فن، هڪ پيشنگوئي ٿئي ٿو، ان ۾ مستقبل جا اهڃاڻ ۽ آثار پڻ موجود رهن ٿا.

مرحوم بلبل پنهنجي شاعري ۾ خالص علمي ۽ ادبي، لساني ۽ فني پهلو کي محفوظ رکيو آهي ۽ سنڌي زبان نهايت ئي سليس ۽ سلوڻي دلڪش ۽ عام فهم ڪم آندائين. شعر جي رواني شيرين بياني، وزن جي پختگي، بندش جي چشتي، سندس فن جو ڪمال آهي. ان طرح نوان استعارا ۽ ڪنايا، لطائف، ظرائف، تمثيلون ۽ تشبيهون پيدا ڪري ٻوليءَ کي رنگين ۽ نمڪين بنائي ڇڏيائين.

بقول حاجي محمود خادم “رنگين ۽ مرصح نثر جو موجد مرحوم بلبل آهي. خود مرحوم مخلص ۽ مرزا قليچ بيگ مرحوم به سندس تقليد ڪئي آهي. ان طرح جناب مولائي شيدائي جي چوڻ موجب “بلبل پهريون انشا پرداز ۽ صاحب طرز اديب هو، جنهن مسلم صحافت جو مقام سنڌ ۾ بلند ڪيو. سنڌي صحافت جو بنياد وجهندڙ بلبل هو.”

اول اوهان ان دؤر ۾ پيدا ٿيل هوم رول تحريڪ جو ڪجهه تصور ڪيو، جنهن جي چڪر ۾ سنڌ ۽ هند جا وڏا وڏا مسلمان ليڊر اچي چڪا هئا. اهو دؤر 1918ع ۾ وڏو مڻ مچائي چڪو هو، گانڌي، گوڪلي، ايني بيسنت ۽ ديوان مرليڌرن ان تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا هئا، سنڌ ۾ غلام محمد خان ڀرڳڙي جهڙو پرجوش، مخلص، ۽ ديانتدار ليڊر به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو.

ان دؤر ۾ بلبل “جام جم” ڪتاب لکيو، ان ۾ هند جي سياسي پس منظر، هندن جي انگريز پرستي ۽ مسلمانن جي حق تلفي تي مفيد ۽ معلومات افزا انگ اکر پيش ڪري مسلمانن کي خبردار ڪيائين ته هو پنهنجن حقن لاءِ جداگانه تنظيم کڙي ڪن “جام جم” جي صفحي 56 تي بلبل مرحوم لکيو آهي.

گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن، بازن سان چڙيون نه اڏامن، اسان جي هستي، اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا. انگريزن جي چاپلوسي ڪري هاڻي اسان جا حاڪم ٿيا آهن ۽ اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ گهرن ٿا. اسان جا انهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا حق هئڻ گهرجن پر جدا ۽ نه گڏ.”

بلبل جو هي آواز، علامه اقبال ۽ قائد اعظم کان توڙي الهه آبادي واري اجلاس ۽ لاهور جي پاڪستان ريزوليوشن کان ٻاويهه سال کن اڳ جو آهي جنهن م پاڪستان ۽ جداگانه قوميت جو روح موجود آهي. ان طرح وفات وقت بلڪل پوين پسا هن ۾، سندس زبان مان هي لفظ نڪتا “هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪريو. اهي لفظ پاڪستان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا.” (ديوان بلبل سن 1972ع ۾ مولانا غلام محمد گرامي ايڊٽ ڪيو آهي- سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي).

مولانا دين محمد وفائي صاحب پنهنجي تصنيف “تذڪره مشاهير سنڌ” ڀاڱون پهريون، صفحي 196 تي “شمس الدين بلبل، جي عنوان تحت لکي ٿو : “سنڌ جو ناميارو اهل قلم ميان شمس الدين بلبل 1889ع ۾ ڪراچي ۾ مرحوم خانبهادر حسن علي افندي وٽ هليو آيو، جنهن سندس قابليت مان ڪم وٺڻ لاءِ ‘معاون’ نالي هڪ هفتيوار اخبار سندس ادارت ۾ جاري ڪئي. هن اخبار جي ذريعي مرحوم بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي تمام عهدي خدمت ڪئي. مرحوم حسن علي جي مددگاري ۾ جيئن مولوي الله بخش نماڻو هو. تيئن بلبل به سندس دست و بازو ٿي رهيو.

دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ بابت جڏهن مرحوم افندي کي ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ جي ضرورت پئي تڏهن زمينداري قرضن جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو ڪم مرحوم بلبل تي رکيو ويو، جنهن ساري سنڌ جي زميندارن کان احوال گهرائي افندي مرحوم لاءِ شاهدي جو مواد گڏ ڪيو. ڪميشن پوني ۾ ويٺي، شاهدي ڏيڻ وقت افندي مرحوم بلبل کي به پوني وٺي ويو جتي سندس وڌيڪ مدد ڪيائين، جنهن کان پوءِ سنڌ سان زمينداري جي بچاءَ لاءِ رليف ايڪٽ لاڳو ٿيو.

بلبل جي لکڻي ظرافت آميز ۽ پر مذاق هوندي هئي جنهن ڪري هر هڪ ماڻهو سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو. هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين. نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين.

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ، ڇپيل سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سن 2007ع ۾ لکي ٿو 1885ع ۾ خانبهادر حسن علي افندي جي سر جوشيءَ سان ۽ سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي سايي هيٺ سنڌ جي مسلم عوام ۾ تعليم ڦهلائڻ جي مراد سان، ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة السلام برپا ٿيو هو، جو اڃا سوڌو شاندار ڪارج ڪري رهيو آهي. ان مدرسي جي سهاري هيٺ 1904ع ۾ تعليمي ۽ ادبي مخزن “رساله مدرسه” جاري ٿي هئي جنهن سالن جا سال مسلم لکندڙن جي خوب همت افزائي ڪئي. هن مخزن جي سنڌي حصي ۾ چڱي معيار جا ادبي ۽ معلوماتي مضمون پوندا هئا، ۽ ان جي قابل ايڊيٽرن مولوي الله بخش اٻوجهي ۽ مولوي عبدالرحيم فقير سنڌي نثر توڙي نظم جي خاصي خدمت ڪئي هئي. ميان شمس الدين بلبل جو پوءِ ايڊيٽر ٿيو. سو پنهنجا مذاقي نظم ۽ مضمون هن مخزن ۾ شايع ڪندو هو. سندس عبارت پختي پر دقيق ٿي ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جو مثال سندس مشهور ڪتاب “قلندري ميلو” جي قافيه دار نثر مان ملي ٿو. بلبل صاحب سنڌي زبان ۾ ظريفاڻي ادب جو، پرمانند ميوارام وانگر باني هو. پر افسوس آهي جو سالن کان شايع ٿيندڙ هن جهوني مخزن جا پرچا سنڌ مان پهچي نه سگهيا آهن، جنهن ڪري ان جو تفصيلوار بيان ڏيڻ کان محروم رهڻو ٿو پوي.”

ڊاڪٽر اياز قادري صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي غزل جي اوسر” ڀاڱو ٻيو ۾ شمس الدين بلبل جي سَري هيٺ لکي ٿو: “سنڌ محمدن ايسوسي ايشن مسلمانن جي بهبود ۽ ترقي لاءِ ٺهي هئي جنهن جي سهاري هڪڙي هفتيوار اخبار ‘معاون الاسلام” جاري ڪئي وئي هئي جنهن جي ايڊيٽري بلبل جي سپرد ڪئي وئي، هن ان اخبار ذريعي سنڌ مدرسھ الاسلام، سنڌ محمدن ايسوسي ايشن ۽ حسن علي افندي جي سياسي ۽ علمي تحريڪ لاءِ گهڻو ڪي ڪيو.

