ٽيون درويش علڻ خان ٿيٻو
ڪن اعليٰ سرڪاري حاڪمن، وزيرن، گورنرن سان ملاقاتون هجن يا پاڪستان جي چوٽيءَ جي سياستدانن جي ٽينگن ۾ شرڪت، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جون گڏجاڻيون هجن يا علمي ۽ ادبي اجتماع، علڻ خان جي مٿي ذڪر ڪيل لباس ۽ هلڻي ۾ ڪا به تبديلي نه هوندي آهي نه وري کيس ڪا انهيءَ باري ۾ ڳڻتي ئي هوندي آهي. ريل ۾ هجي يا هوائي جهاز ۾، موٽر ڪار ۾ هجي يا ڪنهن کٽارا بس ۾. نه سندس گفتگو جي طرز بدلبي، نه لوئي جي پٽڪي ۾ ڪو ڦيرو ايندو. آءٌ جڏهن به کيس لوئي واري پٽڪي ۾ ڏسندو آهيان ته بي اختيار شاهه جي هي سٽ ياد ايندي اٿم:
آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان ڪارڻ ٻن ڏينهان
جڏهن به لوئي وارو پٽڪو نه هوندو اٿس ۽ شاندار سفيد شهپر ڪنهن ڍنگ سان ٺيڪ ٺاڪ ٿيل هوندا آهن، ان وقت ائين لڳندو اٿم ڄڻ گوڪلي، موتي لال نهرو ۽ آزاد جي ساٿين مان ڪو مدبر هاڻي هاڻي ڪانگريس جي اجلاس مان اٿي آيو آهي، ها پر اهو ضرور ياد رکجو ته جنهن ڏينهن ڪپڙا ڌوتل، وار سيٽ ٿيل ۽ پاڻ ڪنهن ڍنگائتي طريقي سان هلي رهيو آهي ته پڪ ڄاڻجو امداد محمد شاهه وٽان پيو اچي. علڻ خان جڏهن به امداد محمد شاهه وٽ ويندو آهي ته سائين امداد محمد شاهه زوري کيس ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ترسائي ڪپڙا وغيره صاف ڪرائي ٻارن وانگر وهنجاري سهنجاري روانو ڪندو آهي ۽ ان سان گڏ اِها نصيحت به ضرور ڪندو آهي ته زبان تي ڪنٽرول رک. اها هر جملي تي گار ڏيڻ واري عادت ڇڏي ڏئي. ايتري نصيحت کان پوءِ جيڪڏهن سائين امداد محمد شاهه کيس کڻي ڪنهن ڪم لاءِ چيو ته فلاڻي ماڻهوءَ سان ملي هي ڪم ڪرائجان ته علڻ خان هڪدم جواب ڏيندو هو ته فلاڻي سان ملندس ضرور پر اهو ڀيڻ چوت ڪم ڪندو ڪو نه. علڻ خان جي هر جملي ۾ گار هوندي آهي پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته هو ڪو عوام، دوستن، پارٽي جي دوستن ۽ ڪمکڻي ايندڙ مسڪين ماڻهن کي به گاريون ڏيندو آهي. هن جي کيسي ۾ گارين جا جيڪي به ٽول هوندا آهن سي سڀ وڏن ماڻهن لاءِ هوندا آهن. باقي عام ماڻهن، دوستن ۽ تنظيم جي ساٿين لاءِ ته هو ماکيءَ مصري کان وڌيڪ مٺو هوندو آهي ۽ مون خدائي خدمت گارن جو ذڪر ڪتابن ۾ ضرور پڙهيو آهي پر ڪنهن فدائي خدمتگار کي ڏٺو ناهي، منهنجي پنهنجي ضلعي ۾ مسڪين جهان خان کوسي کي به عالماڻي صاحب جي وارڊ جي روم نمبر 17 ۾ ان وقت ڏٺم جڏهن آءٌ دل جي تڪليف سبب جيل کان اسپتال منتقل ٿيو هوس ۽ ساڳئي وارڊ جي روم نمبر 18 ۾ داخل هوس. ان وقت مسڪين جي جيڪا حالت هئي سا بيان کان ٻاهر آهي، هو ڳالهائي نه ٿي سگهيو. ان ڪري سندس فدائي خدمتگاريءَ جا جوهر ۽ جلوا ڏسڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، پر رئيس علڻ خان (رڳو نالي جو رئيس) کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته حقيقي معنيٰ ۾ خدائي خدمتگار آهي. ڪهڙي به ضروري ڪم سانگي وڃي رهيو هجيس، پر واٽ تي جيڪڏهن ڪو غريب مسڪين، ستايل ماڻهو مليو ۽ ڪنهن ڪم جو چيائين ته هڪدم ان سان گڏ روانو ٿي ويندو. اصلي ڪم جنهن لاءِ روانو ٿيو هو سو رهيو پنهنجي جاءِ تي. سائين جي. ايم. سيد جوچوڻ آهي ته ڪيترا ڀيرا مون ڪنهن ضروري ڪم سان ڪراچي يا حيدرآباد موڪليو هوندو، مثال طور ڪا فوري دوا گهربل آهي، يا لکڻ لاءِ خاص نوٽ بوڪ ختم ٿي ويا آهن يا هوم ڊپارٽمينٽ ۾ ڪو ڪم آهي. علڻ خان هڪدم روانو ٿي ويندو ۽ اهو ڏينهن جيڪڏهن خميس جو هوندو ته وري ٻي خميس تي اچي حاضر ٿيندو، جڏهن کانئس ان ڪم جي باري ۾ پڇبو