چوٿون درويش حاجي خان محمد نوحاڻي
هڪ ڏينهن شام جو آءٌ پنهنجي هُجري جي اڱڻ ۾ ڪرسي تي ويٺو هوس. شام جو وقت هو، چئني طرفن ڪيئي نظارا ۽ تماشا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. منهنجو هجرو جيئن ته ٻيءَ منزل تي هو، ان ڪري آءٌ پنهنجي انهيءَ بلند نشينيءَ مان خوب فائدو وٺندو هوس ۽ اهو لطف اندوز ٿيڻ جو وقت گهڻو ڪري ٽپهري يا وچينءَ واري نماز کان پوءِ شروع ٿيندو هو، جنهن وقت ۾ ڪڏهن عالماڻي مرحوم، ڪڏهن شوڪت شورو، ڪڏهن ابن حيات پنهور، ڪڏهن نياز همايوني ۽ ڪڏهن حفيظ قريشي قرب ڪري ايندا هئا ۽ سنڌ کان وٺي جبوتيءَ تائين دنيا جي هر ملڪ جي سياست، نظام، تحريڪن، علمي ۽ ادبي لاڙن تي بحث ٿيندا هئا ته اُن سان گڏ گلشن هوٽل جون قواليون ۽ چانهيون به هلنديون رهنديون هيون ته اوسي پاسي جا نظارا به پيا پسبا هئا. اُنهيءَ هجري سان ڪيئي رنگين ۽ سنگين، مٺا ۽ ڪڙا پيارا ۽ ڏکارا داستان لاڳاپيل آهن، جن جي ڌنڌلي ڌنڌلي کائي ياد جڏهن ذهن جي پردي تي تري ايندي آهي ته دماغ ۾ ڪيئي ڏيئا روشن ٿي پوندا آهن ۽ ڪيترا ڦلاريل ڦوڳ ڦليهار جو ڍير بنجي ويندا آهن. اهڙيءَ واندڪائيءَ واري ماحول ۾ نياز همايونيءَ سان گڏ هڪ همراهه پرنام ڪري اچي مليو. محمد صالح عاجز ڪٽ ڏاڙهي البته مڇن جي ڪٽ ۾ نفاست کان وڌيڪ ٻروچڪو ڍنگ رنگ، چهري تي مرڪ، هٿ ۾ ڪپڙي جي هڪڙي وڏي هئر کنيل، پوري پني قد، ويڪري پيشاني ۽ روشن اکين ۽ ويٺل مٿي وارو ڪرڙو ۽ همراهه، اصلي ٻکين پئجي ويو. خوش خير عافيت سان گڏ زندگيءَ ۽ زندهه دليءَ سان ڀرپور ٽهڪن جو وسڪارو. آءٌ سينگل پاسري ماڻهوءَ نبض ۾ انجيڪشن هڻائڻ وقت ڪنهن نرس جو پنهنجي ٻانهن تي زور نه سگهي سگهندو آهيان، سو هڪ صحت مند ماڻهوءَ جي ڀاڪر ۾ ڦٿڪڻ لڳس. نه ڄاڻ نه سڃاڻ، همراهه هڏيون ڀڃڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو، پر وچ ۾ نياز هڪل ڪري چيس ته هاڻ بس ڪر، اسان کي به ملڻو آهي. تڏهن وڃي جان ڇٽي، جان آجي ڪرائي نياز صاحب ڏانهن سواليه انداز ۾ ڏٺم. چيائين حاجي خان محمد نوحاڻي. اڙي سيدنا عاجز جو پاڻ پراڻو سڙيل ڪانگريسي، هن وقت خيالي ڪميونسٽ ۽ عملي مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي اهو هو. جنهن جو نالو ته ڪافي وقت کان ٻڌندو پئي آيس، پر ڏٺم اڄ. اهو هو خان محمد نوحاڻيءَ سان پهريون ڀرپور تعارف، جيڪو ڏينهون ڏينهن گهرو ٿيندو ويو ۽ اڄ دوستيءَ جي اڻ ڦٽ ڌاڳي ۾ پوئجي ويو آهي. پر شرط اهو آهي ته آءٌ جيل ۾ نه هُجان. جي جيل ۾ هوندس ته اسان ۾ ڄڻ ڪا به واقفيت ڪا نه هوندي. هو نئينگ جو نوحاڻي ۽ آءٌ ٿر پارڪر جو آريسر. ڪوهن جو فاصلو. ان کان سواءِ هُو بلوچ عبادر آءٌ ويچارو ويڙهيچو. نيٺ ڪا ته وصف هڪجهڙي هجي جو بلوچ ۽ سماٽ جي دوستي هلي ۽ قائم رهي سگهي. باقي جيل کان ٻاهر سنڌي ماڻهو آهيون. وطن دوست آهيون، ابو الڪلام جي تحرير جا عاشق ۽ گانڌيءَ جي عدم تشدد واري آدرش تي ايمان رکندڙ. گندرن وانگر گدلا، مارو ماڻهو. حاجي خان محمد ۾ اهڙي ڪا به غير معمولي شيءِ ڪانهي جو ماڻهو هڪدم ڏانهس متوجه ٿئي. سواءِ ان ڳالهه جي ته هن جا خيال ڪانگريسي هئا، اڃا تائين آهن ۽ شايد ورثي ۾ پوين لاءِ به اهي خيال ڇڏي وڃي، ڇو ته ملڪ جي آزاديءَ کان اڳ سندس دماغ ۾ اهو خيال ويٺل هو ته هن وقت پنهنجي ذهن ۽ ضمير جون سموريون فرتون پئسي ۽ دولت ڪمائڻ جي بحران آزاديءَ جي حصول لاءِ صرف ڪرڻيون آهن ۽ وقت جو ذرو به پنهنجي جسم ۽ جان جي فائدي لاءِ استعمال نه آهي ڪرڻو. سندس لفظن ۾ پسئو ته رهيو پري جي ڳالهه، اسان تي آزاديءَ جي جدوجهد جو ايترو جنون سوار هو جو هڪ ڀيرو ڪراچيءَ جي هڪ علائقي ۾ آءٌ پنهنجي محبوبه سان مليس، سو به سندس اصرار تي. ملڻ کان پوءِ هن مون کي چيو ’ويهه ڪچهري ڪريون‘، قرب ونڊيون اندر ۾ ٻرندڙ آگ ’اُجهاريون‘، مون چيو ڪجهه ڪو نه ٿيندو. جيڪڏهن اندر جي آگ اجهائڻ تي هروڀرو ايترو زور آهي ته به پاڻ ويهنداسون ڪو نه، اهو سارو قرب بيٺي بيٺي ونڊيون، ڇو ته آءٌ هن وقت فلاڻي جاءِ تان پمفليٽ کڻڻ وڃي رهيو آهيان. ڇوڪري حيران ٿي بيهي رهي ۽ صرف ايترو چيائين، يعني انگريز نمونو! اهو ڏينهن ته انگريز نمونو ٿيو، پر آئنده لاءِ پاڻ پنهنجي لاءِ جسم تي دنيا جي هر نعمت حرام ڪري ڇڏي ۽ سوچيوسين ته آزادي ملڻ کان پوءِ زندگي جا ڪيئي ارمان ۽ حسرتون پوريون ڪبيون. [ڪانگريس نه صرف هڪ سياسي تنظيم هئي پر ان سان گڏوگڏ هوءَ پوريءَ ريت سماجي انقلاب جي تحريڪ هئي. جنهن انساني زندگين ۽ ذهنن ۾ پاڪيزگي ۽ پاڪ خيالي پيدا ڪري ڇڏي هئي. انسلسلي ۾ سيدنا عاجز جو هڪ واقعو دلچسپيءَ کان خالي ناهي. سيدنا پوليس جي وٺ پڪڙ کان روپوش ٿي هڪڙيءَ جاءِ تي ترسيل هو، جتي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ روز رات واريءَ مانيءَ کان پوءِ کيس هڪ گلاس خالص کير ملڻ لڳو. کيرکڻي