معاون جي ايڊيٽر مقرر ٿيڻ ڪري هن کي پنهنجي ذاتي جو هر ڏيکارڻ جو موقعو ملي ويو. هن جي پرزور ۽ پر جوش، طنزيه ۽ مزاحيه ۽ دلنشين، نئين ۽ جديد رنگ جي شعرن ۽ مضمونن سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي ۽ اثر پيدا ڪيو، هن جي قلم مان نڪتل هر هڪ اکر اهڙي شوخي ۽ ظرافت سان ڀريل هو جنهن جهڙي لکڻي سنڌ جي ماڻهن هن کان اڳ ڪڏهن به نه پڙهي هئي. غلام محمد گرامي، معاون اخبار ۾ سندس تحريرن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو. سنڌي زبان کي پنهنجي ظريفانه رنگ سان اهڙو ته شيرين ۽ نمڪين ڪيائين، جو ان جو جادوءَ وانگر اٿر ٿيڻ شروع ٿيو. سندس ظريفانه اشعار، لطائف ۽ ظرائف، قلمي نوڪ جهوڪ، ندرت آميز تحرير جي سببان “بلبل بلبل” جي وائي وات هئي. اديبن ۽ شاعرن، سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن، ميرن ۽ پيرن، حاڪمن ۽ وزيرن وٽ سندس قابليت ۽ صلابت راءِ جو چرچو ٿي ويو.”

محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڪراچي، پنهنجي تحقيقي مقالي “سنڌي جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات” ۾ “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ هن طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ فرمايو آهي. “شمس الدين اهو سنڌي زبان جو نثر نويس هو جنهن نثر کي فارسي زبان مان آزاد ڪرايو. سليس سنڌي نثر کي پنهنجين اخبارن جي ذريعي عام ڪيو، سندس تحريرن م سنڌي سماج ۽ معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو، سندس اخبارن ‘آفتاب’ سکر ‘الحق’ سکر ۽ ‘معاون’ ڪراچي مشهور رهيون جن ۾ سليس نثر نويسي جا ڪمال هئا ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون نويسي سٺي ترقي ڪئي. بلبل جا فلسفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا.”

محترم ڊاڪٽر شاهده بيگم ڪراچي- پنهنجي تحقيقي مقالي “سنده مين اردو” ۾ شمس الدين بلبل جي عنوان تحت هن طرح اظهار ڪيو آهي”شمس الدين بلبل 1857ع بمقام ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. هن مروج علمن سان گڏ انگريزي جي تعليم به حاصل ڪئي ۽ محڪمھ آبپاشي ۾ ملازمت ڪئي مگر فطري لڳاءُ ادب، صحافت ۽ شعر و شاعري سان هيس، انڪري ملازمت ڇڏي ڪراچي جي سنڌي اخبار “معاون” جو ايڊيٽر ٿي ويو، ان کان پوءِ ‘الحق’ سکر جي ادارت به ڪئي.

شمس الدين بلبل نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ طنزيه ۽ مزاحيه انداز جو مالڪ هو. انهي ڪري سنڌ جو اڪبر الهه آبادي سڏيو ويندو هو. هو ساڳي وقت شاعر، اديب ۽ صحافي سڀ ڪجهه هو ۽ هر صنف تي کيس دسترس حاصل هئي. سنڌي نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب سندس يادگار آهن. اردو ۾ به شعر چوندو هو.” (ترجمه ۽ تلخيص) 

ايني ميري شمل، مشهور انگريز، عالمي اسڪالر خاتون، سنڌي ادب ۽ ڪلچر سان چاهه رکندڙ ۽ سنڌ ۾ رهي سنڌي تهذيب ۽ ادب جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندڙ ادبي شخصيت بلبل جي خدمتن جو ذڪر ڪندي پنهنجي تصنيف “سنڌي ادب جي ارتقا” ۾ لکي ٿي:

“شمس الدين بلبل، جنهن کي سنڌ جو حالي ڪري سڏيندا آهن، ان سنڌ جي سر سيد يعنيٰ حسن علي افندي جي ڪم ۾ اهڙو ئي ساٿ ڏنو ۽ هٿ ونڊايو جهڙو اردو ادب ۾ سر سيد جو ساٿ حاليءَ ڏنو هو. شمس الدين بلبل ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪڙو نظماڻي نثر ۾ قلندر شهباز جي ميلي تي لکيل ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي. سندس شاعري ۾ به اسان کي نه رڳو ڪيترائي تعليمي عنوان ملن ٿا. پر طنز و مزاح کي به شاعري ۾ شامل ڪيو اٿس بلبل معاون اخبار سان به وابسته رهيو. هن سنڌ جي مسلمان جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڏاڍو سرگرمي سان ڪم ڪيو آهي.”