ته چوندو ته سائين صفا وسري ويو، هتان نڪتس ته کوسا مليا جن سيوهڻ هلڻ لاءِ چيو، ويچارن جو ڪم ڪرڻو هو، اتان کان گانئچن سان گڏجي دادو ويس. دادو مان برفتن ڪوٽڙيءَ جي مختياڪاري ۾ ڪن ضمانتن لاءِ چيو اوڏانهن وياسين. مطلب ته پوري هفتي جي ڊائري ٻڌائيندو. جنهن ۾ ماڻهن جا سؤ ڪم ڪيا هوندائين پر اهو ڪم ڪو نه ڪيو هوندائين جنهن لاءِ سيڙجي روانو ٿيو هو.... جيڪڏهن سائين گرم ٿيو ته سندس جواب ٺهيو رکيو آهي. ڀؤ ڪونهي. تڪڙ ڪانهي. اجهو سبحاڻي ٿو وڃان ۽ شام جو موٽي ايندس. سبحاڻي سوير نڪرندو پر موٽندو وري مهيني کان پوءِ. انهيءَ وچ ۾ ميرپورخاص کان وٺي ٿاڻي بولا خان تائين چڪر ڏئي مختلف ماڻهن جا ڪم ڪاريون ڪري موٽي ايندو. خدائي خدمتگاري ۾ ايڏو رڌل هوندو آهي جو کيس ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ڳولڻ به مسئلو هوندو آهي، توهان ڪيڏي به ڪوشش ڪريو پر علڻ خان جو گهٽ ۾ گهٽ زمين جي ڪنهن به ڪنڊ تي ڪو به پتو نه لڳندو. مون کي رسول بخش ٿيٻي ٻڌايو ته علڻ خان جي ڀائٽي تي خطرناڪ قسم جو ڪيس ٿي پيو، مائٽن مون کي موڪليو ته وڃ رئيس علڻ خان کي وٺي اچ. آءٌ ڳوٿريءَ ۾ اٽو وجهي روانو ٿيس. پهرين ويس منظور آباد، اتان خبر پئي ته سن ويو آهي، آءٌ سن پهتس، ڏس مليو نوابشاهه ويو آهي، نوابشاهه مان معلوم ٿيو حيدرآباد اُسهيل آهي. حيدرآباد مان خبر ملي ڪراچي هليو ويو. ڪراچي مان پتو پيو ته ٿاڻي بولان خان ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. نيٺ ٿڪجي آءٌ اچي اڪڙيءَ ۾ ويهي رهيس، جتي ڪن ڏينهن کان پوءِ علڻ خان به اچي نڪتو. جتان زوري کيس گهر وٺي ويس ڇو ته اڃان اڪريءَ جي ماڻهن جا تمام گهڻا ڪم رهيل هئا، جن جا تفصيل معلوم ڪري صبح جو وري ڪوٽڙيءَ وڃڻو هو ۽ اتان کان شايد ڪنهن ٻئي پاسي، سندس گم شدگيءَ جو هي حال آهي، جو سندس نياڻي وفات ڪري وئي، ماڻهو ڳولي ڳولي ٿڪجي پيا ڪو به پتو پئجي نه سگهيو ته رئيس ڪٿي آهي، نيٺ رئيس کي گهر واپس گهرائڻ ۽ نياڻيءَ جي وفات جي خبر ڏيڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار وجهائڻو پيو، جنهن کي ڏسي خيرن سان رائيس گهر پهتو.
آءٌ جڏهن مسجد ۾ رهندو هوس، ان وقت رئيس جيڪڏهن حيدرآباد هوندو هو ته ضرور مون وٽ اچي ترسندو هو، بنا ڪنهن پروگرام جي نظر پوندي هئي ته رئيس پنهنجي پياري لوئيءَ جي پٽڪي سميت اچي رهيو آهي. ٻنهيءَ هٿن ۾ ٻه جيئرا جاڳندا پلا اٿس. اچڻ شرط پلن جي وڍڻ ٽڪڻ ۾ شروع ٿي ويندو هو. اهو سلسلو ايترو وڌيو جو منهنجو هجرو چڱي خاصي بورچيخاني ۾ تبديل ٿي ويو. روز ڪڏهن پلو پيو تيار ٿئي ته ڪڏهن ڪا ٻي ڀاڄي. سن کان وٺي ڊاسوڙي تائين هر هڪ کي خبر پئجي وئي ته علڻ خان حيدرآباد ۾ هڪ مسجد ۾ ترسندو آهي. هڪ رات آءٌ مٺي ننڊ ۾ ستو پيو هوس ته هجري جو دروازو زور زور سان کڙڪڻ جو آواز آيو، ننڊ مان اٿي وڃي دروازو کوليم. جان کڻي ڏسان ته دروازي تي وڏيرو بوبڪ رسول بخش ٿيٻي جو والد ٻن پوليس وارن سان گڏ بيٺو آهي، اوڙي پاڙي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن ته پوليس عبدالواحد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آئي آهي، وڏيري صاحب کان خبر چار ورتم جنهن ٻڌايو ته هفتي کان علڻ خان کي ڳوليندو ٿو وتان ڪي خون ٿي پيا آهن، تو وٽ هجڻ جو ڏس مليو هو ان ڪري آيا آهيون، ٻيو مڙيو ئي خير. کيس ٻڌايم اڄ برابر هتي هو پر شام جو بنا ڪيڏانهن وڃڻ جو ٻڌائڻ جي نڪري ويو آهي. خبر ناهي ڪيڏانهن ويو. وڏيرو بوبڪ چانهن پيئڻ کان سواءِ هليو ويو پوءِ خبر ناهي علڻ خان کيس مليو يا نه.
