جانو ۽ ڦرهين وارو ڪانو
هڪڙي ڏينهن جانوءَ جي ماءُ هن کي چيو، ”پـاڻ ڏاڍا غريب ٿي ويا آهيون. پاڻ وٽ هڪ پئسو به نه بچيو آهي. تون پنهنجي ڳئون ڪاهي وڃي مارڪيٽ ۾ کپائي اچ ته جيئن ٻه ٽي ڏوڪڙ ملي پون.“
جانو ڳئون ڪاهي روانو ٿيو. رستي تي کيس هڪ ننڍڙي قد وارو پوڙهو ماڻهوگـڏيـو.
انهيءَ ننڍي پوڙهي ماڻهوءَ کيس چيو، ”مون کي اها ڳئون ڏي ته ان جي بدلي، آئون تو کي جادوءَ وارا ٻج داڻا ڏيان.“
ائين جانوءَ ان کي ڳئون ڏيئي جادو وارا ٻج داڻا ورتا. جڏهن جانو گھر پهتو، تڏهن سندس ماءُ اهو احوال ٻڌي، مٿس ڏاڍي ڪـاوڙي ۽ کيس چيائين، ”مون ڳئون پئسن لاءِ ٿي کپائي. هـي ٻج داڻا ڪهڙي ڪم جا!“
هن انهن جادوئي ٻج داڻن کي دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ۽ سـزا طور جانو کي بکئي پيٽ سمهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو!
ٻئي ڏينهن صبح جو جانوءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي، دريءَ مان ٻاهر نهاريو. هن ڏٺو ته هڪڙو رات وچ ۾ وڏو ڦرهي وارو ڪانو نسري وڃي آسمان تائين رسيو هو.
”مونکي انهيءَ ڪاني تي چڙهڻ گھرجي،“ جانو دل ۾ چيو.
ائين جانو مٿي چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ وڃي چوٽيءَ تي پهتو.
ان وڻ جي چوٽيءَ تي جانو کي هڪ ڊگھو رستو ڏسڻ ۾ آيو. ان رستي جي آخر ۾ هن هڪ ديو جو گھر ڏٺو.
”ڏسان ته هن گھر ۾ ڪير ٿو رهي،“ جانو چيو.
ائين جانو ان ديــوَ جيٖ گھـر اندر ويو.
ٿوري وقت کان پوءِ ديو ڦوڪاريندو ۽ گجگوڙ ڪندو آيو:
”فيٖ فِي فو فم! مون کي هڪ ٻار جي رت جي ڌپ پئي اچي، هو مئل هجي يا جيئرو، آئون هن جي جسم جا هڏا پينهِي ان مان پنهنجي لاءِ ماني ٺاهيندس.“
اهو ٻڌي جانو ٻوڙ وغيره رڌڻ واري مشين يعني اووِنِ ۾ لڪي ويو. ۽ ديــو به پنهنجي سـونَ واري ٿيلهي ڀرسان ئي ويهي رهيو. ٿوري وقت کان پوءِ ديو کي ننڊ اچي ويئي. جانو انهيءَ اوون مان ٻاهر نڪتو.
”مون کي اها سون واري ٿيلهي کڻڻ گھرجي،“ هن چيو.
ائين جانوءَ اها سون واري ٿيلهي کنئي ۽ هيٺ لهي آيو.
ان کان پوءِ جانو ۽ سندس ماءُ غريب نه رهيا. اُنهَنِ ان سون مان هڪ ڳئون ورتي ۽ تمام گھڻا کاڌا خريد ڪيا.
وري هڪ ڏينهن جانو دل ۾ چيو، ”مون کي هڪ ڀيرو وري ان وڻ تي چڙهڻ گھرجي.“
ائين هـو ان وڻ تي چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ وڃي چوٽيءَ تي پهتو. اڳي وانگر هو ڊگھو روڊ لتاڙي ديو جي گھر اندر گھڙيو. ٿوري دير کانپوءِ اهو ديو ڦوڪاريندو ۽ گجگوڙ ڪندو آيو:
”في فِي فو فم! مون کي هڪ ٻار جي رت جي ڌپ پئي اچي. هو جيئرو هجي يا مئل، آئون هن جي جسم جي هَـڏيـن کي پِيـهِـي ان مان پنهنجي لاءِ ماني ٺاهيندس.“
جانو هن ڀيري به اوون ۾ لڪي ويو. پر اهو ان ڏينهن ڏاڍو گرم لڳو پيو هو! ديو جادوءَ واري ڪـُـڪِــڙِ سميت ڀرسان ئي ويهي رهيو. هن ڪڪڙ کي چيو، ”بيضو لاهه.“ ۽ جادوئي ڪڪڙ سونو بيضو لاهي ڏنو. جھٽ ۾ ديو سمهي پيو ۽ جانو ٻاهر نڪتو.
”مون کي اها ڪڪڙ کڻڻ کپي،“ جانو چيو.
ائين هن جادوئي ڪـڪــڙ کي کنيو ۽ هيٺ لهندو، لهندو اچي زمين تي پهتو.
هاڻي جانو ۽ سندس ماءُ اڃا وڌيڪ شاهوڪار ٿي ويا. جادوئي ڪـڪـڙ انهن کي روزانو سونو بيضو لاهي ڏيندي هئي، جنهن کي وڪڻي، هـُو ڪافي ناڻـو حاصل ڪندا هئا.
وري هڪ ڏهاڙي جانوءَ دل ۾ چيو، ”مون کي وري به ان وڻ تي چڙهڻ گھرجي.“
ائين هو ان وڻ تي چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ نيٺ ان جي چوٽيءَ تي وڃي پهتو. جانو ڊگھو روڊ لتاڙي، ديو جي گھر اندر ويو. ديو ڦوڪاريندو ۽ گجگوڙ ڪندو آيو:
”في فِي فو فم! مون کي هڪ ٻار جي رت جي ڌپ پئي اچي. هو جيئرو هجي يا مئل، آئون هن جي جسم جي هڏين کي پِيـهِي ان مان پنهنجي لاءِ ماني ٺاهيندس.“
جانو لڪي ويو. اڳي وانگر ديو به ڀرسان ويهي رهيو. هن ڀيري هن وٽ جادوئي واڄـو هو، جنهن مان سر ٿي نڪتا.
جانو چيو، ”مون کي اهو جادوئي واڄو کڻڻ گھرجي.“
جيئن ئي ديو ننڊ ۾ پيو، جانو اهو واڄو کنيو. پر جانو جو هٿ جيئن ئي ان واڄي تي پيو ته ان وڄڻ شروع ڪيو، ”مدد ڪريو! مدد ڪريو!“
ديو جاڳي پيو ۽ جانو جي پويان ڊوڙڻ لڳو. جانو تڪڙو تڪڙو لهندو ويو ۽ ديو به سندس پويان لڳو آيو. پر جانوءَ هيٺ لهي، جلديءَ ۾ ڪهاڙو کنيو ۽ ڪاني کي وڍي وڌو. نتيجي ۾ اهو ديو زمين تي ڪري پيو ۽ مري ويو.
ائين ديو ۽ ڪهاڻي جي پڄاڻي ٿي.