بلبل جي بيشمار لياقتن جي نشاندهي اهل قلم حضرات جي تحريرن ذريعي ڪرائي وئي آهي ۽ سندس ايجادن جو به ذڪر انهن لکڻين ۾ موجود آهي. ادب ۾ جا به نواڻ حضرت بلبل آندي آهي ان جو ذڪر به اچي چڪو آهي آءٌ هت صرف ٻن اهم خدمتن جو ذڪر ڪندس جن جو احسان سنڌ ۽ سنڌ واسي شايد ڪڏهن به لاهي نه سگهن، بلبل جي هڪ اهم خدمت اها آهي ته هن سنڌي ٻولي کي فارسي جي ڏکين الفاظن کان ڌار ڪري ٻوليءَ کي سليس ۽ عام فهم بڻايو، سنڌ جا سمورا اهلِ قلم حضرات هن حوالي سان بلبل جا مقروض آهن، سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت ۽ ترقي بلبل جي مرهونِ منت ۽ سندس علمي لياقت جو ثبوت آهي. هن سلسلي ۾ بيشمار شاهديون اهلِ قلم ۽ اهلِ علم جون هن ئي تحرير ۾ موجود آهن، تاهم هڪ اڌ مزيد شاهدي پيش ڪجي ٿي:

جناب حافظ عبدالله “بسمل” ٽکڙائي، پنهنجي هڪ تحرير “مرحوم شمس الدين بلبل جا ادبي اوليات “جيڪا ماهنامو نئين زندگي جي ماهه آڪٽوبر 1965ع واري پرچي ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ هن طرح رقم طراز آهي:

“بلبل مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسي جي طرز ايجاد ڪئي. درحقيقت مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد آهي. البت ڪٿي ڪٿي مرحوم بلبل مقفى عبارت ڏي به لاڙو ڪيو آهي، پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور ۽ فصيح ۽ بيلغ نثر نويسي جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پر زور اخبار نويس ٿي گذريا آهن جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر اخبار مسافر يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم مخلص سي سڀئي بلبل مرحوم جا مقلد ۽ خوشه چين آهن.”

اها هڪ حقيقت آهي ته حضرت بلبل پنهنجين سڀني خوبين، صلاحيتن ۽ وصفن سبب سنڌ اندر هڪ سهڻو ۽ انمول ماڻڪ مثل هو. سندس سڀ ڪارناما هڪ طرف ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سليس ۽ سلوڻو بڻائڻ وارو عمل ٻئي طرف هو. هن طرز تحرير سبب اخبار نويسي جو هنر آسان ٿي پيو. بلبل جي هن ڪارنامي تي سنڌ جيترو به فخر ڪري اهو گهٽ آهي. بلبل سنڌي ٻوليءَ کي سليس ۽ سولو نه بڻائي ها ته اخباري ۽ تصنيفي دنيا ترقي نه ڪري ها ۽ سنڌ جا سوين اهلِ قلم جيڪي هن وقت سنڌ جا روشن ستارا سڏجن ٿا اهي ڪيئن پيدا ٿين ها؟ اڳي جيڪا سنڌي عبارت لکي ويندي هئي سان نهايت ڏکي ۽ فارسي جي الفاظن سان ڀريل هوندي هئي. اهڙي عبارت صرف اهي ئي پڙهي سگهندا هئا جن کي فارسي زبان تي عبور حاصل هوندو هو. بلبل سنڌي ٻوليءَ کي فارسي جي لفظن جي ميخن کان آزاد ڪري سلوڻي ۽ سليس روپ ۾ روشناس ڪرايو، جنهن سبب علمي، ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ هڪ قسم جو انقلاب اچي ويو. گهڻن اهل قلم حضرات بلبل کي انقلابي شخصيت مڃيو آهي.