1979ع ۾ آءٌ گرفتار ٿيس، سٽي لاڪ اپ حيدرآباد تي هوس ته رئيس علڻ آيو، چئي هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ٿا ڪريون، مون چيو ان جي ڪا ضرورت ناهي. خير ان ڳالهه کي ڏسون ٿا ته ڇا ڪجي. آءٌ اجهو ٿو اچان، گلشير جو ٿورو ڪم آهي، ائين چئي وڌيڪ حال احوال ڏيڻ وٺڻ کان سواءِ روانو ٿي ويو، ويندي چئي ويو ته ڪلاڪ کن ۾ موٽيو ٿو اچان وڌيڪ صلاح ڪنداسون.وري مون کي چوڏهن مهينن کانپوءِ ايل. ايم. سي ڄام شوري جي وارڊ نمبر 6 ۾ اچي مليو. رئيس علڻ خان سان ملڻ جي خواهشمندن کي آءٌ ٻڌايان ٿو ته هاڻي آسانيءَ سان هو هنن جاين تي ملي سگهندو.
(1) هوٽل اي ون مارڪيٽ.
(2) اخبار آفتاب جي آفيس.
(3) ڪوٽڙيءَ جي مختيارڪاري، ۽ ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم ڪرائيندو هوندو.
هي اهو هرگز نه وساڻ گهرجي ته ماڻهن جي ڪمن ڪارين لاءِ اها سموري ڊوڪ ڊوڙ علڻ خان پنهنجي خرچ تي ڪندو آهي، الٽو ساڻس گڏ ماڻهوءَ جو ڀاڙو ۽ خرچ به پاڻ ڀريندو آهي، نتيجي طور چڱي خاصي آمدني هوندي به صفا ڪامريڊ لڳو پيو هوندو آهي. علڻ خان بنيادي طرح سماجي ورڪر آهي، ائين سماجي ورڪر نه، جيئن عام طرح شهرن ۾ ڪن نام نهاد سماجي تنظيمن جا عهديدار هوندا آهن، جن کي سماج کان وڌيڪ پنهنجي ذات جي سڌاري جو فڪر لڳو پيو هوندو آهي. علڻ خان پنهنجي روء سوء سماجي ڪارڪن به آهي ته تنظيم به آهي ته ادارو پڻ. هو ماڻهن جا ڪم هميشه پارٽي بازيءَ کان مٿاهين جي سوچ تي ڪندو آهي. سائين جي. ايم. سيد جو سچو عاشق آهي ۽ هميشه سندس سياست جي سوچ به اها ئي هوندي آهي ته جيڪا سيد جي عملي جدوجهد جي لائين، پر سماجي ڪم ڪاريون هو، انهن جا به ڪندو آهي، جيڪي جي. ايم. سيد جا مخالف ۽ نظرياتي طرح گندگيءَ جو ڍير هوندا آهن. هتي آءٌ انهن نام نهاد ليڊرن جا نالا لکڻ ضروري نه ٿو سمجهان جن کي علڻ خان منٿون ميڙون ڪري ڇڏايو هوندو ۽ جن ٻاهر نڪري سندس خلاف گاريون اوڳاڇڻ شروع ڪيو هونديون. هو نه صرف پاڻ چڱي حيثيت رکندڙ ماڻهو آهي، پر پاڪستان جي چوٽيءَ جي سياستدانن سان سندس ذاتي تعلقات به رهيا آهن، ان جي باوجود منجهس وڏائي ۽ آڪڙ نالي ماتر به ڪانهي. مٺڙو شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو، خان ولي خان، جي. ايم. سيد وغيره سان هن جا ويجها واسطا رهيا آهن.
ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن ايوبي آمريت خلاف تحريڪ شروع ڪئي، ان وقت سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ کيس ترسائڻ لاءِ به ڪو تيار نه هو. نوابشاهه ۾ سائين جي. ايم. سيد جي لائق فرزند امداد محمد شاهه ڀٽي صاحب لاءِ بندوبست ڪرايو، جتي هن صاحب محدود پيماني تي عوام کي خطاب ڪيو، انهيءَ دوري دوران ان وقت جو ڀٽو صاحب ۽ پوءِ جو قائد عوام جڏهن دادو پهتو ته وڏا وڏا ڪنڌار مڙس پنهنجن ٻرن ۾ لڪي ويا ۽ ڀٽي صاحب لاءِ دادوءَ ۾ رهائش به وڏو مسئلو بنجي وئي، انوقت جي ڊي. سي. کي علڻ خان ريسٽ هائوس ڀٽي صاحب جي رهائش لاءِ حاصل ڪرڻ خاطر درخواست ڏني، جنهن ايوبي آپيشاهيءَ کان ڊڄي ريسٽ هائوس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. علڻ خان ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ريسٽ هائوس تي زوري قبضو ڪري ان ۾ نه صرف ڀٽي صاحب جي طعام قيام جو انتظام ڪيو پر عوام کي خطاب ڪرڻ جو پڻ موقعو موجود ڪيو، جتي ڀٽي صاحب ايوبي آمريت خلاف شعله فشان تقرير ڪئي. ان ڪارروائيءَ کان پوءِ ڀٽي صاحب علڻ خان کي چيو ته: ”مسٽر ٿيٻا! آءٌ تنهنجو اهو احسان نه واريندس تون هميشه مون کي ياد رهندين. تون مون کي ڏکئي وقت ۾ ڪم آيو آهين، اهو آءٌ ياد رکندس.“ واقعي ڀٽي صاحب اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ علڻ خان کي ڪو نه وساريو ۽ جيل ۾ وڌائين جيل جو ڪافي عرصو اسان گڏ گذاريوسين. علڻ خان جيل ۾ ساٿين جي جيڪا خدمت ڪئي سا ڪڏهن به وسرڻ جهڙي ناهي. جيل جو ڪافي عرصو خيرپور جيل ۾ گذاريوسين. جتي ڄڻ سموري جيل تي علڻ خان جو ڪنٽرول هوندو هوس، بيمار ساٿين جي دوا درمل لاءِ جيل انتظاميا سان جهيڙا ڪرڻ، قيدين تي تشدد جي خلاف جيل انتظاميا سان وڙهڻ، راشي عملدارن کي جيل جي اندروني ڊيوٽين کان هٽائي ٻاهر رکڻ، جيل جو صوبيدار جيستائين علڻ خان موجود هو تيستائين جيل اندر نه آيو.
هڪ ڀيرو جيل ۾ اسان جو دوست رسول بخش پليجو بيمار ٿي پيو، ان وقت حالت هي هئي جو پليجو اڪيلو هو ۽ اسان جيئي سنڌ وارا گهڻا، جيل ۾ اچڻ کان اڳ پليجي سموري جيئي سنڌ تحريڪ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي خلاف پيپلزپارٽيءَ جي ڪن خاص وڏيرن جي چرچ تي زبردست بوڇاڙ شروع ڪئي هئي، جنهن کي پوءِ ڪتابي صورت ’واٽون ويهه ٿيون“ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هئائين، پر جيل ۾ هو اسان جي ساٿي هو. سياسي قيدي هو. ان ڪري سندس پر گهور لهڻ اسان جو فرض هو. علڻ خان پليجي کي چيو ته تون هٿرادو طرح بيهوش ٿي پوءِ ڏس رنگ الله جا. مون کي مڃڻو ٿو پوي ته پليجي کي پنهنجي اعصاب تي پوريءَ ريت ڪنٽرول هوندو آهي. علڻ خان جي مشوري تي پليجو بيهوش ٿي پلنگ تي ڪري پيو. اصلي اکيون به نه پيون چرنس. علڻ خان سنين راڄ طرفان ڪندو ماڙيءَ تي ويو ۽ ڊپٽيءَ کي سموري صورتحال کان واقف ڪيائين، جنهن ان وقت سول اسپتال خيرپور فون ڪئي. جتان ڏهن منٽن ۾ سول سرجن پهچي ويو. سول سرجن پليجي کي ڏسي هنگامي صورتحال لاءِ ڪجهه دوائون ڏئي ٻيون لکي گهرائڻ لاءِ جيل وارن کي هدايت ڪري ويو. هاڻي مسئلو هو پليجي صاحب کي هوش ۾ آڻڻ جو. گهڻي وقت جي مٿا ڪٽ کان پوءِ ڊاڪٽر دل جي رفتار وغيره ڏسي ٻڌايو ته ڳڻتيءَ جي ڳالهه ناهي، گرميءَ جو اثر اٿس. ٿوري دير ۾ لهي ويندو. همراهه کي هوش اچي ويندو. ڊاڪٽر ته ائين چئي هليو ويو، پر پليجو هاڻي پنهنجي حالت بدلائي ڇو ۽ بيهوشي ڪيئن ڇڏي، اصلي غش لڳو پيو آهي. علڻ خان مون کي هڪ طرف وٺي چيو هاڻي ته ڦاٿاسين. ڪن ۾ چئو ته هاڻي وارڊ ۾ ڪو به سرڪاري ماڻهو نه رهيو آهي، پنهنجي حالت سڌار ته گلو ڪوس پيئون. اهڙيءَ ريت پليجي صاحب کي هوش ۾ آندو ويو. ان ڏينهن کان پوءِ پليجي صاحب کي خاص طرح ۽ مون جهڙن فقيرن کي عام طرح گرميءَ کان بچائڻ ۽ سهڻي طريقي سان دوا درمل ملڻ جو جوڳو بندوبست ٿيو.