ايندڙ ٻار هميشه چوندو هو ته سائين هي کير توهان کي اديءَ موڪليو آهي. ان کير جي عجيب خاصيت اها هئي ته گلاس جي تري ۾ پنجن روپين جو نوٽ ويڙهيو سيڙهيو رکيو پيو هوندو. عاجز صاحب انهيءَ پراسرار اديءَ جي قومي درد کان ڏاڍو متاثر ٿيو، تان جو هڪ ڏينهن ٻار چيو ته ادي چوي ٿي آءٌ اڄ رات فلاڻي جاءِ تي اينديس توهان به اتي اچجو. اهو نياپو ملڻ شرط عاجز صاحب ’ادي‘ کي کير ۽ پئسن لاءِ دعائون ڏياري موڪليون ۽ پاڻ انهيءَ وقت ان جاءِ تان ائين گم ٿي ويو، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ. اهو ئي سبب آهي جو مهاتما جي آشرمن ۾ اخلاقي حدن کان ڪريل ڪو سالن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ واقعو ٿيندو هو نه ته بس.] پر جڏهن آزادي ملي تڏهن ڏٺوسين ته گهر پنهونءَ کان سواءِ سسئي جي سيج وانگر سڃو لڳو پيو هو. سامهون سارو وارياسو. اسان جن خيالن تي سابق انگريزي ملازم بندوقون ۽ قانون جون زنجيرون تاڻيو بيٺا هئا. دنيا ۾ غلام ملڪن جا انسان آزاديءَ جي تحريڪن ۾ هن نيت سان حصو وٺندا آهن ته يا آزاديءَ جي جنگ دوران شهيد ٿينداسون ۽ اسان جي شهادت جي رت مان ماترڀوميءَ جي هنج ۾ ڪيئي گلاب ڦٽي نڪرندا. جيڪي وڻراهن کي پنهنجي سرهاڻ سان واسي ڇڏيندا يا وري آزاديءَ جي سوڀ جا جهنڊا وطن جي هر وڻ جي چوٽيءَ تي ڦڙڪائينداسين ۽ پوءِ انهن جهڊن جي اڏامن هيٺ پنهنجن نظرين جي بنياد تي پنهنجي ديس ۾ ڪيئي نيون جننون تعمير ڪنداسون. غلاميءَ جي هر نشانيءَ کي پاڙوئن پٽي اڇلائينداسون. ويران ملڪ مان نه رڳو هڪ نئين ملڪ کي جنم وٺرائينداسون پر ان جي کنڊرن ۽ تباهه ٿيل انسانيت مان هڪ نئون نڪور، آزاد خيال، آزاد ذهن ۽ آزاد ضمير وارو انسان تخليق ڪنداسون، جيڪو عالمي سامراج جي تخليقي فرقن کي پنهنجي محنت ۽ تخليق سان للڪاريندو رهندو، پر اسان ڪهڙا مجاهد ۽ سرفروش هائسون جو نه اسان جي رت مان ڪي گلاب ڦٽا ۽ نه وري پنهنجي ٻين جي ڪنهن وڻ تي پنهنجو جهنڊو چاڙهي سگهياسين. الٽو پنهنجي ديس جي تعمير جي سوچ کان ئي روڪيا وياسين. اڄ اسان پنهنجي وطن ۾ چورن وانگر زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان جي گهرن ۾ سواءِ پنهنجين سوچن جي سرهاڻ جي ڪا به شيءِ نه آهي. اسان جي گهرن ۾ اڄ به اوندهه آهي. سواءِ انهن ڪتابن جي روشنيءَ جي، جيڪي اسان پنهنجن ٻچن کي بکيو رکي ورتا هئا ۽ وٺندا رهون ٿا.