جناب ڊاڪٽر غلام قادر سومرو صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي “سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح” ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013ع ۾ “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ هن طرح لکڻ فرمائي ٿو:

“بلبل جامع شخصيت جو مالڪ هو. ناميارو صحافي پڻ هو. بلبل سياسي بصيرت رکندو هو ۽ سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ قلم جو جهاد ڪيائين. ظفر ڪاظمي لکي ٿو “شمس الدين بلبل سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي قلم سان سجاڳ ڪرڻ شروع ڪيو. بلبل جي سياسي تدبر ۽ بالغ نظري لاءِ رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل، لکي ٿو ته ان مهاسڀائي ذهنيت وارن ليڊرن توڙي بد زبان آريه ڪارڪنن، هندو اخبارن ۽ ايڊيٽرن توڙي هندو نواز، سادهه لوهه مسلمان ليڊرن سان مرحوم بلبل نهايت سختي سان مقابلو ڪيو. صحافتي دنيا ۾ هن کي هندن سان خوب چوٽون کائڻيون پيون ۽ هن خوب چوٽون کاڌيون نيٺ پڇاڙي وڃي ڪامياب ٿيو.

بلبل جو نثر زور وارو هو جنهن جي وسيلي هن اخباري دنيا ۾ هڪ نئين اسلوب ۽ طرز جو بنياد وڌو. بلبل نثر جي پراڻي نموني مقفي کي ترڪ ڪري، اخبار نويسي لاءِ ڪنهن مناسب ڍنگ جي ضرورت کي محسوس ڪندي هڪ انوکو اسلوب اختيار ڪيو ۽ نثر نويسي جي سلوڻي طرز ايجاد ڪئي. حقيقت ۾ مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد ۽ خوشه چين ٿو ڏسجي.

بلبل جو ثر اصلاحي پر زور ۽ مزاح جي چاشني ۾ رسيل عالمي ادبي معيار جي مطابق آهي. سندس ظرافت ۽ طنز جو ڪو مثال نه ٿو ملي. بلبل جي رنگين مزاجي، شاعرانه فڪر، مزاحيه انداز بيان، عالمانه سنجيدگي ٽوٽڪا ۽ نڪتا ملي بلبل کي بلبل- سنڌ بنائين ٿا. فن ۽ فڪر جي لحاظ کان بلبل جي شاعري نَوَنِ استعارن، سهڻين ترڪيبن، انوکن نڪتن، چست بندشن، شوخ ادائن، فصاحت ۽ بلاغت ڀريل گوناگون مضمونن سان سينگاريل هئڻ سبب ادب عاليه ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ فرنگي تسلط سبب سنڌي تهذيب ۽ ثقافت تي پوندڙ زهريلن اثران خلاف بلبل شاعري ذريعي آواز بلند ڪيو ۽ بگڙجندڙ سماج تي مزاحيه طنز ڪئي، سنڌي عوامي جي پس ماندگي، معاشري جي پائمالي جي شديد احساس، شاعري ۾ سندس احساس مزاح (Ludicrous) کي جاڳايو. بلبل تحرير ۾ تازگي ۽ شگفتگي کي قائم رکڻ لاءِ زندهه دلي، خوش طبعي، ظرافت ۽ شوخي کان ڪم ورتو. مزاح نگاري ۾ سندس انداز اڪبر الهه آبادي جهڙو آهي. احمد خان سيال لکي ٿو “هند ۾ مزاحيه شاعري مرحوم اڪبر الهه آبادي تي ختم ٿئي ٿي ۽ سنڌ ۾ مرحوم بلبل تي.

مسلمانن جي اخلاقي پستي جي اصلاح لاءِ بلبل مزاح کي هٿيار طور ڪم آندائين.

بلبل جي ٻئي خاص خدمت جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، هي در اصل بلبل جو هڪ عظيم ڪارنامو برصغير جي مسلمانن لاءِ آهي. بلبل جي حياتي جو نصب العين مسلمانن جي آزاديءَ جو حصول هو. تنهن ڪري هو سر سيد احمد خان جي نظرين جو حامي رهيو. آزاديءَ جي حصول لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ مسلمانن لاءِ تمام ضروري سمجهي وئي هئي. بلبل ان اصول تحت سر سيد جي تعليمي تحريڪ يعني علي ڳڙهه تحريڪ جو زبردست حامي رهيو ۽ انهن اولين ڪارڪنن مان هڪ هو جن آزادي لاءِ راهه هموار ڪئي. بلبل مسلمانن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ کين هر طرح انهيءَ قابل بڻايائين جيئن هو آزادي حاصل ڪري سگهن. بلبل آزادي تائين زندهه نه رهيو مگر هن سلسلي ۾ سندس خدمتون بي مثال آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مسلمانن لاءِ جدا رياست جي لکت ۾ گهر ڪندڙ حضرت شمس الدين بلبل ئي آهي. جنهن لاءِ سندس ڪتاب جام-جم مطبوع ۾ ڪافي مواد هن تحرير ۾ اچي چڪو آهي مگر ڪجهه مزيد تحريرون به ڏجن ٿيون.