علڻ خان عمره ترجبي سماجي، سياسي ۽ علمي لحاظ کان مون کان بهرحال وڏو آهي ۽ منهنجي بزرگ برابر آهي، پر پوءِ به مون مسڪين ماڻهوءَ جي عزت ائين ڪندو آهي، جيئن ڪو هاءِ اسڪول جو شاگرد ماستر جي ڪندو آهي. وقتي اهڙا موقعا آيا آهن جو ناراض ۽ گرم ٿي ويندو آهي پوءِ به سندس لاڙي ۾ ڪو خاص فرق نه ايندو آهي ۽ سندس قرب جو ڪڪر هميشه مون تي ڇانوَ ڪندو رهندو آهي. پليجي صاحب ۾ جتي ڪي خوبيون آهن، اتي بيشمار خاميون ۽ ڪوتاهيون به اٿس. انهن خامين مان هڪ خامي سندس زبان جي ڪچائي ۽ گندگي پڻ آهي. گار کان سواءِ ڳالهائيندو ئي ناهي. دنيا جو کڻي ڪيڏو به وڏو ماڻهو هجي پر جيڪڏهن سندس نظريي ۽ خيال جو مخالف هوندو ته گار ضرور ڏيندو ۽ ان شخص جي باري ۾ حقيقي، صحيح، سچي معلومات نه هئڻ جي باوجود پنهنجي وڪيلانه هيرا ڦيري ذريعي ان شخص کي گندو ثابت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. اسان جي وجودگيءَ ۾ اها هيرا ڦيري هو عام طرح برصغير جي ليڊرن جي خلاف استعمال ضرور ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڪميونسٽ جي باري ۾ ڪانگريس جي لاڙي جو ذڪر ڪندي چوڻ لڳو ته ميرٺ سازش ڪيس ۾ ڪانگريس غداري ڪئي. مون يڪدم ٽوڪي چيو تنهنجي معلومات جو دارو مدار مدار عبدالله ملڪ جو ڪتاب آهي. حالانڪ ان ڪيس ۾ ڪانگريس نه رڳو ڪميونسٽ جي اخلاقي مدد ڪئي پر قانوني مدد به ڪانگريس ڏني هئي، برصغير جو چوٽيءَ جو ڪانگريسي ليڊر ۽ وڪيل آص علي ميرٺ ۾ ڪميونسٽ جي مفت وڪالت ڪندو هو، ۽ ڀڳت سنگهه ڪيس ۾ به ڪانگريس قانوني مدد ڏني هئي، جتي آصف علي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪانگريسي ليڊر وڪيلن جي حيثيت ۾ ڪيس لڙندا هئا. تون وڪيل آهين، توکي معلوم هئڻ گهرجي ته هروڀرو منصوباً دليل بازيءَ جو سهارو وٺندو آهين ۽ زبان به گندي استعمال ڪندو آهين. خير هڪ شام جو ذڪر آهي، وارڊ جي ميدان ۾ دوستن پئي والي بال راند ڪئي. آءٌ، پليجو ۽ علڻ خان ڪرسيون رکيو ويٺا هئاسين. پي. اين. اي جي تحريڪ آخري مرحلن ۾ هئي. ڀٽي صاحب جو ذڪر نڪتو ته پليجي صاحب هڪدم چيو ته ناصر، نهرو، نعروما، بن بالله، سوئيڪارنو ڀٽي جي پيشاب برابر ناهن. انهن سڀني کي سي آءِ واري اوڇنگارون ڏياري لتون هڻي، خوار خراب ڪري ڇڏيو. [آءٌ اڄ به يقين سان چوان ٿو پليجي انهن مان ڪنهن هڪ جو لکيل يا انهن جي سوانح عمريءَ بابت لکيل ڪو به ڪتاب نه پڙهيو آهي. جڏهن تهمون انهن سڀني جون آتم ڪٿائون ۽ ڪتاب پڙهيا آهن.] پرڀٽو واحد ماڻهو آهي، جنهن سي آءِ اي کي شڪست ڏني آهي، پليجي جو ايترو چوڻ ۽ علڻ خان جو باهه ئي موچڙي ۾ هٿ وجهڻ، چئي: ”مون توکي ڪيترا ڀيراعرض ڪيو آهي ته زبان تي ڪنٽرول رکندو ڪر، تنهنجي بڪواس کي ٽي مهينا مون خاموشيءَ سان ٻڌو آهي. ذليل...........“ پليجو ڪرسيءَ ۾ سُسيءَ ويهي رهيو، اتي مون علڻ خان کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”بيوقوفيءَ واريون ڳالهيون ڪر، جيل ۾ اسان جو چڱو مڙس ٿي ماڻهو کلائيندين ته سنڌي سياسي ماڻهو هڪ وارڊ ۾ گڏجي رهي نه ٿا سگهن. خير علڻ خان منهنجي ڳالهه مڃي ورتي ۽ ٿوري دير کان پوءِ منهنجي عرض ڪرڻ تي پليجي کان معافي به ورتائين.