ڪتابن جي ڳالهه نڪتي آهي ته هتي آءٌ اهو ٻڌائيندو هلان ته جنگ آزادي ۽ ان کان پوءِ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جو جيترو ذخيرو خان محمد نوحاڻي وٽ آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻيءِ جاءِ تي هجي. بقول محمد صالح عاجز جي ته خان محمد وٽ قاعدي ’بيسرنا القرآن‘ کان وٺي داس ڪيپٽال تائين هر ڪتاب موجود هوندو. ويندي ايتريقدر جو تحريڪ آزاديءَ دوران مختلف ليڊرن جي فوٽن سان جيڪي پيج ڇپيا هئا، ڪلينڊر تيار ٿيا هئا، ٽڪيٽ ٺهيا هئا، سي سڀ وٽس موجود آهن. هڪ وقت ۾ ڪانگريس فنڊ ڪٺي ڪرڻ لاءِ چانهن پيارڻ وارا ڪوپ تيار ڪرايا هئا. جن تي مهاتما گانڌيءَ جو فوٽو هو، جنهن ۾ هو چرخو ڪٽي رهيو آهي، اڄ پوريءَ سنڌ ۾ اهي ڪوپ صرف حاجي خان محمد وٽ آهن. آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته جنهن به نوجوان کي جيڪڏهن آزاديءَ جي جنگ جي باري ۾ ڪو صحيح ۽ سچو ڪتاب لکڻو هجي ته ان کي يا سيدنا عاجز سان ڪجهه گهڙيون گهارڻ گهرجن. [پر شرط اهو آهي ته سيدنا ڪنهن هڪ جاءِ تي ٻه چار ڏينهن ترسي] يا حاجي خان محمد نوحاڻيءَ جي ڪتب خاني ۾ وڃڻ گهرجي. [پر اُن لاءِ به شرط اهو آهي ته حاجي صاحب جي گهر واري پنهنجي گهر جي ننڍڙي دڪان مان ٻه چار ڏوڪڙ ڪمايا هجن ۽ خان محمد نوحاڻي اهي کڻي ڪراچي، حيدرآباد يا ٻئي ڪنهن پاسي نون ڪتابن وٺڻ لاءِ روانو نه ٿي ويو هجي.] حاجي خان محمد نوحاڻي جو ڪتب خانو ڏسڻ لاءِ وڃڻ وقت توهان اهو هرگز نه سوچيو ته ڪو ڪارآمد ڪتاب توهان وٽانئس کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيندؤ. هو توهان کي ڀلي رڍ يا ٻڪري ڏئي سگهي ٿو، پر ڏيپلائيءَ جو ”مرشد جو اڳٺ“ [جنهن جي قيمت 2 آنا آهي] سو هرگز نه ڏيندو. هو پنهنجن ڪتابن جي حفاظت اهڙي طرح ڪندو آهي، جهڙي طرح سنڌي مرد پنهنجي جوءِ ۽ جُوءِ جي حفاظت ڪندو آهي.
هڪ جوء ٻي جُوء، ڇڏن ڪين جوان
اُهي ڀي انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.
ها، حاجي خان محمد لاءِ سندس ڪتاب پنهنجي ماتر ڀومي وانگر مقدس آهن. ۽ اُهي جيڪڏهن کانئس ڪنهن زوري ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت هن جي هٿ ۾ ڪهاڙي هوندي، [ڇو ته تلوار هن وقت رواج ڪونهي ۽ بندوق وٺڻ جي منجهس سگهه ڪانهي] ۽ پاڻ ’توتان نوحاڻي] بنجي ويندو. جهڙو ڪر نئينگ جي چشمن تي مفلوج ڪاهه ڪئي هجي. کيس جيئي سنڌ وارن سان سخت اختلاف آهي ۽ ان اختلاف جو وڏو نظرياتي سبب هي آهي جو هڪ ڀيرو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪجهه دوست وٽس مهمان ٿي سندس ڪتب خانو ڏسڻ ويا هئا ۽ واپسيءَ ۾ کانئس لڪائي بادشاهه خان جي سوانح عمريءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب کڻي آيا، جيڪو اڄ ڏينهن تائين کيس واپس نه مليو آهي. ڪتابن سان سندس جنون عشق تائين پهتل آهي. هڪ ڏينهن آءٌ ’نئين سنڌ پريس‘ ڪراچيءَ ۾ ويٺو هوس ته پاڻ آيو. ڳالهه نڪتي ته ”اخبار جهان“ جي ڪن پرچن ۾ برصغير تي هڪ سلسليوار مضمون ڇپيو آهي، منجهس اهڙو مواد آهي جيڪو پهريون ڀيرو منظر عام تي آيو آهي. اها ڳالهه ٻڌڻ شرط اُٿيو ’اخبار جهان‘ جي آفيس ۾ ويو، کيسي ۾ جيڪي به پئسا هئا، تن جي اخبار ’جهان‘ وٺي وڏي پٺارڪ ٻڌي اچي منهنجي آفيس ۾ ويٺو. پڇاڙيءَ ۾ ڀاڙو کٽي ويو هوس. سو مون کان ڏهه رپيا وٺي حيدرآباد روانو ٿي ويو.
