ٻاراڻو ادب

خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون

ٻارڙن لاءِ پرڏيھي ادب مان چونڊ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو مجموعو ”خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون“ پيش ڪري رھيا آھيون. ڪتاب جو مترجم حبيب سنائي آھي. اسان وٽ ٻارن لاءِ سٺن ڪھاڻي ڪتابن جي کوٽ آھي. ان کي ذھن ۾ رکي ڪري حبيب سنائيءَ گهڻو عرصو اڳ ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين کي ترجمو ڪيو ھو، جن مان آسڪر وائيلڊ واريون ٻہ ڪھاڻيون تہ ڪافي وقت شايع ٿيون، پر رھيل ڪھاڻين مان ٽي کن گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿيون آھن.  ياد رھي تہ آسڪر وائيلڊ جون ان ڍنگ ۾ لکيل نو کن ڪھاڻيون آھن، جن مان ٻہ ھتي ترجمو ڪيون ويون آھن. 

Title Cover of book خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون

ادرڪ ماني وارو نينگر

ڪنهن زماني ۾ هڪڙو پوڙهو ماڻهو ۽ هڪڙي پوڙهي عورت رهندا هئا. اهي پهاڙيءَ هيٺان ننڍي پراڻي گھر ۾ اڪيلا رهندا هئا. کين ڪوبه اولاد نه هو.
هڪڙي ڏينهن پوڙهيءَ پنهنجي مڙس کي چيو، ”آئون ادرڪ ۽ اٽي مان هڪ ڇوڪرو ٺاهيان ٿي. ان جي ڪوٽ لاءِ کنڊ جو تهه ٺاهيندس. آئون مصريءَ جي ڳنڍن مان ان جون اکيون ۽ منهن ٺاهينديس. هڪ وڏي قـشـمـش مان، آئون ان جو نڪ جوڙينديس ۽ اکروٽن مان هن لاءِ جوتا جوڙيندس.“
ائين پوڙهي عورت ان جي پيرن جون آڱريون ٺاهيون. پوءِ ان جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڌيون ڪيون. ان کي تئي تي رکيو. ان کان پوءِ هن ادرڪ ماني واري ڇوڪري کي کاڌي پچائڻ واري مشين (اوون) ۾ رکيو، ته جيئن اهو پچي تيار ٿئي.
”او، هو!“ هن رڙ ڪئي. ”هاڻي مون وٽ پنهنجو ادرڪ ماني وارو ٻار هوندو.“
پوءِ هوءَ پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳي ويئي. ڪجھه وقت کان پوءِ هوءَ اوون ڏي ويئي.
اوون مان آواز آيو،” مون کي ٻاهر ڪڍو! ٻاهر ڪڍو!“
ان پوڙهي عورت ڊوڙي وڃي اوون جو دروازو کوليو. ان مان ادرڪ ماني وارو ڇوڪرو ٻاهر نڪري آيو. هو پٽ تي ٺينگ ٽپا ڏيندو رهيو. گھر جو در کليل ڏسي، هُـو ٻاهر نڪري ويو ۽ گَھـٽِـيءَ ۾ ڀڄڻ لڳو. پوڙهو ماڻهو ۽ عورت ان جي پويان ڊوڙڻ لڳا. ۽ کيس سڏيندا رهيا:
”اي ادرڪ ماني وارا ڇوڪرا! بيهي رهه. بيهي رهه. مٺا، اسان کان نه ڀڄ.“
”نه!“ ادرڪ ماني واري ڇوڪري چيو. ”آئون نه ايندس ۽ آئون اوهان کان پري ڀڄي ويندس.“
ائين ادرڪ ماني وارو نينگر هنن کان ڀڄي ويو. هو ڊوڙندو ۽ ڊوڙندو رهيو. کيس هڪڙو وڏو ڪتو گڏيو.
ان ڪُتـيٖ کيس چيو، ”بيهه! بيهه! آئون توکي ڏسڻ گھران ٿو. هيڏانهن اچ، ادرڪ ماني وارا نينگر.“
ادرڪ ماني واري نينگر چيو، ”نه! ڪتا، تون مون کي کائڻ ٿو چاهين. آئون پوڙهي مائيءَ ۽ سندس مڙس کان ڀڄي آيو آهيان. تو کان به آئون ڀڄي ويندس.“
ائين ادرڪ ماني وارو نينگر اتان به ڀڄي ويو. وري کيس رستي ۾ هڪ ننڍڙي ٻڪري ملي.
ٻڪريءَ کيس ڏسي چيو، ”بيهه! بيهه! آئون توکي ڏسان. ادرڪ ماني وارا نينگر، هيڏانهن اچ.“
ادرڪ ماني واري نينگر چيو، ”نه! ننڍي ٻڪري، تون مون کي کائڻ ٿي چاهين. آئون پوڙهي مائيءَ ۽ سندس مڙس کان ڀڄي نڪتس. پوءِ آئون وڏي ڪتي کان به ڀڄي آيو آهيان. سو آئون توکان به ڀڄي ويندس.“
ائين ادرڪ ماني وارو نينگر اتان به ڀڄي ويو. هو ڊوڙندو ڊوڙندو اچي درياءَ تي پهتو پر کيس ترڻ نه ٿي آيو. اتي لومڙ به موجود هو.
لومڙ چيو، ”بيهه! بيهه! تون تري نٿو سگھين، پر آئون تري سگھان ٿو. آئون ترندس ۽ تون مون تي چڙهي ويهجان. ادرڪ ماني وارا ڇوڪرا، هيڏانهن اچ ته آئون تنهنجي مدد ڪريان.“
ادرڪ ماني وارو نينگر لومڙ جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ هن تي چڙهي ويٺو.
لومڙ چيو، ”ادرڪ ماني وارا نينگر، اجھو اسان دريا ٽپي رهيا آهيون. تون پوڙهي مائيءَ ۽ سندس مڙس کان ڀڄي آئين. تون وڏي ڪتي کان به ڀڄي آئين، ۽ تون ننڍي ٻڪريءَ کان به ڀڄي نڪتين پر تون هاڻي مون کان ڀڄي نه سگھندين! آئون ئي توکي کائيندس.“
اهو چئي لومڙ ان کي کائي هڙپ ڪري ڇڏيو.
ائين ڪهاڻي ختم ٿي.