جناب جمال ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ڪٿا ڏوهه ڏسي اکين سين” جي صفحي نمبر 51 تي ڪجهه هن قسم جو انڪشاف ڪري ٿو ته “حضرت علامه محمد اقبال سان منسوب نظرئي پاڪستان جو تصور، پاڪستان جي مورخ حضرات جو پير کوڙي ڪوڙ هئڻ جي مترادف آهي.” محترم جمال ابڙو صاحب هن سلسلي ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو علامه اقبال خود هن ڳالهه جو اعتراف لکت ۾ ڪيو آهي ته هو نظريه پاڪستنا جو قطعي خالق نه آهي.” اهڙو خط هن انگريز جرن سٽ مسٽر ٿامس کي لکيو هو. انهيءَ خط جو عڪس محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مالڪ “گل حيات انسٽيٽيوٽ” جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي.

جناب علامه اقبال پوءِ 1930ع ڌاري پنهنجو هي نظريو تبديل ڪيو. سال 1930ع ۾ الهه آباد واري مسلم ليگ جي جلسي دوران صدارتي تقرير ڪندي علامه اقبال پاڪستان جو تصور پيش ڪيو. احمد خان آصف مصراڻي- تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڀاڱي ڀائيواري مهران توڙي آزادي نمبر.

قائد اعظم محمد علي جناح هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد جو حامي هيو ۽ هن سلسلي ۾ هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي مگر هندو پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ ارهه زوراين تي قائم رهيا. قائداعظم محمد علي جناح سندن بد اخلاقين سبب پهريائين هوم رول ليگ تان 1920ع ۾ احتجاج طور استعيفى ڏني ۽ پوءِ ناگپور واري جلسي بعد ڪانگريس تان به استعيفى ڏئي ڇڏي. ([8])۽ هندن سياسي اتحاد واري موقف تان دستبردار ٿي، مسلمانن لاءِ الڳ رياست جي قيام جو حامي ٿيو ۽ لاهور ۾ تاريخ 22 مارچ 1940ع واري اجلاس ۾ اهڙو اعلان ڪيائين.

بلبل شروع کان هندن جي خلاف هو، هندو سياستدانن کي انهيءَ قابل ئي نه سمجهندو هو ته مٿن ڀروسو يا اعتبار ڪجي ۽ ساڻن سياسي اتحاد کي فاش سياسي غلطي سمجهندو هو، سڄي عمر متعصب هندو ليڊرن ۽ هندو اخبارن جي ايڊيٽرن سان نرد آزما رهيو. هندو ليڊرن راءِ بهادر هرچندراءِ پارواڻي جي سرڪردگيءَ ۾ هڪ ڪوڙو ڪرمنل ڪيس بلبل مان هميشه جان ڇڏائڻ لاءِ ڪيو جنهن لاءِ هنن پوري هندو برادري کان چندو وصول ڪيو ۽ منهن جي کاڌائون ۽ هميشه لاءِ سندن بولتي بند ٿي وئي. بلبل کي ڏسندا هئا ته ڀڳل ٻلي وانگر ڀڄي پٽ ڪندا هئا.

بلبل تي جيڪو هندن ڪيس ڪيو هو ان ۾ بلبل جو وڪيل سندس دلي دوست شيخ غلام حسين هدايت الله هو جيڪو پوءِ سر ٿيو، سنڌ جو وزير ۽ گورنر به ٿيو. هندن جو وڪيل راءِ بهادر هر چند راءِ وشنداس هو جيڪو ڪراچي ميونسپل جو ساري عمر ائڊوائيزر ۽ پوءِ پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي مان جدا ڪرائڻ ۾ سندس وڏو رول رهيو. سندن فرم ۾ اٽڪل 20 ننڍا وڪيل ڪم ڪندا هئا ۽ جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح بئريسٽري امتحان ڏئي سنڌ ۾ واپس آيو هو ته هر چند راءِ کيس پنهنجي فرم ۾ نوڪري ڏيڻ جي آڇ ڏني هئي.

