ڀاڳ ڀري
هِـڪَ ڏِيـنـهَـن هـِنَ جيٖ ماءُ کيس چيو، ”تُــنـهِـنـجِـي نانـِي بِيمارُ آهي. تون ڪـُجھُه ڪيڪَ کَــڻــِي وَڃُ، ۽ کيس ڏيـئـِي اَچُ.“
هـِنَ جِي نانـِي ٻـيـليٖ وِچَ ۾ رَهَـندِي هُئـِي.
سو نَـنـڍِڙِي نِينگِـرِي اوڏانهن روانـِي ٿِي. هُوءَ هلندي هلندي جڏهن ٻيلي اندر پهتي، تڏهن اوچتو هڪڙو مڪار بـَگَھـڙَ ٽُپُ ڏيئِي ٻاهِـرِ آيو ۽ چَيائِين، ”ننڍڙي نينگري، تُـنهِنجو نالو ڇا آهي؟“
هـِـنَ ڊِڄِـي ڊِڄِـي پَـنـهِـنـجـو نـالـو ٻُـڌايـو. پوءِ ان مڪار بگھڙ پڇيو، ”تُـون ڪيڏانهن وِڃِي رَهِـي آهين؟“
ڀاڳ ڀريءَ وَراڻِـيـو، ”آئون پَنهِنجي نانِـيءَ کي ڪيڪَ ڏِيَـڻَ پَـئِـي وَڃَـان.“
اِهـو ٻُـڌِي مَـڪَـارَ بَـگھَـڙُ تَمامُ تِـکـو ڊوڙِي نـانـِيءَ جيٖ گھَـرِ ڏانهُن وِيـو. هِـنَ دَرَ تيٖ ٺُـڪِ ٺُـڪِ ڪَـئـِي ته نانـِيءَ پڇيو، ”ڪيرُ آهي؟“
اُنَ تي هِنَ مَڪارَ پَنـهِـنـجو آواز بـَدِلائـيٖ نَـرَمُ ڪَري چَيو، ”آئون ڀاڳ ڀري آهيان.“
نانـيءَ چيو، ”چڱو، پوءِ ڀَليٖ اَندَرِ اچ.“
هُـو ڊوڙِي اندر گِھـڙِيو ۽ نانيءَ کيٖ کائِـي ڇَــڏِيــو. هائو، هُو نانِـيءَ کيٖ سَڄو ڳِـڙِڪـائـيٖ وِيـو.
پوءِ مَڪارَ بَگھَـڙَ نانِـيءَ جي راتِ وارِي ٽوپِـي پاتِـي، ۽ نانـِيءَ جِـي عـينَـڪَ اکِينِ تـيٖ چاڙهيٖ، وَڃِــي نانِـيءَ جيٖ بِـسِـتـِريٖ تي ويـٺـو.
هاڻيٖ ڀـاڳ ڀـري به اَچِـي نانـِيءَ جيٖ گَھـرِ پـهتِـي.
هِـنَ نـانِـيءَ جو دَرُ کُــڙِڪـايو ته مـڪـار بـگھـڙ پـڇـيـو، ”ڪير آهي؟“
هِـنَ چيو، ”آئون ڀاڳ ڀري آهيان ۽ مون توهان جي کائڻ لاءِ ڪجھه ڪيڪ آندا آهن.“
مڪار بگھڙ نرم آواز ۾ چيو، ”مُنـهِنـجِـي مِـٺِـي اندرِ اَچُ.“
ائين ڀاڳ ڀري نانِيءَ جي گھر اندر گھڙي. هن بگھڙ کي ئي پنهنجي ناني ڪري سمجھيو. هـن پنهنجي نانيءَ جي اکين ڏيٖ نهاري پُـڇِـيـو”نانِي! اوهانـجِيُـون اکِيُون ته ڪيڏِيون وَڏِيُــون آهِـن!“
”ان لاءِ ته تـوکيٖ چَڱيٖ نـمـونيٖ ڏِسِـي سَـگھـان، مُنهِنجِـي پـيـاري!“ مڪار بگھڙ چيو.
پوءِ وري ننڍڙيءَ نينگر نانيءَ ڏي ڏِٺو ۽ چَيو، ”ناني! اوهان جا ڪَـنَ ته ڪيڏا وڏا آهن!“
”ان ڪري ته آئون توکي سـٺـي نموني ٻـڌي سـگھـان، منهنجي پياري!“ مڪار بگھڙ چيو.
وري هڪ دفعو ٻِيهَر ننڍڙيءَ نينگر نانيءَ ڏي نهاريو ۽ چيو، ”او ناني! توهانـجـا ڏنـد ته ڪيـڏا وڏا آهن!“
”ان لاءِ ته توکي سُٺيٖ نَمُونيٖ کائـِي سَـگھان، منهنجي پياري!“ اهو چئي بگھڙ نينگريءَ کي کائڻ لاءِ بستري تان ٽپ ڏئي لٿو.
پر اُنَ وَقـت هڪڙي ڪاٺيئر بـگھـڙ جي ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ هُـو ڪُـهـاڙِي کـڻـي ڊوڙي انـدر آيـو. اچڻ سان پنهنجي ڪهاڙيءَ سان بگھڙ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. خدا جي قدرت سان ناني اُتان جـِيئـَرِي نِڪِرِي آئِي.
ان کان پوءِ نانِي بِستري تي وَڃـِي ويٺِي ۽ انهن سڀني چانهن ۽ ڪيڪ کاڌا.
ائين مڪار بگھڙ جي پڄاڻي ٿي ۽ انهيءَ سان هيءَ ڪهاڻي به ختم ٿي.
(آڪسفرڊ پريس ۽ جِنِ ڪمپني جي اشتراڪ سان ڇپايل ڪتاب Once upon a time ۾ ڏنل ڪهاڻي Little Red Ridinghood جو آزاد ترجمو.)