هڪ ٻيرو اصلي قيام ٿي ويس. مون سان منهنجي دوست خالق ڳالهه ڪئي ته حاجي خان محمد آيو هو، صفا مظلوم ۽ مسڪين صورت ۽ روئڻهارڪو مهانڊو، ’ناحق ناحق‘ جون صدائون بلند ڪندو وتيو ٿي. مون خالق کان پڇيو آخر ويڌن ڪهڙي ٿي هئيس؟ هندوستان ۾ يا پاڪستان ۾ ڪو سڙيل ۽ سُري کاڌل ڪانگريسي مري ويو هوڇا؟ ڇو ته انهن ماڻهن کي روئن صرف اهڙن موقعن تي ايندو آهي، جڏهن ڪو جهونو ڪانگريسي مرندو آهي يا هندوستان جي ڪنهن تڪ مان چونڊن ۾ هارائيندو آهي. هڪ پراڻي ڪانگريسيءَ جو اُهي سڙيل ڪانگريسي گهڻو ڪري مثال ڏيندا آهن ۽ اهو آهي مرحوم شاهه محمد بلوچ. اُن جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن ته جنهن ڏينهن مهاتما گانڌي شهيد ٿيو، ان ئي ڏينهن شاهه محمد بلوچ جو والد گذاري ويو. تعزيت تي آيل ماڻهن پڇيو ته ”پڻهين جي ڪري ٿو روئين يا گانڌيءَ جي ڏک ۾.“ جواب ڏنائين ”بابي جهڙا ٻروچ روزانو هزارين پيدا ٿيندا ۽ مرندا رهندا آهن، انهن تي روئڻ خواهه مخواهه اکين جو پاڻي ضايع ڪرڻ آهي، باقي گانڌيءَ جهڙا ماڻهو انسانيت جي تاريخ ۾ هزارها سالن ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ صرف ڪنهن خوش قسمت ملڪ ۾ پيدا ٿيندا آهن. ان ڪري آءٌ گانڌي جي غم ۾ روئي رهيو آهيان.“ اهو مثال ڏيندڙن کي آءٌ چوندو آهيان ته گانڌيءَ جي شهادت تي شاهه محمد بلوچ نه ٺهيو، پر پوري انسانيت کي روئڻ گهربو هو، ڇو ته گانڌي رڳو ڪانگريس ۽ هندوستان جو سرمايو نه هو، پر هو سموري امن پسند انسان ذات جي ميراث هو. ان ڪري ان جي موت تي روئڻ واري مثال جي پيروي ڪندي اوهان جيڪڏهن ڊيسائي ۽ جيوڻ رام لاءِ به روئڻ شروع ڪندا ته اها اوهان جي حماقت آهي. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي هميشه ناراض ٿيندا آهن. سو اُن ڏينهن خالق کان به اهڙو ئي سوال ڪيم. خالق چيو اهڙي ڪا به ڳالهه ڪا نه هئي. اصلي مسئلو هي هو ته همراهه حب نديءَ جي ڀرسان عيد نماز پڙهائي موٽيو هو، وٽس پنج سؤ رپيا ۽ هڪ ڪتاب هو، جيڪو مهاتما گانڌيءَ تي ڪنهن آمريڪي صحافيءَ جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي ۽ هن وقت اڻلڀ آهي. اهو ڪتاب انهيءَ صحافي مهاتما جي آشرم ۾ هڪ هفتو رهي ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيو هو. خان محمد جو اهو سمورو سامان ٿيلهي ۾ پيل هو ۽ اهو ٿيلهو کانئس گم ٿي ويو. کيس پئسن وڃڻ جو ڏک ڪو نه هو، ڏک صرف ڪتاب وڃڻ جو هو، جيڪو کيس ڪٿان به ملي نه سگهندو. انهيءَ غم ۾ همراهه جي اوڇنگارَ جو ٺڪاءُ هو.