بلبل کان جڏهن هرچند راءِ ڪيس هارايو ته هندن جي سنڌ ۾ رهيل ساک به ختم ٿي وئي ۽ بلبل کان ڪن ڪندا هئا، هن موقعي تي پوري ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون هيون ۽ مٺايون ورهائيون ويون هيون.

 

[1] . “ڪتاب شعراء سکر” ۾ جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکڻ فرمائي ٿو ته “جناب مفتون همايوني جي دوستن ۾ هي نالا شامل هئا. پير علي اصغر علي راشدي، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا بهاءُ الدين ڀائي، شمس الدين بلبل، مولانا عبدالرحمان ساکرو، مير علي نواز علوي، مولانا تاج محمد امروٺي.

[2] . بلبل مرحوم جو همعصر ۽ خاص دوست محترم وڏيرو شير خان ناريجو ٿرڙي محبت وارو هڪ اعليٰ قسم جو اديب به هو. هن پنهنجي هڪ مضمون “ جيئن آرياڻي مون ڏٺو تيئن اوهان نه ڏٺو” ۾ رقم طرازآهي ته مرحوم حسن علي خان افندي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب، مير عبدالحسين خان سانگي وغيره وغيره بلبل مرحوم جا عاشق هئا. محمد ابراهيم خليل صاحب پنهنجي ڪتاب بلبل سنڌ ۾ ڏنو آهي، جيڪو سال 1951ع ۾ شايع ٿيو آهي.

[3] . ڏسجي حوالو ڪتاب بلبلِ سنڌ ڇاپو 1951ع مونو ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل.

[4] . راقم التحرير جو والد ٽنڊي محمد خان ۾ زرعي بينڪ جو مئنيجر هو ۽ هڪ پراڻي قرض جي سلسلي ۾ محترم حسرت موهاني جي دختر صاحبه جي خط و ڪتاب منهنجي والد محترم سان رهي. پراڻي تعلقات سبب سندس مسئلو حل ڪيو ويو.

[5] . خواجه ارتضيٰ حسين نظامي جي اولاد جو مطب صدر ۾ ريگل چوڪ تي هو ۽ هوٽل، سنڌ اسلاميه هوٽل جي نالي سان سنڌ مدرسة اسلام واري روڊ جي شروع واري پوائنٽ تي اڃا تائين موجود آهي. راقم التحرير جو ڏاڏو ۽ والد جڏهن به ڪراچي ويندا هئا ته ماني هن هوٽل تي کائيندا هئا. هن هوٽل جو مالڪ جناب حسن نظامي به ماني ۾ ساڻن شامل ٿيندو هو. 

[6] . جناب اڪبر الهه آبادي جو شاگرد رشيد محترم ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي جا تعلقات حضرت بلبل جي فرزند رئيس ضياءُ الدين ضيا بلبل ۽ پوٽي شمس ابنِ ضياء ابنِ بلبل سان قائم رهيا ۽ اڄ تائين قائم آهن. ٻنهي خاندانن جي پونئرن جي وچ ۾ ساڳيا مخلصانه رشتا استوار آهن. ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي صاحب جناب اڪبر الهه آبادي ۽ بلبل متعلق منهنجن بزرگن سان ڳالهيون ڪندو رهندو هو.

[7] .1. ڊاڪٽر محمد خان پنهور- شمس العلماء شمس الدين بلبل- سندس لکيل ٿيسز پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري لاءِ به اهڙو اظهار ڪيو آهي.

  1. شيخ اي. عزيز (ڊپلوما جرنلزم لنڊن) عملي صحافت ايڊيشن 3-1995ع.
  2. محمد عثمان ڏيپلائيءَ – سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب ۾ اهڙو اظهار ڪيو آهي. ماڻڪ موتي تنظيم-1939ع. مٿي ذڪر ڪيل هنن ٻنهي اهلِ قلم حضرت به پنهنجين لکڻين ۾ اهڙو تاثر ڏنو آهي.

[8] . جي الانا- قائد اعظم محمد علي جناح- سماهي مهراڻ رسالو، تحريڪ آزادي نمبر سال 1985ع.