ٻه اکر
هيءُ ڪتابچو سنڌ جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌجي
پورهيت عورتن جي سياسي،
سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو هيو، پر ديس پريس ۾ ڪورونا جي
وبا، انساني سماج، معاشيات، روزگار، جسماني صحت ۽نفسياتي روڳ کي مينهن واچ وانگر
وڪوڙي ويئي آهي.هاڻ به ان جو
ڪو انت نه
آيو آهي. انساني وبائون تاريخ جو صرف هڪ الميو نه آهن بلڪ هڪ پورو سياسي،سماجي،
معاشي اثر ۽ سرڪارين ۽ حڪمرانن جي انداز حڪمراني کي ظاهر پڻ ڪن ٿيون. اسان جو ملڪ
به ان وڪڙ ۾ ڦاٿل آهي. سنڌ ته ويتر وڌيڪ وڪوڙيل آهي. ملڪ ۾ اڳ ۾ سياسي ۽ معاشي وڪڙن ۾ ڦاٿل بحراننان ڪورونا وائرس
جيوبائي بحران،
سياسي طرحملڪ ۾ ويتر ابتر فيصلا ڪري وڌا آهن. مطلب ته چين، ووهان ۾ ڪرونا جي
بحران کي جهڙيءَ ريت منهن ڏنو
۽ اسان جي حڪمران طبقن جي منهن ڏيڻ جو
جيڪو انداز آهي، ان ۾ ڏينهن رات جو فرق
آهي ۽ ظاهر آهي اهو معاشي ۽ سياسي نظام جي فرق جي ڪري آهي. ان ڪري اسين هاڻ به هڪ
وڏي خطري هيٺ آهيون. ان وبائي بحران عورتن جي معاشي ڏکيائي سان گڏ سياسي تحرڪ کي به
متاثر ڪيو آهي، پر هتيان حالتن ۾ هوندي به سنڌ جا ماڻهو عورت جي آزاديءَ واري
ڳالهه کي علمي ۽ عملي طرح به جاري رکيو اچن ٿا.
تاريخ ۾ عورتن جي غلامي ئي، حقيقت ۾ مردن جي غلاميء کي جنم
ڏنو آهي،جنهن مان ٻيون غلاميون ڦٽي نڪتيون آهن، جن اڳتي هلي خاندان، رياست، جنسي، طبقاتي ۽ قومي
غلامين کي جنم ڏنو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب ان ڳالهه کي چٽو ڪندو هلي ٿو ته ڪيئن عورتن جي غلامي، مختلف سماجي دورن مان
تبديل ٿيندي موجوده شڪل اختيار ڪئي آهي. سنڌ جي پورهيت عورتن کي پنهنجي غلاميءَ کي تاريخ جي پسمنظر
۾ سمجهي ڪري ان کي بدلائڻ لاء گهربل نظريا، سياسي سمجهه، ڏاهپ ۽ اڳواڻيء جون
صلاحيتون حاصل ڪرڻيون پونديون. هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ پورهيت عورتن جي سياسي سمجهه
وڌائڻ لاءِ هڪ ڪوشش آهي. سنڌ جي عورتن کي پنهنجي غلاميءَ کي سمجهي، مرداڻي ۽
پدرشاهي، جاگيرداري يا سرمائيداري، رياست يا سامراجي ڦرلٽ، ڏاڍ، جبر، استحصال ۽
قومي توڻي طبقاتي اڻبرابري خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي. سندن ڇوٽڪاري جو ٻيو ڪو حل ئي
نه آهي. عورتن کي پنهنجي غلامي کي نه صرف سمجهڻو پوندو پر ان کي هڪ وڏي اٿاهه، اڻانگي
۽ مضبوط دليريءَ واري جدوجهد ذريعي ڊاهڻو پوندو. سڄي دنيا جون عورتون، ان ڏس ۾
باشعور ٿي، پنهنجي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿي چڪيون آهن. هينئر سندن آواز
کي آسانيءَ سان دٻائي نه ٿو سگهجي. پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ عورتن جي معاشي، سماجي
حالت تمام خراب آهي، سڄي دنيا جي مقابلي ۾
پاڪستان، افغانستان ۽ ڪانگو کانپوءِ عورتن
لاءِ هڪ خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي. عورتن سان سنڌ ۾ ڄڻ ته روزاني جي ڪربلا برپا ٿيل
آهي. ڏهاڙي ڪاروڪاري، زنا، تشدد، قتل سندن مقدر بڻجي چڪا آهن. سندن پورهئي ۽ اجرت
جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي،کين ريتن رسمن جي نالي ۾ بازار جو وکر ڪري کپايو ويو آهي.سنڌ
جي باشعور عورتن کي بنا ڪنهن طبقي جي فرق جي پنهنجي نجات ۽ آزاديءَ لاءِ متحد ٿي
جدوجهد ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ ڪونهي.
ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو
اومان
25 سيپٽمبر 2020ع