خدا جي قدرت آهي، سائين صالح شاهه نئنگ واري جي تر ۾ اهڙا ڪتابن جا ڪيڙا ماڻهو به پيا آهن، نه ته صالح شاهه جي تر ۾ ته سالن جي ”سانڍيل ڀنگ“ هئڻ گهرجي. مون مرحوم کي ڏٺو ڪو نه هو، باقي ’ڪوڙين ڪنين ٻڌو اٿم ته ٿاڌلڙي جا ٻه چار ٿرماس هميشه جيپ ۾ ساڻ هوندا هئس ۽ انهيءَ بهشتي ٻوٽيءَ جو رنگ سائين سڳوري جي شهپرن تي اهڙو ته چوکو چڙهيل هو، جو شايد آمريڪا ۽ يورپ جا ميڪ اپ جا ماهر به لاهي نه سگهن ها. ظفر حسن شاهه [ڪهاڻيڪار] کي کپي ته وارن کي پولي ڪلر هڻڻ بدران سائيءَ جي سُرکي لڳائي ڇڏيندو ڪري ته پوري پاڪستان ۾ سندس وارن جو ڪلر انوکو ۽ عجيب ٿي ويندو، منهنجي يقين جي حد تائين دعويٰ آهي ته جيڪڏهن پوري وچ اوڀر جي تيل جو پئسو خان محمد نوحاڻي کي ملي وڃي ها ته پوءِ ڀل سندس جسم تي سلامت قميص به نه هجي، ڀل گهر ۾ اٽي جي لپ به نه هجي، ٻارڙا بکن ۾ پاهه پيا ٿيندا هجن، سندس گهر ڊٺو پيو هجي، پر سُو انهيءَ سموري پئسي ۽ دولت مان صرف ٻه شيون خريد ڪندو: هڪ سموري دنيا جا ڪتاب ۽ ٻيو انهن ڪتابن رکڻ لاءِ ڪاٺ جو پيتيون ۽ اهي سڀ ڪتاب ۽ پيتيون دادو ضلعي جي نيئنگ واري علائقي جي جابلو حصي ۾ رکائي پنهنجي سر ڪهاڙي کڻي چوڪيداري ڪندو رهندو. مون کي شڪ آهي ته ڪٿي مرڻ وقت اها وصيحت نه ڪري وڃي ته منهنجي مٿان ڪتابن جو مقبرو تعمير ڪرايو وڃي. مون مٿي چيو آهي ته ”انهيءَ سموري ڪتابي علائقي جي پنهنجي سر پاڻ ڪهاڙي کڻي چوڪيداري ڪندو رهندو“ اهو ان ڪري جو هو ڪتابن جي معاملي ۾ ڪنهن تي به اعتبار ڪرڻ لاءِ قطعي تيار ڪو نه هوندو آهي. خاص ڪري محمد صالح عاجز ۽ جيئي سنڌ وارن تي اهڙو ڏکيو اعتبار ڪندو، جهڙو ابوجهل حضور صه جي نبوت تي اعتبار ڪري. اهو ان ڪري جو محمد صالح عاجز ۽ جيئي سنڌ وارا سندس قيمتي ڪتاب کڻي ويا، پر واپس نه ڪيائون. ڪتاب وري ڪهڙا ”ذڪر آزاد“ مصنف عبدالرزاق مليح آبادي ۽ ’بادشاهه خان‘ ۽ ’سرخ پوش تحريڪ جي تاريخ‘، جيڪي سندس نظر ۾ صفا اڻلڀ آهن. مون کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو قيمتي ڪتب خانو ڏسڻ جي دعوت ڏيندو رهندو آهي، پر دعوت ڏئي وري شرط وجهندو آهي ته ڪو ڪتاب لڪائي کڻي نه ايندين، ڇو ته جيئي سنڌ وارن مون کي اڳ ئي ڌوڪو ڏنو آهي ۽ منهنجا قيمتي ڪتاب کڻي ويا آهن، تون به جيئي سنڌ جو آهين. ڪانگريس سان هميشه عشق رهيو اٿس. آزاديءَ جي جنگ ۾ شريڪ به رهيو آهي پر ڪڏهن به جيل وڃڻ جو موقعو نصيب ڪو نه ٿيو اٿس، ان ڪري جيل جو ڊپ به ڏاڍو اٿس.