ٻيو دفعو مشهور بدمعاش راجا جاويد کي پليجي پرپٺ غنڊو چيو، اها ڳالهه تعمير قلندراڻي (هاڻي مرحوم) نالي هڪ ٻروچ وڃي جاويد کي ٻڌائي. شام جو آءٌ ۽ پليجو ويٺا هئاسين. ڇو ته اسان والي بال راند نه ڪندا هئاسين. شام وارو اهو وقت عام طرح اسان لطيف ۽ سنڌ جي تاريخ تي ڳالهائيندا رهندا هئاسون. ان ڏينهن به ويٺي ڳالهايوسين ته راجا جاويد ڇرو هٿ ۾ کڻي اچي پليجي کي چوڻ لڳو ته تو مون کي غنڊو سڏيو آهي. پليجي چيو نه. تو چيو آهي تون خود غنڊو آهين بدمعاش آهين. راجا جو ايترو چوڻ ئي ڪافي هو. مون پٽي راجا کي گار ڏني، ته تون ڪير ٿيندو آهين، اسان جي هڪ سنڌي سياستدان جي خلاف ڳالهائڻ ۽ ان کي ڌمڪائڻ وارو. آءٌ اهو ڇرو تنهنجي..... ۾ لنگهائي ڇڏيندس ان وچ ۾ پليجو اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. هيڏانهن منهنجي حالت اها جو ڪاوڙ ۾ ڌڪان پيو، پر سگهه اهڙي جو اهو غنڊو مون کي ٻانهن مان وٺي اڇلائي ها ته جيل کان ٻاهر وڃي ڪران ها، پر ان جي باوجود مون کيس چيو اٿي وڃ هتان. اسان تنهنجي مشڪل ڏسڻ نه ٿا چاهيون. منهنجي ايتري چوڻ تي راجا جاويد واقعي اٿي ويو ڇو ته کيس خبر هئي ته اهو عبدالواحد آريسر نه پر سنڌي جانبازن جي تحريڪ جيئي سنڌ پئي ڳالهائي.
خيرپور جيل ۾ علڻ خان هڪ زبردست نيڪيءَ جو ڪم ڪيو ۽ ان مان خبر پئي ته واقعي ڀٽي صاحب کيس وساريو نه هو. هڪڙي همراهه کي ڦاسي اچڻي هئي ان کي ڦاسي ڏيڻ جي تاريخ به مقرر ٿي وئي واريون وغيره تري ويون، ان وقت علڻ خان کي خبر پئي. هڪدم پرائم منسٽر کي جيل جي معرفت تار ڪيائين ته هڪ ماڻهوءَ کي ڦاسي پئي ڏني وڃي. اوهان پاڻ رحم جي نظر ڪري کيس ڦاسي کان بچايو. ڦاسي ڏيڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ پرائم منسٽر هائوس مان خيرپور جيل انتظاميا ڏانهن فون آئي ته ان ماڻهوءَ کي في الحال ڦاسي نه ڏني وڃي. وڌيڪ احڪام پوءِ موڪليا ويندا. اڳتي جي مون کي خبر ناهي ته ان ماڻهوءَ جي سزا جي باري ۾ ڇا ٿيو، پر هي ڪيڏي نه تاريخ جي ستم ظريفي آهي جو جيڪو ماڻهو رات جي اونداهين ۾ فون ڪري ماڻهن کي موت جي اونداهيءَ مان ڪڍي زندگيءَ جي روشني بخشيندو هو. سو پاڻ ڪاري رات ۾ ڦاسيءَ جي تختي تي ڦٽڪندو رهيو، پر.....
رت اڏيءَ تان اڏيو سنڌ ڏسندي رهي.
انهن خدمتن جو عملو پليجي صاحب اسان کي اهو ڏنو، جو ٻروچن سردارن جي دلالن کڙتالين طرفان جيڪو پمفليٽ علڻ ۽ منهنجي خلاف نڪتو ان ۾ پليجي ڀرپور مدد ڪئي.
رئيس علڻ خان ڏسڻ ۾ جيترو سادو سودو ڳوٺاڻو نظر ايندو آهي اوترو ئي بهادر، دلير سرويچ ۽ سچ چوندڙ آهي، اهڙي سورهيائي يا حق گوئي وقت هن کي انجام جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي. اهڙي مهل هو ڄڻ هن مقولي تي عمل پيرا هوندو آهي.
هرچه باد آبادن ماکشتي دردريا اندافتبم
معنيٰ: [جيڪي ٿيندو سو ڏٺو ويندو اسان ٻيڙي دريا ۾ اڇلائي وڌي آهي.]