جواهر لال جي خاندان سان بي پناهه عقيدت اٿس، جيتوڻيڪ جواهر لال سان ڪڏهن مليو ڪو نه. جواهر لال جي خاندان سان عقيدت جو ئي نتيجو آهي، جو پنهنجي ڌيءَ جو نالو ”اندرا“ رکيو اٿس. ۽ پٽ جو ”جواهر لال“ اهي نالا اُن وقت رکيا هئائين، جڏهن اندرا هندوستان جي وزيراعظم ڪا نه بني هئي. مون کي معلوم ناهي ته سنجي گانڌيءَ جي وفات تي سندس تاثرات ڪهڙا هئا، پر اڄ جڏهن آءٌ هي سٽون لکي رهيو آهيان، اُن وقت سوچيان ٿو ته ڇا نالي رکڻ سان ڪا ڇوڪري ”اندرا“ ۽ ڇوڪرو ”جواهر لال“ بنجي ويندو. جڏهن سنجي گانڌي وفات ڪئي، اُن وقت جنگ جي ڪالم نگار انعام درانيءَ لکيو هو: ”دنيا ۾ انهن عورتن ڄمڻ ئي ڇڏي ڏنو، جيڪي اندرا ٿين، پر جيڪڏهن ڪا اندرا پيدا به ٿي پوي ته ان جي نصيب ۾ اهو لکيل ئي نه هوندو ته اها سنجي جهڙي پٽ کي جنم ڏئي، سنجي هندوستان جو وڪر ماجيت هو، جنهن کي موت جو ميرحم هٿ برصغير جي ماڻهن کان ڏاڍو جلدي ڇني ڌار ڪري ويو.“ منهنجي خواهش ۽ دعا آهي ته حاجي خان محمد جو پٽ ۽ ڌيءَ هن سرزمين لاءِ واقعي جواهر لال ۽ اندرا ثابت ٿين، جن جي هن سرزمين جي تاريخ کي صدين کان ضرورت پئي رهي آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين ان جي اها تاريخي ضرورت پوري نه ٿي آهي. هروڀرو تون ۽ مان انهن ڪردارن لاءِ اهڙن ماڻهن جو انتظار ڇو ڪريون جن جا نالا ساڳيا هجن، اڄ ته ڪوشش ڪريون انهن ڪردارن کي پاڻ نڀائڻ جي شورش ڪاشميريءَ لکيو آهي: ”آءٌ جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي محبوب سان لاهور جي شملي پهاڙيءَ تي مليس. اسان ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا هئاسين، آءٌ هن جي اکين ۾ ڏسي رهيو هوس، پر ڳالهائي نه ٿي سگهيس. ان وقت آءٌ پنجاب جو ٻيو نمبر سڀ کان وڏو خطيب ۽ مقرر هوس، پر خورشيد جي سامهون سموري خطابت وسري وئي.“ اهڙو ساڳيو حال حاجي خان محمد نوحاڻيءَ سان به ٿيو. آءٌ مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته هو ابو الڪلام آزاد جو عاشق آهي. هڪ وقت هن جي دل ۾ عشق اهڙو آڙاهه مچايو، جو معشوق کي ڏسڻ جو شوق ايتري شدت ۽ سختيءَ سان پيدا ٿيو، جو همراهه معشوق کي ڏسڻ لاءِ اٽو ٻڌي دهليءَ روانو ٿيو. مون وٽ پورو ڀاڙو به نه هجي ۽ نه وري ڪنهن کان گهرڻ ئي مناسب سمجيهم. بس الاتوهار ڪري پيادل روانو ٿيس. رستو راجا لائيف وارو ورتم. واٽ تي ڪٿي مسجدن ۾ ترسيم ٿي ته ڪٿي مندرن ۽ ڌرمشالائن ۾! ڪٿي وجهه مليو ٿي ته راجا لائيف واري گاڏيءَ ۾ بناهه ٽڪيٽ جي چڙهيس ٿي ته ڪٿي لهي وري پنڌ ٿي پيس، ملڪ هڪ هو، پر مٽ ۽ پاسپورٽ جو چڪر ڪو نه هو. اُن ڪري بناهه ڪنهن کٽڪي جي هلندو رهيس. ڪٿي سنڌ جو ڪانگريسي ورڪر ٿي سڏايم ته ڪٿي (هراري) ڪٿي اهڙو شاگرد، جنهن کي دارالعلوم ديوبند ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻو آهي. هزار ميلا، هزار جهانا، ڪيئي روپ ڪيئي بهروپ، بس دل ۾ هڪ تڙپ هئي ته ان انسان کي ڏسان جنهن جي فڪر ۽ قلم برطانيه جهڙي با جبروت بادشاهت جي قلعن ۾ زلزله وجهي ڇڏيا هئا ۽ پنهنجي اڳيان پوري انسان ذات جي تاريخ ائين هئي، جيئن هٿ جي تريءَ جون ليڪون. جنهن نوجوانن خواهه پوڙهن کي پنهنجي پروقار شخصيت جو عاشق بنائي ڇڏيو هو. ان کي ڏسڻ لاءِ آءٌ ڪشالا ڪاٽي، پرٿري راڄ روڊ دهليءَ جي ان بنگليءَ جي دروازي تي پهتس جتي مولانا صاحب ترسيل هو. دروازي تي بيٺل چوڪيدار کي چيم مولانا صاحب سان ملڻ لاءِ سنڌ مان آيو آهيان. ڪانگريس جو ڪارڪن آهيان، ڪن خاص مسئلن تي مولانا سان ڳالهائڻو اٿم. چوڪيدار ٻڌايو ته مولانا صاحب هينئر ننڊ ۾ آهي. شام جو چئين وڳين چانهن تي اٿندو، ان وقت ملجان. هينئر تون اندر ويهه هلي. آءٌ ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ بدران بنگلي جي آڳور ۾ بيٺل وڏن وڻن جي ٿڌي ڇانوَ ۽ سائي زبردست ڇٻر تي سمهي رهيس. ان وقت ڪانگريسي ڪارڪن لاءِ اهڙي سادگي عزت جي نشاني هوندي هئي، نه اڄوڪي دور وانگر ان کي بيوقوفي سمجهيو ويندو هو. آءٌ ليٽيس ته ننڊ اچي وئي ۽ آءٌ هر شيءِ کان بيخبر سمهي رهيس. ساڍين پنجين وڳين اک کلي، ٽپ ڏئي اٿي وڃي ساڳئي همراهه کي چيم ته هاڻي مولانا سان مِلاءِ. جواب مليو مولانا واشراءِ سان ملڻ لاءِ هليو ويو آهي، اڌ ڪلاڪ ۾ موٽندو، پوءِ ملاقات ڪجانءِ. سائين هاڻي آءٌ به دروازي تي چوڪيدار سان گڏ بيهي رهيس. اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته مولانا جي موٽر اچي وئي، دروازو کليو ته آءٌ دروازي جي وچ ۾ بيهي رهيس. مولانا چوڪيدار کان پڇيو ته ڪير آهي. ان کيس ساري حقيقت ٻڌائي. مولانا موٽر مان لٿو، مون سان هٿ ملايائين. سندس مرضي هجي ته آءٌ ساڻس گڏ اندر هلان، پر آءٌ ڀت وانگر بيهي رهيس. مولانا به بيهي رهيو. چهري تي مرڪ خوبصورت چهري کي وڌيڪ دلڪش بنائي ڇڏيو هو ۽ آءٌ ان جي جادوگري ۾ ٻڏي ويس. ڳالهائڻ وسري ويو، نيٺ مولانا صاحب پڇيو: ” بھائی کوئی کام، سائیں دعا کرو اللہ علم یا عمل نصیب کرے۔“ ايترو چئي آءٌ هٽي ويس مولانا اندر هليو ويو ۽ آءٌ وري ساڳئي نموني واپس موٽيس“ اها آهي معشوق جي زيارت جي روايت خان محمد نوحاڻي جي زباني.