انهيءَ سلسلي ۾ ٻه ٽي واقعا پيش ڪيا وڃن ٿا، جن مان رئيس علڻ خان جي سورهيائي ۽ حق گوئي ظاهر ٿئي ٿي:
(1) آءٌ ۽ رئيس ڪراچيءَ جي هڪ پرتڪلف ۽ شاندار هوٽل ۾ ترسيل هجون، جتي هوٽل مان ڪا به شيءِ گهرائڻ لاءِ هر ڪمري ۾ فون موجود هجي، ٻن پهرن جي مانيءَ لاءِ فون تي آرڊر بڪ ڪرايو ويو. ماني آئي، پر اها جلدي ختم ٿي وئي ۽ اسان جو ڍؤ ڪو نه ٿيو. رئيس فون ڪيو. جواب مليو حاضر سائين، منٽ انتظار ڪري وري فون ڪيوسين. جواب مليو حاضر سائين. وري حاضر سائين جي جواب ۾ اسان جو انتظار شروع ٿيو. پنج منٽ گذريا پر ماني نه آئي. اسان هوٽل جي ٽي منزل تي ترسيل هجون. مون ڏٺو ته رئيس فون ۾ هٿ وجهڻ جي بدران ان بيلٽ ۾ هٿ وڌو جيڪا هو هرينا جي تڪليف ڪري پائيندو ۽ گهڻو ڪري ويهڻ وقت کولي ڇڏيندو آهي. بيلٽ ٻڌي رئيس هوٽل وارن جي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندو هيٺ لٿو. سڌو ڪائونٽر تي ويو، جتي مئنيجر کي ست سريون ٻڌائي ڪچن ڏانهن وڌيو. بيرن کي گاريون، بجا ڏئي، پنج اٺ قنڌاري نان قميص جي جهولي ۾ وجهي، ٻوڙ جو ڏونگهو هٿ ۾ کڻي سهڪندو مٿي روانو ٿيو، پٺيان بيرن جي فوج ظفر مرج چرين ۽ چاقن سان هٿياربند ٿي لڳي. مئنيجر اهو لڪاءُ ڏسي بيرنکي دڙڪا ڏئي روڪي ڇڏيو ته هي ماڻهو سنڌ جو انتهائي معزز ۽ بااثر آهي، ڀٽي صاحب سان سندس ذاتي تعلقات آهن. مئنيجر جي دڙڪي اثر ڏيکاريو ۽ بيرا موٽي ويا.
(2) ملڪ ۾ مارشل لا کي ٿورو عرصو گذريو هو، ان وقت جي حيدرآباد ڊويزن جي ڊي. ايم ايل. اي. ڊي. سي دادوءَ جي معرفت ڪوٽڙيءَ ۾ دادو ضلعي جي معزز ماڻهن جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي. ان گڏجاڻي ۾ رئيس علڻ خان ٿيٻو به پنهنجي لوئيءَ واري پٽڪي سميت وڃي حاضر ٿيو، ميجر جنرل صاحب مختصر خطاب کان پوءِ شريڪ ماڻهن کان پنهنجن پنهنجن مطالبن ۽ تڪليفن بابت معلوم ڪرڻ شروع ڪيو. سڀني چيو سائين! توهان جي حڪومت ۾ شينهن ٻڪري گڏ پائي ٻي رهيا آهن. سڀ خير لڳو پيو آهي، اسان جو مطالبو صرف هڪڙو آهي ته اوهان سدائين حڪومت ڪندا رهو. آخر ۾ فوجي آفيسر جي نظر لوئي جي پٽڪي واري تي پئي. ان کان مزاحيه انداز ۾ پڇيائين ته وڏيرا صاحب توهان جو به ڪو مطالبو آهي، جنهن تي رئيس علڻ خان وراڻيو نه صرف منهنجو پر پوري پاڪستان جي عوام جو عام طرح ۽ سنڌي ماڻهن جو خاص طرح هڪ ئي مطالبو آهي ۽ اهو هي ته توهان مهرباني ڪري جلدي واپس بيرڪن ۾ هليا وڃو. ملڪ جون واڳون عوام جي حوالي ڪريو. ڇو ته هي ملڪ عوام ورتو آهي ۽ اهو ئي حڪومت ڪرڻ جو حقدار آهي. ايتري چوڻ تي ڊي. ايم. ايل. اي. جي جيڪا حالت ٿي سا سندس چهري مان ظاهر هئي، پر ڊي. سيءَ کي ته صفا دست ٿي پيا. ڊي. ايم. ايل. اي علڻ خان کي گهوريندي چيو اسان توهان جي مطالبي تي پنهنجي پوري ڌيان ۽ توجهه سان غور ڪنداسون. بهرحال توهان جو شڪريو!
(3) ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ فوجي آفيسرن علڻ خان کي گهرائي چيو ته ٻڍاپور ۽ ان جي آسپاس واري ريلوي لائين جي نگرانيءَ لاءِ ماڻهو موجود ڪري ڏئي ته جيئن ڪو تخريب پسند ريلوي لائين کي نقصان نه پهچائي. جنهن تي علڻ خان پنهنجي مخصوص گار ڏيندي چيو، اسان جو ماڻهو ماريو اٿو، ٻيو وري ان جي لاش تي روئڻ کان ماڻهن کي روڪڻ لاءِ به اسان کي استعمال ڪرڻ ٿا چاهيو. اهو ڪم اسان کان ڪو نه ٿيندو. اوهان پنهنجي مسئلي جو حل پاڻ وڃي ڳوليو ۽ خود حفاظت ڪريو. سڀني ماڻهن کي ڦاسي ڏئي ڇڏيو ته جيئن ڪو ڀٽي جي لاش تي ڳوڙها ڳاڙڻ وارو نه رهي. نه وري ڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي.
(4) ڄام شوري واري مشهور واقعي کان پوءِ ڪافي شاگرد گرفتار ٿيا هئا، انهن شاگردن جي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪنرل جاويد علڻ خان کي گهرايو. علڻ خان لوئي جي پٽڪي، ۽ اوور ڪوٽ سان وڃي حاضر ٿيو. ڳالهين هلندي ڪرنل جاويد چيو ته انهن ڇوڪرن اسان جي جوان کي ماري وڌو آهي، اها باهه اسان جي سينن ۾ دکي ٿي پئي. علڻ خان ڏاڍي ڌيرج سان چيو جوان ڀيڻ جو....فوج ۾ ڀرتي ئي مرڻ لاءِ ٿيو هو. جيڪڏهن هتي نه مري ها ته سرحد تي مري ها. فوجي حڪومت ڪرڻ ۽ رستن تي عياشي ڪرڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ڪو نه ٿيندو آهي. هو ته مرڻ لاءِ پنهنجي جان وڪڻي فوج ۾ ايندو آهي. سو جوان مري ويو ۽ توهان ان جي موت جو انتقام هڪ پوري قوم ۽ ان جي هڪ پوري پيڙهيءَ کان وٺڻ ٿا چاهيو. ائين ته نادر شاهه به ڪو نه ڪندو. رئيس جي انهيءَ ڳالهه تي ڪرنل جاويد حيران ۽ شدد ٿي علڻ خان کي ڏسندو رهيو. ان ملاقات کان پوءِ ڪرنل جاويد پنهنجي هڪ دوست کي چيو ته: ”مون سان وڏا وڏا تيس مار خان ليڊر مليا آهن، پر مون سان ڪنهن به ائين نه ڳالهايو آهي، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي ڪڏهن به ڪو نه وساريندس ۽ نه وري معاف ڪندس.“
(5) دادوءَ جي شاگردن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل دادو جي چيئرمئن جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد دادو جي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر برگيڊيئر اعجاز احمد سان مليو. ان وفد ۾ رئيس علڻ خان به شريڪ هو. پير بخش خاصخيليءَ، علڻ خان کي سخت منع ڪئي ته تون ڪنهن به صورت ۾ ڳالهائجان نه. ڳالهائيندس صرف آءٌ. اميد ته شاگردن کي آزاد ڪرائي وٺنداسون. وفد جيئن ئي ايس ايم ايل اي جي آفيس ۾ پهتو ته برگيڊيئر صاحب سياست تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو. سڀئي آرام سان ٻڌن پيا پر رئيس علڻ خان جي جسم تي چيلاٽن جي ڊوڙ هجي ۽ ان سان گڏ پير بخش خاصخيلي صاحب جو پير علڻ خان جي پير تي هجي. علڻ خان جيئن ئي پاسو بدلائي ته پير بخش پير تي زور ڏئي علڻ خان کي خاموش رهڻ لاءِ اشارو ڪري. نيٺ هڪ موقعي تي جڏهن برگيڊيئر صاحب چيو ته هندوستان کي ڏسو ڪيترا صوبا آهن، سڀ آرام سان ويٺا آهن. قانوني طريقي سان پنهنجا مطالبا مڃائين ٿا. اتي پير بخش جي پير جي سموري طاقت جي باوجود علڻ خان خاموش رهي نه سگهيو، هڪدم چئي ڏنائين: ”جناب سیاست ہمارا کام ہے، ہندوستان میں تین بار مارشل لا نہیں لگا، بلک ایک بار بھی نہیں، وہاں نوجوانوں کو کوڑے نہیں مارے جاتے۔ یہاں سب کچھ ہوتا ہے، ہر پانچویں سال آرمی آ جاتی ہے۔“ ايتري چوڻ تي برگيڊيئر چيو، توهان وڃي سگهو ٿا. ۽ ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ شاگردن کي قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي.
اها آهي علڻ خان جي فوجين سان ياري، جنهن جو راڳ ٻروچ سردارن جا دلال رات ڏينهن آلاپيندا رهن ٿا ته علڻ خان آرميءَ جو ماڻهو آهي، وغيره.
علڻ خان يارن جو ته يار آهي، پر دشمنن جو پڻ خير خواهه، سنڌ جي روايتي رواداريءَ جو مجسمو، هٿ جو کليل، محب وطن ۽ عوام دوست آهي. اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ تمام ٿورا هوندا آهن. شل قدرت کيس وڏي حياتي ڏئي!